Tuesday, July 28, 2020

غزل هر وقتُ وساري ڇڏ، هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ وفا ناٿن شاهي




غزل
  
هر وقتُ    وساري ڇڏ،
هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ

يا مون کي سنواري ڇڏ،
يا     پاڻ  به   کاري ڇڏ.

زنده جي  رهڻ   چاهين،
هر موت   کي  ماري ڇڏ.

ٻيڙي نه هان ، ماڻهو هان،
ڪنهن هڪڙي ڪناري ڇڏ.

مان    ڄاڻ   ملڻ   آيس،
ڪُتن   کي   سمهاري ڇڏ.

پڃرن   کي  ڀڃي  ڀوري،
ساسين   کي اڏاري ڇڏ
ٽي حرف  ’وفا‘   جا ٿئي،
دل    ساڻ   اچاري    ڇڏ.

وفا ناٿن شاهي

No comments: