Tuesday, July 28, 2020

غزل سدائين رهي ٿو اهو ياد ماڻهو ڪري جو وڃي ٿو دليون شاد ماڻهو همدرد اوڏ



غزل

سدائين    رهي   ٿو    اهو    ياد    ماڻهو
ڪري  جو  وڃي  ٿو  دليون  شاد  ماڻهو

ڀلا ڪيئن وسري منجهان دل جي نڪري
زماني   کان   دل   ۾   جو    آباد    ماڻهو

اڃان   تائين    آهي   غلاميء   ۾    ڦاٿل
ڪڏهن   نيٺ   ٿيندو   هي   آزاد   ماڻهو

عدالت   ۾   اونده   ۽   جرڳي   ۾   انڌير
ڪري   ڀي   ڪٿي   نيٺ   فرياد   ماڻهو

جياري   ٿو    همدرد   جيڪو   ٻين   کي 
سو   جيئرو   رهي   ٿو   مرڻ   بعد ماڻهو

همدرد اوڏ

غزل دوست ۽ دوستي کي ڳوليان پيو هڪ امر عاشقي کي ڳوليان پيو همدرد اوڏ


غزل

دوست  ۽  دوستي  کي   ڳوليان   پيو
هڪ   امر   عاشقي  کي  ڳوليان   پيو

رات     ڪاري     ۽     گهُپّ    اونداهي
مان  فقط  روشني  کي  ڳوليان   پيو

موت   جهڙي    ڇو   ماٺ    آ   چوڏس
مان  هتي  زندگي   کي   ڳوليان   پيو

روز      اغوا       رڳو       ڦرون     ڌاڙا
امن   ۽    شانتي  کي     ڳوليان    پيو

هر  طرف   ڏک   ئي   ڏک  آ    دنيا   ۾
ڪٿ خوشي آ خوشي کي ڳوليان پيو

ڇڙوڇڙ    ۽    جدا   جدا    سڀ    ڪو
آءُ    ايڪي   ٻڌي    کي   ڳوليان    پيو

تنها     همدرد     ۽     سفر     رڃ    جو
ساٿ   ۽    آدمي    کي    ڳوليان    پيو

همدرد اوڏ

غزل چنڊ ڀلو آ ، سِجُ ڀلو آ فطرت جو ھر ، ٻِجُ ڀلو آ نديم ڪوثر




غزل

چنڊ  ڀلو   آ ،  سِجُ    ڀلو آ
فطرت جو  ھر ، ٻِجُ   ڀلو آ

سوچ ڀلي آ ، پوک  ڀلي   آ
ماڻھو موتي ،  نِجُ   ڀلو   آ

محبت ۾ تون ميڻ ڀلي ٿي
ميڻ بتي جيان   ، رِجُ ڀلو آ

محفل جي تون وچ ۾  ويهي
ڪو بہ نہ  ،طعنو ، ڏج ڀلو آ

دنيا پاڻھي ،  جنت    ٿيندي
تون بس ، ڪوثر   ٿج ڀلو آ

نديم ڪوثر


غزل ڪچو - گهر - بارشون - ڪيڏيون هوا - جون - سازشون - ڪيڏيون نديم ڪوثر



غزل

ڪچو - گهر - بارشون -  ڪيڏيون
هوا - جون - سازشون -  ڪيڏيون

اسان -   لاء   -   اولڙا    -   ڪيڏا
اسان - لاء - آرسيون -   ڪيڏيون

سُڃي - جو - ڪير - ڪونهي  ڪو
سکيئي جون وارثيون - ڪيڏيون

حياتي -   ۾   -     ڌڪا     -   ٿاٻا
قبر - تي - ڪاوشون -   ڪيڏيون

اسان -  کي -  عشق -     سيکاريو
رکي -  ٿو -  فارسيون - ڪيڏيون.

نديم ڪوثر

غزل هر وقتُ وساري ڇڏ، هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ وفا ناٿن شاهي




غزل
  
هر وقتُ    وساري ڇڏ،
هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ

يا مون کي سنواري ڇڏ،
يا     پاڻ  به   کاري ڇڏ.

زنده جي  رهڻ   چاهين،
هر موت   کي  ماري ڇڏ.

ٻيڙي نه هان ، ماڻهو هان،
ڪنهن هڪڙي ڪناري ڇڏ.

مان    ڄاڻ   ملڻ   آيس،
ڪُتن   کي   سمهاري ڇڏ.

پڃرن   کي  ڀڃي  ڀوري،
ساسين   کي اڏاري ڇڏ
ٽي حرف  ’وفا‘   جا ٿئي،
دل    ساڻ   اچاري    ڇڏ.

وفا ناٿن شاهي

غزل پيار مان ٿيون ڏسن، آرسيءَ جون اکيون. گهورَ تو تان ٿين، آرسيءَ جون اکيون. اصغر شر




غزل

پيار مان ٿيون ڏسن، آرسيءَ جون اکيون. 
گهورَ تو تان ٿين، آرسيءَ جون اکيون. 

ناز نخرا ڪرين، چپ ٽِڪُنڊا ڪرين!
ڪاش..! مونکي هجن، آرسيءَ جون اکيون. 

ڪيئن تنهنجي مٿان، مون جيان هُو مرن؟
دل نٿيون جو رکن، آرسيءَ جون اکيون. 

تون عصر جو سجي بس هلي ٿي وڃين،
جاڳنديون ئي رهن، آرسيءَ جون اکيون. 

چپَ چپن تي رکي، آڇِ امرتُ اِڙي!
ٿي امر جيئن وڃن، آرسيءَ جون اکيون. 

هوءَ ڪري هيکلو، گهر، وئي پرڻجي،
سانوڻيءَ جان وسن، آرسيءَ جون اکيون. 

آئيني ۾ هڻي اک ڏِسين پاڻ کي،
داد توکي ڏين، آرسيءَ جون اکيون.

اصغر شر

https://www.facebook.com/2280538722170992/posts/2645929942298533/