Wednesday, July 29, 2020

طنز ۽ مزاح ڪي اهم نقطا حليم بروهي




طنز ۽ مزاح
ڪي اهم نقطا
حليم بروهي

فائل ٽن قسمن جا آهن. هڪڙا جيڪي مٿي صاحب ڏي اماڻبا آهن، ٻيا جيڪي هيٺين آفيسن ڏي اماڻبا آهن ۽ ٽيان جيڪي تيستائين لڪائي رکبا آهن، جيستائين اهڙو گوڙ ٿئي جو پاڻهي سمجهه ۾ اچي ته هنن کي ڇا ڪرڻو هو.
جيڪو فائل صاحب وٽان بنان صحيح جي موٽي اچي تنهن کي واپس صاحب ڏي موڪلجي. جي وري بنا صحيح جي موٽي اچي ته وري صاحب ڏي واپس موڪلجي. ايئن اوهان به وندريل رهندا ۽ صاحب به وندريل رهندو.
جيڪي فائل هيٺين آفيس مان اچن تن ۾ ذرڙي ۽ معمولي به غلطي هجي ته هڪدم اها غلطي صاحب کي ڏيکارجي ته ڏسو هي اوهانجن هيٺين آفيسرن جا ڪرتوت آهن. ايئن اوهان سرخرو ٿيندا، اوهان جي اهميت وڌندي، ۽ وڏي ڳالهه ته پٽيوالا اوهان کان ڊڄندا.جيڪو ماڻهو اوهان کي نه وڻندو هجي، تنهن جي اچڻ جو اطلاع صاحب کي ان وقت ڏجي جنهن وقت صاحب ڏهن ٻين ماڻهن سان مختلف ڪمن جي باري ۾ مشغول هجي!

حليم بروهي




بروهي عبدالحليم
بروهي، عبدالحليم: سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري مزاح نگار ۽ ليکڪ جو ادبي نالو حليم بروهي ۽ سندس شهرت جو ڪارڻ سندس منفرد قسم جي مزاح نگاري آهي. دلچسپ ۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ وڏن سنجيده قسم جي معاملن ۽ مسئلن ڏانهن چڀندڙ لفظن ۽ خوبصورت انداز ۾ ڌيان ڇڪرائڻ جي غير معمولي ڏات ۽ ڏانءُ رکندڙ، سنڌ جو هي اڪيلو ۽ انوکو مزاح نگار، 6 آگسٽ 1936ع ۾، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. اِي (آنرز) ۽ ايل. ايل. بي هئي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رٽائرڊ چيف اڪائونٽنٽ هو. حليم بروهي مزاح نگار سان گڏ شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو. سندس هيل تائين ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:
( 1) هٽلر جي ڪهاڻي (سوانح؛ 1972ع)، (2) هٽلر لکيو (1972ع)، (3) اوڙاهه (ناول؛ 1975ع)، (4) حليم شو (مزاحيات؛ 1983ع)، (5) جيڪي مون لکيو (ڪالم ۽ مضمون: 2002ع)، (6) Solo Decayed (1967)، (7) Roman Sindhi Script، (8) Seeds Columns، (9) Nothing is Piculiar، (10) Nothing in Earnest.
حليم بروهي سنڌي ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ جي حامي هو، جنهن لاءِ سندس خاص نقطئه نظر هو، جيڪو ڪافي سالن کان بحث هيٺ رهندو پيو اچي. ان کان سواءِ سندس سوين ليک سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هو حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين توڙي جو عمر ۽ صحت جي اعتبار کان ڪمزور ۽ ضعيف ٿي چڪو هو، پر ساڳيءَ سگهه سان لڳاتار لکندو رهيو. سندس ڪالم روزانه ڪاوش ۾ هڪ عرصي کان لڳاتار ڇپجندا رهن ٿا. سنڌ جي هن عظيم شخصيت 28 جولاءِ 2010ع تي وفات ڪئي .

سنگت روح رهاڻ طرفان سندس ورسي تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%B1%D9%88%D9%87%D9%8A%20%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D8%AD%D9%84%D9%8A%D9%85

ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو! گوبند مينگهواڙ حليم بروهي







ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو!
گوبند مينگهواڙ

اڄ ان ماڻهو کي وڇڙئي ڀريا ٽي سال ٿيا آهن جنهن پنهنجي مُني صدي جيتري حياتي گوتم جي اڪيلائي جيان گذاري هئي. هُو، جنهن کي عطائين سان ڀريل هن سماج ۽ ادب جي ذري ذري تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. هُو، جيڪو سنڌ ۾ هڪ عرصي تائين (سينيٽي) جو نمائنده آواز هو تنهن لاءِ ڪرشن کٽواڻي چيو هو ته”هر سنڌي ماڻهو کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو هُن سان ضرور ملڻ کپي“ ۽ جنهن لاءِ نڀور جوانيءَ ۾ جهان ڇڏي ويل سنڌ جي انتهائي ذهين ليکڪ گنهور جتوئي لکيو هو ته ”هيءَ حياتي جنهن ۾ وڇوڙا آهن، اڪيلائيون آهن ۽ دوست نما دشمن آهن ان ۾ هُن جهڙي جينيس جو هئڻ جيئڻ لاءِ وڏي وٿ آهي“ ۽ جيڪو سڄي ڄمار قرت العين حيدر جي ان وصف تي پورو لٿو هو ته ”اديب هميشه مس فٽ هوندو آهي“ ۽ جنهن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي لاءِ لکيو هو ته”جيتوڻيڪ منهنجي ۽  ڪينيڊا جي جڳ مشهور مزاحيه ليکڪ اسٽيفن ليڪاڪ جي دور ۾ لڳ ڀڳ 40 ورهين جو فرق آهي پر زندگيءَ اسان ٻنهي کي هڪجهڙو ۽ هڪ جيترو خوار خراب ڪيو“. ۽ جنهن مرڻ کان گهڻو اڳ ۾ چيو هو ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي هيءَ اکر لکيا وڃن جيڪو شايد هن جو سڀ کان بهترين تعارف پڻ آهي؛

Jack of all trades,
Man, Animal, Legend
Abdul Haleem Brohi.

                                         سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي هڪ جيتري دسترس رکندڙ هن من موجي ليکاري جي 1936 کان 2010  تائين جي ڊگهي عرصي تي ڦهليل زندگيءَ جي ڪهاڻي سندس لکڻين جيان ئي نرالي آهي. حليم بروهي جي سنڌ ۾ نمايان سڃاڻپ توڻي جو هڪ مزاحيه ليکڪ جي هئي  پر سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ هُن جيتري سنجيدگي هُن کان پوءِ ورلي ئي نظر اچي ٿي.  هُن جا مُخالف سندس ان سڃاڻپ جي حساب سان کيس ”مشڪرو“ سڏيندا هئا، پر هن جو مزاح ۽ حياتي پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڪاميڊي ۽ ٽريجڊي جو خوبصورت سنگم هئڻ ڪري ڪنهن مزاحيه ليکڪ جي ان ڳالھ تي پورا ٿي لٿا ته ”منهنجو مزاح مڪئي جي سنگن جيان آهي جن کي جيئن سيڪ اچي ٿو ته اهي ڦُلا بڻجن ٿا“.  پر حليم کي گهڻو سيڪ سندس سيريس ڪم جي عيوض آيو ۽ دنيا جي هر مزاحيه ليکڪ جي شڪايت جي ابتڙ هو شايد ان قسم جو اڪيلو ليکڪ هو جنهن کي هن جي همعصرن نه رڳو سيريس ورتو پر ساڻس آخر تائين وير به  جاري رکندا آيا. هو پاڻ چوندو هو ته منهنجو مزاحيه ليکڪ وارو پاسو حالتن جي پيداوار آهي. 70 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ جي ڳچيءَ مان ون يونٽ وارو طوق تازو ٽٽو هو ۽ سنڌ جو قومپرست لڏو ملڪ جي ”ائيڊيالاجي“ واري خيال کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي قديم تهذيبي ورثي کي اُجاگر ڪرڻ واري مهم تي لٿل هو ته حليم پنهنجي پهرين ”بغاوت“ ڪندي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب تي بنھ غيرجانبدار انداز سان لکي سنڌ جي ”سڄاڻ ڌرين“ کي ڪاوڙائي وڌو هو. گهڻو پوءِ ”حليم بروهي ريويوز“ جي سري سان ڪتابي شڪل ۾ آيل سندس اهي مضمون اڄ به سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافي جواڻ ڌريو تجزيو آهن. پنهنجي نالي جي معني جي ابتڙ حليم پنهنجي زندگي ۽ لکڻين ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان رعايت نه ڪئي ۽ آخر تائين پنهنجو هڪ باغي ليکڪ وارو اميج برقرار رکيو.
                                     ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل تاريخ کي سچ جي ساهمي ۾ رکي ادبي دنيا جي بُتن کي ڀور ڀور ڪندڙ، ڪاوش جي هن صفحي تي ورهين تائين تواتر سان ڀرپور مزاحيه ڪالم لکندڙ ۽ سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ هئڻ کان وٺي سنڌ جي ادبي لڏي جي ”پرسونا نان گريٽا“ هئڻ تائين حليم جي سڃاڻپ جا سوين حوالا هئا جن کي هن پاڻ به گهڻو انجوائي ڪيو. هو واقعي ئي هر فن مولا هو. هڪ بهترين ناول، ڪيترائي شاندار افسانا ۽ ٻولي، ساهت، تاريخ ۽ جاگرافي تي ڪيل هن جو (ايڪسٽينسو) ڪم ڏسي حيرت ٿئي ٿي. حيرت ته هاڻي انٽرنيٽ ۽ موبائل ۾ رومن سنڌيءَ ۾خوشي ۽ آساني سان پنهنجو ڪاروهنوار هلائيندڙن تي به ٿئي ٿي جن حليم کي حياتيءَ ۾ ڪٿان جو نه ڇڏيو هو. ڪنهن به قسم جي نظرياتي ڇاپ کان آجي ۽ هڪ مڪمل ماڊرنسٽ سوچ واري قلمڪار هئڻ جي ناتي هن سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سماج جي انهن سڀني لاڙن کي شدت سان رد ڪيو جن موجب اسان جهڙو ”باڪمال“ دنيا ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي! هن جو سڄو سيريس توڻي مزاح وارو لٽريچر حقيقتن سان روشنائي ۽ انهن ڏانهن فراخدليءَ سان هٿ وڌائڻ جي دعوت آهي. هاڻ ته سوشل ميڊيا جو زمانو آهي جتي هر ماڻهو جي هر نئين ڳالھ، هر نئين خيال تائين نه رڳو رسائي آهي پر هر ماڻهو کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو به حق حاصل آهي ۽ جتي ان ڳالھ جي آجيان ڪرڻ وارا به ڪجھ ملي ئي وڃن ٿا پر حليم پنهنجي عمر جو هڪ وڏو حصو ان دور جي ٻولي ۽ ادب جي ”ٽارزنن“ کي منهن ڏيندي اهڙي اڪيلائي ۾ گذاريو جڏهن ڪجھ ”سر ڦرين“ نوجوانن کان سواءِ ڪير سندس ڳالھ کي سيڪنڊ ڪرڻ وارو نه هو. گهڻو پوءِ جڏهن موسمون مهربان ٿيون ته هُن لکيو؛  ”هڪ زماني ۾ مون کي ڌڪاريندڙ لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي هزارن ۾ ٿيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڌڪارڻ لاءِ ماڻهن وٽ هزارين ذاتي سبب آهن پر منهنجي ڪنهن به ڪيل ڪم کان نفرت ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪڙي فرد وٽ به ڪو غير ذاتي سبب ناهي. ڪنهن ڏينهن مان اوهان کي چوندس ته ٿورو ماٺ ڪريو ته مان سمهي وٺان ۽ پاسو ورائي مري ويندس.“ حليم بروهي مري ويو پر سنڌي ادب ۽ تاريخ نويسي ۾ جنهن عقليت پسندي لاءِ هن اڪيلي سر جهيڙيو هو تنهن جا اولڙا اسان کي هاڻ هتي هُتي نظر اچي ٿا وڃن.
                                     سدائين مُخالف هوا جي سامهون بيٺل حليم جي زندگيءَ ۾ به اهو سڀ ڪجھ هو جيڪو هر جينيس ۽ وکري ماڻهو جو مُقدر بڻايو ويندو آهي پر انهن سڀني ڏکيائين، پيڙائن ۽ ڌڪار باوجود هُن ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ مثالي مستقل مزاجيءَ سان سنڌي ساهت جي کيتر ۾ جديد لاڙن کي متعارف ڪرائيندي ان کي دنيا سان هم آهنگي جي دڳ تي آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. اهو وقت پري ڪونهي جڏهن سنڌ پنهنجي هن ”سودائي“ پٽ جي ڪم تي ناز ڪندي.
                                      پنهنجي حياتي مرضي موجب ۽ هڪ وڏي سيليبريشن سان گذاريندڙِ حليم پنهنجي موت کي انتهائي لو پروفائل ۾ رکڻ جي تاڪيد ڪئي هُئي ۽ اطمنان جي ڳالھ آهي ته  ان ئي ڪيفيت ۾ هن جي ورسي جا ڏينهن ايندا ۽ گذرندا ٿا وڃن. هُن جيان ئي سڄي ڄمار مس فٽ رهندڙ دهلي درٻار جي شاعر مرزا نوشا جون سٽون هن مُنفرد انسان ۽ يگاني ليکاري جي حياتي جو خوبصورت احاطو ڪن ٿيون؛
نه جانون نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي،
جو گُل هون تو صحرا مين، جو خس هون تو گُلشن مين. 
sagargovind@yahoo.com

حليم بروهي جي ياد ۾ 2013ع ۾ لکيل]
سنگت روح رهاڻ حليم بروهي جي ورسي تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.