Tuesday, August 18, 2020

غزل توڻ جو وقت ٿيو، ٻارڻ ٻاريو مون دانگي چاڙهيندي،توکي ساريو مون ساحر هاليپوٽو

 



غزل

توڻ جو وقت ٿيو، ٻارڻ ٻاريو مون
دانگي چاڙهيندي،توکي ساريو مون

تنهنجي سار ٿڪل،مون وٽ پهتي جيئن
دل ۾ ويهاري ئي،در کي واريو مون

تولاء ڳهڻو ڪو،ڀانيان ٺاهي وٺان
چنڊ جو سون ڪچو، آهي ڳاريو مون

ڪڪرن مان ميڙي،بوندن چوڻون ڏيان 
 ٻاٻيهو ٿر جو،آ هڪ ڌاريو  مون

هيل ته سوچان ٿي، ماريندا پڪ سان 
سڪ جو رات به هڪ، آ سپ ماريو مون

راڻو ٿي نه سگهيس، او منهنجي مومل
توڻي عرصو ڪو،چانگو چاريو مون

ساحر هاليپوٽو

اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون، مٽي ٿي واءُ ۾ وکري ويا اسان آهيون. انجم قاضي


سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

 اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون،

مٽي ٿي واءُ ۾ وکري ويا اسان آهيون.

اُها ٻي ڳالهه ته ساڀيان نه پاڻ ماڻي ڪا،
تڏهن به خواب کڻي جي ويا اسان آهيون.

جتي به واسُ اوهانجو مليو اسان کي آ،
اُتي بي ساخته رُڪجي ويا اسان آهيون.

حيات آهي سفر ۾ سڄي گذاري هيءَ،
اَڄاڻ پيچرا گذري ويا اسان آهيون.

نه آسمانُ نه ڌرتي پَتُو ڏئي انجم!
لڳي ٿو راهه ئي ڀُلجي ويا اسان آهيون.

انجم قاضي

آئي نه ڪا پڪار ڪٿي آ،
پهتي وڃي نهار ڪٿي آ.

روڪيان اُداس رات جو مان پر،
“هُن چنڊ کي مهار ڪٿي آ”

هن ڇوڪريءَ سواءِ ئي هاڻي،
مَنَ کي رهي ٻي سارَ ڪٿي آ.

ڪيڏو پکي بلند به اُڏري،
اک جيتري اُڏار ڪٿي آ.

موجود روحَ ۾ آ صدين کان،
هوءَ ڌار ٿي به ڌار ڪٿي آ.

سڀ ڏوههَ سڀُ قصور ها پنهنجا،
ڪنهن تي رکي ميارَ ڪٿي آ.
**
انجم قاضي

نڪور خوابَ اسان جي اڳيان اچي بيٺا،
وري سرابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

جتان جتان به گُذر ٿيو ته درد سَوَ سامهون،
کڻي گلابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

جڏهن به ديسَ جي تاريخ کي پڙهيو کولي
ڏکن جا بابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

اوهان سواءِ ڏٺوسين نه اک کڻي توڙي،
سوين نوابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

اڳيان پڙهي نه سگھياسين مٿان وري ڪيئي،
نوان نِصاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

ڪئي سي پاڻَ کلڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪا،
اکين جا آبَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

سڄي حيات ئي “انجم” کڻي کڻي پيرو،
سدا عذاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
**
انجم قاضي 
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

غزل محبتن جي مڳي لڳي ٿي، اها تہ دل جي لڳي لڳي ٿي. اقبال رند

 غزل


محبتن جي مڳي لڳي ٿي، 
اها تہ دل جي لڳي لڳي ٿي. 

ٺلهي لڳي ٿي، خُمار جي کِل، 
ملار جي رُت، ٺڳي لڳي ٿي.

بدن بدن ٿي وڃي وڪوڙي،
ٻري اُجهي ٿي، ڌڳي لڳي ٿي.

جڏهن بہ ٻيلي، کنڀي وڃن ٿا
تہ ٻانهن دل جي ڀڳي لڳي ٿي.

وِراڳ ۾ ٿي وري بہ وندري، 
تياڳ سان دل، تڳي لڳي ٿي.

اقبال رند