Friday, July 24, 2020

کجين جي ديس جا ماڻهو هڪ تشڪيلي ناول اڪبر لغاري



کجين جي ديس جا ماڻهو
هڪ تشڪيلي ناول
اڪبر لغاري

ابراهيم کرل جو ناول، ”کجين جي ديس جا ماڻهو“ جيئن نالي مان ظاهر آهي، کجيون پيدا ڪندڙ علائقي سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ هڪ طرف کجين بابت هر قسم جي معلومات آهي ته ٻئي طرف کجين جي آبادگارن، مزدورن، منڊي جي واپارين ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي اميدن، امنگن ۽ مسئلن بابت هڪ شاندار اندروني ڪهاڻي آهي. 
آمن ۽ عمر ٻه ڀائر آهن. عمر وٽ کجين جو ننڍو باغ آهي ۽ کيس لال نالي هڪ ڌي آهي. آمن واڍڪو  ڪم ڪري ٿو ۽ کيس نبن نالي هڪ پٽ آهي. نبن ۽ لال جي شادي ٿي وڃي ٿي ۽ عمر پنهنجو باغ نبن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. عمر وٽ کجين بابت هر قسم جي ڄاڻ آهي، کيس کجين جو اينسائڪلوپيڊيا چئي سگهجي ٿو. تر جا ماڻهو عمر کان مشورا وٺندا رهن ٿا ۽ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر خصوصي طور عمر کي پاڻ وٽ گھرائي، کجين بابت سندس ليڪچرز ڪرائي ٿو.
هن ناول جو مک ڪردار  نبن اسڪول ۾ ته نه پڙهيو هو پر پنهنجي پيءُ کان واڍڪو ڪم خوب سکي چڪو هو. جڏهن هر طرف ٻيلن ۽ ڳوٺن مان وڻ تيزي سان وڍجڻ شروع ٿيا ته هي ٻيئي پيءُ پٽ ذري گھٽ بيروزگار ٿي ويا، پر جڏهن نبن جي شادي کان پوءِ ، عمر پنهنجو باغ هن جي حوالي ڪيو ته نبن هڪ سيکڙاٽ بيکر يا آبادگار بنجي پيو جتان پوءِ  ڪيترين ئي ڪهاڻين جنم ورتو.  
کجين جي ڪم ۾ چاڙهو جي خاص اهميت آهي جيڪو کجين تي چڙهي وڃي انهن کي نر به ڏي ٿو، خراب ٿيل ڦر به ڇاڻي ٿو ۽ آخر ۾ فصل تيار ٿيڻ مهل ان جي ڪٽائي به ڪري ٿو. نبن وٽ لعل نالي هڪ چاڙهو ورهين کان ڪم ڪري ٿو ۽ سندس زال گلان وري هن جي گهر ۾ ماني پچائڻ جو ڪم ڪري ٿي. گلان ڪافي خوبصورت عورت آهي جنهن ڏانهن نبن ڇڪجي ٿو وڃي ۽ ساڻس ناجائز لاڳاپا ٿي وڃن ٿا.    
نبن جو چاچو عمر، ورهين کان وٺي کجورمنڊي جي واپاري   / دلال سيٺ سيتل داس کان وياج تي پئسا وٺي ٿو جيڪي هو فصل مان چڪائيندو رهي ٿو. سيٺ سيتل جو ڀاڻيجو گرمک نبن سان دوستي ڪري ٿو ۽ کيس شراب ۽ شباب ڏانهن راغب ڪري ٿو. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ اخلاق باخته عورت بادشاه زادي جي ذريعي کيس هن ڪم ۾ ملوث ڪريو وجھي. بادشاه زادي پوءِ  نبن کي بليڪ ميل ڪري پئسا ٿي ڇڏائي. فصل تيار ٿيندو آهي ته هڪ زوردار برسات پوندي آهي ۽ سڀني جي اميدن تي پاڻي ڦرڻ لڳندو آهي. سيٺ سيتل به نبن جي ناتجربيڪاري مان خوب فائدو وٺندو آهي. 
هڪ سيمينار ۾ عمر دلالن جي استحالي هٿڪنڊن تان پردو کڻندو آهي ته سيٺ سيتل مڇرجي پوندو آهي ۽ عمر کي گھٽ وڌ ڳالهائيڻ سان گڏ نبن سان بيواجبيون ڪرڻ شروع ٿو ڪري جنهن تي نبن کيس ڇڏي مال ٻئي دلال وٽ کڻي وڃي ٿو. برسات سبب صورتحال خراب ٿيل هوندي آهي پر نبن وڏي مڙسي ۽ حڪمت عملي سان مال بچائي به ٿو ۽ سٺو اگھ وٺڻ ۾ ڪامياب به ٿئي ٿو. عمر ۾ وڏي تبديلي ٿي اچي ۽ هو لال سان به ناجائز تعلقات ختم ٿو ڪري،  پنهنجي زال، پيءُ، چاچي، ماءُ ۽ گهر کي اوليت ٿو ڏي.ڪله جو اٽي راند کيڏندڙ لاابالي ڇوڪرو، اڄ جو ڪامياب بيکر/ آبادگار بنجي ٿو وڃي.
فاضل مصنف جنهن طريقي سان مک ڪردار کي ناول ۾ پيش ڪيو آهي، اهڙي قسم جي ناولن کي، ” تشڪيلي ناول“ (Bildungsroman) چيو وڃي ٿو. هي جرمن ٻولي جو اصطلاح آهي جيڪو ٻن لفظن تي ٻڌل آهي: Bildungs معنا تشڪيل،roman معنا ناول. انگريزن به هن اصطلاح کي جيئن جو تيئن رکيو آهي. (هن جي معنا سنڌي ۽ اردو ۾ ڪا به نٿي ملي تنهنڪري مون اصطلاح جي اشتقاق کي مدِ نظر رکندي، سنڌي ۾ نئون اصطلاح،”تشڪيلي ناول“ متعارف ڪرايو آهي.) تشڪيلي ناول ۾ مک ڪردار جي اخلاقي، نفسياتي ۽ سماجي ارتقا ٿيندي آهي. مک ڪردار، ٻاراڻي وحي کان شروع ٿي جواني تائين اچي ٿو.
نبن پنهنجي ٻاراڻي وحي ۾ هڪ اڍنگو ۽ ڇيڳرو ٻار هو جنهن کي پڙهڻ سان ڪا دلچسپي نه هئي. سڄو  ڏينهن گوڏ گنجي پايو پيو اٽي ڏڪر راند کيڏندو هو يا رلندو هو. هر ڪو کيس ڇڙٻون ڏيندو ۽ ٽوڪيندو هو. وڏو ٿي شادي کان پوءِ  به اخلاقي طور هو پست ئي رهيو. هڪ  طرف پنهنجي گھر ۾ ڪم ڪندڙ گلان سان ناجائز تعلقات قائم ڪيائين ته ٻئي طرف گرمکداس جي اوطاق تي به اهڙو ئي ڪم ڪيائين پر آخرڪار هو ايترو سڌري ويو جو سندس پيءُ آمن چيس” تون هاڻي وڏو ٿي ويو آهين“ 
نبن جي تبديلي (Transformation) لاءِ  ٻن عنصرن پنهنجو رول ادا ڪيو. ڊان برائون چيو آهي ته، مک ڪردار جي ارتقا جو سبب ۽ سندس شخصيت جو تعين، سندس خلاف منفي قوتون ئي ڪنديون آهن. ڏاڍي نفاست سان، فاضل مصنف نبن جي زندگي ۾ ٻه ڪرائيسز داخل ڪيا ۽ سندس ٽڪراءُ سماج ۽ فطرت سان ڪرايو. جڏهن برسات ٿي ۽ ائين لڳو ته  سڀ ڪجه لڙهي ختم ٿي ويندو ته نبن گھڻو ڪجه سوچڻ تي مجبور ٿي ويو. سندس چاچي جو مغموم چهرو، مزدورن جي موت جهڙي خاموشي ۽ اداسي ۽ سندس گهر وارن جي ٽٽندڙ خوابن جي فڪر، نبن کي تبديلي جي سفر تي گامزن ڪيو. ٻيو ته هن سماج طرفان پاڻ سان ٿيندڙ ڏاڍايون ڀوڳيون. بادشاهزادي جي طرفان بليڪ ميلنگ، ان تي گرمکداس طرفان مجرمانه سرد مهري، کجور منڊي جي دلال طرفان تور توڻي اگھ ۾ گھوٻيون، آبادگارن سان منافقانه ۽ تذليل آميز رويو، سندن طرفان وياج خوري ۽ استحصال وغيره به نبن جي ارتقا جا سبب بنيا. ڌڪ کائي نبن پاڻ سنڀاليو ۽ پير پختا ڪرڻ کان پوءِ  پاڻ سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو. 
فاضل مصنف ٻولي ڏاڍي سٺي استعمال ڪئي آهي ۽ محاورن جو خوب برجستو ۽ مهلائتو استعمال ڪيو آهي.. وسي ته سڀ ڪجه کسي....گندي هڪ ٽنگ گھڻا، ان بچي ته ڪيئن بچي... هيرالي جي هير، ٽنگ ڀڄيس ته به نه رهي... ڏئي ها پليتي کي باه، اٿاري ها ويٺل ماکي...او هيل ڪيا ٿئي ڪڻا، آئيندي ڪجانءِ  گھڻا...باقي جي مڪڙي ئي خالي هوندي ته تئونر ۾ ڇا پوندو...وغيره
سڄي ناول ۾ عمر جي واتان هر وقت کجين بابت معلومات جو سلسلو جاري هوندو آهي، چاهي اها ڪچهري هجي، سيمينار يا ڊپٽي ڪمشنر طرفان رکايل ليڪچر.عمر جي ڳالهائڻ جو انداز ڪنهن پروفيسر جهڙو آهي جيڪو ڪجه عجيب لڳي ٿو. هتي ٿورو وڌيڪ علاقائي لهجو هجي ها ته بهتر. جيئن غزل ۾‌ نصيحت ۽ تبليغ جي انداز کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي تيئن ناول ۾ وري ليڪچر ۽ معلومات جي ڀرمار جي حوصله افزائي نه ڪئي ويندي آهي. هن ناول ۾ ذري گھٽ چاليھ سيڪڙو صرف معلومات آهي، جيڪا آهي ته ڏاڍي مفيد پر ناول جي جماليات تي ڪاري ضرب آهي. ضروري معلومات هجڻ انتهائي ضروري آهي جيڪا ڏھ کان پندرنهن سيڪڙو تائين هجي ته ڪافي آهي. هي ناول پڙهندي ڪيئي دفعا خيال آيو ته هي ڪو تحقيقي مقالو آهي. ناول ۾ ڳاله کي ڪنهن ڪردار يا بيان ڪندڙ جي واتان چورائڻ جي بجاءِ ، ڪردارن جي عمل مان ظاهر ڪجي ته بهتر.
”کجين جي ديس جا ماڻهو“   سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. ابراهيم کرل کي مبارڪون.

Mumtaz Mustafa Dost and Ghulam Hyder Imran



Mumtaz Mustafa Dost and Ghulam Hyder Imran