Monday, August 3, 2020

سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سرريئلسٽڪ ناول___اڏوهي هوش محمد ڀٽي



سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سرريئلسٽڪ ناول___اڏوهي

هوش محمد ڀٽي

ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪا به تحريڪ ڌڙا ڌڙ ڪتاب نه ٿي آڻي سگهي! باقي ته سنڌي ادب ۾ ٻاهريان لاڙا ۽ تحريڪون دير سان پهچن ٿيون ۽ وڌن ٿا. سرريئلزم به هڪ اهڙي تحريڪ آهي. منهنجي خيال ۾ اخلاق انصاري انهن اديبن مان نه آهي جنهن شعوري طرح سان ڪوشش ڪري سرريئلزم تحت لکيو هجي. ڇو ته اڪبر لغاري، اخلاق انصاري جو ذڪر ئي نه ٿو ڪري صرف نسيم پارس گاد کي سررئيلسٽڪ ڪهاڻيڪار مڃي ٿو يا ڳڻيو اٿس.
 اڪبر لغاري لکي ٿو:
”سنڌي ادب ۾ ڪجهه اديبن سررئيلزم کي سمجهڻ کان سواءِ ئي پنهنجي لکڻين کي سررئيلسٽ قرار ڏئي ڇڏيو. ڪجهه اديبن شعوري ڪوشش ڪري، سررئيلسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر سنڌي ادب ۾ هي تحريڪ قدم ڄمائي نه سگهي آهي. تنهن هوندي به نسيم پارس گاد سٺيون سررئيلسٽ ڪهاڻيون لکيون آهن.“

منهنجي ڄاڻ موجب اخلاق انصاري کي سنڌ جو پهريون سررئيلسٽ ڪهاڻيڪار مڃيو وڃي ٿو. باقي شيخ اياز به ڪجهه سررئيلسٽڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. اخلاق انصاري جون ڪهاڻيون منهنجو اڄ جو موضوع نه آهن. آئون سندس Surrealistic ناول اڏوهي جو تنقيدي جائزو وٺندس.
اخلاق انصاري جي هن ناول کان اڳ ۾ ماڻڪ جي ناول ”رڃ ۽ پڙاڏا“ ۾ به ڪجهه سررئيلزم جا ڪجهه اشارا ۽ نشانيون آهن. سنڌي ادب جو مڪمل طرح سان پهريون سررئيلسٽ ناول اخلاق انصاري جو اڏوهي ناول آهي.

سررئيلزم کي سنڌي ۾ ماورائي تحريڪ يا رمزيت چئجي ٿو. هونئن ته ماورائيت جو اصطلاح گئلم اپولينيئرGuilaume Apollinaire استعمال ڪيو پر اينڊري برٽن 1924ع ۾ هن تحريڪ جو بنياد رکندڙ هو. اينڊري برٽن فرائيڊ کان گهڻو متاثر هو. سگمنڊ فرائيڊ انسان جي لاشعور ۾ موجود گوناگونيت، تخليقيت کي تحليل نفسي جي ذريعي ڳولڻ جو گس ڏنو. اينڊري برٽن انسان جي لاشعور ۽ تحت الشعور ۾ موجود مخفي بي شمار تخليقي ۽ تخيلاتي سگهه ۾ پختو ويساهه رکندڙ هو.

ماورائيت جو تعلق معروضيت سان نه پر انساني داخليت سان آهي. جنهن ۾ منجهه عقل ۽ دليل جي نه پر انسان جي تحت الشعور ۽ لاشعور ۾ لڪل ڇڙوڇڙ بنا ترتيب جي خيالن جو اظهار آهي. ان اظهار بيان جو ڪو قاعدو يا اصول طئي ٿيل نه آهي. سررئيلزم جديديت جي وڻ مان ڦٽل ٽاري آهي.
اڏوهي ناول ڪئمپس ناول آهي. ڇو ته اهو هڪ پروفيسر جو لکيل آهي. ڪئمپس ناول جي گهرج ۽ وصف به اهائي آهي ته يونيورسٽي جو ڪو ماڻهو جڏهن يونيورسٽي تي لکي ٿو ته ان کي ڪئمپس ناول چئبو. اڏوهي ناول جو مک ڪردار ورسٽي جو هڪ پروفيسر آهي. کيس زال ۽ ٻار آهن. ان سان پروفيسر جي محبوبه فوزيا جو به ڪردار آهي جا ساڻس يونيورسٽي ۾ پڙهي هئي. پروفيسر کي ٻه ڀائر آهن هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو.

ناول جو مک ڪردار نفيساتي خودڪاريت ذريعي جيڪي سوچون هو سوچي ٿو انهن جو اظهار بنا روڪ ٽوڪ جي ٿيندو رهي ٿو. انهي اظهار بيان ۾ ايتري ته تيز رواني آهي جو ڪٿي به ائين محسوس نه ٿو ٿئي ته اسين ناول پڙهي رهيا آهيون ائين ٿو لڳي اهو سڀ اسان سان ي رهيو آهي ذهن جي ان ولوڙ ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي.

ضمير متڪلم ۾ لکيل ناول کي پڙهندڙ اها ڳالهه وساري ويهندو آهي ته هو ناول ٿو پڙهي يا آتم ڪهاڻي. اورهان پاموڪ موجب: “اهي ناول کي آتم ڪٿا سمجهندا آهن، پوءِ ڀلي توهان انهن کي ياد ڏياريو ته اهي ناول پڙهي رهيا آهن. ڪي وري آتم ڪٿا کي ناول سمجهندا آهن. پوءِ ڇو نه کڻي بار بار آهن.”

“سررئيلزم هڪ خالص ۽ نفسياتي Automatism آهي. جنهن جو مطلب سوچ کي ائين بيان ڪجي، جئين اها ذهن ۾ اچي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي عقلي ۽ اخلاقي روڪ ٽوڪ نه هجي.”

ناول جي شروعات ائين ٿئي ٿي ته پروفيسر کي 20 هزارن جو چيڪ يونيورسٽي پاران ملي ٿو ۽ ان سان هن کي نفسياتي هيجان شروع ٿي وڃي ٿو ۽ هو سوچي سوچي الائي ڪٿي نڪري ٿو ته آخر اهو چيڪ کيس ڇو ڏنو ويو آهي.

چيڪ ملڻ بعد هو حد درجي جي پريشاني ۾ پئجي وڃي ٿو ته هاڻي اهو چيڪ هو ڪٿي لڪائي رکي ۽ اها ڳالهه هو زال يا ٻارن کي ٻڌائي يا نه ان تي هو دلگير ٿي پوي ٿو. هو پنهنجي منهن جو سوچيندو ۽ ڳالهائيندو رهي ٿو ان جو ڪينواس انتهائي ڪشادو آهي. وجود سان لاڳاپيل هڙئي شيون هن جي تحت الشعور منجهان نڪري اچن ٿيون. جيئن صفحي 26 تي هو Ecological Issue تي ڳالهائي ٿو: “ ۽ پاڻي به آهستي آهستي اڏامندو وڃي... ان پاڻي کي... روڪي نه ٿو سگهجي... ان جي روڪڻ سان هاڻي جهيڙا هلن ٿا... ها... وڏا ڊيم ئي اصل ۾ اسان جي موت جو ڪارڻ آهن. ڊيمن جي ڪري Eco System تباهه ٿيندو ۽ وڻ ٻيلا سڪي ويندا...”

مسئلو وري به چيڪ جو آهي هو سوچي ٿو ته ان کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايان يا ڦاڙي ڇڏيان يا هن کي ڦاسايو پيو وڃي.
ماورائيت جي بنيادي ڳالهه اها آهي ته تخليق مان زندگي جي مختلف حقيقتن جي واضع تصويرن بجاءِ ڌنڌلا، منجهيل ۽ اشارن سان ڀريل عڪس ظاهر ٿين ۽ ناول ۾ ليکڪ اهڙا ڪيترائي عڪس چٽيا آهن. جيئن:
“سوچ وڌڻ سان به عذاب وڌن ٿا... جيتري سوچ محدود، خواهشون به محدود. عذاب به محدود.” ص 33
“.... هن معاشري ۾ ماڻهن کي رڳو جيئري رهڻ جيتري ماني به ته نصيب نه ٿي ٿئي. پر ڪي وزن گهٽائن لاءِ گهٽ ٿا کائن، ڪي عورتون ڇاتي وڌائڻ لاءِ ڪريمون ٿيون استعمال ڪن، جن ۾ کير ئي نه هوندو آهي ۽ ڪي ڪي ته ٻارن کي کير پيارڻ لاءِ سڪل ٿڻن کي به ڏس سان ڏسن ٿيون. ڇاتيون سڪل... ٺوٺ...” ص_ 36

ناول ۾ احساسن جي مصوري ڪمال جي آهي ۽ انساني ذهني مونجهارن جو چٽ به چريو ڪري ٿو ڇڏي. ڊاڪٽر بشرا جي ڪردار جي جهلڪي ماري وجهي ٿي. ڊاڪٽر بشرا گائناڪالاجسٽ آهي. مڱيندي جي مري وڃڻ بعد شادي نه ڪري ٿي ۽ شادي جي تبليغ ڪندي رهي ٿي. هڪ لاوارث ڇوڪري پاليائين جيڪا ڀڄي شادي ڪري ڪورٽ ۾ بيان هن ريت ڏيئي ٿي: “مئڊم جي ماءُ جيتري عزت ڪريان ٿي پر سندس مرضي مطابق زندگي نه ٿي گذاري سگهان.” پوءِ ڊاڪٽرياڻي ٻليون پالي ٿي. هن ناول ۾ انساني مزاج ۽ سوچ جا اهڙا رنگ آهن. فرائيڊ چيو هو انسان ڪڏهن به ڪهڙو به ردعمل ڏيکاري سگهي ٿو اهو اوهان جي سوچ ۾ به نه هوندو ۽ ڊاڪٽرياڻي سان به ائين ٿيو.

“گڏهه سوئي گڏهه” مک ڪردار سوچي ٿو جڏهن اسڪول ۾ کيس اهو جملو چيو وڃي ٿو ساڳيو ئي جملو پڻهس گهر ۾ چوي ٿو.
پيڙائن کي ناول نگار عمده نموني سان چٽيو آهي. سورن جون سڀ صورتون هن ناول جي ورقن تي وکريون پيون آهن. پروفيسر جي زال جو جڏهن ٻار ضايع ٿي وڃي ٿو ته منظر متاثر ڪندڙ ۽ منجهائيندڙ آهي. هڪ ڳالهه جيڪا مون کي سمجهه ۾ به نه آئي. پروفيسر کي ڪتي جي چڪ جو ڀوء حاوي ٿئي ٿو ۽ هن کي ننڍپڻ ۾ ماسات کي لڳل ڪتي جي چڪ جو منظر ياد اچي ٿو. ان کي ليکڪ ڏاڍو ڀوائتو پيش ڪيو آهي. ڪتي جي چڪ واري مريض کي ڪراچي کڻي وڃن ٿا ۽ Isolation Room ۾ رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو ڪتي جو چڪ ان دور ۾ ايڏو وڏو مسئلو هجي.
ناول جا ڪجهه اهڙا مڪالما جيڪي هڪ الڳ دنيا ۽ حقيقي معنيٰ خيز منظرن سان ڀرپور آهن:
1. “سيٽلائيٽ چئنل ته ٻارن کان خوشيون ئي ڦري ورتيون آهن.” ص_66 

پر اڄ جي دور جو ٻار موبائيل تي فيس بوڪ، واٽس ايپ ۽ وڊيو گيم جي هڪ نه کٽندڙ جهان ۾ گم ٿي ويو آهي.
2. “مينهن پوندو هو ته ڪمري ۾ ٻرندڙ ميڻ بتين جي هلڪي روشني ۽ ڪارويڊور ۾ فلسطيني شاگردن جو نه سمجهه ۾ ايندڙ راڳ ۽ فرش تي لڳندڙ بوٽن مان نڪرندڙ آوازن جو رڌم...” ص_ 67
فلسطين جي شاگردن جو ذڪر پر اڄ جي دنيا ۾ ته ان جي نالي نشان کي ئي دنيا جي نقشي تان مٽايو ويو آهي.
3. “سوچي سوچي وزن ئي گهٽجي ويو آهي... ڳري ويو آهيان.” ص_68
فڪرات انسان جو رت چوسيندڙ هوندي آهي. اها هڪ فطري سائنسي حقيقت آهي. اخلاق سائين جي تخليقن اهڙا گهرا خيال اڪثر هوندا آهن.
“گڏ هلندي اوچتو هن هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏنو. بهار، سرءُ، سيارو، سارنگ ۽ سوين ستارا منهنجي اندر ۾ لهي پيا.” ص_ 69
ناول جي ٻوليءَ ۾ کنڊ جي چاسني جي مٺاڻ آهي. منظرن جا حقيقي عڪس آهن. جيڪي من موهيندڙ آهن. ناول مان هڪ منظر:
“الائي ڪيتريون شامون يونيورسٽي جي روڊن تي فوزيه موسمن ۾ سنبت هئي. وقت ۾ صبح هئي. سرهي شام هئي. تارن ڀري رات هئي. ڪينجهر ۾ لهر هئي. جهومندڙ ڏاڙهونءَ گل جي ٽاري هئي. هلڻ ۾ برکا هئي. کلڻ ۾ جانجهه هئي. سارنگيءَ جي تار هئي. شاعريءَ ۾ لطيف جي وائي هئي. يونيورسٽي جي Annual فنڪشن ۾ ... سڄي سڄي رات  راڳ ٻڌندي.... صبح جو ڳاڙهين اکين سان هڪ ٻئي کان موڪلايوسين...” ص_69
مٿيون سٽون پاڻ ئي ڳالهائي رهيون آهن. انهن جي تشريح اهي پاڻ ئي آهن. هڙو بنهه منفرد تعارف هيروئن جو مون اڳ منجهه ڪڏهن ڪنهن سنڌي ناول منجهه نه پڙهيو آهي.
“ڀل سماج هن کي سيکاري به پر... سياڻپ چريائپ ته تانئيڙي جي تند جهڙي سرحد ۾ ورهايل آهي.” ص_75
“حادثا هلن ٿا جوڙ، ڪٽ، ڪٽ، جوڙ، ضرب ونڊ ۽ ونڊ.... ضرب...مسلسل نه کٽندڙ آهي ته ڏک آهي.” ص_75
ناول نگار جي ڏاهپ ۽ گهري پروڙو Perception هن ناول جي هر صفحي تي پسي سگهجي ٿي. ناول ۾ ٻيون ته سڀ ڳالهيون ٺيڪ آهن پر ناول نگار عورتن جي معاملي ۾ ڪجهه سوايو ئي سخت ۽ ڪاوڙيل آهي. هو لکي ٿو ته:
“ڪنهن فيمنسٽ عورت جو ڪالم... ڪالم ۾ ڇا هوندو؟ مرد سوسائٽي خلاف بڪواز، بليڪ ميلنگ... عورتن جي آزاديءَ جي نالي ۾ ڪلچر کان بغاوت .... سماج کي ٽوڙڻ جي لاءِ دليل...!” ص_77
خبر ناهي ڪهڙي ڪلچر جي ناول نگار ڳالهه ڪري رهيو آهي. اسان وٽ جيڪو ڪلچر هلي ٿو ته ان ۾ ته عورت جي ڪا به انساني حيثيت ته آهي ئي نه. اتي اگر عورت ان ڪلچر کان بغاوت ڪري ٿي ته اهو ان جو حق آهي. 
ناول ۾ ليکڪ جو نقطه نظر عورت لاءِ گهڻو تنگ نظري تي مبني آهي. کيس عورت جي سگريٽ پيئڻ، گهمڻ ۽ فيشن ڪرڻ تي به اعتراض آهي. هي ڳالهه گهڻي نفرت يا عورتن کي گهٽ سمجهي ڪري لکيو ويو آهي.
“هن سوچيو، عورت ڀل پڙهي لکي ڪجهه به ٿئي پوءِ عورت ئي آهي.”

عورت هجڻ معنيٰ روايتي سوچ وانگر خراب ۽ ڪم عقلي مخلوق آهي. عورت ڪجهه ناهي مرد سڀ ڪجهه آهي.
ناول جئين ته وسيع ترين ڪينواس جو نانءُ آهي. ناول نگار هن ناول ۾ مختصر ئي پر هر اهم ڳالهه سندس اک ۾ اچي وئي آهي ۽ ان کي شاهي نموني پيش به ڪري ويو آهي. ڪارونجهر جا نظارا ۽ ڪولهين جي ڪسمپرسي حالن جو بهترين پيش منظر ليکڪ سامهون ڪيو آهي. ڪئپس ناولن ۾ هي ناول انتهائي ڪارائتو ناول آهي. جنهن جو موضوع، پلاٽ ۽ مڪالما اوچي خيالن سان سرشار ۽ زندگي جي گول گول ڦرندڙ آهن. يونيورسٽي جي سياست، شاگردن جا معاملا ۽ يونيورسٽي جي پلاٽن جي ڪاروبار ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ڪير ٿو ڪري. ليکڪ ان کي ڏيکاري ويو آهي.
پورفيسر جي روئيداد اڳتي هلندي هلي ٿي. پروفيسر بيمار ٿئي ٿو سندس گڙدا ڪم نٿا ڪن. شاگرد ۽ استاد ملي ڪري هن جي علاج جي لاءِ ڪوششون وٺن ٿا. ڪاميٽي ٺهي ٿي. ڊونر جي ڳولا ڪئي وڃي ٿي. سندس گڙدو ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو. بيماري ۾ اچي پور پچائي ٿو ته اگر پيسا مليا ته ڪيئن استعمال ڪندو. من ۾ لالچ اچيس ٿي. وڏن ماڻهن سان واسطو رکڻ جا ارادا ڪري ٿو. ننڍو ڀاءُ کيس بڪي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ته يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر جيڪو ناڪام عاشق آهي اهو هن کي گڙدو ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو.
ناول جي ڪهاڻي آٽو فڪشن ۾ اڏامندي ٿي وڃي ۽ آئون اچي ان سوچ تي بيهي ٿو رهان.
“سوچيائين: ان جي زال، ڌيءُ ۽ ڀيڻ جي ارهن تي الائي ڪيتريون اکيون چنبڙيل هونديون...”ص_101
ڪردار جتي اهو سوچن ٿا اتي سنڌ جو المياتي نوحو به هنن جي سوچن جو محور هجي ٿو. ڪينجهر ڍنڍ، سنڌو درياهه، موهن جو دڙو، گورک هل جي تباهي جا سبب به هن ناول منجهه آهن. ناول جي هن مڪالمي جيان: “هاڻي رڳو مارڪيٽ آهي، ماڻهو ٽول آهي، جيترو سستو ملندو اوترو....” ص_115
ڪيڏو نه اثر انگيز خيال آهي. ماڻهو جي اهميت بابت! هي ناول Intellectual Approach سان هڪ اهڙي دنيا سامهون آڻي ٿو جيڪا ڄڻ ڪجهه ئي ناهي، سڀ فريب آهي. توهان ان ۾ بس هڪ پروزي جيان آهيون. جيڪو ڪڏهن به هٽي ويندو خراب ٿي پوندو ۽ ڪنهن کي ڪو فرق نه پوندو.
ناول جي پڄاڻي_ واقعي پڄاڻي هوندي آهي يا نئين ابتدا؟
ناول جي پڄاڻي سان ڪئين نيون آسون ۽ امنگ ٿا پيدا ٿين. يا اها حقيقت ۾ پڄاڻي هوندي آهي. ناول جو مک ڪردار پنهنجي ماحول، رشتن لڳ لاڳاپن کان بيزار ٿي پوي ٿو ۽ بي معنوعيت هن جي اندر ۾ ڪاهي پوي ٿي.
هو بنا ڪنهن مقصد جي پنهنجي زال کي پنهنجي ڀائٽي جي هٿان مارائي وجهي ٿو. جنهن زال سان هو پيار ڪري ٿو. ڀائٽي کي لالچ ڏئي ٿو ته پوليس کان پئسا ڏئي ڇڏرائيندس ۽ ان کي حادثي جي شڪل ڏيندا پر هو ائين نه ٿو ڪري. اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ به هن وٽ ڪنهن احساس يا پڇتاءُ جو ڪو خيال نه ٿو رهي. توڙي جو هو هرپل خيالن ۾ وڪوڙيل رهي ٿو.
ڪا به ڪهاڻي يا ناول تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن ان جي پڄاڻي پراثر، شاندار ۽ حيران ڪندڙ هجي. هن ناول جي پڄاڻي حيران ڪندڙ ته آهي پر شاندار ناهي. جنهن ۾ ڪا نئين ابتدا ناهي.
اخلاق انصاري جو هي ناول رشتن جي کوکلائپ کي سهي نموني ظاهر ڪري ٿو. جنهن ۾ دنيا بي رحمي سان بنا ڪنهن ڊپ جي ائين ئي هلندي رهي ٿي ۽ ان ناول جي پڄاڻي جهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا. جن ۾ لاپرواهي جي هڪ بي انت لهر آهي جا کٽي نه ٿي. ڪو به اهو نه ٿو ڄاڻي ته ان سان اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ انساني حياتي جي جستجو فطرت جي ڪاروهنوار اڳيان بي معنيٰ فضول لڳي ٿي ۽ انسان جيتامڙي جيان سوچيندو سوچيندو مري کپي وڃي ٿو. 
hosh6292@yahoo.com  email: