Sunday, August 2, 2020

محرومي اختر حفيظ



محرومي
اختر حفيظ
ماستر عليم پنهنجي مطالعي واري ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو. سندس ڪمري ۾ ڪتاب ترتيب سان رکيل هئا ۽ هيستائين هزارين ڪتاب پڙهي چڪو هو. هن سڄي ڄمار اڪيلائيءَ ۾ گذاري هئي. هن جي دوستي  ڪمري ۾ موجود ڪتابن ۽ انهن ٻارڙن سان هئي، جيڪي سندس پاڙي ۾ رهندا هئا. سندس ڪافي سال ٻارڙن کي اسڪول ۾ پڙهائيندي گذريا ۽ هاڻي پيري سندس جسم تي تڪڙيون وکون کڻي گذري رهي هئي، ڪجهه عرصو اڳ ئي هن اسڪول مان رٽائرمينٽ ورتي هئي کيس جيڪا رقم ملي اها هن هڪ فلاحي اداري ۾ جمع ڪرائي ڇڏي . سندس گذارو فقط پينشن تي هو جيڪا هن لاءِ ڪافي هئي. هو انهن پئسن مان ٻارڙن لاءِ رانديڪا ۽ شيون وٺندو هو. کيس جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن تي اعتبار هو ته اهي ٻار ئي هئا. هو چوندو هو ته سڄي ڪائنات جو حسن ٻار آهن. ٻارڙن سان ويجهڙائي جو سبب اهو به هو ته کيس ننڍپڻ ۾ ماءُ پيءُ جو پيار نه مليو. غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندي سندس مائٽ کيس هن جهان ۾ اڪيلو ڇڏي ويا هئا ۽ هن جو ننڍپڻ خاص ڪري ننڍي چاچي جي گهر ۾ گذريو هو، جتي سندس چاچيءَ جا رويا هن سان چڱا نه رهيا هئا ۽ نه وري هن جي سئوٽن کيس پنهنجو سمجهي جيءَ ۾ جاءِ ڏني هئي. هو ڌڪا ٿاٻا کائيندو نيٺ ماستر ٿي ويو. هن لاءِ سڀ کان وڏي محرومي ماءُ پيءُ جو اهو پيار هو جنهن لاءِ هو اڄ ڏينهن تائين سڪيو پئي.


هن کي سڄي دنيا منافقن جو ٽولو نظر ايندي هئي پر ٻار هن لاءِ هڪ سچي ۽ کري مخلوق هئا. هو روز ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائيندو ۽ انهن سان کيڏندو هو ۽ انهن ئي لمحن ۾ کيس هڪ عجيب مسرت ملندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس ننڍپڻ ۽ جواني تلخ تجربن جو طويل داستان هو. اصل ۾ هن کي پنهنجي ئي ننڍپڻ جي تلاش هئي، جيڪو معصوميت کانسواءِ ٻيو ڇا هو؟ هن لاءِ ٻار ڄڻ ته رانديڪا هئا جن سان هن جي دل پئي وندرندي هئي. جنهن ڏينهن ٻار ڪجهه دير ڪندا هئا ته کيس بيچيني ٿيڻ لڳندي هئي ۽ هو ڪتاب بند ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هلڻ لڳندو هو يا وري ڪمري جي در تي بيهي انهن جي راهه تڪيندو هو ۽ جڏهن رومي، عيني، غالب, علي ۽ حديقه هن وٽ پهچندا هئا ته چهري تي مرڪ وکري ايندي هيس ۽ کيس تسلي ٿيندي هئي. سندس ڪمري ۾ ڪيترائي رانديڪا رکيل هئا جن سان ٻار راند کيڏي وري اتي ئي رکي هليا ويندا هئا. هن جي ٻارن سان ايتري محبت هئي جو جيڪڏهن هن وٽ هڪ ويلو کائڻ جا پئسا هوندا هئا ۽ ٻار شيءِ لاءِ ضد ڪندا هئا ته هو اها رات بکئي پيٽ گذاريندو هو پر ڪڏهن به کيس بکئي پيٽ هجڻ جو احساس نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته ٻارڙن جو پيٽ ڀريل هوندو هو. ٻارڙن جي خواهشن جو احترام کيس سندن مائٽن کان به وڌيڪ هوندو هو. هن اڳيان ٻارڙن جي خواهش جو احترام دنيا جو سڀ کان مقدس ڪم هو.
جنهن ڏينهن ٻار هن وٽ ڪنهن سبب جي ڪري نه ايندا هئا ته هو پنهنجي ڪمري ۾ رهي نه سگهندو هو ۽ انهن جي گهر وڃي خبرچار لهندو هو. ٻارن سان ملڻ کان پهريائين هو شهر جي پراڻي چوڪ تي ڪبوترن کي داڻو ڏيڻ ويندو هو جتي ڪيترن ئي ورهين کان سوين ڪبوتر پنهنجي حياتيءَ  گذاري رهيا هئا. هن لاءِ ڪبوترن کي داڻو ڏيڻ ڄڻ ته فرض هو. هو جڏهن بينچ تي ويهي ڪبوترن کي داڻو ڏيندو هو ته سوين ڪبوتر هن جي چوڌاري گهيرو ڪري ويندا هئا ۽ هو آرام آرام سان انهن ڏانهن داڻو اڇلائيندو رهندو هو. انهي مهل هن جي اکين ۾ چمڪ ۽ خشڪ چپن تي مرڪ ظاهر ٿيندي هئي. رومي سندس پيٽ تي ويهي آکاڻي ٻڌائڻ جو ضد ڪندي هئي ۽ هو آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندو هو جنهن سان سڀني ٻارن جي چپن تي ماٺ جو تالو لڳي ويندو هو ۽ سڀئي اکيون ڦاڙي غور سان هن جي آکاڻي ٻڌندا هئا ۽ وري ننڍڙي رومي پنهنجي منهن ڀڳل ٽٽل آکاڻي ٻڌائڻ لڳندي هئي ته هو تعريف ڪندي ڪونه ٿڪبو هو. هن کي جيڪو ڪجهه نه ملي سگهيو اهو هن ٻارن کي ڏيڻ پئي چاهيو ڇو ته کيس خبر هئي ته هن جي وڇڙي ويل رشتن جي ڪري کيس نه ته پيار مليو ۽ نه وري ننڍي هوندي  واري ٻاراڻي زندگي. بس سندس چاچي جي گهر ۾ هن کي ڌڪار، نفرت ۽ موچڙن کانسواءِ هن جي حصي ۾ ڪجهه به نه اچي سگهيو . هن جي حصي جو پيار ته سندس مائٽن وٽ ئي رهجي ويو هو جنهن کي چاهيندي به هو حاصل نه ٿي ڪري سگهيو. ٻار سندس ڪمري ۾ شرارتون ڪندا، گوڙ، مستي ڪندا هئا پر هن جي چهري تي ڪڏهن به ڪاوڙ جي ريکا ظاهر نه ٿي پر ان وقت اهو سڄو شور هن کي زندگي جو حصو ۽ سندس وجود جي هجڻ جي علامت لڳندو هو.... انهي گوڙ واري ماحول دوران به هو پنهنجي ڪتاب پڙهڻ واري عمل کي جاري رکندو هو ڇو ته اهو هن جي ننڍڙي دنيا جو حصو ٿي چڪو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته قدرت کيس ماضي کي وسارڻ لاءِ انهن ٻارڙن جي سنگت ڏني آهي جنهن ۾ هو پاڻ کي مطمئن محسوس ڪندو هو.
پاڙي ۾ هر ماڻهو کي ماستر عليم جي ڪردار جي خبر هئي انهي ڪري ڪڏهن به ڪنهن ٻارڙن کي هن سان ملڻ کان نه روڪيو . هو پاڙي جي گهٽين ۾ پنهنجن ننڍڙن سنگتين سان هلندي نظر ايندو هو. هن کي اڪيلائي کان ڪڏهن به ڊپ نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته اڪيلائي ته سندس ڄمڻ وقت ئي هن جي وجود جو حصو ٿي چڪي هئي. اها اڪيلائي ته هئي جيڪا هن سان وفا ڪندي پئي آئي. هن اڪيلائي کي ڪڏهن بيوفا نه سڏيو. هن جي زندگي جي هڪ موڙ تي ڪجهه وقت لاءِ افشان هن جي همسفر ٿي پر پوءِ اها به کيس زندگي جي سفر ۾ اڪيلائي جي حوالي ڪري وئي. افشان پهرين ۽ آخري عورت هئي جنهن سان هن محبت ڪئي جيڪا کيس اڃا به هئي پر افشان جي خوابن ۾ شايد هاڻ هن لاءِ ڪا به جاءِ نه هئي. افشان هن کي انهي ڪري به ٺڪرايو هو جو هو هاءِ اسٽيٽس وارو ماڻهو نه هو. هن وٽ ايمانداري، سچائي ۽ ڪتاب کان وڏي ملڪيت ڪا به نه هئي. افشان جڏهن هن کي ڇڏيو هو ته هن کي انهي وقت ڪو به ڏک نه ٿيو ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته هو هن جي خوابن ۽ خواهشن کي پورو نه ٿو ڪري سگهي. انهي ڪري هن افشان جي زندگي جي ٻيڙيءَ کي هن جي ئي حوالي ڪري ڇڏيو هو. پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هو ڪنهن ٻي عورت جي دل ۾ نه ته ڪا جاءِ ڳوليندو ۽ نه وري ڪنهن عورت کي پنهنجين اکين ۾ پناهه ڏيندو. پوءِ به افشان جي ياد سندس ذهن تي ترندي هئي ته هن جو چهرو خوشگوار ٿي ويندو هو ۽ سندس ميز تي رکيل فريم ۾ افشان جي سجايل تصوير هر وقت کيس ڏسندي پئي هئي.
هو ڪتاب ۾ ئي ڌيان لڳائي پڙهي رهيو هو ته دروازي تي کڙڪو ٿيو ۽ سندس ذهن اڇل کائي دروازي جي آواز ڏانهن وري ويو. هن پنهنجي واچ ۾ وقت ڏٺو. هي وقت ٻارن جي اچڻ جو هو. هن در کوليو ته سڀئي دوست بيٺل هئا ۽ هنن هم آواز ٿي سلام ڪيو ۽ ڪمري ۾ داخل ٿيا. هن جي چهري تي خوشي جي لهر اڀرڻ لڳي.
توهين سڀ ڪيئن آهيو؟ هن پيار مان پڇيو
ٺيڪ آهيون. توهان ٺيڪ آهيو؟ سڀني ٻارن هم آواز ٿي ڳالهايو.
آئون به ٺيڪ آهيان. هن جواب ڏنو ۽ پنهنجي ميز جي خاني ۾ پيل چاڪليٽ ۽ ٽافيون کڻي ٻارن کي ورهائي ڏنيون. ٻار جڏهن به هن جي هٿن ۾ ٽافيون يا چاڪليٽ ڏسندا هئا ته سندن خوشي جي انتها نه رهندي هئي. انهي وقت ننڍڙي رومي سندس جهوليءَ ۾ اچي وئي ۽ هن جي مڇن کي پنهنجن ننڍڙين ۽ نازڪ آڱرين سان ڇهڻ لڳي. جنهن مان هو پاڻ به لطف اندوز ٿي رهيو هو.
چاچا! اڄ ڪهڙي آکاڻي ٻڌائيندا؟ غالب پڇيو.
اڄ هڪ خوبصورت پريءَ جي، جيڪا حديقه جهڙي آهي ۽ هڪ ديوَ جي جيڪو بلڪل علي  جهڙو آهي، انهي جي آکاڻي ٻڌائيندس. هن چيو.
نه چاچا نه. ديوَ مون جهڙو نه پر غالب جهڙو هوندو. علي ضد ڪري چوڻ لڳو. علي ۽ غالب وڙهڻ لڳا.
چڱو چڱو ٺيڪ آهي اوهين وڙهو نه. هن ٻنهي کي ڇڏايو. مون مذاق پئي ڪيو. ديوَ ٻارن جهڙو معصوم ٿورو ئي هوندو آهي، هاڻي ماٺ ڪريو بس آکاڻي شروع ٿيڻ واري آهي.
هن آکاڻي شروع ڪئي ۽ رومي هن جي مڇن تي آڱريون ڦيرڻ ڇڏي ڏنيون. سڀئي ٻار خاموش ٿي غور سان آکاڻي ٻُڌڻ لڳا. جڏهن آکاڻي ختم ٿي ته ٻارن جي وڃڻ جو وقت ٿي چڪو هو. هو سڀني ٻارن کي پنهنجي پنهنجي گهر ڇڏي آيو ۽ ڪجهه دير ڪتاب پڙهي سمهي رهيو.
ٻي ڏينهن جڏهن هو ڪبوترن کي داڻو ڏيئي پنهنجي گهر موٽي رهيو هو ته سڄي پاڙي ۾ ميڙ متل هو ۽ سڀئي پريشان نظر اچي رهيا هئا. هن جڏهن پڇا ڪئي ته خبر پيس ته سندس ننڍڙو دوست ڪافي دير کان اسڪول کان ناهي موٽيو. هن جي چهري تي پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي هو هڪدم سندس پيءُ وٽ ويو ۽ ان کان سڄي معاملي جي پڇا ڪئي ۽ کيس ٿاڻي تي رپورٽ لکرائڻ لاءِ چيائين. هو ٻئي ٿاڻي تي وڃي رپورٽ لکرائي آيا. انهي رات غالب جي ڪا به خبر نه پئي ۽ هن جي سڄي رات پريشاني ۾ گذري. پوليس ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي. ماستر عليم ۽ غالب جي پيءُ جي ڳڻتي وڌندي وئي. ان واقعي سبب ماڻهن ٻارن کي گهرن کان ٻاهر ڪڍڻ ڇڏي ڏنو. پوليس شروعاتي جاچ ۾ هن کان به ٻارڙن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ هن سڀ ڪجهه ٻڌايو. جيترا ڏينهن غالب غائب رهيو هو انهي جي سلامتي جي دعا گهرندو رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس دوست پوليس کي هٿ اچي ويو ۽ اهي ماڻهو به جهلجي پيا جن هن کي اغوا ڪيو هو. هو پنهنجي دوست جي گهر وڃي ان سان ملي آيو پر هاڻي ٻارن هن وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو هو. انهي ڏينهن جڏهن هو ڪمري ۾ ٻارن جو انتظار ڪري رهيو هو ٻارن دير ڪئي ۽ جڏهن سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هنن جي گهر ويو ته خبر پئي ته کين مائٽن روڪي ڇڏيو آهي. هن کي جڏهن اها خبر پئي ته ڄڻ هن جو سڄو جهان وکري ويو. سندس وجود ڀور ڀور ٿيڻ لڳو. اصل ۾ غالب جي اغوا کانپوءِ ٻارن جا والدين ڪجهه گهٻرائجي ويا هئا ۽ انهي ڪري هنن کين روڪي ڇڏيو هو. پر هن جي ڄڻ دنيا ئي اجڙي وئي. هو پنهنجن انهن ئي پيرن سان ڪمري طرف وڌڻ لڳو جن سان ڪڏهن ڪي معصوم زندگيون قدم ملائي هلنديون هيون. ڪمرو کيس راڪاس جيان لڳو جيڪو ڄڻ کيس کائڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺو هو. هو پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي ڪتاب جا پنا اٿلائڻ لڳو، ڪمري جي خاموشي ڄڻ ته واڇون ٽيڙي چٻارا ڪڍي رهي هئي. هن ميز جو خانو کوليو جن ۾ چاڪليٽ ۽ ٽافيون پيل هيون پر هن کان وٺڻ وارا معصوم هٿ پري ٿي چڪا هئا. هن هڪ نظر رانديڪن تي وڌي جيڪي ٻارڙن کان سواءِ يتيم لڳي رهيا هئا. کيس اڄ پهريون دفعو ڪمرو، ڪمرو نه پر مرده خانو لڳي رهيو هو، جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ته ٻارڙن جا ٽهڪ گونجندا هئا انهن جي شرارتن ۽ گوڙ سان زندگي جو احساس هر پل هن کي جيئڻ جو اتساهه ڏيندو هو پر اڄ رڳو اتي سندس چوڌاري بي جان ديوارن ۽ پنهنجي ماٺ ۽ مايوسي ۾ ويڙهيل وجود کان سواءِ ڪجهه نه هو. کيس لڳو ته ڀتيون آهستي آهستي چئني پاسن کان هن ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ هو انهن ۾ چپجي مري ويندو.
هاڻ هن جو هر ڏينهن قيامت کان گهٽ نه هو، ڪبوترن کي داڻو وجهڻ وقت به اداسي ۽ مايوسي هن مٿان لامارا ڏيندي رهندي هئي. ڪبوترن جي چرپر، گاڏين جو گوڙ ۽ آواز به کيس زندگي جي علامت نه لڳندا هئا. بس کيس لڳندو هو ته ٻار سندس آسپاس هجن. ڪبوترن جي اکين کي ڏسندي هن کي سڀني ٻارڙن جون معصوم اکيون ياد اينديون هيون جن ۾ هن جو ننڍپڻ لڪل هو. هو انهن گهٽين مان لنگهندي وڏي حسرت سان ٻارڙن جي گهرن کي ڏسندو هو پر اتان ڪو به آواز يا نگاهه هن ڏانهن ڪا نه وڌندي هئي. هن کان سڀ ڪجهه ڦرجي چڪو هو. ٻارڙن کانسواءِ هن وٽ هو به ڇا...؟ سندس حياتي بي معنيٰ ٿي چڪي هئي. هو ٻارڙن جي ٻولين جو عادي ٿي چڪو هو جيستائين انهن جا ٽهڪ  ۽ گوڙ ڪو نه ٻڌندو هو ته هن کي نه ته سڪون ايندو هو ۽ نه وري ننڊ پنهنجا قدم هن جي نيڻن ڏانهن وڌائيندي هئي. ننڊ موڪلائي چڪي هيس. هر وقت ٻارن جي ياد، بيچيني، خاموشي ۽ ڪمري جي گهٽ ٻوسٽ کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو. ڪيترا ڏينهن ٿي چڪا هئا ٻارڙن جو آواز هن جي ڪنن تائين نه پهتو هو بلڪل بيوس ۽ لاچار ٿي چڪو هو. هو ڪمري ۾ نظرون ائين ڦيرائيندو هو، ڄڻ ٻارڙن کي سندس نظرون ڳولينديون هجن پر اتي کيس ڪجهه به نه ملندو هو. هو وري انهن جي مائٽن وٽ ويو پر هر ڪوشش ناڪام ٿي. هن جي پيڙا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي. هن کان هن جا رانديڪا کسجي چڪا هئا پر ڪنهن مهل خيال ايندو هئس ته شايد در وڄي ۽ سڀئي ٻار ويٺل هجن. هن کي شام واري وقت روز در وڄندي محسوس ٿيندو هو ۽ هو ڊوڙي در کوليندو هو پر کيس ڪو به نظر نه ايندو هو.
اڄ شام جو ساڳيو وقت هو جنهن وقت ٻارڙا هن وٽ ايندا هئا. پاڙي جي مسجد جو لائوڊ وڳو. مولوي اعلان ڪيو. “حضرات هڪ ضروري اعلان ٻڌندا. ماستر عليم اڄ شام جو گذاري ويو آهي، اوهان سڀني کي گذارش آهي ته سندس جنازي نماز ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪري ثواب دارين حاصل ڪندا.” ماستر عليم جي موت جي خبر سڄي پاڙي ٻڌي، انهن ٻارن به جيڪي هن لاءِ ڪل ڪائنات هئا. جنازي نماز ٿي چڪي هئي. ماڻهن کيس ڪلهو ڏنو... ۽ ٻارڙا ٻئي ڏينهن پنهنجن مائٽن سان سندس آخري آرام گاهه تي پهتا. انهي ماڻهوءَ جي قبر تي گل نڇاور ڪرڻ لڳا جنهن پنهنجي ننڍپڻ کي انهن ٻارڙن ۾ پئي ڳوليو جيڪي زمانو هن کان ڦري ويو هو.

ڪهاڻي والار اختر حفيظ



اختر حفيظ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، نقاد آهي. 
هن جي ڪهاڻيون سچ تہ پنهنجي الڳ حثيت رکن ٿيون. جڏهن هڪ پلاٽ ۽ موضوع تي هتي روز ڪهاڻي لکجي پئي اتي اختر حفيظ الڳ موضوعن جي چونڊ ڪري انهن تي لکي ٿو، هزار داستان ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي ”آڪسيجن“ جيڪا پنهنجي نوعيت جي الڳ ڪهاڻي هئي ۽ اڄ وري هي ڪهاڻي والار پنهنجي الگ حثيت رکي ٿي 
اڄ اختر حفيظ جي ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿي اميد تہ پسند ايندي

ڪهاڻي- والار
اختر حفيظ

اڃا سج ڪونه اڀريو هو، آئون پاڻيءَ جي واري تان موٽي رهيو هئس، منهنجي ڪجهه ايڪڙ زمين آهي، جنهن جو هارپو به آئون پاڻ ڪندو آهيان، پاڻيءَ جي واري لاءِ مون کي صبح سوير سج اڀرڻ کان اڳ ئي اٿڻو پوندو آهي. هڪ صبح جنهن تي مون سان عجيب لقاءُ ٿيو، اهو هڪ عام رواجي صبح هو، آئون جيئن ٻنا ۽ شاخون ٽپندو، گهر ڏانهن ويندڙ پيچري تي پهتس ته پريان گپ ۾ ڪا اڀريل شيءِ نظر آئي، ائين ته منهنجا انيڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌل آهن جن ۾ ڪڏهن ڪنهن همراهه کي واٽ ويندي ڪا بوتل نظر ايندي آهي، جڏهن اهو همراهه ان بوتل کي کڻي کوليندو آهي ته ان مان هڪ جِن نڪرندو آهي ۽ ان همراهه کي رات پيٽ ۾ مالا مال ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن منهنجي نظر گپ ۾ پيل ان اڀريل شيءِ ڏانهن وئي ته ذهن ۾ پهريون خيال انهن ڏندڪٿائي قصن جو آيو ۽ ڀانيم اجهو منهنجي تقدير به بوتل جو ڍڪ لاهڻ سان بدلجي وئي، ساڳي ئي وقت من اندر اهو خوف به ٿيڻ لڳو ته ڪٿي ان ۾ ڪو شيطاني جِن بند ٿيل نه هجي. ان هوندي به منهنجو تجسس وڌڻ لڳو، ڪجهه گهڙيون بيهي ان مٽيءَ ۾ اڀريل شيءِ کي تڪڻ لڳس، اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته اڳيان وڌي ان اڀريل شيءِ کي کڻي وٺان يا نه..... جڏهن دماغ فيصلي ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ويو ته مون دل جي ڳالهه ٻڌندي ان اڀريل شيءِ ڏانهن وک وڌائي، سمورو جسم ڏڪڻ لڳو. 
نيٺ ان اڀريل شيءِ وٽ اچي پهتس، منهنجي حيرت جي ڪابه حد نه رهي، اکين تي اصل ويساهه ئي نه آيو، سمجهي ويس هن جنم ۾ منهنجي حياتيءَ ۾ ڪوبه جادوئي بدلا نه ايندو ۽ منهنجا انيڪ نسل اها ئي ساڳي ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا، مون کي گپ ۾ ٻڏل هڪ ڪاري رنگ جو بوٽ نظر آيو، تڪڙ ۾ اهو بوٽ ڇڪي ڪڍي ورتم، اهو سخت ۽ دٻدٻي وارو لڳو. مون پنهنجي پيرن ۾ پاتل جتيءَ کي ڏٺو جيڪا آخري پساهن ۾ هئي. ويتر عجب ان ڳالهه تي لڳم ته بوٽ جو رڳو هڪ پادر هٿ آيو، سو به ساڄي پاسي وارو، گپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي کاٻي پير واري پادر کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيم پر هن جوڙي جو ٻيو پادر نظر نه آيو. مون ويتر تجسس مان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، هڪ ديويءَ جي وڻ جي هيٺان نهاريم، اتي به اهو نه هو. وري ٿورو پريان نهاريم جتي کليل ميدان هو سج جي روشني ۾ ڪجهه نظر آيو. آئون اڳيان وڌي ويس، هي بوٽ جو ٻيو پادر هو، جنهن کي مون ڳوليو پئي. آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿي ويس. واهه جو ڪم ٿي ويو. مون ٻئي بوٽ کڻي ورتا. پر اهي بوٽ عام بوٽن کان ڪجهه الڳ هئا، ڊگها ۽ مضبوط ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ان هوندي به انهن جي حالت بنهه خراب هئي. ٻنهي ۾ هنڌان هنڌان سوراخ هئا. مٿيون حصو به رڳڙيل هو ۽ اهي مٽيءَ ۾ صفا لٿ پت لڳا پيا هئا. اندران گپ ڀريل هئي. مٿئين پٻن وٽان جتي ڪاري چمڪدار چتي لڳل هئي، اتان هاڻ اڇاڻ به ظاهر پئي ٿي. اهي وزن ۾ به ڳرا هئا. هڪ بوٽ جي ڏوري به نه هئي ۽ ٻئي جي به ڇڳل هئي. پر مون ههڙا بوٽ اڳ ڪڏهن نه ڏٺا هئا. مون سوچيو ته اهي بوٽ موچيءَ کان مرمت ڪرائي آئون پائيندس.
مون بوٽ هٿيڪا ڪري ڪلهي تي رکيا، ان مهل احساس ٿيو ڄڻ ڪنهن ڪلهي تي جبل جيڏو بار رکي ڇڏيو هجي ۽ پنهنجو رستو وٺي گهر موٽي آيس. بوٽن کي اڱڻ ۾ رکيم. پر مون سوچيو ته هن حالت ۾ جيڪڏهن موچيءَ کي ڏيندس ته هو انهن جي مرمت ئي متان صحيح نموني نه ڪري، ان ڪري انهن بوٽن جي صفائي ضروري هئي. سو مون پهرين ته تري اندر ڀريل گپ ڪڍي، ان کان پوءِ پاڻيءَ سان ڌوئي، ٻنهي بوٽن کي صاف ڪيم. هاڻي بوٽ ڪجهه ڏسڻ جهڙا ٿي ويا. بوٽ مون سڪڻ لاءِ اس ۾ رکي ڇڏيا. ايتري دير ۾ مون چانهه سان ماني کائي نيرن ڪئي. اس ۾ سُڪڻ کان پوءِ بوٽ وڌيڪ سخت پئي لڳا. مون وري انهن کي جانچيو. ٻنهي بوٽن جون کڙيون ۽ ترا به گسيل هئا. ائين پئي لڳو ته اهي جنهن به پاتا هئا، ان ماڻهو جام پنڌ ڪيو هو يا اهو متان ڊوڙيو هجي. 
پر مون کي اهي مرمت ڪرائي پائڻا هئا. آئون بوٽ کڻي ڳوٺ واري موچي رب ڏني ڏانهن هليو ويس. هو هر قسم جا جوتا مرمت ڪري ويندو آهي. هن کي اها به خبر هوندي آهي ته ڪهڙو بوٽ ڪير پائيندو آهي. هو جوتن جي دائي آهي. گهران نڪري آئون موچي رب ڏني ڏانهن هليو ويس. هو بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺ جتيون ڳنڍڻ ۾لڳو پيو هو.
ڪهڙا حال آهن،.......؟“ هن جتي ڳنڍندي ئي مون کان پڇيو.
” هاري جا حال ڪهڙا هوندا آهن رب ڏنا. ساڳيا ئي آهن.“ مون جواب ڏنو.
” اڙي ميان هي اهڙا سخت بوٽ تو وٽ ڪٿان آيا، اهي بوٽ عام ماڻهن لاءِ عذاب مثل هوندا آهن؟“ رب ڏني تجسس ۾ سخت بوٽن کي ڏسندي پڇيو.
”اڙي رب ڏنا ڳالهه نه پڇ صبح دڳ تان لنگهيس پئي جو گپ ۾ انهن بوٽن تي نظر پئي، مون به کڻي ڪلهي تي رکيا، اڃا به ڪلهي تي ڄڻ ڪنهن بار جو احساس پيو ٿئي.“ مون بوٽ کيس ڏيندي چيو.
رب ڏني بوٽ وٺي، انهن کي چڱي ريت جاچيو. ٻنهي هٿن سان بوٽ جي چمڙي کي دٻائي ڏٺائين، انهن ۾ ٿيل سوراخن ۾آڱر وجهي اندازو لڳائين ته ڪيترا ويڪرا آهن.
” ته توکي خبر ڪانهي ته هي ڪهڙا بوٽ آهن؟“ رب ڏني مون ڏانهن نهاريندي پڇيو.
مون ڪنڌ نهڪار ۾ لوڏيو.
” چريا هي لانگ بوٽ آهن، جيڪي فوجي پائيندا آهن، ڏسين نٿو ڪيڏا مضبوط آهن. جنگ وڙهندڙ سپاهي پائيندا آهن. بوٽن جي حالت کي ڏسي ته لڳي ٿو، ڪنهن شڪست کاڌل فوجي جا آهن، پر هي توکي ڪٿان هٿ آيا؟“ هن مون کي بوٽن جي باري ۾ سمجهائيندي پڇيو.
”تون ڇڏ ان ڳالهه کي، مون کي اهي پائڻ جهڙا ڪري ڏي.“
”ها ٺيڪ آهي، ٿي ويندا ۽ هن ۾ ڏوريون به لڳنديون، توکي ٺاهي ٿو ڏيان، پر مون کي لڳي ٿو تون انهن بوٽن جي ڪري ڏچي ۾ پئجي ويندين.“ هن بوٽن جي مرمت ڪرڻ شروع ڪئي. ڪجهه دير ۾ هن بوٽن کي چتيون هنيون، سلائي ڪيائين، ڪوڪا هڻي، بوٽ جو ترو وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيائين ۽ نيون ڏوريون به وجهي ڏنائين. پالش ڪري هن بوٽن کي چمڪائي ڇڏيو.هان هي وٺ، هاڻي.“ هن مون بوٽ مون ڏانهن وڌائيندي چيو.
آئون بوٽ ڏسي حيران ٿي ويس، لڳو ئي ڪونه پئي ته ڪو هي اهي بوٽ آهن، جيڪي ڪجهه دير اڳ ۾ مون کي بنهه خراب حالت ۾ مليا هئا. بوٽن جي چمڪ ڏسي منهنجي اکين ۾ چمڪ وري آئي. اهي هاڻ صفا نوان پئي لڳا. 
” يار واهه جو ڪم ٿي ويو، پر توسان وهنوار فصل لهڻ کان پوءِ ڪندس، هاڻي هلان ٿو.“
آئون رب ڏني کان موڪلي آيس. مون کي خوشي هئي ته مون وٽ هاڻي پنهنجي ڇڳل جتي بدران اهڙا ته مضبوط بوٽ هئا، جيڪي هاڻ نوان پئي لڳا ۽ انهن کي پائڻ لاءِ آئون بي چين هئس. مون پهرين هڪ پير بوٽ ۾ وڌو. ڪجهه عجيب محسوس ٿيو، منهجو پير ان بوٽ ۾ اچي ته ويو پر اوپرو اوپرو لڳي رهيو هو. بوٽ جي سختيءَ کي آئون محسوس پئي ڪري سگهيس. پر بوٽ مون کي پورو هو. مون ڏوري ڪسي مضبوطي سان ٻڌي ڇڏي. وري ٻئي پير ۾ ٻيو بوٽ پاتم ته اهو به پورو ٿي ويو ۽ ان جي ڏوري ڇڪي ٻڌي ڇڏيم. جڏهن آئون اهي بوٽ پائي هلڻ لڳس ته جام ڳرا محسوس ٿيا، ائين لڳو پيرن سان ڳرا زنجير ٻڌجي ويا هجن. آئون پنهنجي ئي اڱڻ ۾ بوٽ پائي هلڻ لڳس. آهستي آهستي مون کي لڳو ته اهي بوٽ پائي آئون هلي سگهان ٿو. مون فيصلو ڪيو ته هاڻي جڏهن به پاڻيءَ جي واري تي ويندس ته اهي بوٽ پائيندس.
ٻئي ڏينهن صبح جو وري منهنجي پاڻيءَ جو وارو هو، آئون صبح سوير اٿيس، مون کي ان ڳالهه جي خوشي هئي ته اڄ مون وٽ اهڙا بوٽ آهن، جيڪي پائي آئون ٻنيءَ ۾، گاهن واري رستي توڙي گپ مان مزي سان هلي سگهندس. مون جيئن ئي بوٽ پاتا ته مون کي محسوس ٿيو ته اهي بوٽ ڪالهه کان ڪجهه ويڪرا پيا لڳن. پر هونئن به جوتو پير ۾ پائڻ کان پوءِ کلندو آهي. آئون بوٽ پائي ٻنيءَ ڏانهن هليو ويس. مون مزي سان ڪم ڪيو ۽ بوٽ کي ڪا پرواهه ئي ڪانه هئي. آئون به زوري گپ واري پاسي کان هلڻ لڳس ۽ جاچيندو ويس ته ان جا نشان ڪيئن ٿا ٺهن. جوتو گپ ۾ ڀرجي ويو پر پيرن تائين نه پاڻي ويو ۽ نه ئي گپ جو اثر ٿيو. آئون ڪم ڪار ڪري موٽي آيس. مون بوٽ کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ اس ۾ سڪائڻ لاءِ رکيم. ائين آئون ٻني ٻاري جي ڪم لاءِ توڙي ڪيڏانهن وڃڻ وقت به اهي ئي بوٽ پائيندو هئس.
هڪ ڏينهن مون کي ٻنيءَ مان گاهه ڪرڻو هو. مون وري اهي بوٽ پاتا، پر هن ڀيري مون کي لڳو ته بوٽ منهنجي پير کان وڏا ٿي ويا آهن. آئون جڏهن اهي پائي هلڻ لڳس ته منهنجي کڙي مٿي کڄي ٿي وئي. مون کي مزو نه پئي آيو. پر مون ڀانيو ته اهو منهنجو وهم آهي. ٻئي ڏينهن به مون سان ائين ئي ٿيو. هن ڀيري بوٽ اڃا به مون کي وڏا محسوس ٿيڻ لڳا.
مون جوتا لاٿا، ٻنهي کي هڪ پاسي رکي انهن جي سامهون پٻن ڀر ويهي رهيس. اها عجيب ڳالهه هئي ته جيڪي بوٽ مون کي پورا هئا، اهي هاڻ ڪيئن پورا نه پئي آيا. انهن بوٽن ۾ ڪو ته راز هو، انهن ۾ ڪا ته طلسماتي طاقت هئي جو رات پيٽ ۾ وڏا ٿيندا پئي ويا، ذهن ۾ عجيب خيال اچڻ لڳا ۽ هاڻي اهي خيال وهم ۽ وسوسن ۾ بدلجڻ لڳا. مون بوٽ کي اڱڻ ۾ ئي رکي ڇڏيو. جڏهن آئون صبح جو اٿيس ۽ پير بوٽ ۾ وڌم ته حيران ٿي ويس. هاڻ منهنجا پير بوٽن جي ماپ کان بنهه ننڍڙا لڳي رهيا هئا. مون پنهنجن پيرن کي غور سان جاچيو، ڪٿي منهنجا پير ننڍڙا ته ڪونه ٿي ويا هئا. مون اٿي بيهي ٻئي پير گڏائي ڏٺا. منهنجا پير ته سالن کان ايترا هئا جيترا هينئر نظر پئي آيا. منهنجي پيرن ۽ بوٽ وارو مسئلو مون کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو. ڪٿي اهو منهنجو وهم ته ڪونه هو. پوءِ مون کي هڪ اٽڪل آئي. ڇو نه بوٽ هڪ گول دائري ۾ رکي ڇڏيان ۽ ٻئي ڏينهن ڏسان ته اهي ان دائري کان ٻاهر ته نه پيا نڪرن. مون ائين ئي ڪيو، بوٽن کي رکي انهن جي چوڌاري هڪ گول دائرو پائي ڇڏيم. مون کي وهم ختم ڪرڻو هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن آئون ننڊ مان اٿيس ۽ اڱڻ تي گول دائري ۾رکيل بوٽن جي جاچ لهڻ لاءِ ويس ته اهي بوٽ هر پاسي کان دائري کان ٻاهر هئا ۽ منهنجو ڪڍيل دائرو انهن بوٽن هيٺ اچي ويو هو. اهي بوٽ هئا يا ڪا غيبات؟ ائين بوٽ پنهنجو پاڻ ڪيئن ٿا وڏا ٿي سگهن، اهي ته بي جان هوندا آهن. پر هي ڪي جادو وارا بوٽ ته نه هئا. منهنجي ذهن ۾ ڪئين سوال ڦرڻ لڳا. 
آئون پٻن ڀر ويهي انهن بوٽن کي نهارڻ لڳس، انهن مان هڪ کي هٿ ۾ کنيم، اهو مون کي اڳ کان وڌيڪ وزني لڳو. مون ٻيو بوٽ کنيو ته اهو به مون کي ساڳي وزن جيترو لڳو. ان هوندي به دل چيو ته هڪ ڀيرو وري بوٽ پائي ڏسان، مون وري بوٽ پاتا، هاڻ اهي منهنجي پير کان گهڻا وڏا ٿي ويا هئا. هاڻ اهي بوٽ منهنجي ڪم جا نه رهيا هئا. مون کي خيال آيو ته متان بوٽن جو چمڙو ڪو اهڙو هجي، جيڪو کلاسو ٿيندو ٿو وڃي. مون انهن بوٽن کي اتي ئي رهڻ ڏنو ۽ پنهنجي ڇڳل جتي پائي ڪم ڪار ڪرڻ لڳس. ڪجهه ڏينهن ٿي ويا مون انهن بوٽن جو خيال ئي نه ڪيو ۽ نه ئي انهن ڏانهن نهاريم. 
هڪ شام جڏهن آئون ڪم ڪار لاهي گهر موٽيس ته اهي بوٽ اڃا به وڏا نظر اچي رهيا هئا. انهن جو ٽنگين کي ڍڪيندڙ حصو به وڏو ٿي ويو هو. مون انهن بوٽن کي پنهنجي ٽنگ سان گڏائي ڏٺو ته اهي ڊگها ۽ ويڪرا ٿي ويا هئا، انهن جو ٽنگين کي ڍڪيندڙ حصو ذري گهٽ منهنجي گوڏي کي ٿي لڳو. آئون وائڙو ٿي ويس. هي شڪست کاڌل بوٽ، ٽٽل ڦاٽل ۽ ڇڳل جوتا، جن کي مون سهڻو ڪرايو ته جيئن آئون پائي سگهان. اهي هاڻ پنهنجي منهن وڏا ڪيئن ٿي رهيا هئا. پر هنن جوتن مون کي ڪو نقصان نٿي رسايو. بس جنهن جاءِ تي هئا، اتي کي نظر ايندا هئا. پوءِ خيال آيو ته ڀلي اهي اُس ۾ سڙن ۽ ڪمزور ٿين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن جوتن جي ماپ ۾اڃا به ڦيرو اچي ويو. اهي هاڻ اڳ کان به وڌيڪ وڏا پئي لڳا. هاڻ اهي منهنجي چيلهه تائين پهچي ويا هئا. مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو ته اهي جوتا مون لاءِ ڪا مصيبت نه آڻين. مون سوچيو ته انهن کي هتان کڻي اتي ئي اڇلائي اچان جتان مون کي لڌا هئا. 
جوتن کي هڪ ڪٽي ۾ وڌم، ڪلهي تي کڻي، انهن کي اتي ئي اڇلائي آيس، جتان مون اهي کنيا هئا. پر جڏهن به آئون رات جو پاڻيءَ جي واري تي ويندو هئس ته مون کي ڪجهه عجيب آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، اهي جوتن جي حرڪت جا آواز هوندا هئا، بلڪل اهڙا ئي آواز جيئن فوجي هلندا آهن، زور زور سان بوٽ کي زمين سان ٽڪرائيندا، اڳيان وڌندا ويندا آهن. خبر ناهي ڇو اهي جوتا منهنجي ذهن تي سوار ٿي ويا.
هڪ رات مون کي خيال آيو ڇو نه ان جاءِ تي وري وڃان، جتي مون اهي جوتا اڇلايا هئا. مون کي ڊپ به لڳو پئي، آئون سچ پچ ڊنل هئس. پر دل جهلي وري به ان جاءِ ڏانهن آهستي آهستي وکون کڻندو ويس. هڪ وڻ جي اوٽ وٺي بيٺس، چانڊوڪي رات هئي، سوجهرو گهڻو هو. مون انهن جوتن ڏانهن نهار ڪئي، منهنجي دل ڏڪي وئي، دل جو ڌڙڪو وڌي ويو ۽ اکين ۾ ڊپ لهي آيو. مون ڏٺو اهي بوٽ هيترن ڏينهن ۾ جام وڏا ٿي ويا هئا، بلڪل قدآور بوٽ. ڪنهن ماڻهو جيڏا بوٽ. مون کي لڳو اهي هاڻي ڪنهن فوجي وانگر هلندا هلندا مون تائين پهچندا ۽ مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندا. مون اتان پير ڊاهڻ جي ڪئي ۽ وٺي ڀڳس، ڊپ وچان منهنجي دل ذري گهٽ سيني مان ٻاهر پئي نڪتي. پوءِ آئون ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان پاسي نه ويس پر ساڳيا آواز منهنجي ڪنن تائين پهچندا رهندا هئا. 
مون کي رب ڏني ٻڌايو هو ته اهي ڪنهن جنگ هارايل فوجي جا بوٽ ٿا لڳن پر هاڻ اهي بوٽ ڇا ٿا چاهين. انهن بوٽن جي مرضي ڪهڙي هئي ۽ انهن جي وڏو ٿيڻ جو ڪهڙُو سبب هو. جيڪڏهن آئون اها ڳالهه ڪنهن سان ڪريان ها ته اهو مون کي چريو ئي سمجهي ها يا مون کي ڪو وڏو وهمي چوي ها، ان ڪري ڪنهن سان به سلي نه سگهيس. 
ڪجهه مهينن کان پوءِ منهنجو فصل تيار ٿي ويو، مون کي اهو لڻڻو هو. آئون صبح سوير گهران نڪري ٻني ٻاري ڏانهن ويس. ساڳيو پيچرو وٺي آئون ٻنيءَ ڏانهن وڃي رهيو هئس جو  پريشان ٿي ويس. مون کي پنهنجين اکين تي ويساهه ڪين پئي آيو، جيڪو نظارو منهنجين اکين ڏٺو، ڪجهه پلن لاءِ ته لڳو اهو خواب آهي. پر اهو منظر سچ هو. اهي بوٽ، جن کي مون ٺهرائي تيار ڪرايو هو، جن کي ڏسڻ لائق بڻايو هو ۽ جن جي ڇنڊ ڦوڪ پيو ڪندو هئس، اهي هاڻ ايترا وڏا ٿي ويا هئا، ايترا وڏا جو اهي اجگر بوٽ منهنجي تيار فصل جي مٿان پنهنجو قبضو ڄمائي چڪا هئا، مون کان منهنجي زمين کسجي لانگ بوٽن هيٺ اچي وئي.

غزل يادن جو پڙلاء ڏئي ويو گهايل لغاري



غزل 

يادن جو پڙلاءُ ڏئي ويو,
گهرو گهرو گهاءُ ڏئي ويو,

ڪير چئي ٿو, آٿت ڏئي ويو,
هو ت رڳي پڇتاءُ ڏئي ويو,

اڻ ميو مون پيار گهريو پر,
دردن جو هو داءُ ڏئي ويو,

"هاڻ نه وربو, آنءُ وڃان ٿو",
ڪهڙو ڏس سواءُ ڏئي ويو,

اڳيئي سڪ ٿي سينو ساڙيو,
ويتر تن ۾ تاءُ ڏئي ويو,

پاڻ سڃاڻو, پنهنجي ٻاريو,
"گھايل" هي ورجاءُ ڏئي ويو.

شاعر : گهايل لغاري 
ڪتاب : وڻ وڻ منجھان واس
صفحو نمبر 109
سنگت روح رهاڻ 
چونڊ غلام حيدر عمران

وائي سنڌ ورهايو سوچڻ وارا گهايل لغاري



وائي

سنڌ ورهايون، سوچڻ وارا!
تنهنجا ڀاڱا ٿيندا،
 تنهنجو خواب مٽي ٿيندو.

تون للڪاريو، ماريو ويندين،
متحد پنهنجا ٿيندا،
 تنهنجو خواب مٽي ٿيندو.

مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون،
سڀئي راکا ٿيندا،
 تنهنجو خواب مٽي ٿيندو.

ڌرتي ساري لرزي ويندي.
اڀ تي واڪا ٿيندا.
 تنهنجو خواب مٽي ٿيندو.

تون ٻواٽي تي ٽنگيو ويندين،
رستا گوگها ٿيندا.
 تنهنجو خواب مٽي ٿيندو.

شاهه ڀٽائي سچ چيو آ،
ڌاريا ڌاريا ٿيندا،
 تنهنجو خواب مٽي ٿيندو.

گهايل لغاري

غزل وقت کي جڏهن پڙهڻ لڳو آهيان گهايل لغاري



غزل

وقت کي جڏھن پڙھڻ لڳو آھيان,
درد قوم جا ڪٿڻ لڳو آھيان.

ڊيم ٺھندو خون سُڪندو جسمن جو,
سور سنڌ جا ڏسڻ لڳو آھيان.

سمنڊ پيو زمين منهنجي ڳڙڪائي,
مان سنڌو جو اڄ سڪڻ لڳو آھيان.

ڊيم ٺاهبو آمر بضد آھي,
مان به ٻوڏون ٿي وهڻ لڳو آھيان.

درد بڻجي دل اندر ڀلي رھ من,
زهر نانگ جو پيئڻ لڳو آھيان.

رات شاعري لٿي جڏھن مونتي,
خوب سوجهرو ٿيئڻ لڳو آھيان.

آجپي جو خواب خواب رهجي ويو,
غم انهيء ۾ مان ڳرڻ لڳو آھيان.

تون جو ڪونه آيو آھين محفل ۾,
مان بي چين ٿي اٿڻ لڳو آھيان.

هاڪڙو تي اڄ نظر ڌري گهايل,
حال پنهنجي تي روئڻ لڳو آھيان.

گهايل لغاري

غزل حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين گهايل لغاري



غزل

حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين,
وفا جي اوساري ڪندو هل پرين.

خزان حرڪتن کان مُڙي ڪا نه ٿي,
تون مُرڪي بهاري ڪندو هل پرين.

دنيا جُون وانگي ٿي ساڙي بدن,
ڪائي برف باري ڪندو هل پرين.

ڏيئو حق ۽ سچ جو وسامي پيو,
تون ٻارڻ جي تياري ڪندو هل پرين.

حُسن جي مريدن کي مستي ب ايندي,
فقط فيض جاري ڪندو هل پرين.

گهايل لغاري
سنگت پبليڪيشن
جون جولاء 2018

گيت لڙڪ لڪائي، مرڪ سجائي،گهاري وڃبي زندگي. گهايل لغاري



گيت  

لڙڪ لڪائي،
مرڪ سجائي،
                    گهاري وڃبي زندگي.

پنهنجو ساٿي ڪير نه ٿيئڙو،
تڙپي ڦتڪي هيڪل هينئڙو،
درد دٻائي،
                 گهاري وڃبي زندگي.

تنهنجون ڳالهيون وسريون ناهن،
وسرڻ  ڀي ڪي سٿريون  ناهن ،
ديپ جلائي،

                 گهاري وڃبي زندگي.

ڪڏهن ته تنهنجو درشن ٿيندو،
جيون  جڳ مڳ  روشن  ٿيندو،
آس لڳائي،
               گهاري وڃبي زندگي.

"گهايل"  جي ڪن گهاون جهڙا،
تنهنجي  خوابن  يادن  جهڙا ،
گيت ٻڌائي،
                 گهاري وڃبي زندگي.

گهايل لغاري

تعارف گهايل لغاري



اصل نالو : غلام حيدر لغاري 
ادبي نالو : گهايل لغاري
ولد : فيض محمد 
ذات : لغاري 
جنم : 15 نومبر 1976ع
تعليم ي اي)
ملازمت : جونيئر ڪلرڪ)
ڪرت : سرڪاري ملازم
لکڻ جي شروعات: 1995
لکيل صنفون: غزل، گيت، وائي، نظم، بيت،ٽيڙو،هائيڪا،مضمون ،اڀياس وغيره 
ڇپيل : ڪتاب (مرتب ڪتاب؛امن جو پورٽريٽ سال 2016ع (گڏيل شاعري) 
ڇپيل مواد : هزار داستان،عبرت ميگزين،نئين زندگي ،عوامي آواز ،سرت،پورب،ڪينجهر،مومل،نئين سوچ،نئين آس ،پيغام،ڪاوش ميگزين وغيره
اَڻَڇپيل ڪتاب/: 1 ٻن ڪتابن جيترو مواد شاعري ۽ نثر ۾ پيل
مليل ايوارڊ : جشن لطيف ايوارڊ1996ع،بهترين ضلع رابطا سيڪريٽري ايوارڊ 2015ع_2016ع 
ايڊريس : جنم جو هنڌ ڳوٺ بچل لغاري،ديهه ڪورجامڪ تعلقو جوهي ضلع دادو
رهائش ؛حسين آباد ڪالوني اريگيشن بنگلو وارڊ نمبر 8 تعلقو جوهي ضلع دادو
رابطہ  نمبر :03068592911

سندس شاعريء مان ڪجھ چونڊ

غزل

وڇوڙي ساه ساڙيو آ
جيئن سيء گاه ساڙيو آ

جسم هو طور سينا جيان
حسن جي باه ساڙيو آ

سڄڻ جي آٿتن اڄ ڇو؟
منهنجو ويساه ساڙيو آ

هوا جي اک ڏيئي تي هئي
تڏهن اونداه ساڙيو آ

تڏهن آ دل منهنجي گهايل
جو عشق اٿاه ساڙيو آ

وائي 

آهي اعتراف
              پره ڦٽي ئي ڪان ٿي

ڏڪندڙ هٿن ۾ بتي
ڳولي پيو انصاف
             پره ڦٽي ئي ڪان ٿي

خاموشي سان درد ٿو 
ڪاٽي اعتڪاف
              پره ڦٽي ئي ڪان ٿي

غافل آهيون ننڊ ۾
      وقت نه ڪندو معاف
                   پره ڦٽي ئي ڪان ٿي

ظالمن جي ظلم کي
ٿئي ٿو طواف
              پره ڦٽي ئي ڪان ٿي

گگهه گهوٽي گهايل ڇڏيا
ڪيترا اشراف
              پره ڦٽي ئي ڪان ٿي
.

غزل

تو جڏهن ڪيون وٿيون آهن
ڪائناتون تڏهن رٺيون آهن

درد جيون جي سيلفي بڻيو
هي به يارن جون محبتون آهن

بخت ۽ تخت کي بقا ڪونهي
حسن کي خواه مخواه مڳيون آهن

دل جو گلشن اڃان سڪل آهي
پيار جون پيون ڪٿي ڪڻيون آهن

يادگيريون سنڀالي رکيون  ٿم
زندگي منهنجي ء جون بتيون آهن

هنڌان هنڌان ڳري پيو آهيان
زندگي کي لڳل چتيون آهن

سنگ سيني تي هي گلاب جهڙا
ڏس جوانيون نيون ڦٽيون آهن.

غزل

پنهنجائپ جا رشتا ٽانڊا
مون لئه سارا رستا ٽانڊا

چاهت جا گل ڪومائن پيا
محبوبن جا رويا ٽانڊا

درد جي اهڙي شدت ڀانيم
نيڻئون نڪتا ڳوڙها ٽانڊا

منهنجي من کي ڇرڪائن ٿا
ٻهروپين جا پاڇا ٽانڊا

آسون ساڙي رک ڪيائون
يارن جا ها لهجا ٽانڊا

هن کي هٿ ۾ ڏيندي ٿي ويا
گهايل جا گلدستا ٽانڊا

ڪيِنَ اِئين بِن وَسَڻَ وَڃو ڙي !–ڀڳوان ٻاٻاڻي ’بندو‘



ڪيِنَ اِئين بِن وَسَڻَ وَڃو ڙي !
                                  –ڀڳوان ٻاٻاڻي ’بندو‘
ڀَرجي ڪارا ڪَڪَر اَچو ڙي !
ڪيَنَ اِئين بِن وَسَڻَ وَڃو ڙي !

نالا نَدِيوُن اُڃايَل آهن،
کيتَ فَصل مُرجھايل آهن،
ڍَنڍَ ، کوُهَہ، پاتال کي پَھُتا،
ماڻهوُ مُنجھيَل مُنجھيَل آهن،
ڪُجھُہ تَہ اِنھَنِ تي رحمُ ڪيو ري،
ڪيَنَ اِئين بِن وَسَڻَ وَڃو ڙي !  

اَڳيان اوهانجي سَڀُ ٻاڏائِن،
يَگيَہ، هَوَن ، پوُڄائون ڪرائِن،
هاري–ناري،  ٻار–ٻُڍا سڀُ،
طرح طرح سان ٿا پرچائن،
مِنٿَ اُنهن جي ڪِئن تَہ مڃو ڙي،
ڪيَنَ اِئين بِن وَسَڻَ وَڃو ڙي !

ڊاڪٽر اعجاز سمون جون ڪهاڻيون



نڪور ڪهاڻي 
“نيٺ اُٺ ليٽائڻو آهي “
ڊاڪٽر اعجاز سمون 

            آڄ جمعي جو ڏينهن هو. ڀورل سائين جي مدرسي ۽ مسيت جي صحن ۾  مريدن جي وڏي رش هئي. ماڻھوءَ سان ماڻھو ڄڻ جنبڙيو پيو هو. ڇو تہ ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھو اچي پهتا هئا.
 جمعي جو ڏينهن هو-  مرشد جو ديدار ڪرڻ ۽ جمعي جي نماز جو خطبو ٻڌڻ, مريدن لاء عمرو ڪرڻ جي ثواب برابر هو. اهيو مريدن کي ڀورل سائين اڳين جمعي جي نماز جي خطبي دوران روئيندي ٻڌايو هو. 
“مٺو محمدصہ مدني خواب ۾ اچي، مون کي چئي ويو آھي تہ جيڪو بہ تنهنجي چهري مبارڪ جو ديدار ڪندو، جمعي وارو خطبو ٻڌندو ۽ جمعي جي نماز جماعت سان  پڙھندو, ان کي عمري ڪرڻ جيترو ثواب ملندو “ 
جنهن کانپوءِ مسيت ۽ ٻاهرين لڳل پنڊال ۾ ,نماز پڙهندڙن ۽  مُريدن سبحان الله ، سبحان الله جا آواز بلند ڪيا هئا, ۽  ڀورل سائين سڏڪي پيو هو. ڀورل سائين  کي سڏڪندو ڏسي وري  سڀ جماعتي روئڻ ۾ ٻٽجي ويا هئا.
اها ڳالھ سڄي ضلعي ۾ باھ وانگر پکڙجي وئي هئي.انهيءَ ڪري هن جمعي نماز تي ماڻھن جي رش ڪجھ گهڻي ٿي وئي هئي. ڇو تہ هر ماڻھو عمري جي ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ اڳ کان اڳرو هو. هر ماڻھو جون اکيون ڀورل سائين جي ديدار ڪرڻ لاء بيچين هيون.
  ڀورل سائين جون پيشگوئيون تہ سڄي ملڪ ۾ مشهور هيون. جيڪي پيشگوئيون هن ڪجھ مهينا اڳ اليڪشن دوران ملڪ جي سياسي ماحول تي ڪيون هيون. 
هن جئين ميڊيا ۾ ڳالھ ڪئي هئي,گهڻي ڀاڱي اوئين ئي ٿيو هو.  انهيءَ ڪري ڪيترا ئي حڪومتي پارٽيءَ جا  سياستدان هر وقت ڀورل سائين جي آستاني جي حاضري ڀرڻ ۾ اڳ کان اڳ هوندا ھئا ۽ اچي پيرن ۾ ويهي پيا فيض وٺندا هئا.
ڀورل سائين جي درگاه، مسيت ۽ مدرسيءَ جو سڄو وايو منڊل سنڀالڻ لاءِ هن جا چند خليفا ھئا.جيڪي  پشت باءِ پشت پيا درگاه جو انتظام سنڀاليندا ھئا.  انهن سڀني ۾ خليفو دل مراد خاص خليفن مان هڪ هو. جيڪو سياسي ماڻهن  سان گڏوگڏ  مريدن کي بہ هو سنڀاليندو هئو. 
مدرسيءَ ۽ مريدن جو سڄو حساب ڪتاب خليفي دل مراد جي ئي بلي هوندو هو.
خليفو دل مراد زماني جو ماڻھو هو. هن جو سڄو تر، ۽ اوسو پاسو، ڪچو هجي يا پڪو، پيرن هيٺان ائين لتاڙيل هو، جئين.ٻوڙن کي جانور لتاڙيندو آھي. سندس جتيءَ ۾ جنبڙيل دز ۾ نہ ڄاڻ  ڳوٺ ڳوٺ، وهاڻ وهاڻ جون ڄڻ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون هيون.جيڪي هن ڇنڊي ڦوڪي ڄڻ ڦٽي ڪيون هيون. انهيءَ ڪري هر ماڻھو کي نانءَ ۽ ذات سان سڃاڻيندو هو, پوءِ جهٽ ۾ وڃي ابن ڏاڏن تي پهچندو هو.
خليفو دل مراد جواني ۾ وڏو دلير ۽ ارڏو جوان هو,  ۽ گڏوگڏ تر جو رهزن چور پڻ هو. پر  هن ڪڏھن بہ پنهنجي تر ۾ چوري ڪانہ ڪئي هئي. نہ وري ڪنهن سان زيادتي ڪئي هئي. 
هو پنهنجي ڳوٺ ۽ سنگت جي ماڻھن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو. هو داءُ ھڻڻ لاءِ ٻئي جوءَ ڏانهن يا دريا پار ھليو ويندو هو.  هو دريا پار ڪندي ڄڻ ڇولين سان کيڏندو ويندو هو.
 تارون اهڙو هو جو هڪ ساهيءَ ۾ دريا جي وچ سير مان ترندو دريا جي ٻي ڀر هليو ويندو هو,  ۽ پوءِ اتان ڪا نہ ڪا مينهن کنيون ايندو هو.
 هو ڪنهن بہ رات ۾، ڪڏھن بہ خالي هٿ ڪونہ موٽيو هو. هر رات ڄڻ ھن لاءِ ڀاڳن ڀري رات ثابت ٿيندي هئي.
 هڪ رات هو دريا پار ڪري اڳتي وڌيو هو، ٿوري ئي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ هن کي پاڻيءَ جي سخت تاس لڳي هئي, هن هيڏانهن هوڏانهن وانجهايو پئي تہ هن کي ڪنن تي پريان واريءَ جي دڙي  مٿان اڏيل گهر مان مينهن جي ڳيچي ۾ ٻڌل گهنڊ جو هلڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هئس , ھر طرف گُگھُ اونداه هو .اونداه بہ اهڙو هو، جو پاڇو نہ ڏسي پاڇي کي. 
 هو خبرداريءَ سان پير مٿان پير رکندي رکندي وڃي گهر ۾ پهتو هو. هن گهر ۾ داخل ٿيندي، سڄي گهر تي نظر ڦيرائي هئي. هن کي سامهون هڪ  پاڻيء جو مٽ نظر آيو هو.
هن جلدي مٽ مان گلاس ڀري هڪ ئي ساهيءَ ۾ پاڻي پيتو هو، ۽ شهپرن تي هٿ هڻي، سامهون ٻڌل مينهن ڏانهن وڌي ويو هو. 
هن مينهن جي ويجهو وڃي، مينهن جي سڱ ۾ هٿ وڌو هو. ۽ ٻيو هٿ مينهن جي منهن تي گهمايو هو.
 مينهن هن جي هٿ کي پنهنجي زبان گهمائي چٽڻ لڳي هئي، تہ هو مرڪيو پيو هو، ۽ اندر ۾ گد گد ٿيڻ لڳو هو.
 مينهن خاموشي سان هن اڳيان بيٺي رهي هئي. ڄڻ سالن کان مينهن جو هو ڌنار هجي . 
هو مينهن تان هٿ هٽائي، مينهن جي ڳيچيءَ ۾ پاتال زنجير کي کولڻ لڳو هو، تہ اوچتو پنهنجي ويڻي۾، هڪ مضبوط هٿ پوندو محسوس ڪيو هئائين. هن هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ويڻيءَ ۾ پيل هٿ جي طاقت اڳيان هو بلڪل ڪمزور بڻجي پيو هو. هن  ڪنڌ ورائي ڏٺو، تہ حيران ٿي ويو هو.  
هٿ پنهنجو پاڻ ئي ھوريان هوريان ڍرو ٿي ويو هئس ۽ هو خاموش ۽ حيران ڪنهن بت جيان بيٺو رهيو، ڄڻ  ڪنهن جنگ جي هارايل سپاهي وانگر بيٺو رهيو هو.
“هن گهر ۾ نہ ڪو مرد رهندو آهي، نہ ئي هن گهر ۾ ڪنهن مرد کي اچڻ جي اجازت آهي “زليخان  ڄڻ شينهن وانگر گجگوڙ ڪندي چيو ھو. زليخان جا لفظ شيھو بڻجي ڄڻ ڪنن سان ٽڪرايا.
هو خاموشيءَ سان گهر مان هليو آيو هو، هو پنهنجي زندگيءَ ۾  پهريون دفعو ائين ناڪام موٽيو هو. اها پهرين رات هئي، جيڪا هن لاء بدنصيب رات ثابت ٿي هئي. جنهن ۾ هن شرمندگيءَ بہ محسوس ڪئي هئي. ھھڙو پهاڙ جيڏو مظبوط ماڻھو- هڪ عورت اڳيان واريءَ جي محل وانگر ڌڙام ڪري اچي هيٺ ڪريو هو.
هو  هڪ عورت جي ايڏي بهادري ۽ جرئت ڏسي، هن زليخان سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پر زليخان ٺپ جواب ڏئي نھ ڪري بيهي رهي هئي. هن سنگت ساٿ جي مدد سان ڏاڍا هيلا وسيلا هلايا هئا. پر ڪجھ ڪونہ وريو هئس.
 پوءِ ڀورل سائين جا وڃي پير پڪڙيا هئائين… زليخان مريد هئي، ڀورل سائين جي.  سو مرشد جي اڳيان انڪار ڪري نہ ٿي سگهي، هن جو  انڪار ڪرڻ ڄڻ پنهنجي  قيامت ڪاري ڪرڻ برابر هئس. ائين  دل مراد ۽  زليخان جي شادي ڀورل سائين جي مدد سان ٿي ھئي . پر دل مراد شاديءَ کانپوءِ پنهنجو هرڪم ڇڏي ڪري، ڀورل سائين جي پيرن ۾ اچي پناھ ورتي هئي. ۽ ڪجھ ئي مهينن ۾ ڀورل سائين جي ڇانوَ ۾  ھن جو حليو ئي بدلجي ويو ھو. 
 هاڻ هو ڀورل سائين جو خاص خليفن ۾ مک خليفو هو.
هن کي هاڻي وڏي ڏاڙهي هئي، اها بہ دن کان هيٺ ھئي.
هر وقت هن کي هرکَ جو سفيد پٽڪو هميشه مٿي تي ٻڌل رهندو هئس. ۽ اڇو پهراڻ ۽ ڀيڏن کان مٿي لنڊي شلوار پهريل هوندي هئي، اکيون هروقت سرمي سان ڀريل، هو قد جو هلڪو هو- رنگ بلڪل سانورو هئس. ڇاتي ويڪري هئس. جنهن تي ڀنڀا گهاٽا وار هئس. هو پهرين نظر ۾ ئي ماڻھو جو اندر پڙهي ويندو هو. پر ڀورل سائين پوءِ بہ هن جي سمجھ ۽سوچ کان گهڻو مٿي هو.
خليفو دل مراد مدرسيءَ  ۾ اچي هڪ نظر ماڻھن تي وجهي اندر ڪمري ڏانهن هليو آيو هو. جنهن ڪمري ۾  ڀورل سائين  ويٺل هو. 
خليفي دل مراد جي چهري تي خوشي ھئي، هو ڄاڻي چڪو هو تہ جمعي نماز تي ماڻھو کوڙ سارا آيا آهن، چندي واري پيتي اڄ يقينن ڀرجي ويندي. هو پنهنجي منهن مرڪي پيو هو. هو وري سوچڻ لڳو هو، جيڪڏھن ڪو حڪومتي ڌر جو ماڻھو اچي ويو، پوءِ تہ اصل ٺٺ ٿي ويندا. 
هو سوچيندي سوچيندي اچي ڀورل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو. سامهون ئي ڀورل سائين ويٺل هو. هن هڪ نظر چتائي سامهون ويٺل  ڀورل سائين کي ڏٺو هو.جيڪو ڄڻ ڪنهن گهري سوچ ۾ وڪوڙيل هو. هو خاموش ٿئي بيھ رهيو هو.هن کي ڄڻ ڀورل سائين ڪنهن مونجهاري ۾ ڦاٿل ٿي لڳو…  
“ ڀورل سائين“ دل مراد ڳالهائي ڄڻ هن جي  ۽ پنهنجي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ چاهيو هو. ڀورل هن جي آواز تي اکيون مٿي کنيون هيون ۽ هڪ نظر هن جي چهري ۾ ڏٺو هو. ۽ ٻيهر خاموش ٿئي ويو هو. دل مراد هن کي ائين خاموش ڏسندي ٻيهر هن سان مخاطب ٿيو. 
“ڀورل سائين“
هن اکيون مٿي کڻي پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. دل مراد خوش ٿيندي چيو: “ڀورل سائين؛  توهان جي قميص ۾ ايترا کيسا بہ لڳل ڪونهن، جيتريون ٻاهر توهان جي ديدار ۾  ماڻھن جون قطارون بيٺل آھن، “
هن موٽ ۾ ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنوهو . پر ٻيهر بہ رڳو پنهنجو ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ھو.
 ڀورل سائين، اڄ نذرانو بہ  واه جو ملندو…“ خليفي دل مراد جي چهري تي  خوشيءَ جي چمڪ اڀري آئي هئي.
“ ڌوڙ وجھ انهيءَ قطارن جي منهن ۾“ ڀورل سائين  ڪروڌ مان لفظ ڪڍي وڏو ساھ ڀري خليفي دل مراد کي چيو هو. خليفي دل مراد ڄڻ ڇرڪ ڀريو. ڄڻ اچانڪ ڪاريحر نانگ ڪکيو هئس. هن پاڻ کي سنڀاليندي، هڪ نظر ڀورل سائين تي وڌي جيڪو بستر تي گهڻي دير کان ائين ئي  ڍرو  پيو هو. هن کي ڀورل سائين جي بيزاري سمجھ ۾ ڪونہ آئي هئي. ڇو تہ هن پهريون دفعو ڀورل سائين جي لفظن ۾ ايڏي بيزاري ۽ ڪروڌ ڏٺو هو، هن ڪجھ سوچيندي، اکيون فرش تي وڇايل خوبصورت قالين ۾ ئي کپائي ڇڏيون هيون. ڀورل سائين  هيڏانهن هوڏانهن  نهاريندي خليفي دل مراد تي هڪ نظر وڌي هئي ۽ پنهنجن اکين کي هيٺ ئي جهڪائيندي ڳالهايو هو.
 “خليفا دل مراد “ 
“جيءُ ڪيان ڀورل سائين “ دل مراد ۾ ڄڻ ڪنهن ساھ ڦوڪيو.چهري تي خوشيءَ جا رنگ اڀري آيا هئس. ڀورل سائين خاموش ئي رهيو. ٿوري دير خاموشيءَ کانپوءِ هو پاڻ کي سنڀاليندي، خليفي دل مراد سان مخاطب ٿيو.
“ خليفا دل مراد چين ناهي من کي، ڄڻ اندر ۾ کاٽ لڳي ويو آهي“
“ ڀورل سائين - هي خليفو دل مراد توتان قربان…ڪنهن جي منڍي لاهڻي آهي…رڳو بدبخت جو نانءَ ٻڌاءَ . منڍي تنهنجي قدمن ۾ ھوندس“ خليفي دل مراد جي بدن ۾ ڪاوڙ جنم ورتو .هن جو چهرو ٽامي جيان تپي ڳاڙهو ٿي ويو هو.
“خليفا دل مراد  “
“مان جيءُ ڪيان ڀورل سائين “
 “ منهنجي منڍي لاهيندئين “ڀورل سائين ڪروڌ مان لفظ ڪڍيا هئا.۽ اکيون پنهنجي جهول ۾ ڪري ڇڏيون هيون. خليفو  دل مراد وڃي هن جي پيرن ۾ ڪريو هئس. 
“هي ڇا پيا چئو؟ “ 
“ٻيو ڇا چوان ؟ منڍي لاهڻ جهڙو ئي ٿئي ويو آھيان“
“ڳاله ڪهڙي آھي ؟ جنهن توهان جي من ۾  ايڏي بيزاري پيدا ڪئي آھي…“
 “خليفا دل مراد …“ ڀورل سائين وڏو ساه ڀري ٻاهر ڪڍيو ۽  ٻيهر اکيون پنهنجي جهول ۾ ڪري ڇڏيون . وڌيڪ ڪجھ بہ ڪونہ ڪڇيو.
“ ڀورل سائين ؛ ڳالھ ڪيو …ڳالھ ڇا آھي… ؟ ائين ڳالھ کي ڳنڍ ڏئي اندر ۾ تہ پوري نہ ڇڏيو… ائين تہ پريشاني اڃان وڌندي… “
“خليفا دل مراد تنهنجي هن ڀورل سائين جي ڪنهن بہ جمعي رات - ڪڏھن بہ دل خوش ڪونہ ڪئي آھي …سدائين ناڪام ٿيندي … شرمندو ڪيو اٿائين…“  ڀورل سائين اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون- ڄڻ هو خليفي دل مراد  سان اکيون اکين ۾  ملائي ڪونہ ٿي سگهيو .
خليفي دل مراد  - ڀورل سائين جي ڳالھ  ٻڌندي ئي وڏو ساه کڻي ٿورو مرڪيو ڄڻ ڇاتيءَ تان بار پري ڪيائين، ۽ ڀرسان ويهي ڪري پيرن کي هٿن سان هلڪو دٻائيڻ لڳو هئس. 
 “ ڀورل سائين پهريان تہ اهڙي ڳالھ ڪونہ ڪئي اٿوَ. پر گهٻرايو ڇو ٿا؟ مان جو ويٺو آھيان  … اهو ڪم مون تي ڇڏي ڏيو …“
“توتي ڇڏي ڏئيان…؛؛“ ڀورل سائين  تعجب مان خليفي دل مراد جي اکين ۾ چوه وجهي چتائي ڏٺو هو. 
“ها ڀورل سائين؛ باقي هن پٽڪي کي ٻڌي وَرَ ڏيون ائين پيو گهمان… جهنگ، جَهر لتاڙيل آھي… رڳو هي ڏاڙهي ئي وڌي آھي… “ دل مراد پنهنجي ڏاڙھي تي هٿ گهمائيندي چيو
“ڇا ڪندين تون…ڪهڙو جادو آهي تو وٽ…؟“
“ جادو نہ، پر راڪيٽ آھي…“ 
“ راڪيٽ ؛ ڪهڙو راڪيٽ ؟“
“اهو توهان مون تي ڇڏيو“
“توتي ڇڏيان؟؛“ڀورل سائين خاموش ٿئي ويو. 
“ها، اهڙو راڪيٽ آڻي ڏيندو سانوءَ جو هرڻي تہ ڇا؟ …جمع رات ۾ اٺ بہ ليٽائي وجهندوءَ…؛؛“
هن جي ڳالھ ٻڌندي ئي ڀورل سائين جي وجود ۾ ڄڻ بجلي ڊوڙڻ لڳي هئي…چهري تي خوشيءَ جون ريکائون ظاهر ٿيڻ لڳيون هئس. خليفي دل مراد جي ڳالھ ڄڻ رات جي ناڪاميءَ ۾  ڪاميابيءَ جو ڏيئو ٻاري وڌو هئس. ڀورل سائين - ھن کي ڪنڌ سان ويجهو اچڻ جو اشارو ڪيو. هو اچي ڀرسان ويٺو هئس… ڀورل سائين چهري تي مرڪ آڻيندين راضداريءَ مان پڇيو هئس.  “ نڀاڳا، اهڙي شيءَ بہ آھي ڇا تو وٽ؟“
“سمجهو تہ اهڙي ئي آھي“ موٽ ۾ خليفو دل مراد  بہ مرڪي پيو هو.
“پوءِ دير ڇا جي آھي … ڪٿي آھي اهو راڪيٽ…؟“
“انهي لاءِ، مون کي سکهر وڃڻو پوندو “
“سکهر ڇو؟“
“اتان ئي ملندو“
“ اتان ملندو؛ ڇا مطلب؟“
“انهيءَ لاءِ ديوان ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پوندو“
“ هون …ڀلاراڪيٽ جو ڪو نالو ؟“
“نالو تہ ڊاڪٽر لکي ڏيندوآهي. پر راڪيٽ مان چوندو آهيانس“
“ ڪم بہ راڪيٽ جهڙو اٿس يا رڳو نالي ۾ راڪيٽ آهي“ ڀورل سائين ڄڻ پڪ ڪندي پڇيو.
“بلڪل راڪيٽ جهڙو ئي ڪم اٿس، “ خليفي دل مراد کلندي کلندي وراڻيو هو.
“راڪيٽ ڇو ٿو چويئنس ڀلا…؟؛ ٻيو ڪجھ ڇو نٿو چويئنس…؟“
 “ڀورل سائين اهو انهيءَ لاءِ تہ، ڪم راڪيٽ جهڙو ئي اٿس…“
 ڀورل سائين مرڪي پيو ۽ وڏو ساھ ڀريندي وراڻيو هو
“ سچ اهيو آھي خليفا دل مراد ، تہ اسان کي هاڻي تو وارو اهو راڪيٽ ئي هلائيندو… “ڀورل سائين اکيون بند ڪندي چيو هو ۽ موٽ ۾ خليفو مرڪي پيو هو .
آڄ وري جمعي جو ڏينهن هو.ٻاهر مسيت ۾ سوير کان ئي ماڻھو جمي نماز لاءِ جمع ٿئي ويا هئا. جيڪي پنهنجي مرشد ڀورل سائين جي ديدار ڪرڻ لاء پهتا هئا.
 ڀورل سائين اڇي پهراڻ ۽ ڪلف واري شلوار  ۾ فرشتيءَ جو روپ لڳو پئي،  مٿي تي ڪاري رنگ جو  پٽڪو ٻڌل هو، جنهن مٿان وڏو رومال رکيل هو، جنهن سان هو جُهنڊ ڪيون ويٺو هو. اکين ۾ سرمو پاتل هئس.اکيون جيڪي ڏيئي جيان ٻري رهيون هئس. هو پنهنجي پلنگ تي طول ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيون ويٺل هو .هن جي هڪ هٿ ۾  ياقوت پٿر واري تسبي هئي. جيڪا هن کي پنهنجي مريدن تحفي طور مڪي شريف ۾ حج دوران ڏني هئي. جنهن جو هو داڻو داڻو هوريان هوريان سُوري رهيو هو. ٻي هٿ جون آڱريون وري  پنهنجي ڊگهي ڏاڙھيءَ جي اَڇن ڪَارن وارن ۾ ۾ ڦيري رهيو هو.ھيٺ قالين تي ٻہ خليفا ويٺل هئا ۽ هڪ خليفو ٿورو پريان مٿن کان بيٺل هو.  
ڀورل سائين جي اڳيان هڪ وڏي پليٽ رکيل هئي جنهن ۾ ڪجھ کارڪون، ڪجه باداميون -پستا ۽ ڪجھ  انجير رکيل هئا،  ڀرسان ماکيءَ جو شيشو بہ رکيل هو. اهو ڀورل سائينءَ جو ناشتو هو…جيڪو هو ڪجھ دير اڳ  ڪري چڪو هو. مٿان بيٺل خليفو ٿانوَ کنيون  ڪمري کان ٻاهر هليو ويو هو. ڪمري ۾ اندر  خليفو دل مراد داخل ٿيو هو.
ڀورل سائين هن کي ڏسندي ئي  مرڪي پيو هو ۽ ٻين سڀني کي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو هو .هو سڀ جو سڀ ٻاهر هليا ويا هئا. ڪمرو ڪجھ ئي دير ۾ خالي ٿي ويو هو. ڀورل سائين خليفي دل مراد کي ويجهي اچڻ ۽ ڀرسان ويهڻ لاء چيو. خليفو دل مراد  اچي پيرن کان  ويهي رهيو هو. ڀورل سائين پنهنجا پير ڊگهيڙي هن جي اڳيان رکيا هئا.
دل مرادخاموش خاموش ويٺل ھو. ڄڻ سندس چپ سبيل هئس. هن جي اندر جيان. ٻاهرين ماحول ۾ بہ خاموشي ڇائينل هئي .ڀورل سائين ڳالهايو: 
“خليفا دل مراد  تو واري گُوري تہ سچ پچ ۾ راڪيٽ هئي..“ڀورل سائين مرڪي پيو هو . 
ڀورل سائين جي لفظن ڪمري جي ۽ هن جي اندر جي خاموشيءَ کي ڄڻ  ٽوڙيو …خليفو دل مراد زوريءَ  مرڪ چهري تي آڻيندي وري خاموشيءَ  سان ڀورل سائين جا پير دٻائيڻ ۾َ لڳي ويو هو.
 “سچ چيو هو تو خليفا ، هرڻي تہ ڇا اٺ بہ ليٽائيندؤ؟ ائين ئي ٿيو “ ڀورل مرڪندي اکيون بندڪري ڇڏيون.  پر سندس چهري تي مرڪ بيٺي ئي رهي هئي. 
خليفو دل مراد هن جا پير دٻائيندو رهيو هو، هن کي پنهنجي زال زليخان جا رات وارا چليل  لفظ ذھن تي چٽا ٿي بيٺا هئا.  “ خليفا؛  مرشد کي ڇا ٿيو آھي؟عورت تي ائين ٿو ڇتو ٿي پئي، ڄڻ اُٺُ ليٽائيندو هجي… “ 
دل مراد جي اکين مان ڳوڙھا وهندا ڀورل سائين جي پيرن تي ڪرندا رهيا. ٻاهر جمعي نماز تي آيل ماڻھو مرشد جي ديدار لاء بيچين هئا…


نڪور ڪهاڻي 
“ڏاهر“

ڊاڪٽر اعجاز سمون 

 هو سُرخِي گهوڙي تي ويٺل هو. جنهن جي کل چنڊ جي روشنيءَ تي چانديءَ جيان چمڪي رهي هئي.  هن جا ٻئي هٿ گهوڙي جي رَيننَ ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيل هئا، مٺيون ٻئي زور سان ڀيڪوڙيل هيون.
 هو تيز هوا جو سينو چيريندو اڳتي وڌندو ٿي ويو.
 رات جي تاريڪيءَ ۾ گهاٽن وڻن جي وچ مان چنڊ جي روشنيءَ جي سهاري تي ئي هو پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيو هو. هن کي سج جي روشني پنهنجي ماڳ تي ڏسڻي هئي. 
 خوبصورت چهرو- دراز قد ، وڏيون اکيون جيڪي اوجاڳي هئڻ سبب  ڳاڙهيون ٿي ويون هئس- چهري تي هلڪي ڏاڙهي ۽ سنها چهچ ڪارا شَهپرَ جيڪي چهري جي سُونَهن جو پڻ سبب هئا. ھن کي ويڪري شلوار مٿان بوسڪيءَ جي قميص پاتل هئي. جيڪا گهڻي سفر ڪري ڪُلهن هندان هلڪي ميري ٿي وئي هئس. جنهن ۾ هلڪا گُهنج بہ اچي ويا هئس. 
هن کي مٿي جي هلڪن گهنڊيدار وارن  مٿان اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل هئو. پير ۾ پاتل سيم تي ڀريل جتي هئس. سڄي ڪلهيءَ ۾ ٻن منهن واتي دونالي بندوق رکيل هئي. 
هو گهوڙو ائين هلائي رهيو هو، ڄڻ هن کي آڪاش تي اڀريل چنڊ کي پڪڙڻو هجي. 
هو ڪيترن ڏينهن کان ائين ئي مسلسل سفر ڪندو رهيو هو. ڊگهي سفر هاڻ هن کي ڄڻ ٿڪائي وڌو هو. هن جو  سڄو جسم ڄڻ ٿڪجي چُور ٿي پيو هو.
هن کي اندر ۾ اهيو بہ احساس ٿيڻ لڳو هو تہ گهوڙو گهڻي منزل لتاڙي هاڻ  ٿڪجي چڪو آهي. پر  پوءِ بہ گهوڙي جي رفتار ۾ ڪمي ڪونہ آئي هئس.
گهوڙو هاڻ واريءَ جي وڏين ڀٽن جي وچ مان ٺھيل پيچري تي ائين ڊوڙي رهيو هو جو اڳين سَنبن تي پٺيان سَنبَ ائين ٿي آيا، ڄڻ ٺپي مٿان ڪو ٺپا هڻندو هجي. مجال آھي ڪنهن کي- جو سمجهي سگهي تہ هتان بہ ڪو سوار لنگهي ويو هجي.
 هو گهڻي منزل لتاڙي آيو هو. موسم ۾ بہ ڪجھ تبديلي اچڻ لڳي هئي. آسمان ڪارن ۽ ڀورن ڪڪرن سان ڀرجڻ جا سانڀا ڪري رهيو هو. چنڊ هاڻ وقفي وقفي سان ڄڻ لڪ ڇپ راند کيڏي رهيو هو. هو ٿڪاوٽ محسوس ڪري ٿو.  
 رات جي تاريڪي ۾ آسمان چنڊ کي ڪارن ڪڪرن جي چادر ۾ لڪائي ڇڏيو هو.
 موسم ۾ تبديلي اچڻ لڳي هئي.  هاڻ هر طرف اونداه ڇائينجي ويو هو. ٿڌي هوا گُهلڻ ڪري ننڊ اکين کي آکيرو بڻائڻ لڳي هئس. 
هن جي گهوڙي جي رفتار  هاڻ ڍري ٿي چڪي هئي.  
هو پريان هڪ مضبوط قلعو کي ڏسي ٿو. 
هن اهڙن قلعن بابت- تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪيترا دفعا ئي پڙهيو هئو. جن تي تاريخي جنگيون لڳيون هيون.  ۽ ڪيترن ئي حملي آورن- ماڻھن جو قتل عام ڪري اهي قلعا فتح بہ ڪيا هئا. ۽ اتان جي ماڻھن کي باندي بڻائي قيد ۾ بند ڪري بہ رکيو هو.
هو اڳتي وڌي قلعي جي سامهون، وڏي دروازي اڳيان اچي بيٺو هو.  
دروازو جيڪو هندان هندان ٽٽي چڪو هو.جنهن جو رنگ بہ ڦٽي چڪو هو. پوءِ بہ ڪنهن هاٿيءَ جهڙي جانور کي طاقت ڪانہ هئي، جو دروازي کي ٽوڙي اندر داخل ٿي سگهي. 
هن پنهنجي ڇاتي کي ڪنهن فاتح شهنشاه جيان تاڻيو هو ۽  پاڻ کي ڄڻ ڪنهن فاتح شھنشاه جيان سمجهڻ لڳو هو. 
هو گهوڙي تان لهي، گهوڙي کي ڪنڊ ۾ رکيل وڏي پٿر سان ٻڌي، قلعي ۾ داخل ٿيو هو. 
هو هوريان هوريان سامهون واري وڏي محل نما هال طرف وڌيو هو. هو ڪاريڊور ۾ داخل ٿئي ٿو.۽ سامهون واري وڏي دروازي کي هٿ سان اندر طرف زور ڏئي ٿو. دروازو وڏي آواز سان کلي پوي ٿو. 
هو محل نما ھال ۾ داخل ٿيو هو، هو هوريان هوريان پير کڻي ٿو. پير ۾ پاتل سيم جي جتيءَ جي چيڪٽ جي آواز جو پڙاڏو سڄي هال ۾ ڄڻ گونجڻ لڳي هو. هن جي پيَرنَ جو آواز-  هُن جي ڪنن سان ٽڪرايو، هُنَ ڄڻ ڇرڪ ڀريو هو.
 سامهون ڪنهن کي پاڻ ڏانهن ايندو محسوس ڪندي هن ڄڻ اچانڪ هن کان سوال ڪيو هو.
“ڪير آھين تون؟“ 
هن جا پير رڪجي وياهئا ۽ عورت جو آواز ٻڌيندي ئي هو خاموش ٿي ويو هو. 
“ ها، مان پڇان پئي، ڪير آھين تون؟“ 
“انقلابي “ هن ڄڻ اندران لفظن کي ٻاهر اُڇلايو هو.
“انقلابي؛ تون ڪهڙو ٿو انقلاب آڻڻ چاهين؟“
“هن ڌرتيءَ کي ڌارين کان آزاد ڪرائڻ ٿو چاهيان. پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرائيپ جو احساس ختم ڪرڻ ٿو چاهيان… ذات پات جي قبيلائي جهيڙن ۾ امن آڻڻ ٿو چاهيان… سرمائيدار ۽ وڏيري جي ڏاڍ ۽ ظالم خلاف  هاريءَ ۽ مزدور جي وجود ۾ پنهنجي حقن وٺڻ جي سوچ پيدا ڪرڻ ٿو چاهيان… مان هن خطي ۾  هڪ آزاد امن جو جهنڊو لهرائيڻ ٿو چاهيان… جنهن جهنڊي جو رنگ اسان جي ۽ اسان جي خطي جي سڃاڻپ هوندو.…“
“ پوءِ مون وٽ ڇو آيو آھين؟؛“ 
“مون کي ڪجھ پل، هت آرام ڪرڻو آھي. مان ڏاڍو ٿڪل آھيان.“
“هن سنسان ۽ ويراني ۾ آرام ڪرڻ آيو آھين “هُن هلڪو ٽھڪ ڏنو. 
“پر تون ڪير آھين؟“
 “تون ڇو ٿو پڇين؟“ 
“انهيءَ لاءِ تہ، مون کي بہ تہ ڄاڻ پوي، تہ تون ڪير آھين؟ ھن سنسان ۽ ويرانيءَ ۾ ڇا پئي ڪرين؟“
هوءَ ڪجھ لمحن لاءَ خاموش ٿي وئي هئي ۽ پوءِ پاڻ ئي خاموشيءَ کي ٽوڙيو هو. “تنهنجي ڀرسان واري ميز تي ميڻ بتي رکيل آھي. ۽ ماچيس بہ. اهو کڻي ميڻ بتي ٻار“ 
انقلابيءَ هٿ ميز ڏانهن وڌايو، ڀرسان ئي ٽيبل تي رکيل ميڻ بتي محسوس ٿيس، هن ماچيس کڻي  تيليءَ سان ميڻ بتيءَ کي ٻاريو، اونداهين ڪمري ۾ روشني ڦهيلجي وئي هئي.
نرتڪيءَ  هن ڏانهن هڪ نظر ڏٺو .جيڪو سامهون ئي بيٺل هئس.  هن نرتڪيءَ کي پنهنجي سامهون  ڏسندي، پوءِ  سڄي هال تي نظر ڦيرائي هئي. 
هال جي ڀتين تي مختلف سازن ۽ مختلف نرتڪين جون تصويرون مختلف رنگن سا ٺهيل هيون. 
هن وري ڇت تي نظر ڦيرائي ھئي، هو خاموش ٿي ويو هو. سڄي ڇت نرتڪن جي اڌ اُگهاڙي جسم وارن تصويرن سان ڇت چٽيل هئي، جيڪي  ڪنهن خوبصورت ۽ شهڪار جهڙي آرٽ جو پڻ نمونو هيون. 
“ ڇا پيو ڏسين؟“ 
“هون… هي تصويرون؟“ هن ڄڻ ڇرڪ ڀريو.
“ ها اهي تصويرون. ڪڏھن زنده روح هيون، اڄ اهي صرف بي جان  آھن“
“پر هي ايڏيون خوبصورت تصويرون ڪنهن جون آھن“ 
“لٽيل ملڪ جي راڻين جون… شهزادن جون…. “
“مان تنهنجي ڳالھ نہ سمجهي؟“
“حملا آورن ڦورن جنهن بہ خطي کي فتح ڪيو، اتان جو مال ملڪيت، سون ، هيرا جواهرات سان گڏ، اهي راڻيون ۽ شهزاديون بہ پاڻ سان گڏ وٺي آيندا هئا…“
“پوءِ ؟“
پوءَ ڇا؟ جنهن جي نصيب ۾ جيڪو آيو، اهو انهن کي ڀوڳڻو پوندو هو. شايد هنن جي نصيب ۾ هي شباب خانو آيو هوندو.“
هو هن جي ڳاله ٻڌندي خاموش ٿي ويو.  
“ اڃان پڇندين، تہ مان ڪير آھيان؟ “
هن جي اچانڪ سوال تي هن ڄڻ ڇرڪ ڀريو.
“ ها مان وري بہ توکان پڇڻ چاهيندس ، تون ڪيرآهين؟“
“مان نرتڪي آھيان“  هن وڏا ٽهڪ ڏنا. جنهن جي پڙاڏي ۾ ويٺل پکي ڀڙڪو کائي محل مان اڏامي ويا. 
“تہ پوءِ ٻڌ، مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آھيان، منهنجي وجود ۾ جاڳيل انقلاب بہ ڄڻ سمهي پيو آھي“
 هوءَ ھن اڳيان خاموش رهي.
 رات تي تاريڪي ڇانئيل هئي. هن نرتڪيءَ کي خاموش ڏسندي ٻيهر ڳالهايو.
 “ اڄ تون پنهنجي ڇير جي ڇمڪي سان ڪو ساز ڇيڙ، جو منهنجي اندر جو ٿڪ بہ ختم ٿي پئي، ۽ منهنجي وجود ۾ ستل انقلاب بہ ٻيهر جاڳي پئي“
“ تون هتان هليو وڃ . مان تنهنجي اها خواهش پوري ڪانہ ڪري سگهندس“ نرتڪيءَ جا چپ چُريا ڄڻ مندر جا گهنڊ وڳا. 
“ ضد ڇڏ نرتڪي؛ توکي اڄ نچڻو پوندو، ۽ منهنجي اندر جي انقلاب کي جاڳائڻو پوندو. نہ تہ…“
 “نہ تہ تون ڇا ڪندين ؟“
“نہ تہ هن بندوق جي نليءَ مان نڪتل گوليونءَ تنهنجي وجود کي سرد جسم بڻائي ڇڏينديون “
 نرتڪيءَ بندوق جي نلي پنهنجي ڇاتيءَ تان پري ڪندي وڏا ٽھڪ ڏنا، جنهن ۾ سالن جي اداسيءَ جو پڙاڏو، ڪنهن ويران مندر مان اچانڪ  اڏرندڙ  پاريهر جي پرن جي آواز جهڙو درد شامل هو.
 “مان تہ صدين کان ان لمحي جي انتظار ۾ آھيان… تون هلاءَ گولي…خاموش ڇو بيٺو آھين؟“ 
“صدين جي انتظار ۾ …مطلب؛؟“ 
“مطلب تہ، تون منهنجي پيرن ۾  هي زنجير نہ پيو ڏسين ڇا؟  “ هوءَ اٿي هن جي سامهون ٿي بيٺي.
“زنجير ………؟ ها ڏسان پيو “
“ پوءِ تہ توکي سمجهڻ گهرجي؟ “
“ڇا مون کي سمجهڻ گهرجي؟“
“ڏاڍو ڪو اياڻو آھين؟.“
“اياڻو… ؟“
“ها،  اهيو تہ، غلاميءَ ڪيڏي نہ ذلت آھي.“
“ ها بلڪل غلاميءَ جهڙي ڪا ذلت ئي ڪونهي“
“پوءِ  هي منهنجي پيرن ۾ زنجير ڏس. مان آزاد هوندي بہ ڄڻ قيد ۾ آھيان“ هوءَ خاموش ٿي وئي.
 “توکي پيرن ۾ ، هي زنجير ڪنهن  پارائي قيد ڪيو آھي؟.“ هن نرتڪي جي پيرن ۾ ٻڌ ل زنجير ڏانهن ڏسندي سوال ڪيو.
نرتڪي هن جي سوال تي خاموش رهي. هن ٻيهر ڳالهايو . 
“پر تنهنجي پيرن ۾ تہ ڇير ٻڌل هجڻ گهرجي، جنهن ڇير جو آواز ڇم… ڇم…ڇم…جيڪو تنهنجي ڏات جو اصل روح آهي“ 
“ تون صحيح پيو چوين، جنهن روح جي تون ڳاله پيو ڪرين، اهو روح هاڻ زخمي ٿي چڪو آھي“
“زخمي ٿي چڪو آھي؛؟ “
“ها پر ڪنهن بندوق جي گوليءَ سان نہ، پنهنجن جي روَينَ  سان، سازشن سان ، غدارن سان ۽ لالچن سان… “
“پنهنجن جي روين سان. مان تنهنجي ڳالھ ڪونہ سمجهي؛؟“ هو ڪجھ پريشان ٿي ويو هو.
“هي منهنجي پيرن ۾ زنجير … ۽ مون کي قيدي بڻائڻ ۾ انهن جو ئي هٿ آھي“
“ ڪنهن جو هٿ آھي، ڪير آھن اهي؟“
“  ڌاريا ڪونہ آھن، منهنجا پنهنجا پٽ آھن - پوٽا آھن. منهنجا وارث آھن، جيڪي اسيمبليءَ ۾ ويٺل آھن.جن پنهنجي ذاتي مفادن- عياشين ۽ منافقتن ۾ منهنجو درد وساري ، ڌارين سان ملي ڪري، سڄي قوم  کي وڪڻي ڇڏيو آھي …“ 
“ توکي مان آزادي ڏياريندس. انهن غدارن کان“ 
“تون مون کي آزاد ڪرائيندين…؟“ هو مرڪي پئي. ۽ هن ٻيهر ڳالهايو  “پر تون تہ اڪيلو آھين …؟“
“اڪيلو آھيان تہ ڇاٿي پيو؟ مان چيخ ڪندس، تنهنجي حق لاء، ڏسجان سڄي قوم جاڳي پوندي“
“قوم جاڳي پوندي، اهو مان بہ سمجهان ٿي، پر …“ 
“پر وري ڇا ؟“
“وري قوم جا ليڊر ٽوليون ٺاهي، جاڳيل قوم کي نظرين ۾ ئي الجهائي، پاڻ ۾ جانورن وانگر پيا ويڙهائيندا ۽ پوءِ پيا پنهنجي پٽڪي جا ور ڳڻائيندا “
“ تون قوم پرست ڌڙن جي ڳالھ پئي ڪرين ڇا؟“
نرتڪي خاموش ٿي وئي… اکيون ڳوڙهن ۾ ڀرجي آيس، پنهنجي درد تي وڏو ساه ڀريائين.پنهنجي پيرن ۾  ٻڌل ڳورن وزني زنجيرن کي ڇڪيندي درد محسوس ڪندي ، هلڪي رڙ ڪيائين ۽ خاموش ٿي وئي.
“توکي درد پيو ٿئي ؟“
“ ها پر، منهنجي درد کي تون ماپي نہ سگهندين.منهنجي مڃ.تون هتان هليو وڃ“
“توکي اڪيلو ڇڏي هليو وڃان، سو بہ ھهيڙي حال ۾ ؛؛“
“منهنجو ڇاهي؟ مان تہ سالن کان دردن جي دريا ۾ پئي ڀوڳيان ويٺي، تون منهنجي ڳڻتي نہ ڪر، تون تہ اڃان ڳڀرو آھين، تنهنجي زندگي جي رنگن ۾ اڃان مينديءَ جو رنگ بہ ڪونھي. جيڪو تنهنجي هٿن ۽ پيرن تي بہ رچڻوآھي“
“ پر، اسان جي زندگيءَ جو تہ هڪ ئي رنگ آھي ڳاڙھو.ٻيو تہ مان تنهنجي  ڳڻتي ڪئين نہ ڪيان…تنهنجي وجود مان ئي هر صوفيءَ رقص سکيو آھي…ھن مٽيءَ جي ماڻھوءَ پيار سکيو آھي…  تون صوفين جي سڃاڻپ آھين…انقلاب جو دڳ آھين. “
 “تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، ڇڏ انهن ڳالهين کي، تون هتان هليو وڃ “ 
“مان توکي اڪيلو ڇڏي ڪونہ ويندس“
“جذباتي نہ ٿي، هت هر ڪائنر ۽ غدار جون اکيون، تنهنجي پيرن جي نشان تي هونديون “
تہ پوءِ ڇا ٿي پيو؟، مان تہ هت انقلاب آڻڻ لاءِ ئي تہ آيو آھيان، تون مون کي گيدي نہ ڪر، مون کي ڀاڙي نہ ڪر نرتڪي“
 “تون مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر  …ايڏو اُٻهرو نہ ٿي…مفت ۾  ماريو ويندينءَ… نت ڪنهن رات جي اونداه ۾ پنهنجي ئي گهر مان ائين کنڀجي گم ٿي ويندين… جئين ڪُڪَڙ جو ٻچو کاري مان ٻَلو کڻي ويندي آھي “
“ پوء هي ڇاهي؟  منهنجو  انقلاب - هي تنهنجا  ساز ۽ تنهنجو آواز … هو تنهنجي گيتن ۾  پُڪار ۽ للڪار- سڀ ڇا آھي؟ “ 
“اهوسڀ هڪ وڏو دوکو آھي …پنهنجن جي راند آھي “
“دوکو آھي؟…راند آھي؛“ 
“ها دوکو آھي …راند  آھي… ڳڀرن جي سر جو سوڌو آھي. هڪ سازش جو  آڙاه آھي…انهي ڪري  هت نہ هاڻ  ڪنور ڀڳت جهڙو ڪو ساز ڇيڙي سگهندو …نہ ئي وري هت ڪو ڀڳت سنگھ بڻجي سگهندو…نہ وري ڪو هوشو جهڙو نعرو هڻي سگهندو…نہ ئي ڪو بلاول جيان گهاڻي ۾ پيهجي سگهندو.“
هو هن اڳيان خاموش بيٺو رهيو.نرتڪي ڳالهائيندي رهي.
“ڇو تہ هت ساز ۽ آواز، نظريا ۽ انقلاب، حق ۽ آزادي…
سڀ جو سڀ، پنهنجا آدرش دولت ۽ عياشين جي ڪفن ۾ ويڙهي سمهي چڪا آھن…“
انقلابيءَ جي هٿن مان بندوق ڍري ٿي ڪري پئي. ڄڻ هو نرتڪيءَ جي درد جو حصو بڻجي پيو هو. 
هو نرتڪي جي پيرن کي زنجيرن مان اجو ڪرڻ لاء اڳتي وڌيو ۽ هن جي پيرن ۾ ويهي رهيو …
نرتڪي هن جي معصوم چهري ۾َ انقلاب جو رنگ ڏسندي هن جي پيشانيءَ کي چميو. 
“ تنهنجو نانء ڇا آھي انقلابي؟ “
“ ڏاهر“ 
“ سچ ۾  تون ڏاهر آھين، راجا ڏاهر. “
 “ ها مان ڏاهر… راجا ڏاهر.“
نرتڪي مرڪي پئي هئي. سندس چهري ۾ ڦهيل سالن جي درد ۾ خوشيءَ جي لهر ڄڻ  اڀري پئي هئي.
هن کي هاڻ هوءَ نرتڪي نہ، پر ڌرتي ماءُ لڳي هئي. هُن، نرتڪي جي جهول ۾ سمهڻ چاهيو هو. پنهنجي ٿڪ کي آرام ڪرائڻ لاءِ، ھن جي هنج ۾ اکيون ٻوٽن چاهيون هيون. 
 اچانڪ مضبوط هٿَ- هن جي  وجود ۾ پيئجي ويا هئا… 
هو رات جي اونداه ۾ ائين گم ٿي ويو هو…جئين ڪَڪَڙ جي ٻچي کي کَاري هَيٺان  ٻَلَو کڻي ويندو آھي… 

اميران اچانڪ ڇرڪ ڀريو، هوءَ کٽ تي اٿي ويٺي هئي. هن جي چهري تي خوف تپندڙ ٽامي وانگر چٽو ٿي پيو هئس. هن پنهنجي پٽ ڏاهر بابت جيڪو خواب ڏٺو پئي، اهو خواب سندس جاڳ سان ڄڻ ٽٽي پيو هئس. 

        صبح جو شهر جي پريس ڪلب اڳيان اميران ويٺل هئي.جنهن جي چهري ۾ بيچيني هئي، ۽ سڄو وجود درد ۾ ڀريل هئس. 
هن جي هٿن ۾ پنهنجي نوجوان ڳڀرو پٽ راجا ڏاهر جو ڦوٽو هو. جنهن کي ڪجھ ڏينهن اڳ- رات جي اونداه ۾  پنهنجي گهر مان ئي کنڀي کنيو ويو هو. جنهن جو ڪو اتو پتو ئي ڪونہ هئس. 
شهر جي انتظاميا اهڙي واقعي کان ڄڻ بي خبر هئي. ڇو تہ شھر جي ماحول ۾ ڪابہ بيچيني ڪونہ هئي؟ رڳو بيچيني  اميران جي چهري ۾ هئي.


نڪور ڪهاڻي  
      “آخري ھڏڪي “
ڊاڪٽر اعجاز سمون

                             هوشهر جي تمام وڏي ۾ وڏي ۽ مهانگي         اسپتال جي ICU جي بيڊ تي ستل هو، ھڪ ٻانهن ۾ شيشي واري ٿيلهي لڳل ھئي، ٻي ٻانهن ۾ گلوڪوز جي ٿيلهي ۽ نڪ ۾ آڪسيجن جي نلڪي لڳل هئي.
جنهن مان هو رکي رکي، ڇڪي ساه  کڻي رهيو هو. 
سامهون شيشي جي ديوار جي پرين پاسي کان زيب بيٺل هئي، جنهن کي هن سان ملڻ لاءِ اندر آء.سي.يو ۾ اڃان  اجازت ڪونہ ملي هئي، هن آڪاش کي اتان پئي ڏٺو.
زيب سندس زال آھي. جيڪا آڪاش کان ناراض ٿي ڪيترن سالن کان پنهنجي پيءُ “مجيب خان بندوق وارو“ ڏانهن لندن هلي وئي هئي.
 زيب جو پيءُ مجيب خان بندوق وارو شهر جو سياسي ماڻھو هو، پر گڏو گڏ بزنس مين پڻ هو. هن کي شهر ۾ ھٿيارن جو وڏو دڪان هو.انهي ڪري “بندوق وارو“ جي نانءَ سان مشهور هو. 
هو هن ملڪ کي ان دور ۾ ڇڏي لنڊن هليو ويو هو، جنهن دور ۾ ملڪ ۾ مارشالا لڳي هئي. ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي هئي- هو ڀٽي جو وڏو شيدائي هو، ڀٽي جي زندگيءَ تي ڳالھيندي ڳالهائيندي اکيون ٽمي پونديون هئس. انهيءَ  درد ۽ بيچينيءَ مان بيزار ٿي ڪري هن پاڪستان ڇڏيو هو. ۽ هميشھ هميشھ لاءِ لنڊن هليو ويو هو. 
هاڻ هو مستقل لندن ۾ ئي رهي پيو.
زيب ڪڏھن بہ ڪونہ چاهيو هو، پاڪستان ڏانهن موٽي اچڻ. پر آڪاش جي بيماري جو ٻڌي، هوءَ لندن مان پاڪستان موٽي آئي هئي.
زيب پنهنجي خاندان کي ناراض ڪري آڪاش سان ڪورٽ ميئريج ڪئي هئي.اهو مارشالا جو تازو تازو دور هو. 
زيب ۽آڪاش ڪراچي يونيورسٽي ۾ گڏ پڙھندا هئا. آڪاش شاگرد ليڊر هو. اتي ئي ٻنهي جي محبت جو چنڊ اُڀريو هو. ڪجھ ڏينهن ۾ ئي محبت ٻنهي جي وجودن ۾ ساه کڻڻ لڳي هئي..ڏينهن جون ڪچهريون ۽ چانڊوڪيءَ رات جون ملاقاتيون آخر وڃي ڪورٽ ميئريج تائين پهتيون. 
آڪاش پنهنجي پارٽيءَ ۽ جهموري سياست کي هميشه الوداع ڪري پنهنجو قبلو ڦيري ڊڪٽيٽر جي طاقت سان وڃي هٿ ملايو هو. جنهن جي بدلي ۾  هن کي وڏي وزير جو خاص مشير بڻايو ويو هو. 
هو ٿوري عرصي ۾ ئي حڪومت لاءِ اهم ۽ خاص شخصيت بڻجي پيو هو. ۽ سياست ۾ هڪ اهم رانديگر ڄڻ بڻجي پيو هو. 
آڪاش  مٿان بيٺل نرس- جيڪا هن جو بسترو ٺيڪ ڪري رهي هئي، زيب کي سامهون بيٺل ڏسي، هن کي زيب بابت ٻڌايو ۽ ديوار ۾ لڳل شيشي طرف اشارو ڪيو هو، 
آڪاش اچانڪ شيشي پريان زيب کي ڏٺو، چهري تي خوشيء جا رنگ اُڀرڻ باوجود اکيون ٽمي پيون هئس. زيب هن کي ڏسندي هٿ مٿي کڻي ڪنڌ لوڏي چهري تي مرڪ آڻي هئي. پر زيب جو سڄو وجود ڄڻ درد ۾ ڀرجي ويو هو. 

زيب اندر اچي، هن جي بيڊ ڀرسان بيٺي هئي، ۽ هن جي چهري ۾ چتائي ڏٺو هو، هو زيب کي پنهنجي سامهون ڏسندي ئي،چهري تي خوشي ۽ اکين ۾ جيئڻ جي ڄڻ جوت جاڳي پئي هئس. 
هاڻ هن مرڻ نہ ٿي چاهيو ،هن هاڻ جيئڻ ٿي چاهيو هو.هڪ ڊگهي زندگيءَ لاء. جيڪا زندگي هن کي الوداع ڪرڻ جي انتظار ۾ هئي. 
هو زيب کي پنهنجي ڀرسان ايڏو ويجهو  ڏسي پنهنجي وجود جا سڀ رنگ ميڙي، مرجهايل چهري تي مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر چهري جي پيلاڻ ۾ ڪوبہ رنگ چٽو اڀري نہ سگهيو هئس. 
آڪاش ڳالهائڻ چاهيو هو، پر مسلسل  هڏڪيءَ  ٿيڻ ڪري،  هن جي لفظن جي ترتيب کي ڄڻ ٽوڙي ٿي وڌو.
زيب موٽ ۾ رڳو  ها ۾  ڪنڌ پئي لوڏيو هو. پرهن جي اهڙي حالت ڏسندي هوءَ پنهنجي اکين جا بند بچائي نہ سگهي هئي، اهي ٽٽندا رهيا هئا. 
ڪجھ گهڙين لاء سڄو منظر اڳيان ڌنڌلو ٿي ويو هئس .آڪاش بہ سڏڪي پيو هو.
 زيب پنهنجي پرس مان ٽشو پيپر ڪڍي، پنهنجون اکيون صاف ڪيون ۽ هن جي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکيو هو. جيڪو هٿ هٿوڙي وانگر هن جي جسم تي استعمال ٿيندو رهيو هو، جنهن جي درد ۾ هوءَ سڄي رات سمهي بہ ڪونہ سگهندي هئي. جهن هٿ مان ڄڻ هاڻ طاقت اُڏامي چڪي هئي. 
آڪاش پنهنجي هٿ مٿان زيب جو هٿ رکيل ڏسي وڏو ساه ڀريو هو. هن جي هڏڪيءَ ۾  ڄڻ ڪجه لمحن لاءِ ھڪ  سانت اچي وئي هئي. هن هوريان هوريان اکين مٿان ڪريل آليون پنبڙيون کنيون ۽ زيب کي پيار مان ڏٺو هو.
 بيماري هن جي خوبصورتيءَ ۽ صحت مند جسم کي  اندران ئي اندران ڄڻ ڪوري کائي وئي هئي. جنهن هن کي هيڻو ۽ بي وس بڻائي ڇڏيو هو. ڄڻ هڪ هڏائون پڃرو ڪنهن ميوزم ۾ رکيل هجي.
رشوت ۾ جيڪو بہ ميڙيل پئسو هو، جيڪا بہ سڄي ملڪيت هئي، اها بيماري مان جان ڇڏائڻ جي علاج ۾ ئي ختم ٿي وئي هئي. پر بيماري تہ ڇا ؟ هڏڪي بہ ختم  ڪونہ ٿي سگهي هئي.
سڀ دوست، ساٿي هوريان هوريان هن کان پري ٿيندا ويا هئا. هو هيڏي هجوم ۾ هاڻ اڪيلو، ۽ تنها رهجي ويو هو. رنگين محفلن جا دروازا بہ هن لاءِ ھميشه بند ٿي ويا هئا.
جيڪي محفلون هن کان سواءَ اڌوريون هونديون هيون.
 
 هو اڄ بہ شهر جي مهانگي ترين اسپتال ۾ زير علاج هو. جنهن ۾ کنگھ ، بخار ڏيکارڻ جو بل بہ لکن ۾ايندو آھي.
 هو ڳالهائڻ لاء هڏڪيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.جيڪا ڪيترن ڏينهن کان مسلسل رهي آهي.
هن ڳالهايو “تنهنجو چوڻ ڪونہ مڃيو. شراب کي زندگي سمجهي ويٺو هئس. رشوت جو پئسو منهنجي لاءِ ڄڻ انڌ جو گهوڙو هو. جنهن تي چڙهي اک ئي ڪونہ کولي، پرائي عورت جي گرم ڀاڪر کي ئي زندگي سمجهي ويٺس، پنهنجي خوبصورت زندگيءَ  کي ڌٻڻ ۾ اڇلائي ڇڏيو.“ هو خاموش ٿي ويو ھو.
تون اچي وئي آھين، ھاڻ مان جلد ٺيڪ ٿي ويندس “ آڪاش  پنهنجي خشڪ چپن مٿان زبان گهمائيندي ٻيهر ڳالهايوهو. 
هن جي هڏڪي ڄڻ بند ٿي وئي هئي. 
 زيب  هن جي چهري تان پنهنجون اکيون هٽائي آء. سي. يو. ۾ پيل ٻين مريضن ڏانهن ڏٺو هو. جيڪي سڀ آڪاش کان عمر ۾ وڏا هئا.
آڪاش مسلسل چار هڏڪيون ڏنيون. ۽ ٻيهر ڳالهايو
“هيء روز -روز جي هڏڪي ختم ئي ڪونہ ٿي ٿئي  جيڪڏھن اهيا ختم ٿي وڃي، تہ مان بلڪل خوش آھيان.“
زيب موٽ ۾ ڪنڌ لوڏيو. پر ڳالهايو ڪجھ بہ نہ.
“ ٻڌ مٺي؛ تون مون کي، ايڏو  ياد ڪندي آھين ڇا؟ جو هيءَ هڏڪي ختم ئي ڪونہ پئي ٿئي“ آڪاش ڦڪي مرڪ چهري تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
“ياد ؛“ زيب وڏو ساه کنيو ۽ مرڪي پئي هئي، جنهن مرڪ ۾  سالن جواندر ۾ ستل درد چهري تي ڄڻ جاڳي پيو هو.
 “آڪاش ؛ مان ياد ڪندي آهيان توکي، مان توکي  وساريو ڪڏھن ناهي…
تنهنجي هر ڏنل درد کي- تڪليف کي، ۽ بيوفائي کي ياد هر لمحي ڪيو آھي. پر…“
“پر“ 
“پر محبت جي حوالي سان مان توکي، ڪڏھن بہ ياد ڪونہ ڪيو آھي“
آڪاش جون اکيون زيب جي چهري تي بيهجي وڃن ٿيون. هو ڪجھ چوڻ چاهي ٿو.  پر لفظ ڄڻ نڙيءَ ۾ ئي ڪنڊن جيان اٽڪي پون ٿا
زيب ٻيهر ڳالهايو “آڪاش مان تہ توکي پنهنجي دل مان ان ڏينهن ئي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڏينهن تون انهيءَ عورت جي سامهون ڌت نشيءَ ۾ مون کي مار-ڪٽ ڪري…مون کي بورچي خاني ۾ بند ڪيو هو ۽  دروازي کي باھ ڏئي ٖ مون کي گهر۾ اڪيلو ڇڏي، ان عورت سان گڏ هليو وئين هئين. ڪيڏيون تہ مان رڙيون ڪيون هيون. ڪالوني وارن گهر ۾ داخل ٿي ڪري منهنجي جان بچائي مون کي هي جيئدان ڏنو هو.“
آڪاش جي هڏڪي ٻيهر شروع ٿي وڃي ٿي.
“تنهنجي هن هڏڪي بابت، ڊاڪٽر  ٻڌائين پيا تہ، شراب جي نشي تنهنجا ٻئي گڙدا ختم ڪري ڇڏيا آھن.گڏوگڏ تنهنجو جيرو بہ ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو آهي. اها “هڏڪي“ انهيءَ بيماريءَ جي نشاني آھي “
“ تنهنجو مون وٽ موٽي اچڻ“ هن هڏڪيءَ کي روڪيندي ڳالهايو ۽ خاموش ٿي ويو.
“منهنجو تو وٽ موٽڻ، منهنجي زندگيءَ جي ان ڪيل غلطيءَ کي هميشھ هميشھ توسان گڏ دفن ڪرڻ ھو،  جنهن لاءِ مان تو وٽ موٽي آئي آھيان“ 
اچانڪ آءَ سي يو ۾  هڏڪيء جو آواز وڌي وڃي ٿو.
 زيب آلين اکين سان آء.سي.يو. مان ٻاهر نڪري وڃي ٿي، هڏڪيء جو آواز وڌندو وڌندو اچانڪ ختم ٿي وڃي ٿو.
۽  سڄي آء.سي.يو ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي ……



نڪور ڪهاڻي 
“درد جي بارش“
ڊاڪٽر اعجاز سمون 

هو اچانڪ دبئي ايئر پورٽ تي ڊيوٽي فري شاپ ۾ ملي ويا هئا. ڄڻ سندن گذريل سال موٽي آيا هئا.ٻنهي جي اکين ۾ وڇوڙي ۽ ميلاپ جو رنگ گڏجي چٽو ٿي پيو هو. هنن جي وچ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت ڄڻ جنم ورتو هو، ڄڻ هڪ ٻئي جي چهرن ۾ خوشيءَ جا رنگ  ڏسندي بہ خاموش ٿئي ويا ھئا. 
ڪيترا سال پراڻو جدائيءَ جو سُتل درد ڄڻ وجودن ۾ ٻيهر جاڳي پيو هو. 
ساجده آمريڪا ۾ پنهنجي مڙس نويد سان گڏ پندرهن سالن کان رهندي هئي. نويد جيڪو فزيو ٿراپسٽ هو. ۽  ويهن سالن کان آمريڪا ۾ سيٽلڊ هو. هو آمريڪا جي اسٽيٽ بوسٽن ۾ رهندو ھو.
 ساجده پنجن سالن جي عرصي کانپوءِ،  پاڪستان آئي هئي، ۽ ٻہ  مهينا ڪراچيءَ ۾ گذاري آمريڪا ڏانهن واپس وري هئي. ڪراچيءَ شھر  جي پوش علائقي ۾ ساجده جي  پيءُ محمد نواز خان جو بنگلو هو. هو رٽائرڊ سيڪريٽري هو. بنگلي ۾ ساجده جي ماءُ ، ٻہ ننڍيون ڀينرون ۽ وڏو ڀاءُ ظفر رهندو هو.
 ساجده ڪراچيءَ کان بوسٽن ايئرپورٽ لاءِ رواني ٿي هئي. هوءَ دبئي ايئرپورٽ تي ڪنيڪٽيٽ فلائيٽ جي هجڻ  ڪري لٿي هئي. ھن کي هاڻ مسلسل ڊگهو سفر ڪرڻو هو. ھوءَ دبئي ايئرپورٽ تي پنهنجي فلائيٽ جي اڏام جي اناؤسمينٽ ٿيڻ جي انتظار ۾ ۡلائونچ ۾ ويٺل هئي، جيڪا دبئي مان آمريڪا جي شھر بوسٽن  ڏانهن ويندڙ ڪنيڪٽيٽ  فلائيٽ هئي. پر موسم خراب هجڻ ڪري  سندس  فلائيٽ ڪجھ ڪلاڪ ليٽ ٿي وئي هئي. 
اياز عالم ڪمپني جي بزنس ٽرپ جي سلسلي ۾ دبئي ويو هئو. هو بہ پنهنجي فلائٽ جي ليٽ ٿيڻ جو ٻڌندي ئي وقت کي گذارڻ لاءِ دبئي ايئر پورٽ گهمڻ لاءِ لائونچ مان اٿي، ڊيوٽي فري شاپ ڏانهن وڌي ويو هو. 
 هو ڊيوٽي فري شاپ ۾ پرفيوم  ڏسڻ لڳو هو. شاپ  ۾ دنيا جي مختلف برانڊ جا پرفيوم رکيل هئا. سڄو اسٽور ڄڻ خوشبوءَ جو هُڳاءُ ۾ ڀريل هو.
 اياز عالم  پرفيوم جو ٽيسٽر کڻي هٿ تي هلڪو ڦوهارو هڻي، پنهنجو هٿ نڪ جي ويجهو آڻي وڏو ساه وٺي ٿو، ڄڻ خوشبوءَ کي هن اندر اوتيو. ڀرسان سيل گرل مرڪندي چيو
“سر انهيءَ برانڊ تي ففٽي پرسنٽ ڊسڪائونڊ آھي“
“جي“ هن سيل گرل ڏانهن ڏٺو.
هو ٻيو  ٽيسٽر لڳائيندي برانڊ ڏسي ٿو.اسٽور ۾ ڦھليل خوشبوءَ جي هُڳاه ۾ ڄڻ هو وڪوڙجي وڃي ٿو.
“پر مون کي هي پرفيوم  کپي“
“ جي سر، اهيو بہ سٺو برانڊ آھي“سيل گرل ٻيهر مرڪي پئي.               
“سٺو نہ بلڪي ڏاڍو سٺو آھي“ هو بہ مرڪي پيو هو.
“جي سر بلڪل“ سيل گرل موٽ ۾ مرڪي پئي هئي.
هو سيل گرل سان گڏجي ڪاؤنٽر تي وڃي، پرفيوم خريد ڪري شاپ مان نڪري ئي ٿو، تہ سامهون اچانڪ  ساجده کي ڏسي ٿو.جيڪا  هُن جي سامهون بيٺل هئي. ۽ هن کي ڏسي مرڪي رهي هئي. هو بہ هُن کي چهري ۾ چتائي ڏسندي، پوءِ مرڪي پيو هو.
پر هنن جي چهرن تي خوشيءَ سان گڏ  وڇوڙي جو درد بہ اُڀري پيو هو .جنهن کي ايئرپورٽ جي رنگبرنگي ماحول ۽ ھزارين ٻرندڙ روشن بلبن ڄڻ چٽو ڪري بيهاريو هو. 
هنن پنهنجي مرڪ ۾ اندر جي درد کي لڪائڻ ٿي چاهيو هو، پر هو لڪائي ڪونہ سگهيا هئا.
 “ساجي؛ مان ڪو خواب تہ ڪونہ پيو ڏسان“ ايازعالم ڳالهايو هو
“ خواب تہ مان پئي ڏسان اياز. توکي هت سامهون ڏسندي“ هن جي چهري تي خوشي بہ هئي پر ڏک بہ ڇائينل هئو.
“پر اها حقيقت آھي ساجي، تہ اسان هڪ ٻي جي سامهون بيٺل آھيون .اهو بہ هن پرديس ۾.“ 
“ ها ائين ئي آھي. مسافر جو آھيون“ . 
هو ٻئي ڊيوٽي فري شاپ مان نڪري اچن ٿا. 
“آمريڪا کان موٽي آُهين؟ يا آمريڪا وڃي پئي “ اياز عالم کلندي کلندي پڇي ورتو هئس.
“ آمريڪا وڃان پئي .پر تون ڪاڏي ويو هئين؟ “
“مان دبئي آيو هئس.“
“ گهمڻ ڪاڻ؟ “
“نہ ڪمپني جي ٽرپ تي هئس.“
“گڊ …پوءِ“  هوءَ خاموش ٿي وئي هئي . 
“اڄ واپسي آهي“  
“ فلائيٽ ڪهڙي ٿي؟“
“ پي آءِ اي ۾ آھي. تون ڇو پئي پڇين ؟“ 
بس ائين ئي “ 
“مان سمجهو تہ گڏجي هلندئين “اياز مذاق ڪندي چيس.
“وٺي هلندين تہ هلندس“ ساجده ٽھڪ ڏنو. 
اڇا، تنهنجي فلائيٽ ڪڏھن آھي ؟“اياز کلندي کلندي پڇيو.
“ٽائيم جي تہ پڪ ڪونهي. موسم خراب هجڻ ڪري، ليٽ آھي “  هو کلي پئي 
“ منهنجي تہ Pk .8303 آھي. اھا بہ موسم جي خرابيءَ ڪري ليٽ آھي.“ هن خاموشيءَ سان ساجده جي چهري ۾ ڏٺو. 
“ها موسم جي ڪري سڀ فلائيٽ ليٽ آھن.“ 
“لڳي ٿو اسان کي ملائيڻ جي ڪري، اهيو سڀ ڪجه ٿيو آھي “ 
“ها ائين ئي آھي. شايد…“ ساجده وڏو ٽھڪ ڏنو 
هو خاموش خاموش هلندا رهيا. اياز ڳالهايو
 “ڪيڏو نہ عجيب پيو لڳي. اچانڪ ملي وڃڻ. ۽ ڪجھ ڪلاڪ ھت گڏجي رهڻ ۽ وري الڳ ٿي وڃڻ کانپوءِ پاڻ کي الڳ الڳ سفر ڪرڻو پوندو. “
“ ها ائين ئي ٿيندو. پر مان سمجهو تہ هڪ ئي فلائيٽ ۾ آھيون.گڏجي سفر ڪنداسين تہ مزو ايندو. “
“ ائين ڪونہ پئي ٿي سگهيو“ هن مذاق ۾ چيو 
“ڇو نہ پي ٿي سگهيو؟ “ 
 “ڇو تہ  گڏجي سفر ڪرڻ، ڪڏھن بہ اسان جي نصيب ۾ ڪونہ رهيو آھي.“
ساجده هن جي جملي ٻڌڻ سان ئي خاموش ٿي وئي ۽ ڪجھ  سوچڻ لڳي هئي. اياز عالم  ساجده کي ائين خاموش ڏسندي سوال ڪيو.
 “ ڇاپئي سوچين؟“ 
“ سوچيان پئي تہ،  زندگيءَ جي ساٿيءَ بڻجڻ جو سفر تہ پاڻ گڏجي ڪونہ ڪري سگهياسين.پر مسافر بڻجي ڪجھ ڪلاڪن جو سفر تہ گڏجي ڪري ٿي سگهياسين.“ 
“پر ڇا ڪجي- گڏجي سفر ڪرڻ اسان جي نصيب ۾ ئي ڪونهي، “ اياز جي چهري تي اندر جو درد اڀري آيو هو. ۽ ساجده خاموش ئي رهي. 
 هن ساجده کي خاموش ڏسندي هن جي خاموشيءَ کي ٽورڻ لاءِ ڳالهايو. 
“ ساجي“ 
“هون“ 
“ڪيترن سالن کانپوءِ توکي پاڻ سان گڏ ڏسي ، ڏاڍي خوشي ٿي رهي آھي.“ هن ڄڻ ساجده کي درد ۾ ڏسڻ نہ ٿي چاهيو 
“ مون کي بہ سالن کانپوءِ ڪنهن ساجده مان، منهنجو نانءَ بگاڙي “ساجي“ سڏيو آھي.“
“توکي منهنجي “ساجي“سڏڻ بُرو تہ ڪونہ لڳو“ هو خاموش ٿي ويو.اندر جو درد چهري تي چٽو ٿي پئيس.  اياز کي خاموش ڏسي هوءَ مرڪي پئي. 
“ مون کي تہ ڏاڍو سٺو لڳو. ڪيڏي تہ تنهنجي لهجي ۾، مون کي پنهنجائپ محسوس ٿي رهي آھي “
 “ مون کي بہ ائين محسوس ٿي رهيو آھي. ڄڻ پاڻ مسافر نہ هجون، زندگيءَ جا سا…“ هو جملو پوري ڪري نہ سگهيو هو. ۽ ساجده جي چهري تان نظر هٽائي، خاموش ٿي سامهون ٻرندڙ رنگبرنگي سائن بورڊس کي ڏسڻ لڳو هو. 
“ مان بہ توکي جڏھن اچانڪ ڏٺو. پهريان تہ گهڻي دير سڃاڻپ جي ڪوشش ڪيم . پر جڏھن يقين ٿي ويو تہ تون ئي آھين، پوءِ ئي اچي تنهنجي سامهون بيٺي هئس.“ 
 هن اياز عالم جي ڄڻ خاموشيءَ کي ٽوڙيو ۽ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. 
“پر مان توکي پهرين نظر ۾ ئي سڃاتو هو. “
“ بلڪل تنهنجي ياداشت شروع کان ئي تيز آھي. چڱو هاڻ
 ڊيوٽي فري شاپ تان ، ڪجھ خريد بہ ڪيو اٿئي يا گهمي ڪري وقت پيو گذارين؟ “
“هي پرفيوم ورتو اٿم“
 ساجده فرفيوم کي ڏٺو ۽ چهري تي ڄڻ هلڪي ڳنڀيرائي اڀري آئي هئس.هن چهري تي مرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ هن جا سڀ رنگ خاموش هئا.
“ تنهنجي چوائيز تہ اڄ بہ ڪونہ بدلي آھي، ساڳيو ئي پرفيوم ورتو اٿئي، جيڪو ڪيترا سال اڳ- مان توکي تنهنجي “برٿ ڊي“ تي گفٽ ڪيو هو. اڄ بہ تون ساڳيو پرفيوم  ورتو آھي .“ ساجده ڄڻ درد جي مٿان ماضيءَ جو تھ پري ڪيو هو. 
“ساجي؛ ڳالھ پرفيوم جي ناهي. اصل۾ توکي وسارڻ ايترو سولو ڪونهي.“
“ڪوشش ڪر مون کي وسارڻ جي،  پنهنجي درد جي حصي مان مون کي ڪڍي ڇڏ. اياز وجود هلڪو ٿي وينديءَ.“
“ ساجي تنهنجو يادون، تنهنجو درد - منهنجي گهر جي پڌر ۾ ويٺل پکي تہ ناهن، جو اڏاري ڇڏيان. تون تہ منهنجي روح جو رنگ آھين. ها روح اُڏامي وڃي، تہ تون بہ وسري ويندئين“ اياز ڳالهائيندي خاموش ٿي ويو هو.ڳلو خشڪ ٿي ويو هئس.  ڄڻ خاموشيءَ جي درد ۾ پورجي ويو هجي. ساجده خاموشيءَ ۾ ڳالهايو. ڄڻ هن کي درد مان ڪڍڻ چاهيو هو.
“ تنهنجي فيملي ڪئين آھي اياز؟“ 
” فيملي ٺيڪ آھي. “ هن بہ ڳالھ کي مذاق ۾ تبديل ڪري سڄو ماحول بدلايو هو “باقي مان تہ تنهنجي سامهون ئي بيٺو آھيان. هاڻ تون  پاڻ ئي اندازو لڳاءَ ” اياز مرڪندي چيو. 
“مون کي تہ تون ڏاڍو خوش پيو لڳين. “ ساجده بہ مرڪي  پئي هئي. 
 “صحيح ٿي چوين، مُوٽي مينهن “
“ اڃا تہ، منهنجي ننڍ پڻ جي چيڙائڻ واري چيڙ “موٽي مينهن“ توکي اڃان ياد آھي.“
اياز هن جي جملي تي کلي پوي ٿو.۽ پنهنجي منهن ڀڻڪيو.
“ڪائي شيءَ ڪونہ وساري اٿم.  سڀ سنڀالي رکيون اٿم.“
“تون ڪجھ چيو“
“هون، ڪجھ بہ نہ“ اياز عالم مرڪي پيو. 
“هيڏانهن ڏس.  مان ڪيڏي سمارٽ ٿي وئي آھيان “ هُن جينز جي مٿان پاتل پهراڻ جي پاسن کان پڪڙي، چيلھ وٽان  هلڪو هيٺ ڇڪيو. 
“سمارٽ نہ، پر سيڪسي ٿي پئي آھين“ اياز هن جي چهري ۾ چتائي ڏسي، آھستگيءَ مان ٿورو ويجهو ٿي ڪري چيو. 
ساجده ٽهڪ ڏيندي چيو
“ اڇا…پر ڳاله تہ مڙئي ساڳي آھي “ هن اڌ اک ٻوٽيندي چيو
هو ٻئي کلڻ لڳن ٿا. 
  هو “فوڊ ڪوٽ ڪارنر“۾ پريان ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي اچي ويٺا هئا. هو ڪيتري دير کان هڪ ٻئي جي چهري ۾  ڏسندا رهيا هئا، ايازعالم  اٿي ڪري اسٽال تي آڊر ڏئي، ٻيهر ساجده جي سامهون اچي ويٺو هو.
“توکي ياد آھي…“ ساجدہ هن جي چهري ۾ چتائي پنهنجا خوبصورت چپ چوريا هئا، جن تي چهچ ڄمون رنگ جي لب سٽڪ لڳل هئي. 
“ڇا؟“
“جڏھن تون ۽ مان ننڍپڻ ۾ گُڏين سان راند ڪندا هئاسين “
 “ها مون کي چٽي طرح ياد آھي، ۽ مون کي اهيو بہ ياد آھي ، تہ جڏھن تون گڏو ۽ گڏيءَ جي شادي ڪرائيندي هئين. تہ گُڏو ھميشھ سنهڙو سيپڪڙو ۽ ڪمزور کڻندي هئين، ۽ گُڏيءَ صحتمند هوندي هئي“
“ها ائين ئي هوندو هو شايد؛ پرتنهنجي ياداشت تہ ڏاڍي سٺي آھي، توکي تہ هر شيء ياد آھي“ 
“اهو انهي لاءِ تہ“
“تہ“
“تہ مون کي ويسارو ڪونهي“
“تون صحيح پيو چوين، ويسارو وڇوڙي کان وڌيڪ
 اذيت ڏيندڙ هوندو آھي“
“پر تون اهو ڄاڻي واڻي.گڏو ڪمزور ۽ گڏي ٿلهي ڇو کڻندي هئين؟“
“توکي سڀ خبر آھي.تہ مان ائين ڇو ڪندي هئس؟“
“مون کي خبر آھي، تون منهنجي ۽ پنهنجي ڄڻ جوڙي  ملائيندي هئين“ 
“ها مان اهيو ئي سوچي ڪندي هئس پر…“
“پر ڇا؟“
“پرمان، توکي پنهنجو گُڏو نہ بڻائي سگهي هئس، ۽ ائين  اسان جي جوڙي جڙي نہ سگهي هئي“ ساجده خاموش ٿي وئي.
 “ مان ڄاڻا ٿو، تون زمين تي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي، مون کي پاڻ سان ملائڻ جي… پرآسمان وارو توکان وڌيڪ مضبوط هو. ڇو تہ مضبوط رشتا آسمان تي ئي جڙندا آھن“
“ ائين ڪونہ هو. اسان جي رشتي کي آسمان واري ڪونہ ٽوڙيو هو.  پر بابا جي بيروڪريسيءَ واري سوچ  کائي وئي هئي.“ 
“ ها تنهنجي پيءُ نواز خان تنهنجو رشتو ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪيو هو. ۽ انهيءَ ڪاوڙ ۾ بابا جي بدلي بہ ڪوئٽيہ ڪرائي ڇڏي هئي.ائين تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڄڻ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو هو.“  
هو خاموش ٿي ويا هئا. 
ساجده ۽ اياز جو ريلوي ڪالوني ۾ ننڍ پڻ گڏ  گڏ کيڏندي گذريو هو. هو ريلوي ڪالوني جي بنگلوز ۾ رهندا هئا.
 هنن جا گهر بہ هڪ ٻي جي بلڪل آمهون سامهون هئا.  
ساجده جو پيءُ سي پي ايس آفيسر هو. هو ريلوي ۾ ڊي ايس هيو.  ۽ اياز جو پيءُ وري ريلوي ۾ انجنيئر هو.
 هنن جي پاڻ ۾ دوستي ڪونہ هئي، نہ وري فيمليز جو پاڻ ۾ ڪو اچڻ وڃڻ هئو. هو مسلمان تہ هئا. پر هنن جو فرقو الڳ الڳ هو. 
پر ساجده ۽ اياز جو ننڍپڻ ۾ گڏجي کيڏڻ ڪنهن بہ فرقي جو پابند نہ هو. .اها ننڍپڻ جي دوستي جوان ٿيڻ کان پوءِ هاڻ پيار ۾ بدلجي وئي هئي. 
وقت گذرڻ سان گڏ ساجده جي پيءُ ۽ اياز جي پيءُ جون  ڊپارٽمينٽل بدليون بہ ٿينديون رهيون هيون. ڪڏھن لاهور، تہ ڪڏھن ڪوئٽيا، تہ وري ڪڏھن سڪهر. 
اهي بدليون نہ،ڄڻ ننڍا ننڍا وڇوڙا هئا، هنن ٻنهين جي وچ۾.
آخر هڪ وڏو وڇوڙو ٿيو.جڏھن ساجده جي شادي نويد سان ٿي وئي هئي. ۽ اياز عالم اڪيلو رهجي ويو هو.ان وقت اياز جي پيءُ جي نوڪري ڪوئٽيا ۾ ھئي. ۽َ ساجده ڪراچي ۾ ھئي. 
“ساجي، ڇا پئي سوچين؟“ 
“سوچيان پئي آسمان جي رشتي کان سواءِ، پيار جو بہ تہ رشتو آهي. جيڪو پيار آسمان تي نہ پر ڌرتيءَ تي تہ ڪري سگهجي ٿو.“
“ها پر، پيار ۾ مان ڏاڍو بدنصيب رهيوآھيان“
“بدنصيب تہ مان آھيان، جو توسان پيار بہ دل کولي نہ ڪري سگهي هئس“ ساجده اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون
“جيڪي دل کولي پيار ڪندا آھن.اهي يا  گدوءَ ۾  بند هوندا آھن يا مڻ مٽيءَ هيٺيان هليا ويندا آھن. پوء  هئين هرگز ڪونہ ملندا آھن… جئين تون ۽ مان مليا آھيون“
“ ڇا اسان جو ايڏو وڏو ڏوه ٿيل آھي،جو اسان ملي بہ نٿا سگهون؟ “
“ملي سگهون ٿا. پر گڏجي ڀاڪر پائي روئي نٿا سگهون“
“اها ئي تہ وڏي اذيت آھي زندگيءَ ڪاڻ؛ “
“ اذيت… ساجي هن کان، وڏي ڪا اذيت ٿئي سگهي ٿي ڇا؟جو پاڻ کي ٻيهر الڳ ٿيڻو آهي؟“ 
هو ٻئي ڄڻا خاموش ٿي ويا هئا ۽ هڪ ٻئي جي سامهون ڄڻ  بت بڻجي پيا هئا
 اياز پنهنجي واچ تي نظر وڌي، وقت جيڪو هٿ ۾ پاتل گهڙي جي ڪانٽي سان ڊوڙيندي گهڻو گذري چڪو هو.تنهن سڄي ماضيءَ جي ڪهاڻيءَ کي ٻن ڪردارن جي وچ۾ اچي بيهاريو هو.
 هو ٽيبل تان اٿي ڏنل آڊر، هڪ ٽري ۾ کڻي اچي ٽيبل تي رکي، ٻيهر ويهي ٿو.
“ ايڏو وٺي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي“
“ايڏو گهڻو بہ ڪونهي جيڏو تون ڇرڪ ڀريو آهي“
 “ اجايو تڪليف ڪئي اٿئي، فلائيٽ ۾ اندر جيڪو ملندو اهو ڪير کائيندو. “
“ تنهنجي فلائيٽ ۾ اڃان گهڻي دير آھي. توکي اڃان هت ترسڻو پوندو. ٻيو تہ ڀريل  پيٽ، بکي پيٽ کان بهتر هوندوآھي.رهي ڳاله تڪليف جي، تہ تون ڀلا ٻيهر ڪهڙو ملندئين“
“ چيئلنج ٿو ڪرين مون کي؟“ هن چمچو هٿ ۾ جهليندي چيو
“چيئلنج ڪونھي، پر منهنجو مٿو نہ ڦاڙ جان“
“پوء ائين ڇو ٿو چوين ؟“
 “ اهو ان لاء تہ، ملڻ جون مندون ڀاڳ وارن جي حصي ۾ اينديون آھن. مان تہ وڏو بدنصيب آھيان“
 اهيو بدنصيب بدنصيب ڇاهي؟ ساجده ڪروڌ مان چيو.“  منهنجي زندگيءَ جو ڪڙو سچ“
“ پوء ڀلا، هي اڄ ڇاهي جو مليا آھيون؟“ ساجده هن جي اکين ۾ چتائي ڏٺو.
“ اهيو اسان جو ملڻ، تنهنجو نصيب آھي“ ساجده خاموش ٿي وڃي ٿي. هن جي چهري تي درد ڄڻ سج جي پوئين پاڇن جيان لهي اچي ٿو. ايازعالم  هن جي چهري ۾ ڏسي ڳاله کي  مٽائيندي مذاق وري انداز ۾ سامهون  ويٺل هڪ ٿلهي ماڻھو ڏانهن اشارو ڪري ٿو. 
 “هو ڏس پريان ڪرسيءَ تي ڪير ويٺل آھي “
“الائيجي ڪير آھي .مون کي ڪهڙي خبر. تون ئي ٻڌاءَ“
“گهڻي دير کان، هو ڄڻ اسان کي ئي ڏسي رهيو آھي“ اياز مرڪي پيو هو.
“پوءِ تون ڇو پريشان ٿي ويو آھين؟“ ساجده کلندي هن کي چيو هو.  
“پريشان ان لاء ٿي ويو آھيان، تہ ٻڌو اٿم ،تہ تنهنجو مڙس بہ ائين ئي هاٿيءَ جيان  صحت مند آھي.“
“ها. پر تون تہ اڄ بہ ان گُڏي جيان سنهڙو سيپڪڙو ڪمزور آھين “ هوءَ کلندي کلندي خاموش ٿي وئي ھئي.
“ها مان اڄ بہ ان گُڏي جيان آھيان. تڏھن تہ اڪيلو آهيان، انهيءَ گُُڏيءَ بنا… جيڪا ٿلهي گڏي سان هميشه هميشه ڪمزور سيپڪڙي گڏي کي ڇڏي ھلي وئي هئي“ 
“ تون مون کي ڏوراپو پيو ڏين“ 
“نہ پر اهيو سچ آھي“ هو خاموش ٿي ويو هو. 
ساجده هن جي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکيو هو. ۽ هن جي اکين ۾ اکيون اٽڪائيندي چيو هو.
“ توکي خبر ناهي، تہ منهنجي شادي ڪهڙن حالاتن ۾ ۽ ڪئين ٿي هئي“ 
 هو ٻئي ڄڻا خاموشيءَ جي ڄار ۾ ڄڻ ڦاسي پيا هئا.
“اڄ مون کي انهي ڳالھ جي پڪ ٿئي آھي، تہ تون مونکي ڪونہ وساري سگهيو آھين “ ساجده خاموشيءَ جي ڄار کي ڄڻ ٽوڙيو.
“تون وساري سگهي آھين مون کي؟“هن جا چپ چُريا جيڪي سُڪل پنن جيان خشڪ ٿي چڪا هئا
“جيڪڏھن مان چوان ها، تہ پوء“
“ مان يقين ڪندس توتي “
“تون هن دنيا جو ماڻھو ئي ناهين“
“دنيا ؟ مان تہ ماڻھو ئي ناهيان“
 “ڀوڪ آھين“ ساجده هلڪي ڪاوڙ مان لفظ ڪڍيا.
“ها، بصر بہ آھيان “ 
هو هڪ ٻي کي ڏسي کلي پون ٿا
“ٻار گهڻا ٿي؟“ ساجده چپن کي شرارتي اندز ۾ چوريندي پڇيو هو
“گنج آھن .کپني ڇا توکي؟“
هوٻئي کلڻ لڳن ٿا… کلندي کلندي اياز ڳالهايو
 “پنج ٻار آھن.“
“ايڏا ڇو؟“ 
“ توکي اعتراض ڇو؟“
“يار ماڻھو ٿيو، توهان ماڻھن کي ڪو ٻيو ڪم بہ آھي. توهان جهڙن جي ڪري ئي، هيءَ  آبادي وڌي آھي“ ساجده مذاق ڪندي چيو هو ۽ مرڪي پئي ھئي.
“ ڇا ڪيون ساجي، آبادي وڌائڻ ۾  مزو بہ ڏاڍو آ“هن وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو.
“شرم ڪر“ساجده مرڪي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. 
“ ساجي تون تہ مون کي ڄاڻين ٿي، ٻار مون کي ڪيڏا وڻندا آھن“
“ها، مون کي خبر آھي،ٻار تنهنجي وڏي ڪمزوري آھن. “
“چڱو توکي ٻار گهڻا آھن؟“
ساجده خاموش ٿي وئي هئي،اکيون ڀرجي آيون هئس، ڦڪي مرڪ چهري تي آڻيندي ڳاله کي نٽائيندي چيائين:
 “ کوڙ آھن. پر تو جيترا ڪونہ آھن.“
  “مون ڏي ڏس ساجي.“ اياز عالم هن جي چهري ۾ چتائي ڏٺو هو.هن اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون، ۽ خاموش ٿي وئي هئي. 
“ ڇا ڳالھ آھي ساجي؟“ اياز ڄڻ خاموش پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇلايو هو. هن اکيون مٿي کنيون، ڄڻ سُڪَل تلاءُ ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. ساجده جا چپ چُريا “ هڪڙو ئي پٽ آهي اياز . ساجده وڏو ساه کڻي خاموش ٿي وئي هئي. شايد اندر جي درد ۾ سڄو وجود  پورجي ويو هئس. هن ٻيهر ڳالهايو. “نالو عمير اٿس. 12 سالن جي عمر ۾ ئي بلڊ ڪينسر جو مريض آھي. ڪيمو ٿيراپي تي آھي.“ 
اياز عالم هن جا ڳاله ٻڌندي ئي مٽيءَ جي بت جيان ڄڻ درد ۾  ٽٽي پيو هو. هن جو آواز ڳورو ٿي ويو هو ۽ اکين مان ڳوڙها ٽمي پيا هئس. 

ڪجه دير لاء هنن جي وچ ۾ ڄڻ موت جهڙي خاموشي ڇائنجي وئي هئي.
“ ڏاڍو ڏک ٿيوآھي ساجي، تنهنجي ڳالھ ٻڌي ڪري. زندگي ڪيڏي تہ بيدرد آھي.“ اياز ٻاهر جي خاموشيءَ ۽ هن جي اندر جي خاموشيءَ کي ڄڻ ٽوڙيو.
“ها زندگي؛ بيدرد آهي.پر پوء بہ ماڻھو کي هڪ ڊگهو سفر ڪرڻو پوي ٿو، جنهن ۾ خوشيون ڪنهن اسٽاپ وانگر کن پل رڪڻ لاء اچن ٿيون، باقي تہ رڳو روڳ ئي روڳ آھي. “
هو ٻيهر خاموش ٿي وڃن ٿا. 
“ تنهنجي وائيف-هاؤس وائيف آهي،  يا جاب ڪندي آھي“ ڄڻ هن موضوع بدلائي درد مان نڪرڻ چاهيو هو. اياز عالم خاموش ٿي ويو هو.هن کي ساجده خاموش ڏسي ٻيهر سوال ڪيو.
“تون خاموش ٿي وئين اياز ، جواب ڪونہ ڏنئي“
“ شگفتہ انگلش جي ليڪچرار آھي. پر“
“پرڇا؟“
“پر هوءَ ٽن مهينن کان اسپتال جي آء.سي.يو ۾ وينٽي ليٽر تي آهي. “
“اوه نو…پر ائين ڇو؟“ 
“ شگفتا کي برين ٽيومر هو.اسپتال ۾ “آپريشن“ ٿيڻ کانپوءِ  هن کي ھوش ئي ڪونہ آيو هو. هوءَ هن وقت تائين بيهوش  آءِ سي يو. ۾ آھي.“
“ڏاڍي ڏک جي خبر ٻڌايئي اياز، تنهنجو درد تہ ڄڻ بارش بڻجي منهنجي وجود مٿان وسي پيو آھي.“
“ساجي، جنهن جو سڄو وجود درد بڻجي ويو هجي. 
 ان وٽ خوشيءَ جي خبر ڪٿان هوندي. درد جي بارش ئي هوندي“ 
اياز جي فلائيٽ جو ڪراچي ڏانهن اڏام ٿيڻ جي اناؤنسمينٽ ٿئي چڪي هئي مسافر  لائونچ مان اٿي وڃڻ ٽئنيل ڏانهن وڃڻ لڳا هئا. هو هن کان موڪلائي ٿو. هو جدا ٿيڻ نہ چاهيندي بہ ھن کان جدا ٿئي ٿو.  اياز جي اکين مان ڳوڙها ڪري پون ٿا . هو اڳتي وڌي وڃي ٿو. ساجده پوئيان ڄڻ تڙپندي سڏ ڪيو هو. 
“اياز ڪراچي پهچي مون کي فون ضرور ڪجان، مون کي تنهنجي فون جو انتظار رهندو . متان ساجيءَ کي وساري ڇڏين.“
اياز عالم ڪنڌ ورائي هن ڏانهن ڏٺو هو ۽  ڪنڌ لوڏي ها ڪري خاموشيءَ سان اڳتي وڌي ويو هو. 
                        ساجده ٽي وي جي اڳيان ويٺل هئي. 
ٽي وي اسڪرين تي بار بار PIA جي جهاز جي انجڻ فيل ۽ جهاز ڪري تباه ٿيڻ جي بريڪنگ نيوز هلي رهي ھئي. جنهن ۾ 99 مسافرن جي موت جي تصديق، حڪومت ڪري چڪي هئي.
ٽي وي اسڪرين تي چيئنل مسافرن جون تصويرون ڏيکاري رهيو هو.جن تصويرن ۾ اياز عالم جي بہ تصوير هئي.
ساجده جون اکيون ٽمنديون رهيون هيون .هن کي پنهنجا لفظ ذهن سان ٽڪرائجن لڳا هئا.  “اياز ڪراچي پهچي  مون کي فون ضرور ڪجان … مون کي تنهنجي فون جو انتظار رهندو ، متان ساجيءَ کي وساري ڇڏين“. 
هو روئڻ ۾ ٻٽجي وڃي ٿي.




نڪور ڪهاڻي 
“فيس بڪ فرينڊ “
                      ڊاڪٽر اعجاز سمون 

پهريون دفعو توکي پارڪ ٽاور شاپنگ مال ۾ ٽئين فلور جي ڪاريڊور مان ايندي اچانڪ سامهون ڏٺو هو، مان ڄڻ  خواب مان ڇرڪ ڀريو هو.
 اهو پهريون دفعو هو، جو توکي آمهون،سامهون ڏٺو هو. نہ تہ مان  هميشھ، توکي فيس بڪ جي موبائيل اسڪرين تي ئي ڏٺو آھي.
هون تہ هزارن ۾ تنهنجون تصويرون منهنجي موبائيل فون ۾ اپلوڊ ٿيل آھن.جن تصويرن کي مان ڏينهن-رات ڪيترا ئي دفعا، پنهنجي موبائيل فون جي اسڪرين تي بار بار پيو ڏسندو رهندو آھيان. 
 شاپنگ مال ۾ تون پنهنجي سهيليء سان گڏ هئين. تنهنجي هٿ ۾ هڪ نہ پر ٻہ، ٽي شاپنگ بيگ هيون. شايد تون شاپنگ مال مان ڪجھ خريد ڪيو هو.
 تون پنهنجي سهيليءَ سان نہ ڄاڻ ڪنهن ڳالھ تي بحث ڪندي ٿي آئين. تنهنجي دراز قد اڳيان تنهنجي سهيليء جو قد، تنهنجي ڪُلهي کان بہ هيٺ ھو- 
تنهنجي سهيليءَ کي جينز مٿان ڪاري رنگ جو پهراڻ پهريل هو، ۽ توکي شلوار قميص ناسي رنگ جي پرنٽ تي پهريل هئي. تنهنجو ڪڻڪائون رنگ ۽ ويڪرو چهرو،  جنهن تي ڪوبہ ميڪ اپ ٿڦيل ڪونہ هو.۽ شارٽ ڪٽنگ تنهنجا وارجيڪي هلڪا ڪلهن کان مٿي هئا، جنهن ۾ گولڊن رنگ جو شيڊ هو، ۽ تنهنجي چپن تي ڳاڙهي رنگ جي لب اسٽڪ لڳل هئي.
مون کي ائين لڳو، ڄڻ ڪنهن مصور سج جي لهڻ جي منظر کي پنهنجي ڪينواس تي لاٿو هجي. 
 مون سان گڏ- منهنجو دوست سرمد هو. اسان اين اي ڊي  يونيورسٽيءَ مان گڏ سول انجنيئرنگ ڪئي هئي.
 تون منهنجي اڳيان ائين گذري وئي هئين- جئيڻ ھوا جو  ڪو جهوٽو، منهنجي وجود کي ڇُهي گذري ويو هجي. 
مان توسان ڳالهائيڻ چاهيو هو، پر تنهنجا تيز قدم مون سان گڏ، منهنجن لفظن کي بہ ڄڻ لتاڙي ويا هئا. لفظ جيڪي منهنجي اندر ۾ ئي ڄڻ  دٻجي ويا هئا.
 تون اڳتي نڪري وئي هئين. مون بيهي توکي پٺي ورائي ڏٺو هو. تون تڪڙن تڪڙن قدمن سان ٽئين فلور جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي وئي هئين.
تون عام زندگيءَ ۾ مون کي ڏاڍي سادي لڳي هئين. بلڪل ائين ڄڻ ڪنهن گهاٽي نم جي وڻ هيٺيان بيٺل هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ  وانگر.
 پر مان تہ تنهنجون فيس بڪ تي کوڙ ساريون ميڪ اپ ۾ ٿڦيل تصويرون، ۽ اُجاڳيل اکين واريون تصويرون بہ ڏٺيون آھن.جن تصويرن ۾ تنهنجن اکين هيٺان ڪارا دائره بہ چٽا نظر ايندا آھن. 
مان تنهنجون تصويرون ڏٺيون ڇا آھن؟ مان تہ تنهنجي فيس بڪ جي گئلري مان سڀ جو سڀ تصويرون، ائين چونڊي کنيون آھن، جئين ڪو ٻار رانديڪن جي دڪان مان پنهنجي پسند جا رانديڪا چونڊي چونڊي  کڻندو آھي. انهيءَ ڪري، منهنجي موبائيل فون ۾، تنهنجي وال تان کنيل تنهنجي تصويرن جو مون وٽ هڪ وڏو البم پڻ آھي.جنهن کي مان روزانو ٻہ، چار دفعا کولي ڏسندو آھيان.ان وقت ڄڻ  تنهنجون تصويرون مون سان ڳالهائيڻ لڳنديون آھن. تنهنجون ڊگهيون ڊگهيون  ڳالهيون ۽ منهنجون سوچون منهنجي اکين ۾ هڪ خوبصورت خواب اُڻينديون آھن، ۽ مان هَن دنيا مان نڪري، هڪ نئين دنيا اڏي وجهندو آھيان.  پيار جي دنيا- محبت جي دنيا… تنهنجي ۽ منهنجي دنيا. منهنجي ۽ تنهنجي هر جنم جي دنيا.ڇو تہ مان هر جنم ۾ توسان ئي رهڻ گهران ٿو. 
مان تو ڪاڻ اهڙي دنيا اڏڻ گهران ٿو. جنهن ۾ رڳو گلاب جي گلن جا باغ هوندا ۽ وهندڙ آبشار هوندا . جنهن دنيا ۾ ڪوبہ ديوَ يا ڀوت نہ هوندو. جو توکي کڻي هليو وڃي. 
 مان وائلن تي تولاءِ خوبصورت ڌن وڄائيندم، ۽ تون اکيون بند ڪري، پنهنجو مٿو منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏجان. 
تون سوشل ميڊيا جي مشهور شخصيت آھين.ڪيترا ئي تنهنجا فيس بڪ فرينڊ آھن. تنهنجا اسٽيٽس 
فيس بڪ تي سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي هوندا آھن.تنهجي فيس بڪ جا موضوع عورت جي وجود سان لاڳاپيل هوندا آھن “ ڪاري ڪارو“۽ “جنسي ڏاڍ “ هوندا آھن. 
هون بہ سوشل ميڊيا تي تنهنجي مختلف اشوز تي بہ لکيل اسٽيٽس  ڏاڍا جاندار هوندا آھن. جن جي لائيڪنگ ۽ شيئرنگ بہ تمام گهڻي هوندي آھي.  ۽ تنهنجي رکيل اسٽيٽس تي ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾  هزارين ڪميٽس ۽ لائيڪس اچي ويندا آھن. مان بہ تنهنجي اسٽيٽس تي ڪمينٽس ڪندو رهندو آھيان. لائيڪس ڪندو آھيان.  پر مون کي ائين ڇو محسوس ٿيندو آھي، تہ ڄڻ منهنجا ڪمينٽس توکي پاروٿا لڳندا ھجن. ڇو تہ تون ڪڏهن بہ  منهنجي ڪمينٽس جي موٽ ۾، ڪجھ بہ ڪونہ لکندي آهين؟ نہ ئي وري ڪڏھن تون منهنجي ڪمينٽس کي لائيڪ ڪندي آھين . پر ٻين جي ڪمينٽس کي تون رپلاء بہ ڪندي آھين ۽ لائيڪ بہ ڪندي آھين…
 پر مان  اهڙين ڳالهين کي ڪڏھن بہ بحث جو حصو بڻائڻ نہ چاهيو آھي… ڇو تہ تون منهنجي اندر جي رکيل ساز کي  ڇيڙيندي رهي آھين.جنهن مان نڪرندڙ هڪ مڌم ۽ مٺي ڌن مون کي توڏانهن خوابن جي شهر ۾ کڻي ايندي رهي آھي. جنهن شهر جو مان شهزادو ۽ تون  شهزادي بڻجي پوندي آهين. پر حقيقت ۾ ائين آھي ڪو نہ. 
توکي منهنجي پيار جي ڪهڙي خبر، ڇو تہ تون منهنجي محبوبا نہ، پر فيس بڪ فرئينڊ آھين. ڀلا فيس بڪ فرئينڊ محبوبا ڪئين ٿي ٿئي سگهي..  
ها تون تہ هڪ خواب آھين. منهنجي اکين جو خواب؛
مان توکي پنهنجي خُوابنَ جي شهر ۾، پنهنجي خوبصورت دنيا ۾ وٺي اچڻ چاهيان ٿو. پر تون تہ پنهنجي دنيا ۾ گم آھين. جنهن دنيا ۾ منهنجي لاء تون ڪو دروازو ئي ڪونہ رکيو آھي…مان تہ ڀٽڪيل روح جيان تو لاءِ صرف ھڪ اجنبي فيس بڪ فرينڊ آھيان… پر پوء بہ الائيجي ڇو؟ هڪ شور آهي منهنجي اندر ۾. جنهن کي ڪا ماٺ ئي ڪانہ ٿي اچي؟ 
تون ئي کڻي ٻڌاء، اهو ڇا آھي.اها ڪهڙي ڪيفيت آھي. جيڪا منهنجي وجود سان لاڳاپيل ھوندي بہ منهنجي وس ۾ ناهي … 
مان ڄاڻان ٿو، انهيءَ شور کي هڪ ڊگهي آٿت جي ضرورت آھي- جيڪو آٿت نہ منهنجي وس ۾ آھي. نہ ئي اهو آٿت ڪو پئسي سان خريد ڪري سگهجي ٿو. 
بس انهيءَ شور کي خاموش ڪرڻ لاءِ صرف تنهنجي آٿت جي ضرورت آھي، تنهنجي گرم ڀاڪر جي ضرورت آھي. جنهن شور کان تون بلڪل اڻ ڄاڻ آھين. منهنجي انهيءَ ڪيفيت کان تون بي خبر آھين. ڇو تہ تو لاءِ- هزارن جيان، مان بہ هڪ فيس بڪ فرئينڊ آھيان.  
     توکي ٻيو دفعو- يونيورسٽي ۾ ڏٺو هئس. پورا پنجٽيھ منٽ. اهو بہ مسلسل ٽڪ ٻڌي ڪري. آھي نہ کل جهڙي ڳالھ.
تون منهنجي بلڪل سامهون هئين. سامهون ڇا هئين ؟ تون تہ سامهون ڊائيز تي بيٺل هئين  ۽ سڄو هال توکي ئي ڏسي رهيو هو. 
تون پنهنجي موضوع  تي ڳالهائي رهي هئين. تون ڏاڍي سهڻي لڳي رهي هئين. بار بار تنهنجو مرڪي پوڻ، گهڻن کي ڄڻ ڀُوري وڌو هو. 
مان ڀريل آڊيٽوريم هال جي ٽئين  روءَ ۾ پنهنجي دوست سان ويٺل هئس. جيڪو دوست تنهنجو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ، مون کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو. مون کي هن اهيو ڪونہ ٻڌايو هو، تہ ليڪچر تنهنجو آھي. 
 پوءِ هال ۾ گهڙندي ئي توکي سامهون اسٽيج جي ڊائيز تي بيٺل ڏٺو هئس. تنهنجو تعارف اسٽيج سيڪريٽري ڪرائي رهيو هو. 
سڄي هال ۾ خاموشي هئي، ۽ سڀني جون نظرون تنهنجي چهري تي هيون.تون  هال ۾ ويٺل عورتن ۽ مردن جي دلچسپيءَ ۽ توجھ جو مرڪز هئين.
 تون ڳالهائڻ شروع ڪيو هو. هال ۾ خاموشي ڇائينجي وئي هئي.بس تنهنجو ئي آواز ماحول ۾ گونجيو پئي. 
رکي رکي تنهنجي چيل جملي تي سڄو هال تاڙين جي گونج ۾ ڀرجي ٿي ويو پئي. 
 توکي اڳيان ويٺل پوڙھن پروفيسرن چوه وجهي پي ڏٺو. جن پٺيان مان پنهنجي دوست سان ويٺل هئس.  مون کي ائين ٿي لڳو، ڄڻ اهي پوڙها پروفيسر تنهنجو ليڪچر ٻڌڻ ڪونہ آيا هئا، ڄڻ، تنهنجو درشن ڪرڻ لاء آيا هئا. 
تون آھين بہ تہ اهڙي. ڪافر ٿيندي دير ئي نہ ٿي لڳي ماڻھو کي.
 پر الائيجي ڇو مون کي انهن ايڪسپائير ٿيل پوڙهن پروفيسرن تي ڏاڍا  جڪ ٿي آيا. جيڪي رٽائرمينٽ کان پوء ڌاريا ڏند وجهرائي ۽ وارن کي ڪارو رنگ هڻي، فلمي ايڪٽرن وانگر بالم بڻجي، هر عورت اڳيان بيهي پنهنجا تجربا ٻڌائي پيا ڏند ڪڍندا آھن، ۽ آرسيءَ اڳيان پري ئي ڪونہ پيا ٿيندا آھن. ۽ ڌيئرن جيڏي عمر وارن ڇُوڪرن سان شادي ڪرڻ لاء ، وڏا وڏا ساه کڻي پيا سوچيندا آھن. 
ڪاوڙ تہ مون کي انهيءَ شاعر تي بہ ڏاڍي ٿي آئي، جيڪو يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار هو.جنهن  پنهنجي ڪيمرا سان تنهنجون تصويرون باندرن وانگر ڪلابازيون ڏئي پئي ڪڍيون. 
هال ۾ ويٺل ماڻھو هن جي اهڙي ڦوٽو گرافيءَ ڪرڻ واري انداز تي ڪجھ دير لاءِ تہ پريشان ٿي ويا هئا، ۽ هڪ - ٻي ڏانهن ڏسندي پيا پاڻ ۾ اشارا ڪندا رهيا… هن جي مسلسل اهڙي انداز تي، خاموش هال ۾ جڏھن هلڪي کل جنم ورتو هو، تہ انهيءَ شاعر جي زال پنهنجي مڙس جي اهڙي انداز تي ڪاوڙ ۾ هال مان ئي ٻاهر هلي وئي هئي. 
تنهنجو ليڪچر پورو ٿيو هو. تون عورتن جي آزاديءَ ۽ انهن سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ تي دليلن سان ڳالهايو هو. 
ڇو تہ تنهنجو موضوع  هو ئي عورت جي آزاديءَ تي. 
ان کان پوءَ سوالن ۽ جوابن جو سيشن شروع ٿيو هو. هڪ ڪَٽرُ مُلو اديب پنهنجي ڪرسي تان ٽپ ڏئي اُٿيو هو، ڄڻ تنهنجي ڳالهائيڻ دوران ساه ۾َ مُوجھ هئس.پيٽ ۾ ويلو ٿي پئيس.  سڀ کان پهريان انهيءَ توکان سوال ڪيو هو. 
“توهان عورت جي آزاديءَ جا ڪيترا قائل آھيو“
“توهان پنهنجي عورت کي برقعو پارائيندا آھيو“   
“ها بلڪل پارائيندو آھيان.“
“هن جو برقعو لهرائي- ان کي کليل آسمان هيٺان ساه کڻڻ ڏيو.  مان عورت جي آزاديءَ جي ايتري ئي قائل آھيان“ تنهنجي اهڙي جواب تي مُلو اديب خاموش تہ ٿي ويو هو، پر اندران اُٻهريو پئي. 
هال تاڙين جي گونج ۾ ٻيهر ڀرجي ويو هو.
 ائين توکان  مختلف قسمن جا  سوال ٿيندا رهيا هئا ۽ تون بہ انهن جا ڏاڍا خوبصورت جواب ڏنا ھئا.
 آخر ۾ هڪ پوڙھي پروفيسر توکان سوال ڪيو هو، جيڪو تومان اک ئي ڪونہ ڪڍي رهيو هو. اک تہ مان بہ تومان ڪونہ ڪڍي هئي. هن توکان  سوال ڪيو هو
“مرد کي گهڻيون شاديون ڪرڻ گهرجن؟“ 
پروفيسر جي سوال تي هال ۾ ٽھڪو مچي ويو ھو. تون بہ ڏاڍي کلي هئين.ان کان پوءِ تون ڳالهايو هو …
“توهان جو سوال جيتري قدر موضوع کان ٻاهر آھي …پر توهان ئي ٻڌايو، توهان گهڻيون ٿا ڪرڻ چاهيو…؟“
هال ٻيهر ٽهڪن ۾ ڀرجي ويو هو … هو ڏاڍو لڄاري ٿيو هو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو هو. 
ان کان پوء تون اسٽيج تان لهي هال جي ماڻھن سان ملي جلي وئي هئين. مان ڪوشش ڪئي تہ توسان ڳالھ ٻولھ ڪيان. توسان هڪ ڦوٽو ڪڍرائيان . پر ائين ڪرڻ کان مون کي پنهنجي دوست روڪيو هو. پوءِ توکي ورسٽيءَ جي وي -سي پاڻ سان گڏ وٺي وئي ھئي . شايد  تنهنجي ان سان گڏ رات جي ماني هئي. 
مان ۽ منهنجو دوست ڪارپارڪنگ مان پنهنجي گاڏي ڪڍي پٺاڻ جي هوٽل تي وڃي، دوڌ پتي چانھ پيتي هئي.
 پر سڄي واٽ مان پنهنجي دوست سان تو بابت ئي ڳالهايو هو. پر منهنجو دوست تنهنجي ليڪچر مان متمعين ڪونہ ٿيو هو.
 مان توبابت-  تنهنجي ليڪچر بابت،  هن سان گهڻو ئي بحث ڪيو هو. پر هو ڪابہ ڳالھ مڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونہ هو. پوء هن قميص جي اڳين کيسي مان سگريٽ ڪڍي پنهنجن سرمائي چپن ۾ ڦاسائي، ان کي دکائي وڏو ڪش هنيو هو، ۽ دونهي کي اندر ۾ اوتي ٻآھر ڪڍي چيو هو 
“تون هن جي پيار ۾ ڦاٿل مڇي وانگر تڙپي رهيو آھين. هن  جي هڪ نظر جي گُهور لاء ترسي رهيو آھين، تہ هوءَ هڪ نظر  توکي ڏسي، ۽ توکي اهيو  يقين ٿي وڃي، تہ هن توکي ڏٺو آھي.ائين آھي يا نہ“
“تون بلڪل صحيح پيو چوين. پر ائين بہ ناهي، تہ تون هن جي سڄي ٿاٽ کي،  منهنجي پيار سان ملائي رد ڪرين “
مون هلڪي ڪاوڙ ۾ چيو هو، منهنجو دوست منهنجي لهجي تي ڪجھ دير خاموش رهيو هو،  پوءِ مرڪي چيائين “تون ڏاڍو سيرس پيو لڳين.ڇا ڳالھ آھي؟ هوء توکي ايڏي ٿي وڻين ڇا ؟ “ هو مرڪي پيو هو. 
“ تون پنهنجي ڳالھ ڪر.توکي تہ ڪونہ پئي وڻي نہ“ منهنجي لهجي ۾ ڄڻ تپش هئي
 “ دلجاءَ ڪر. مون کي بلڪل ڪونہ پئي وڻي“
پوء مان پنهنجي دوست کي پنهنجي دل جي ڳالھ ٻڌائي ڇڏي هئي. دل جي ڳاله ڇا هئي؟ توسان محبت هئي.  چاهت جو هڪ  قصو هو. جيڪو قصو منهنجي اندر ۾ پچي راس ٿي چڪو هو.جنهن جي توکي ڪابہ ڄاڻ ڪونہ هئي. 
 دل جو قصو  مون پنهنجي دوست کي ٻڌايو هو. جنهن قصي ۾ تون  شاه جي سُورمين واري سهڻي هئين.  
مان مڃان ٿو  توکي ان جي جَنَ ڪَنَ بہ ڪونہ هئي - پر منهنجي دل ۾ تو ڪاڻ هڪ چاهت هئي. جيڪا چاهت ئي توکي چاهڻ لڳي هئي. توکي پنهنجي هن جنم  جو حصو بڻائڻ لڳي هئي. پر سچ چيو اٿن تہ دل جي ڳالھ دل ۾ ئي سانڍي رکجي تہ بهتر آھي. 
پر اندر جي ڳالھ ڪٿي ٿي لڪي. سو ائين ئي ٿيو. 
چوندا ناهن تہ عشق ۽ خستوري ڪٿي ٿا لڪي سگهن.  سو منهنجي دل جي ڳالھ بہ منهنجي دل ۾ ڪٿي ٿي لڪي سگهي .نيٺ دٻيل دونهي جيان ٻاهر نڪتي- ٻاهر ڇا نڪتي ڄڻ ڪو ايٽم بم ڦاٽو. 
 اهو منهنجو  دوست ڄڻ مڱڻهار بڻجي پيو ۽ دهُل ڳيچيءَ ۾ وجهي …ان قصي کي ائين ڦهلايو، ڄڻ ڪو هو وکر کپائيندو هجي.
نيٺ منهنجي زندگيءَ لاء اها  ڳالھ مٽيءَ جو طوفان بڻجي پئي. جيڪو طوفان جڏھن توتائين پهتو ھو تہ تون مون کي انفرينڊ ڪري بلاڪ ڪري ڇڏيو هو.  
هاڻ سوشل ميڊيا تي مان  تنهنجي ڪابہ پوسٽ ڏسي نہ سگهندو هئس ۽ ائين توبنا منهنجو فيس بڪ هڪ اداس ڇُوڪرَي جي ڄڻ سَليٽَ بڻجي پيو هو. 
.
       ٽيون دفعو- توکي پريس ڪلب جي ٻاهران ڏٺو هئس. تون بک ھڙتال تي ويٺي هئين،  گم ٿيل ماڻھن جي حق ۾.  توسان گڏ ٻيون بہ ڪجھ عورتون ويٺل هيون. جن سان رکي رکي تون ڳالھ ٻولھ ڪئي پئي…
 ميڊيا وارا تنهنجي چؤگرد پتنگن وانگر پئي ڦريا. جن جي هٿن ۾  پنهنجي چيئنلز جي لوگي وارا مائيڪ  هئا. ۽ بريڪنگ نيوز لاءِ بيچين هئا.
 هيءَ شهر جي تاريخ ۾ پهرين بک هڙتال هئي، جنهن ۾ سول سوسائٽيءَ جون تمام  گهڻيون پڙھيل لکيل عورتون گهرن مان نڪتيون هيون-اچانڪ کنڀي کنيل ماڻھن جي حق ۾. جن کي ملڪ جي چينلز ۽اخبارن گهڻو “هائي لائيٽ“ڪيو هو. انهيءَ بک هڙتال تي پهريون دفعو بي- بي- سي بہ هڪ پروگرام ڪيو هو.
هاڻ اها بک هڙتال دنيا جي نظرن اڳيان اچي چڪي هئي. 
 تون پنهنجي سهيليءَ سان ڳالهائي رهي هئين - مان توکي ٽڪ ٻڌي ڏسي رهيو هئس. تون بہ مون کي ڏسين پئي. اهيو منهنجي دل جو وهم هيو. پر ائين هو ڪو نہ. ڇو تہ توکي ناسي رنگ جا سن گلاسز اکين مٿان چڙھيل هئا، جنهن جي ايتري ڊارڪ نيس هئي،  جو تنهنجون اکيون ئي نظر ڪو نہ ٿي آيون . 
تون بار بار پنهنجي  چهري کي ٻي طرف ڪري ٿي ڇڏيو هو. ۽ تنهبجي موبائيل سيل تي ڪال پئي آيون. تون پنهنجي موبائيل سيل تي ڪنهن سان ڳالهائي رهي هئين. 
مان بہ روزانو پنهنجي دوست سان بک هڙتال ڪئمپ تي ايندو هئس.  هي منهنجو دوست صحافي هو. 
جيڪو پنهنجي اخبار لاءِ رپوٽنگ ڪندو هو.۽ مان هن سان گڏ سندس اخبار لاء  موبائيل ۾ ڦوٽا ڪڍندو هئس. 
 اها بک هڙتال ايڪويھ ڏينهن هلي هئي ۽ مان پنهنجي صحافي دوست سان اهي سڀ ڏينهن ايندو رهيو هئس.  صرف تو لاء. 
انهيءَ ڳالھ جي منهنجي دوست کي ڄاڻ ڪانہ هئي، ۽ مان بہ هن کي پنهنجي دل جي ڳالھ ڪونہ ٻڌائڻ چاهي هئي.  نيٺ تنهنجي بک هڙتال ختم ٿي هئي.جڏھن  ڊسٽرڪٽ انتظاميا ۽ تڪ جو حڪومتي وزير پريس ڪلب پهتا هئا. 
۽ کنڀي گم ٿيل ماڻھن جي  آزاديء جو يقين ڏيارو هو، ۽ توکي جوس جو گلاس پيئڻ لاء ڏنو ويو هو.  
تون جوس جو گلاس مان سَپ ڀري هئي. تنهنجون اکيون بہ ڀرجي آيون هيون.تون بک هڙتال ختم ڪئي هئي. تہ پنڊال  تاڙين جي گونج ۾ ڀرجي ويو هو. ۽ پنڊال ۾ رڳو ڪيمرا جي فليش جو آواز هو. 
 توکي پنهنجي سهيليءَ گلن جو هار ڳيچيَء ۾ اچي پارايو هو. تنهنجون ڀريل اکيون ڇلڪي پيو هيون. تنهنجي سهيليءَ توکي ڀاڪر ۾ ڪيو هو. 
ان کان پوءِ تون هڪ جذباتي تقرير ڪئي هئي، تقرير ڇا هئي؟ درد جو هڪ سيلاب هو. آگ جو دريا هو- اندر جي چيخ هئي. تقرير دوران بہ تنهنجي اکين مان ڳوڙها ٽمي پيا هئا، ۽ تنهنجا لفظ اندر ۾ ئي ٽٽي۽ دٻجي ويا هئا، ۽ تون سڏڪن ۾ ٻٽجي وئي هئين. پنڊال ۾ بيٺل عورتن توکي ڀاڪر ۾ اچي ڪيو هو. ۽ زودار نعرا لڳا هئا. 
تنهنجي اندر جو ڪروڌ ڄڻ تنهنجي درد ۾ وڪوڙجي ويو هو.پوءِ تون ڪجھ بہ ڪونہ ڳالهايو هو. تون گهڻي دير تائين ننڍڙن ٻارن وانگر سڏڪندي رهي هئين. مان تنهنجي اهڙي ڪيفيت ڏسي خاموش ٿي ويو هئس. ڄڻ پريس ڪلب جي خاموش ديوار  بڻجي پيو هئس.جنهن تي تنهنجي بک هڙتال جو بينر لڳل هجي. پوء توکي پنهنجون سهيليون گڏ وٺي ويون هيون.
 
         توکي چوٿون دفعو. شيخ اياز  ميلي ۾ ڏٺو هو.  تون ڪتابن جي اسٽال تي بيٺل هئين ۽ مان بہ ڪتاب ڏسي رهيو هئس. تنهنجي هڪ هٿ ۾ شيخ اياز جو ڪتاب هو، جيڪو تون ٻي اسٽال تان خريد ڪيو هو. 
مان تنهنجي ڀرسان اچي بيٺو هئس. هي پهريون دفعو هو جو تنهنجي ايترو قريب اچي بيٺو هئس. مان ڪتاب جاچڻ لڳو هئس- سچ تہ منهنجي دل ايڏي تہ ڌڙڪي رهي هئي جو مون کي ائين لڳو، ڄڻ اجهو ٿي دل ڇاتي ڦاڙي ٻاهر نڪري. 
تون هڪ نظر مون ڏانهن ڏٺو هو - مان مرڪي پيو هئس. ۽ مان تو کي سلام ڪيو هو.  موٽ ۾ تون بہ مرڪي پئي هئين. ۽ سلام جو جواب ۾ هلڪو ڪنڌ کي لوڏيو هو.  
“توهان منهنجي پسنديده شخصيت آھيو. توهان مون سان چانھ پي سگهو ٿيون“
مان اندر مان دٻي دٻي لفظ ڪڍيا هئا. تون ڪجھ گهڙين لاءِ خاموش ٿي وئي هئين. منهنجي اهڙي اچانڪ سوال تي.
مان تنهنجي خاموشيءَ کان ڊڄي ويو هئس. مان ٻيهر ڳالهايو هو.
“ توهان کي منهنجي پاران ڪجھ خراب لڳو آھي، تہ مان ساري ٿو ڪيان“ منهنجي اهڙي معصوم ڪيفيت ڏسندي، تون منهنجي چهري ۾ چتائي ڏٺو هو.  تون هلڪو ٽھڪ ڏنو هو ۽ اکين جي اشاري سان نهہ ڪيو هو. 
 اسان ڪينٽين ڏانهن آيا هئاسين.  اياز ميلي ۾ ماڻھن جي اچ وڄ هئي. گهڻي رش ھئي. گذرندڙ ماڻھو توکي سلام ڪندا گذرندا رهيا هئا. اسان اچي ڪينٽين ۾ ويٺا هئاسين . سڀني ماڻھن جون نظرون ڄڻ اسان جي ٽيبل تي ختم پئي ٿيون. اهو تون بہ ڄاڻين پئي. 
توکي نيري رنگ جي ساڙھي پهريل هئي.نيري ساڙهي ۾ تون مندر جي ديوي پئي لڳين ۽ هر اک تنهنجي پوڄا لاء ڄڻ آتي هئي. 
“توھان ڇا ڪندا آھيو ؟“ تنهنجي اچانڪ  سوال تي مون ڄڻ ڇرڪ ڀريو هو 
“مان“ 
“ ها توهان“
“مان سول انجنيئرنگ۾ گريجيويٽ آھيان“
“ اڇا توهان جو ادب سان ڪو واسطو ؟ منهنجو مطلب آھي شاعر آھيو. ڪهاڻيڪار آھيو.  يا….“ 
“ نہ رڳو هڪ پڙهڻ جي حد تائين “
“اڇا پڙھڻ جي حد تائين...گڊ… مون سمجهو تہ توهان شاعر آھيو. ان لاءِ جو توهان اسٽال تان شاعريءَ جا ڪتاب  پي  ورتا“
“پڙهڻ جو شروع کان شوق آھي- بس ايترو ئي آھي“
“اڇا - ٻيا ڪهڙا شوق آھن توهان جا؟“ تون کلندي پڇيو هو. 
“ٻيو تہ ڪو شوق ناهي“ مون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون هيون …تون ڳالھ مان ڳالھ ائين ٿي ڪڍي ڄڻ تنهنجا لفظ نہ هئا ڪا ڪوڙڪي هئي.
“ڇوڪرن سان دوستي رکڻ جو شوق، جئين هر ڇوڪري جي ميڄالي ۾ تڏو هوندو آھي.تہ کوڙ ساريون“گرل فرينڊ“ هجن“
“ ها پر،  مان اهڙو ڇوڪرو هرگز ناهيان“ مان ڄڻ پنهنجي صفائي پيش ڪئي هئي تنهنجي اڳيان …
“اڇا گهڻا سال ٿيا اٿئي پاس ڪندي“
“ست سال. “
“نوڪري اٿئي.“
“نہ نوڪري ڪونهي.“
“نوڪري ڪونهي ؛ ست سال تہ وڏو عرصو آھي. پوء ڪا نوڪري ڇو نہ پيو ڪرين؟ “
“پرائيوٽ جاب هيو چار سال. پر ڪمپني پراجيڪٽ پورو ڪري هلي وئي، تہ نوڪري بہ هلي وئي .“
“هاڻي ڇا ارادو آھي تنهنجو ؟“
   “دبئي جاب لاء اپلاء ڪيوآھي.اهو ٿي ويو تہ هليو
 ويندس.  “
تون ڪجھ دير خاموش ٿي وئي هئين. مان بہ خاموش رهيو هئس ۽ تنهنجي اڳيان رکيل ٽيبل تي تنهنجي ورتل ڪتابن جا مان ٽائيٽل اندر ئي اندر ۾ پڙھڻ لڳو هئس. تہ تون خاموشيء کي ٽوڙيو هو…
“تون هن ئي شهر ۾ رهندو آھين؟“
“ها هاڻ تہ هن ئي شهر ۾رهندو آھيان “
“مطلب؛“
مطلب تہ پهريان اسان ميرپور ۾ رهندا هئاسين، بابا جي فوت ٿيڻ کانپوءِ، اسان هن شهر ڏانهن هليا آياسين.“
“ڇا ٿيو هو تنهنجي پيءُ کي؟“
مان انهن ڏينهن ۾ هاسٽل هئس. امان ٻڌائيو هو تہ بابا  آفيس کان ان ڏينهن دير سان موٽيو هو. ماني بہ ڪونہ کاڌي هيائين- هو خاموشيءَ سان وڃي ڪمري ۾ ستو هو. اهو جنوري جو مهينو هو. صبح جو بستر تي بابا  هڪ سرد جسم  بڻيو پيو هو“ 
تون منهنجي ڳالھ ٻڌي ڪجھ دير لاء خاموش ٿي وئي هئين. انهي دوران تنهنجي موبائيل فون جي بيل وڳي هئي.  فون ڪنهن جو هو. مان نہ ٿو ڄاڻان، تون فون تي ڳالهايو ڪونہ هو. رڳو  “هون …هون …“ ڪري جواب ڏنو هو. 
تون فون بند ڪري مون کي تيز نگاھ سان ڏٺو هو…تنهنجي ڇهري جون ريکائون بدلجنديون ويون هيون ۽ مون کان تون سوال ڪيو هو.
“تون مون کي سڃاڻين ؟ تہ مان ڪير آھيان؛“
“جي بلڪل، مان توهان کي سڃاڻان. پر توهان کي ڪير نہ سڃاڻي. توهان تہ سول سوسائٽيءَ“جون اهم شخصيت آھيو ، تمام سٺا ڪهاڻيڪار.ناولسٽ، ڪالميسٽ، ڪمپيئر ۽ سوشلسٽ آھيو.“
“بس بس گهڻو ٿي ويو. اصل ۾ مان تہ توکي معصوم ٿي سمجهيو… پر تون تہ ڏاڍو تيز آھين؛ “
“تيز …پر ڪئين.“
مون بابت تو وٽ ايڏي معلومات“
“ مان پڙهيو آھي توهان کي، اهو بہ دل سان.“
“اڇا اهيو دل سان ڪئين پڙھبو آھي.“ تون ٿورو طنزيا مسڪرايو هو.
 مان خاموش ٿي ويو هئس. مون کي خاموش ڏسي تون ٻيهر ڳالهايو هو
“ مون توهان کان ڪجھ پڇيو ؟“
“ ها جئين ڪنهن پسند جي ليکڪ کي دلچسپيءَ سان پڙھبو آھي“ منهنجي جواب تي تون خاموش ٿي وئي هئين. 
 “توهان سان منهنجي پهريان بہ ڪٿي ملاقات آھي“
“نہ پهريان ڪٿي بہ ناهي.هيءَ پهرين ملاقات آھي “ مان ٿورو هٻڪيو هئس. 
“مطلب تہ پاڻ اڳ ڪڏھن بہ، ڪٿي بہ ڪونہ مليا آھيون“ تون ٻيهر منهنجي چهري ۾ چتائي ڏٺو هو.
“ بلڪل ڪڏھن بہ ڪونہ مليا آھيون“ مان ڪوڙ ڏاڍي معصوميت سان چهري تي آڻي ڳالهائي ويو هئس…
 هي پهريو دفعو هو جو تون منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي ايڏو ويجهائپ مان چتائي ڏٺو هو. 
مان اکيون ڪبوتر وانگر بند ڪرڻ گهريون هيون. پر چهرو ٻي طرف ڪري چڏيو هو. ڪينٽين واري ڇوڪري چانه جا ٻہ ڪپ اچي رکيا هئا. تون ڪپ کڻي سپ ڀري هئي - مان بہ ڪپ کڻي سپ ڀري هئي. چانھ گرم هئي ۽ سَپَ ڀرڻ سان منهنجو مٿيون چپ سڙيو ھو…مون جلدي ڪپ هٽائي ڇڏيو هو. جيڪو تون بہ محسوس ڪيو هو.
“توهان ٻيا ڪهڙا ڪهڙا اديب پڙھيا آھن“ تون خاموشيءَ ۾ اچانڪ پڇيو هو 
“هون تہ کوڙ پڙھيا آھن. پر موپاسا،امرتا پريتم. منٽو، چيخوف، امر جليل۽ ڪرشن چندر مونکي ڏاڍا پسند آھن“
“تون انهن کي واقعي پڙھيو بہ آھي يا  نالا کڻي مون تي رعب پيو وجهين“ تون مرڪي پئي هئين
“ نہ اهيا ڳالھ ناهي، مون بلڪل انهن کي پڙهيو آھي. پر…“
“پر ڇا؟؛“
“پر مون کي، تون ڏاڍي وڻندي آھين“
اهيو پهريون دفعو هو، جو مان تنهنجن اکين جي رستي تنهنجي دل ۾ لهي ويو هئس، ۽ پنهنجي دل جي ڳاله ڪري ويٺو هئس. 
تون منهنجو“ توهان“ مان “تون“ ٻڌندي- ڄڻ ڇرڪ ڀريو هو. تنهنجي هٿ ۾ چانه جو ڪپ ڄڻ رڪجي ويو هو.۽ تنهنجي چهري جون ريکائون اچانڪ بدلجي ويون هيون، چهرو تنهنجو ڄڻ تپي ٽامي جيان ٿي پيو هو… تون هيڏانهن هوڏانهن ڏسي منهنجن اکين ۾ ائين گهوريو هو جئين ڪو بکايل شينهن سامهون شڪار کي ڏسندو هجي. تنهنجي اکين جو تاءُ ڏسي منهنجو ساه مٺ ۾ اچي ويو هو.
“توکي مان وڻندي آھيان يا منهنجون لکڻيون “ 
تنهنجي لهجي ۾ ڪجھ ڪاوڙ جي تيزي اچي وئي هئي. اهي تنهنجا لفظ نہ هئا ڄڻ اچانڪ تون منهنجي مٿان تيزاب جي بوتل هاري هئي.مان پاڻ کي سنڀالي نہ سگهيو هئس. بس خاموش ئي رهيو هئس. 
تون اتان اٿي هلي وئي هئين، اهيو چئي ڪري “تون منهنجو اهو ئي فيس بڪ وارو فرينڊ آھين نہ. جنهن کي مان انفرينڊ ڪري بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي …“



نڪور ڪهاڻي 
“انتخابي نشان“
                         ڊاڪٽر اعجاز سمون 

                  هو شهر جي پوش علائقي ۾ پنهنجي هڪ وڏي ۽ شاندار بنگلي جي ڊرائينگ روم ۾ ويٺل هو .بنگلو جيڪو هن کي انيتا بيگ جي ميلاپ کانپوءِ، ڄڻ حصي ۾ مليو هو، انيتا بيگ سندس زال آهي. 
 انيتا بيگ جو پيءُ شهر جو وڏو بزنس مين هو . ۽ سندس نانءُ  شهر جي وڏن وڏن بزنس مين ۾ ڳڻيو ۽ سڃاپو ويندو هو. پر سندس پيءُ سعيد بيگ جي موت کانپوءِ سڄي بزنس کي سندس ڌي انيتابيگ ئي سنڀاليو هو، جيڪا سندس اڪيلي وارث هئي.
 انيتا بيگ پيءُ جي ڇڏيل ڪاروبار کي ڪجھ  ئي سالن ۾  سنڀالي ورتو هئو، هاڻ انيتا بيگ جي بہ سڃاڻپ ۽  ڳڻپ شهر جي چند وڏن آڙيڪاپ بزنس مين ۾  ٿيڻ لڳي هئي. 
 انيتا بيگ آفيس جي ڊيڪورم ۾  ڏاڍي سخت ھئي، هن جي  ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هر ملازم جو ڄڻ ساهه مٺ ۾ هوندو هو. مجال آهي ڪنهن کي، جو هن سان اک ۾ اک ملائي ڪو ڳالهائي سگهي، يا هن جي فيصلي اڳيان ڪو انڪار ڪري سگهي. هوءَ پنهنجي ڳالھ مڃرائيڻ کي ئي وڌيڪ  اوليت ڏيندي هئي، ڪوبہ هن جي فيصلي اڳيان، پنهنجا چپ چوري نہ سگهندو هو. ڄڻ هوءَ هر ماڻهوءَ لاءِ عزرائيل جو ٻيو روپ هئي . 
پر ٿوري ئي عرصي ۾ ، جڏهن کان جميل ڪمپني جوائن ڪئي هئي، تڏھن کان هيڊ آفيس جي ماحول ۾ ڄڻ اچانڪ  تبديلي اچي وئي هئي.
 پگهارون ۽ بونس وقت سان ملڻ لڳا هئا. آفيس جو ڪم بہ گهڻو تيز ٿي ويو هو.۽ ڪمپنيءَ جو گراف بہ مٿي چڙهڻ لڳو هو. 
 انيتا بيگ هاڻ جينز جي جاءَ تي آفيس ۾  ساڙهي پائي اچڻ لڳي هئي. هن جي طبيعت مان ڪاوڙ ۽ غصو بہ ڄڻ اڏامي ويو هو. ٻرندڙ بٺيءَ ۾ پيل لوه جهڙي طبيعت ۾ ماٺاڻ اچي وئي هئي. هن جي اندر جي موسم سان گڏ، هاڻ ٻاهر جي موسم ۾ بہ تبديل اچي وئي هئي.
 جميل ۽ انيتا بيگ جي پيار جي ڪهاڻي- سڄي آفيس جي ملازمن جي توجھ جو مرڪز بڻجي پئي هئي. پر انيتا بيگ جي خاموش چهري تي ھاڻ هر وقت مرڪ ۽ پيار جا سڀ رنگ چٽا ٿي پيا هئا. 
مُٺَ ۾ ساھ واري ڀؤ ۾ ورتل ملازم هاڻ آزاد پکين جيان پاڻ کي محسوس ڪري رهيا هئا. ۽ سڄي ماحول ۾ ڄڻ  چيڪي مٽيءَ جي خوشبو اُڀري پئي هئي، 
آفيس جي ڀتين کي جيڪي ڪن ۽ زبان ھوندي هئي،جميل جي اچڻ کانپوءِ  اهي ڪن هاڻ بند ۽ زبان ڄڻ ڪٽجي وئي هئي.  ۽ اسٽاف سان چنبڙيل جيڪو ڊپ ھو،  اهو هاڻ هميشھ هميشھ ختم ٿي چڪو هو. ۽ آفيس ۾ ھڪ پنهنجائپ جهڙي ماحول جنم ورتو هو. 
جميل ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي چهرن تان ڊپ کي هٽائي، اعتماد جا رنگ ڀري ڇڏيا هئا.
 جميل جي هُن سان ملاقات- “سن رائيز ڪلب“ ۾ ٿي هئي. هو ڊي. بي ڪمپني ۾ آڪاؤنٽنٽ هو. 
هن سڄي ملڪ مان چارٽر آف اڪاؤنٽنٽ ۾  ٽاپ ڪيو هو.  ۽ پنهنجي ايڪيڊيمڪ ڪيئرير ۾ “گولڊ ميڊليسٽ“ پڻ هو. 
هو ڏسڻ ۾ تہ ماڻھو هو، پر ڪم ۽ قابليت ۾ ڪمپيوٽر کان بہ اڳڀرو هو. هن جي  قابليت پرائيوٽ ڪمپنيز جي لاءِ چمڪندڙ سُون جيان هئي.
 جميل سنوڪر جو تمام سٺو رانديگر هو. يونيورسٽي ۾  پڙهندڙ دوران هو چئيمپين رهيو هو، ۽ سنوڪر راند  وري هن جي ڄڻ ڪمزوري هئي، ائين روز، روز جون ملاقاتون ۽ پاڻ ۾ سنوڪر گڏجي کيڏڻ واري ماحول- هنن ٻنهي جي وچ  واري وٿيءَ کي ويجهو ڪري ڇڏيو هو. 
سنوڪر راند سان گڏ هاڻ جميل به ڄڻ انيتا بيگ جي ڪمزوري بڻجي پيو هو. جميل جو خوبصورت چهرو جنهن تي هلڪي سونهري رنگ جي ڏاڙهي ۽ گول وڏيون نيريون اکيون ۽ شرميلي مُرڪ انيتا بيگ  کي اصل اندران ئي اندران ڄڻ ڀوري وڌو هو. 
انيتابيگ تہ هن ڪاڻ پهرين نظر ۾ ئي، پنهنجي دل جو دروازو کولي ڇڏيو هو. ڇو تہ ھن کي پنهنجي زندگيءَ لاءَ ۽ پنهنجي ڪمپنيءَ لاءِ جميل جهڙي قابل ماڻھو جو گڏ هجڻ ضروري هو. انهي ڪري هن پنهنجي وجود مٿان پهريل ڪپڙن جو مالڪ ، جميل جي ها ڪرڻ کان اڳ ئي بڻائي ڇڏيو هو. 
 جميل بہ انيتا بيگ جي لاءِ پنهنجي دل جي دروازيءَ جا ٻئي تاڪ کولڻ ۾ دير ئي ڪانہ ڪئي هئي.  ڇو جو انيتابيگ جي اکين جي رنگ  کي تہ هو پهرين ڏينهن کان ئي ڄاڻي ويو هو. پر هو انيتا بيگ جي خاموشيءَ جي نهہ کان ڊنل هو. 
سو انهيءَ ڪري هن ڪم سان ڪم رکڻ کي ئي فلحال بهتر سمجهيو هو، ڇو تہ هو ڄاڻي ويو هو،  تہ تير نشاني تي لڳي چڪو آهي... بس هو انيتا بيگ جي انتظار ۾ هو، تہ ڪڏهن ٿا هن جا چپ چُرن ۽ ڪڏھن  هُنَ جي دل جا دروازه هُن ڪاڻ ٿا کلن. 
نيٺ ائين ئي ٿيو. انيتابيگ  جا چپ چُريا.... ڄڻ خاموشيءَ ۾ ڪي ساز ڇڙيا... 
سخت لهجي ۾ ماٺاڻ ۽ محبت جنم ورتو ..  عزرائيل جهڙن اکين ۾ حور جهڙي چمڪ چنڊ وانگر چمڪڻ لڳي هئي. 
هوءَ جميل جي محبت جي پڃري ۾ ڪنهن  پکيءَ جيان اچي ڦاسي پئي هئي. 
هاڻ هن جي پيار جو آڪاش صرف ۽ صرف جميل جو وجود هو.جنهن آڪاش تي صرف هن جي وجود جي ئي چانڊوڪي ڇائينل هئي. 
 ائين سانوري رنگ واري انيتابيگ هن جي وجود جو حصو بڻجي وئي هئي..... ۽ زندگي، زندگيءَ تي ويڙهجي وئي هئي.......

     هو شهر جي هڪ وڏي ۽ شاندار بنگلي جي ڊرائينگ روم ۾ ويٺل هو... جيڪو بنگلو هن کي انيتا بيگ جي ميلاپ کان پوءِ ڄڻ حصي ۾ آيو هو. هن اڳيان انگلش وسڪيءَ جي بوتل رکيل هئي، جنهن مان هو ٽي پيگ پي چڪو هو.
 هو چوٿون پيگ ٺاهي ٿو ۽ ”آئيس باڪس“ مان برف جو ٽڪڙو ڪڍي گلاس ۾ وجهي ٿو. 
هو گلاس کڻي ان مان سپ وٺي گلاس ٽيبل تي رکي،  سوچڻ لڳي ٿو....
هو پنهنجو پاڻ سان ئي ڳالهائڻ لڳي ٿو .
“ڇا ته وقت هو، جڏهن منسٽر هئس. هن ئي بنگلي جي گيٽ ڪراس ڪري، هن ئي ڊرائينگ روم تائين سلوٽ مٿان سلوٽ ھوندا هئا. هن شهر جا شينهن سڏائيندڙ بہ پيرن ۾ ويٺا هوندا هئا.  پنهنجي بيڊ تائين پهچڻ بہ ڄڻ هڪ وڏو مسئلو هوندو هو.  
شهر جي وڏن وڏن ڊنگ بزنس مين ۽ گاديءَ وارن پيرن کي بہ ملڻ لاءَ  ڪيترن ڏينهن کان فون تي منٿون ڪرڻيو پونديون هيون... 
هِن  وسڪيءَ جي بوتل جي چؤگرد منسٽرن کان وٺي، ڪرنل ۽ برگيڊيئر  رينڪ  جي وي آءِ پيز جا ميلا هوندا هئا،  ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي تہ  گاه ئي ڪونہ وجهندو هئس. جيڪي برساتي ڏيڏرن واري اسيمبليءَ ۾ ٽان ٽان ڪندا هئا. ها پر هڪ اڌ يار کي اچڻ لاءِ انڪارڪري ڪونہ سگهندو هئس. 
وڏيون، وڏيون ڳالهيون..... وڏا وڏا بحث هوندا هئا- هنن  هٿن تي چميون،  پيرن تي چميون... ڄڻ ماڻهو نه هجن. پر ڪي پالتو جانور هجن .....
يار ماڻھو جي ڪا قيمت ئي ناهي.“ هو خاموش ٿي ٻيهر ڳالهائڻ لڳي ٿو. 
“ اڄ مان اڪيلو آھيان ...نه ڪو ساٿي آھي... نه ڪو سنگتي آھي، نہ ڪو يار آھي! ڄڻ سڀ اقتدار جا دوست هئا. اقتدار جي نشي ٽٽڻ کانپوءِ،  سڀ جو سڀ موسمي پکين وانگر اُڏامي ويا..... 
هيڏو وڏو شهر...... هيڏو آدم.... پوءِ به هيءَ اڪيلائپ......! واه ڙي زندگي تنهنجا رنگ …“
 هو مُرڪي پئي ٿو......۽ گلاس کڻي سپ وٺي ٿو.  
“ائين ڇو آهي...؟ ماڻهو موسم جيان ڇو بدلجيو وڃي... ڇا چهرن مٿان ماسڪ چاڙهي گهمڻ ئي زندگي آهي....؟ 
ها ائين ئي زندگي آھي.
اڄ ڪير بہ منهنجو فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ؟.  ڄڻ مان بہ پنهنجي سيل نمبر جيان سڀني ڪاڻ “ان نون نمبر“ٿي ويو هجان  “
 هو گلاس مان وري سپ وٺي ٿو. ۽  گلاس ٽيبل تي رکي سگريٽ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجن چپن ۾ ڦاسائي ٿو. 
هن جي هٿن ۾ ڏڪڻي جنم ورتو هو. هو لائيٽر سان سگريٽ  دُکائي ڪش هڻي دونهي کي ٻاهر ڪڍي ٿو.
 هو ٻيهر ڳالهائڻ  لڳي ٿو.....
 ”اڄ جي سياست ”علي بابا چاليس چورن“ واري سياست آهي...  هڪ وڏو ڌنڌو آهي، ڪاروبار آهي- دوکو ڏيڻ آھي. 
ڪوڙ ڳالهائڻ آھي. قبضا مافيا بڻجي پنهنجي شهرن کي ئي وڳوانءَ وانگر ڳڙڪائڻو آھي. 
ملڪ کي ڪمزور ڪرڻو  آھي-  ملڪ جيڪو  ڄڻ سون جي کاڻ آهي. جنهن کي جيتري طاقت، اهو اوترو پنهنجو پنهنجو  حصو کڻي پيو عياشي ڪري. 
سياست ۽ سياستدان هنبملڪ جا  ٻہ سواليا نشان؟
سياستدان تہ هڪ گند جي ڍير تي ڪيل الٽي بڻجي پيو آھي. جنهن ڄڻ  سياسٿ کي  هڪ  رنڊيءَ جي مرڪ بڻائي ڇڏيو  آھي.  هو پنهنجي ميڄالي ۾َ پلجندڙ سوچ- جيڪا ماڻھن لاءِ بگهڙ جو روپ آھي.“
هو خاموش ٿي وڃي ٿو. هن کي اندر ۾ بيچيني پيدا ٿي ٿئي ٿي. هن جو چهرو ڪاوڙ ۾ ڄڻ پٿريلو بڻجي وڃي ٿو. 
هو هڪ ئي ساهي ۾ گلاس خالي ڪري ميز تي رکي ٻيهر پيگ ٺاهي سَپَ وٺي ڳالهائڻ لڳي ٿو. 
“سڀ جو سڀ وڏا چور آھن.  هر ڪنهن جي اندر ۾ هڪ وڏو چور ويٺل آھي ، هڪ وڏو دلال ويٺل آھي. جيڪو ڌرتيءَ جي ماڻهوءَ جي ووٽ جي مٿان روز پيو مُٽي ٿو. يا وري پيو ”ريپ“ڪري ٿو. 
ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڪري، تہ ڪڏهن سنڌي ماڻھن جي وجود لاءِ ٿيل غلط فيصلي تي خاموش رهي ڪري- ڪڏهن ڌرتيءَ جي وڪامڻ واري ڪاغذ تي صحيح ڪري. 
تہ ڪڏھن ڪراچيءَ جي تعليمي  ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي جهڙن فيصلن تي خاموش رهي ڪري……“   
هو خاموش ٿي وڃي ٿو. ۽ سڄو  وجود ڪروڌ  ۾ ڀرجي وڃي ٿو. هو گلاس مان سپ  ٿو.
“پر مون کان اهيو هرگز ڪونہ ٿيو. ڇو تہ مان نسل پرست پارٽيءَ جي چوڻ تي پنهنجي ڪارڪن جي رت سان ڏيئا ٻاري هنن جا گهر روشن ڪرڻ ڪونہ چاهيا. نہ وري مان هڪ سينگاريل رنڊيءَ جي ٻاهرين دروازي تي  ويٺل ماڻھو واري زندگي گذارڻ ٿي چاهي، جيڪو هر ماڻهوءَ کي مرڪ ڏئي، هن جو ۽ پنهنجو ڌنڌو هلائيندو آهي. 
 اڄ مان جيڪڏهن اڪيلو آهيان تہ مون کي پاڻ تي ڪو پڇتاءُ ناهي.... ڪا ڳڻتي ناهي.مان ڄاڻان ٿو،  ڪرسيءَ ۽ پروٽوڪول ۾ وڏو نشوآھي. مزو  آھي، تہ ان ۾  طاقت بہ آهي. پر اهو بہ ڄاڻا ٿو تہ، اهي سڀ ووٽ جي طاقت اڳيان بزدل آهن..... ڪمزور آهن ۽ اها بزدلي ۽ ڪمزوري ئي ماڻهو کي ”ننڍڙو ماڻھو بڻائي ڇڏي ٿي..... ۽ ماڻهو گٽر جي ڌپ جهڙو وجود کڻي پيو سوسائٽيءَ ۾ ساه کڻي ٿو“ 

 هو خاموش ٿي وڃي ٿو.... ۽ گلاس کڻي هڪ ئي ساهيءَ ۾ ختم ڪري ٿو..... وسڪيءَ جي ڪوڙاڻ هن جي نڙيءَ کي ڄڻ چيري  هن جي اندر جي ڪوڙاڻ سان  ملي وئي هئي. جيڪا ڪوڙاڻ هاڻ سڄي وجود ۾ ڄڻ  ڦيهلجي وئي هئس. هو پنهنجي مُنهن ڀڻڪي ٿو.
” اڪيلو وسڪي پيئڻ بہ ڄڻ پاڻ سان ”ريپ“ ڪرڻ برابر آهي… يا ڌوڙ پائڻي آھي” . هو پنهنجي جملي تي، پاڻ ئي کلڻ ۾ ٻٽجي وڃي ٿو.  
 هن جي کلڻ جي آواز تي اندر ڪمري ۾، ڊريسنگ ٽيبل اڳيان بيٺل سندس زال انيتا بيگ هن کي ڪنڌ ورائي ڏسي ٿي. جيڪا گهڻي دير کان آئيني جي اڳيان ئي بيٺل هئي،  ۽ پنهنجي سانوري چهري کي ميڪ اپ سان ٺاهي رهي هئي . هن مڙس تان نظر هٽائي، ٻيهر آئيني ۾ اکيون اٽڪائي ڇڏيون . 
هو هڪ نظر زال کي ڏسي ٿو. جيڪا ڊريسنگ ٽيبل اڳيان  بيٺل هئي . هو وري وسڪي جي بوتل ڏانهن ڏسي ٿو. 
هو پنهنجي منهن مرڪي پئي ٿو.
هن کي ڄڻ  سندس زال انيتا بيگ ۽ وسڪيءَ جي بوتل- ٻئي فريم ۾ مڙهيل ديوار تي لڳل تصوير وانگر لڳن ٿيون ..
هو اٿي ڪمري ڏانهن اچي زال کي ڏسي ٿو .
 انيتا بيگ هن کي ڳاڙهي ساڙهيءَ ۾ ٽڙيل گلاب وانگر لڳي هئي.... انيتابيگ پنهنجن ڊگهن وارن ۾ هيئر اسپري هڻي وري وارن ۾ موتيا گل سجائي رهي هئي. 
هو زال کي ٽڪ ٻڌي  ڏسي رهيو هو،
 هن کي انيتا بيگ اڄ ”فيشن شو“ ۾ ”ريمپ “ تي واڪ ڪرڻ واري ڄڻ ”ماڊل گرل“ لڳي رهي هئي.... هو اڳتي وڌي پنهنجون ٻانهون هن جي سنهڙي چيلھ ۾ انگور جي ول وانگر  ورائي هن کي پٺيان ڀاڪر ۾ ڪري ٿو.
 هوءَ، هن کان پاڻ کي آجو ڪندي چيو 
“ھي ڇا پيو ڪرين؟ “
 ڇا پيو ڪيان … ؟ پيار پيو ڪيان توسان. زال آھين منهنجي“
“ ها اها تہ آھيان . پر پهريان پنهنجي حالت تہ ڏس.“ 
“ ڇا ٿيو آھي منهنجي حالت کي؟ وڏي ڪا ظالم آھين، پيار بہ نٿي ڪرڻ ڏين“هن لفظ ڄڻ چٻاڙي ڪڍيا ۽ هٿ ۾ جهليل گلاس منهن تي چاڙهي پورو ڪري مرڪي پيو.
“چڱو تون ڊرائينگ روم ۾ هل،  مان تيار ٿي اچان پئي.“

هو ڊرائينگ ۾ اچي بوتل مان پيگ ٺاهي ٿو.  هو سوچڻ لڳي ٿو..... “انيتا کي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ملي ويندي ڇو تہ اهڙيون رومائينٽڪ عورتون مردن جي دلين تي هڪ رات ۾ ئي سڌو ڌڪ هڻنديون آهن. ۽ مردن جي گگ وهي پوندي آھي“ 
 هو انيتا بيگ  تي ٻيهر نظر وجهي ٿو.  جنهن پنهنجي ويڪري ۽ اُڀريل ڇاتيءَ تي پرفيوم جي بوتل جا ڦوهارا ائين ٿي هنيا، ڄڻ اڄ ئي هن کي اها بوتل ختم ڪرڻي هئي.
 هو زال تان نظر هٽائي، پيگ کڻي سپ وٺي ٿو ۽ سگريٽ مان  ڊگهي ڦوڪ  ڀري ٿو..... هو گلاس مان ٻيهر سپ وٺي گلاس رکي ٿو.....
.هو وسڪيءَ جي ڪوڙاڻ کي هوريان هوريان اندر ۾ لهندو محسوس ڪري ٿو. ۽ وري سوچڻ لڳي ٿو...... 
“جڏهن سياست ۾ نہ هئس. تہ زندگي ڪيڏي تہ رنگين ۽ خوبصورت هئي.... ڏينهن ۽ راتين ۾ بہ زندگي ساه کڻندي هئي.  لفظ، لفظ ۾ ماکي جهڙو مٺاڻ هيو، پر هن سياست ۾ اچڻ کانپوءِ، ڄڻ هر شيءِ بي ترتيب ٿي وئي. 
اڻ ڳڻيا مخالف ۽ دشمن پيدا ٿي پيا. سچ ڳالهائڻ واري ڄڀ ڪٽي ڪري الماڙي ۾َ رکي ڇڏي ۽ ان جي جاءِ تي ڪوڙ جي ڄڀ ھڻائي ڇڏي.  
ڪيڏا تہ هئا خوبصورت، اُھي ڏينهن  ۽ راتيون- جيڪي بند ڪمري جي ڄڻ اونده بڻجي ويون هون . پيار۽ محبت جا رشتا هوريان هوريان پروٽوڪول ۾ اوپرا اوپرا ٿيندا ويا“
هو گلاس مان سپ وٺي ٿو. سوچ جو طوفان وري ذهن سان ٽڪرائجيس ٿو. هو ڳالهائڻ لڳي ٿو
 “شراب جي ڪوڙاڻ کان وڌيڪ تہ هنن جي زبانن جي چوٽين ۾ زهر ڀريل آهي، جن جو ڏنگ نانگ کان به زهريلو آهي. انيتا بيگ اڄ انهن جي وچ ۾ وڃي رهي آهي. جيڪي شراب پيئڻ کانپوءِ هر عورت کي استعمال ٿيندڙ  پنهنجي جسم جو صابڻ سمجهندا آهن..اهيو انيتا بيگ سڀ ڪجھ ڄاڻيندي آھي. تہ هو عورت لاءَ ڪيترا زهريلا آھن. انيتا بيگ کي هنن جي ڏنگ کان بچڻو پوندو- “
هن جا هٿ ڪنبڻ لڳن ٿا.... هو ”آئيس باڪس“ مان برف جو ٽڪڙو کڻي گلاس ۾ وجهي  ٿو... ۽ گلاس کڻي انيتا بيگ ڏانهن ڏسي ٿو.... هن کي انيتا بيگ..... پارٽي ٽڪيٽ ورهائڻ واري قائد جي هٿ ۾ جهليل پيگ واري گلاس ۾ برف جو ٽڪرو لڳي ٿي. 
 هو ڇاتيءَ تي مونجھ محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ گلاس ختم ڪري ٽيبل تي رکي ٿو.......
 انيتابيگ جي موبائيل فون جي رنگ وڳي هئي..... هوءَ فون تي پارٽي ٽڪيٽ بابت پارٽي جي قائد سان ڳالهائي ٿي.  هوءَ ڳالهائيندي ڳالهائيندي اچي ڊرائينگ روم ۾ هُن اڳيان بيهي ٿي. هو هڪ نظر زال کي ڏسي ٿو. ۽ مرڪي پئي ٿو ... 
انيتا بيگ سيل فون بند ڪري پنهنجي مڙس جميل ڏانهن ڏٺو، جيڪو هن کي ٽڪ ٻڌي ڏسي، ۽ مرڪي بہ رهيو هو. انيتا بيگ کي هن جي مرڪ ۾ زهر نظر ٿي آيو . انيتا بيگ جي چهري تي اندر جو ڪروڌ اڀري چٽو ٿي بيٺو هو.
”ڇا پيو ڏسين؟“ انيتا بيگ هن کان پڇيو. 
”ڏسان پيو، اڄ منهنجون اکيون دوکو ته ڪونه پيون کائن“ 
”ڇا مطلب… دوکو پيون کائن؟“
“مطلب تہ  اڄ تون هڪ مڪمل عورت سان گڏ ، ڏاڍي خوبصورت ۽ سهڻي بہ پئي لڳين “
”شراب جي نشي ۾ هر مرد عورت بابت ائين ئي سوچيندو آهي“ 
هن پيگ ٺاهڻ لاءِ بوتل کڻڻ لاءِ هٿ وڌايو، تہ هن جي هٿ مان انيتا بوتل کي ڦري ورتو.
”تون گهڻو پي ويو آهين، هاڻي بس به ڪر....“ انيتا بيگ جي چهري تي ڪروڌ جون لڪيرون اُڀري آيون هيون.
 ”نه مون کي اڃان پيئڻو آهي، تون وڃ“ هن گلاس کڻي چپن تي آندو.
”تنهنجي اها حالت ڏسي، مون کي پنهنجي فيصلي تي پڇتاءُ سان گڏ ڪاوڙ به ڏاڍي اچڻ لڳي آھي.“ انيتا بيگ لفظ ڪاوڙ مان ڪڍيا. 
”هون..... ڪاوڙ...پڇتاءُ . اهيو تون پئي چوين ؟“ هن لفظ چٻاڙيندي ڪڍيا.
” ها مان پئي چوان. پنهنجي حالت ڏٺي اٿئي...؟“ 
”ڇا ٿيو آهي مون کي . چڱو ڀلو تہ آھيان؟“ هن جا لفظ وچڙي نڪتا
”زنده لاش بڻجي پيو آهين.. چڱو ڀلو تہ ناهيان “ انيتا بيگ مُنهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو. ڄڻ  هن کي ڏسڻ نہ ٿي چاهيائين. 
”زنده لاش.....!“ هن ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين
 ”پر پوءِ بہ انهن لاشن کان سٺو آهيان.جيڪي چور ۽ ڌاڙيل بڻجي هن ڌرتيءَ جو، هنن ماڻهن جو خون ڄور بڻجي چوسي رهيا آهن، جنهن جي وچ ۾  هاڻ تون وڃي رهي آھين. “
انيتا ڄڻ هن جي لفظن تي ڀڙڪو کاڌو. ڄڻ وجود ۾ ڪنهن چوچيءَ ڏني. 
“انهيءَ تنهنجي وات ئي تہ توکي، اڄ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.جو ايڏي پيئڻ کانپوءِ بہ بيچين آھين ، ۽ اڪيلو ٿي ويو آهين“
”اڪيلو ڪيئن آهيان، هِن دل ۾ تون جو آهين…منهنجي سنڌ امڙ آهي.سنڌي ماڻھن جو پيار آھي “ هو مرڪي پيو. جنهن ۾ ڪيترائي پيار جا رنگ اُڀري ۽ چٽا ٿي پيا هئا. 
“هاڻ تون منهنجي پچر ڇڏ... تون ڄاڻ ۽ تنهنجي سنڌ امڙ. 
 مان جتي آهيان. اتي ٺيڪ آهيان.... اڳ ۾ ئي تنهنجن انهن بيوقوفين مون کي گهڻو نقصان ڏنو آهي. “
”مان بيوقوف آهيان..“ 
”ٻيو ڀلا بيوقوف کي وري ڪي سنڱ ٿيندا آهن ڇا؟ هيڏو پروٽوڪول - هيڏي ڪرسي.... اڳيان پوئيان گاڏيون..... ماڻهن جا هجوم.... ان کان وڌيڪ اسان کي ڇا گهربو هو؟ ڇا تہ پارٽيءَ ۾ اسان جي عزت هئي.؟ ايڏي وڏي اهم  وزارت مليل هئي…ڇا مليو توکي.؟ ٻڌاءِ ڇا مليو توکي.؟  جو وڃي تون  پريس ڪانفرنس ۾ بَڪَ ڪئي.
 اها به پارٽيءَ جي ماڻهن خلاف.“ انيتا بيگ ڄڻ هن کي ڪاوڙ ۾ ڏوراپو ڏنو.
جنهن کي تون بَڪَ .ٿي چوين...... اهو سچ هيو، 
مان ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پيو هئس….منهنجو ساه ٻوساٽجڻ لڳو هو. ٻيو ته مان ماڻهن جي اعتماد جو ٻين جيان ريپ  ڪرڻ نہ ٿي چاهيو. ڪيستائين انهن ڪمينن اڳيان بلئڪ ميل ٿئيان ها…ٻڌاءَ“ 

”پر هاڻي ڇا ٿيو؟ هارايل سپاهيءَ وانگر ويٺو آهين.اٿي ڪو ڏک ۾ ويجهو.“ 
“ڏک ۾ ماءُ کي ياد ڪبو آهي. يا اولاد گڏ هوندي آھي.“ هو خاموش ٿي ويو ۽ درد ڀريل لهجي ۾ ٻيهر ڳالهايو.
“پر اولاد تہ خدا مون کي ڏني ئي ڪونہ. پر سنڌ امڙ تہ مون سان گڏ آهي ”هن جون اکيون ڀرجي آيون. 
”پر تنهنجي انهيءَ حرڪت پارٽيءَ ۾ منهنجي بہ ساک وڃائي ڇڏي آهي.هاڻ پارٽي ته پارٽي...... پر بزنس ڪميونٽي به ناراض پئي لڳي مون کان. 
جنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ مون کي سياست ڪرڻي پوندي. “
”تون اهڙي سياست ڇو پئي ڪرڻ چاهين. جنهن ۾ ماڻهو-  پاڻ کي آئيني ۾ بہ ڏسي نه سگهي.“
”سياست ۾ آئينا نہ پر، ڪرسي ۽ پروٽوڪول ڏسبا آهن بيوقوف“ انيتا بيگ ڪاوڙ ۾ لفظ ڪڍيا.
”تون مون کي بيوقوف چيو......“ هن ڪاوڙ ۾ تيز نظر انيتا جي چهري ۾ وڌي.....انيتا مُنهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو. هن جي هٿن ۽ لفظن ۾ ڏڪڻيءَ جنم ورتو، 
تون.....مون...کي ........بيو..قوف هن لفظ ڄڻ چپاڙي ڪڍيا. ۽ پورو جملو چئي نہ سگهيو.
ها، تون بيوقوف آهين.ڏاهو هجين ها، تہ اهڙو ڪم هرگز ڪونہ ڪرين ها.جو هڪ ئي ڌڪ ۾ سڄو سياسي ڪيريئر پنهنجو تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيئي.“ 
”تون بہ ائين پئي چوين ظالم....... هن پيگ جو گلاس کڻي هڪ ئي ڳيت سان ختم ڪري رکيو ۽ ٻيهر ڳالهايو:
 ”مان سياست ڪندس. پر پنهنجن ماڻھن لاءِ … پنهنجي ڌرتي لاءَ. ڇو تہ سياست هاڻ منهنجي لاءِ زندگي آهي. عبادت آهي…غريب ماڻھو جي ووٽ جي موٽ آهي.ڪمنٽمينٽ آهي، پنهنجي ضمير سان، پنهنجي ماڻهن سان.....“

”جڏهن تون سياسي ماڻهو رهين، پوءِ اهڙيون ڳالهيون ڪجان.. هن وقت تون هڪ ڇٽل ڪارتوس آھين. ۽ ٻيو تہ تون ڪهڙن ماڻهن جي ڳالھ پيو ڪرين...انهن جي، جيڪي مڱڻهارن وانگر جتي ديڳ جو کڙڪو ٻڌندا، اتي پيا دهل کڻي نچندا. اها آھي نہ تنهنجي ڪمٽمينٽ“ هن ڌڪاريل نظرن مان جميل کي ڏسندي ٻيهر ڳالهايو،
 “جنهن ڪميٽمينٽ  توکي  هاڻ ڇڪيل سگريٽ بڻائي اسٽري ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي. پر جميل صاحب مون کي اڃان سفر ڪرڻو آهي.“ 
”ٿڪجي پوندين انيتابيگ انهي سفر ۾. بگهڙن جو ٽولو ٿي. وک وک تي پاڻ کي بچائڻو پونديءَ“
”مان اڃان پنڌ ڪيو ڪٿي آهيَ ايڪس منسٽر صاحب. ٻيو تہ هي شهر وڏو جهنگ آھي. اسان کي انهن بگهڙن سان ئي رهڻو آھي.جتي اسان جي سوسائٽيءَ جو جياپو آھي.“ هوءَ مرڪي پئي ٿي.

” ايڪس منسٽر؛ اهيو تون چيو. لڳي ٿو هن جنم ۾ منهنجي روح کي اڃان ڀٽڪڻو پوندو.“ 
”تنهنجو روح آهي. تون پاڻ ئي ڄاڻ.منهنجو ڇا تنهنجي روح سان، ڪهڙي خبر ڪڏھن بدروح بڻجي پئي منهنجي زندگيءَ لاءِ؟.“

هوءَ صوفي تان اُٿي بيٺي.  هو  هِڪ نظر زال تي وجهي ٿو “تنهنجو ڇا؟؛؛؛؛ “ هو پنهنجي منهن ڀڻڪيو.
انيتا بيگ ٻاهر ويندي، پنهنجي ساڙهي جو پلهو ٺاهيندي مڙس ڏانهن ڏٺو. 
هن کي جميل جو وجود سرڪاري اسپتال ۾ بيڊ تي پيل ان لاوارث مريض جيان لڳي هو، جيڪو هوريان هوريان ”ڪوما“ ۾ ويندو هجي.جنهن کي نه ڪا ”اينٽي بايوٽڪ“ ۽ نہ وري ڪا ”لائيف سيونگ ڊرگ“ بچائي سگهندي آهي.
 انيتا اندر مان زور ڏئي لفظ ڪڍي ٿي..
 “ جميل مان ڪٿي پڙهيو آهي، تہ عورت کي مرد ۾ جسماني ڪشش نظر ايندي آهي. پر هاڻ تہ اها بہ تومان هوريان هوريان اُڏامندي پئي وڃي. ڇو تہ تون هاڻ               “ ارِِيڪٽَائيلَِ ڊِسَ فَنڪَشنَ “جو مريض ٿي ويو آھين.“ 
هوءَ ڊرائينگ روم مان تڪڙن تڪڙن قدمن سان ٻاهر هلي وڃي ٿي..... 
انيتا بيگ جو جملو هن کي ائٽم بم بڻجي وجود مٿان ڪري ٿو..... هو پاڻ کي سنڀاليندي وسڪيءَ جي بوتل کڻي پيگ ٺاهي ٿو.... هن جا هٿ ڪنبڻ لڳن ٿا. هو هاڻ پيگ ٺاهي نٿو سگهي.... ڄڻ اندر مان سگهه ئي اڏامي وئي هئس. 
هو ٻيهر پيگ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بوتل مان وسڪي ڪجهه گلاس ۾ تہ، ڪجھ ٽيبل تي ڪَرڻَ لڳي هئي. هو پيگ کڻي ان ۾ برف وجهي ٿو. پر برف بہ ڳري هاڻ پاڻي بڻجي پئي هئي. 
هو گلاس مان سپ وٺي ٿو. پر وٺي نہ ٿو سگهي. هو، هڪ نظر گهر جي خوبصورت ڊرائينگ روم تي ڦيرائي ٿو... سامهون ديوار تي لڳل سندس کوڙ ساريون تصويرون جيڪي مختلف پروگرامن جون ۽ مختلف فنڪشن ۾ نڪتل هئس. جن ۾ گڏ پارٽيءَ جا ماڻهو بہ بيٺل هئا. جيڪي هاڻ هن کي ائين لڳا پي ، ڄڻ اهي هن تي ڏند ڪڍي کلڻ لڳا ھئا . 
هن جي اندر ۾ ڪروڌ جنم وٺي ٿو. هو وسڪيءَ جو ڀريل گلاس کڻي ديوار تي لڳل تصويرن ڏانهن اڇلائي هڻي ٿو ۽ وڏي رڙ ڪري لفظ ڪڍي ٿو “ يو آر  آل  بگ باسٽر ” 
هوريان هوريان هُن جو وجود ڍرو ٿيندو وڃي ٿو... ڪنهن ٿڪل مسافر وانگر.
رات جي ڪاراڻ هن جي وجود مٿان حاوي ٿيندي وڃي ٿي ۽ هو اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو.
صبح جو هلڪي اڇاڻ- ڪمري جي اونداهه جو پڙدو سيري پري ڪري ڇڏي ٿي، هن جون اکيون مڌ جي پيالن مان نڪري سمنڊ مٿان ٻيڙي وانگر ترڻ لڳن ٿيون....روشني ڦهليل ڪمري ۾،  هو نظر ڦيرائي ٿو..... 
هو ڀرسان بيڊ تي ستل زال انيتا بيگ کي ڏسي ٿو.جيڪا  پٺ ڏنيون پنهنجي اگهاڙي جسم مٿان ملائم سوڙ ڍڪيون گهري ننڊ ۾  ستل ھئي.
 هو بيڊ تان اُٿي سگريٽ پاڪيٽ مان ڪڍي، چپن ۾ ڦاسائي  لائيٽر سان دُکائي ٿو. ۽ ڪش هڻي پاڻ کي ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني ۾ ڏسي ٿو.... آئيني مان سڌي نظر انيتا بيگ جي وجود تي پئي ٿي. هو ڇرڪ ڀري ٿو.ڄڻ اچانڪ ڪنهن نانگ مٿان  پير اچي ويو هئس....
هو  آئيني تان نظر هٽائي، انيتا  جي پٺ کي ڏسي ٿو. هن جي پيرن هيٺان ڪمري جو فرش ڄڻ گول ڦرڻ لڳي ٿو .  پاڻ کي سنڀالييندي هن انيتا بيگ  جي اڀريل سانوري ڇاتيءَ کي ڏٺو .... جنهن تي ڪيترن ئي چَڪنَ جا نشان چٽا هئا. هن جو سڄو وجود ۾َ ڪروڌ ڀرجي و ڃي ٿو، هن کي ائين لڳو، ڄڻ انيتا بيگ جي ڇاتيءَ ۽ پٺ تي چڪن جا داغ نہ هئا، ڄڻ  پارٽيءَ جي “انتخابي نشان“ تي ٽپا هئا.،...
 جيڪي نشان هن کي وزير بڻائيندا. وڏو پروٽوڪول ڏيندا۽ وزير جي ڪرسي تي ويهاريندا.جنهن ڪرسيءَ کي هو  لت هڻي آيو هئو.
 هن جي اڳيان ڄڻ هوريان هوريان اونداهه ڇانئجي وڃي ٿو... ۽ ڪمرو ڄڻ قبر جيان سوڙهو ٿيندو وڃي ٿو.....


نڪور ڪهاڻي 
“اجنبي شخص“ 
                      ڊاڪٽر اعجاز سمون 
 هُو ڪافي هائوس ۾ داخل ٿئي ٿو. ڪافي هائوس شهر جي تمام وڏي شاپنگ مال ۾ هو. هُو جڏھن بہ هن شاپنگ مال ۾ ايندو آھي تہ ڪافي هائوس ۾ وڃي، ڪافي ضرور پيئندو آھي. 
ڪافي هائوس جي وچ ۾ هڪ ٿلهي شيشي جي ديوار آهي.جنهن ديوار ڪافي هاوس کي ٻن پورشن ۾ ورهايو ھو.
هُو هميشه ڪافي هائوس جي، اڳين پورشن  ۾ ئي اچي ويهندو آهي. هُو اڄ به معمول موجب ڪافي هائوس جي اڳين پورشن ۾ ئي اچي ويٺو هو.
 ماحول ۾ خاموشي ڇائنيل هئي . سيلنگ بلب جي ڌيمي ڌيمي نيري روشنيءَ ۾ انگريزي موسيقيءَ سڄي ماحول تي پنهنجي رنگ جي مستي ڦهلائي ڇڏي هئي. 
ڌيمي روشنيءَ ۾ هوريان هوريان هن جي اڳيان سڄو ماحول چٽو ٿي بيٺو هو.
هُو ڀرسان لڳل شيشي جي ديوار جي پريان واري پورشن ۾  نظر وجهي ٿو، جنهن شيشي جي ديوار ڪافي هائوس کي ٻن پورشن ۾ ورهايو هو. 
هو شيشي جي ديوار  پريان رکيل ٽيبل اڳيان رنگبرنگي ڪرسين  تي ويٺل، ٻن جينز پاتل برگر ڇُوڪرين کي ڏسي ٿو . سامهون واري ويٺل ڇوڪريءَ پنهنجي دوست سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ، ٽيبل تي رکيل ڳاڙهي رنگ جي پرس مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍيو. 
هن پاڪيٽ  مان سگريٽ ڪڍي پنهنجن لب اسٽڪ لڳل ڳاڙهن چپن جي وچ ۾ رکي لائيٽر سان دکايو. 
۽ چپن ۾ ڦاسائيل سگريٽ مان ڪش هنيو، هن دونهين کي اندر ۾ اوتي هڪ ئي ساهيءَ ۾ ٻاهر ڪڍيو، هاڻ هن مزي، مزي سان سگريٽ مان ڦوڪون ٿي ڀريون ۽ سامهون ويٺل پنهنجي دوست جي ڳاله غور سان پي ٻڌي.
 هنن اڳيان بيري اچي ڪافيءَ جا ٻہ ڪپ رکيا. ڇوڪريءَ سگريٽ مان ڦوڪ ڀري، ڀرسان ئي رکيل شيشي جي ايش ٽري ۾ سگريٽ کي رکيو.
 هُو ڇوڪريءَ تان  نظر هٽائي پنهنجي سامهون واري ٽيبل ڏانهن ڏسي ٿو. سامهون واري ٽيبل تي هڪ اڪيلي عورت ويٺل هُئي. جنهن جي عمر لڳ ڀڳ پنجهاه سال هئي.
 جيڪا ڪافي هاوس جي خاموشيءَ جو ڄڻ حصو بڻجي وئي هئي، هوءَ پنهنجون اکيون بند ڪري، گهڻي دير کان ائين ئي ڪرسي کي پوئتي ٽيڪ ڏيون  ويٺل هئي، ڄڻ ڪنهن گهري سوچ  جي دائري ۾ وڪوڙيل هئي. يا ڪنهن منجهيل مسئلي مان پاڻ کي آجو ڪرڻ لاء ڪو  معقول حل ڳولي رهي هئي.
 “لڳي ٿو ڪنهن پريشانيءَ ۾ آھي. ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل آھي.“ هو پنهنجي منهن ڀڻڪي ٿو. ۽ خاموش ٿي وڃي ٿو. هو ٻيهر هن کي ڏسي سوچڻ لڳي ٿو. “ اڪيلي عورت، هيڏو وڏو شهر آھي. زندگي جي ڊوڙ - نيٺ ماڻھو کي ٿڪائي ٿي وجهي . ھوءَ بہ شايد ٿڪجي پئي آھي. پر مان ائين ڇو پيو هن بابت سوچيان … مان ڪو فائيو اسٽار هوٽل ۾ ويٺل پاميسٽر آھيان ڇا؟ يا صدر جي فٽ پاٿ تي ويٺل اهو بنگالي نجومي آهيان ڇا؟. جنهن جي اڳيان کوڙ سارا شهر جا بي روزگار نوجوان پنهنجو هٿ ٽنگيون، پنهنجي قسمت ٻڌڻ لاءِ ويٺا هوندا آھن.الائيجي ڇو ؟ مون کي اجنبي  ماڻھن جي، ايڏي اڻ تڻ ڇو هوندي آھي؛ ڏاڍي بُري عادت آھي منهنجي اها“ 
هو پاڻ کان ئي سوال ڪرڻ لڳي ٿو. ۽ خاموش ٿي وڃي ٿو. ويٽر هن جي ٽيبل مٿان اچي بيهي ٿو.
“جي سر“  
هُو ڪافي جو آڊر ڏئي ٿو. ويٽر آڊر وٺي هليو وڃي ٿو.
هو ڪجھ لمحن لاءِ اکيون بند ڪري رئليڪس ٿيڻ گهري ٿو. پر ٻيهر سامهون واري عورت تي نظر پوندي ئي اکيون اوڏانهن ئي ڏسڻ لڳن ٿيون.  هُو سامهون واري عورت کي  ڏسي ٿو. 
جيڪا هاڻ هن کي بہ تيز نظرن سان ڏسي رهي ھُئي. 
هُن کي بہ يقين ٿي وڃي ٿو، تہ هاڻ اها عورت هن کي ئي ڏسي رهي آهي. 
هُو عورت جي چهري تان پنهنجي نظر هٽائي ڇڏي ٿو. ۽ ڀرسان رکيل “سنڊي ايڊيشن “واري اخبار کڻي، ملڪ جي ٽاپ ماڊلز جون تصويرون ڏسڻ لڳي ٿو. ۽ انهن جي زندگيءَ بابت پڙھڻ لڳي ٿو. 
هو اخبار ۾ تصويرون ڏسندي ان مان اک ڪڍي ٻيهر سامهون واري ٽيبل تي ويٺل، انهيءَ عورت کي  ڏسي ٿو. جنهن جو وڻندڙ چهري جي ڪشش جو سبب سندس سُونهري ڊاءِ ٿيل کليل وارَ بہ هئا ، جيڪي سندس ڪُلهن تي پي ڪريا. جن کي هوءَ بار بار هٿ جي آڱرن سان ٺاهي رهي هئي.هُنَ کي انهي عورت جي اهڙي  ادا ڏاڍي وڻي رهي هئي. 
 هن جي سيل فون جي بيل وڄي ٿي. هو فون جي اسڪرين تي“ناهيد بيگم“ نالو پڙهندي ئي ٿورو ڄڻ گهٻرائجي وڃي ٿو، ۽ سامهون واري عورت جي چهري تان پنهنجي نظر هٽائي، فون ڪال اٽينڊ ڪري ڳالهائڻ لڳي ٿو. 
“هيلو“ 
“توهان آهيو ڪٿي سائين ؟ “پريان ڪنهن عورت جو ڳورو آواز هن جي ڪنن سان ٽڪرايو، ڄڻ ڪنهن ڪن پٽي تي بندوق جي نلي رکي پڇيو هجيس.
 “مان، مان تہ ڪافي هائوس ۾ ئي آھيان. “
 “ٺيڪ آھي،  توهان ڪافي هاوس ۾ ئي اسان جو انتظار ڪجو .“
 “ٺيڪ آھي، مان ڪافي هاوس ۾  ئي ھوندس. ”
 فون مان عورت جو آواز گم ٿي وڃي ٿو. هُو فون بند ڪري ٽيبل تي رکي ڇڏي ٿو.۽ وڏو ساه کڻي ٻاهر ڪڍي ٿو،  ڄڻ اندر جي مُونجھ کي ٻاهر ڪڍي اڇلايو.
اچانڪ  هن جي ڪنن سان عورت جو آواز ٽڪرائجي ٿو.
 “ايڪس ڪيوزمي“ 
هن ڪنڌ مٿي کڻي  ڏٺو، چهري تي ڪيترائي رنگ چٽا ٿي پيا هئس. مٿان سونهري ڊاء ٿيل وارن واري عورت بيٺل هئس.هن هڪ تيز نظر ان عورت جي چهري تي وڌي ۽ ڪجھ لمحن لاءَ سڄي وجود ۾ خاموشي ڇائينجي وئي هئس ،  هن پاڻ کي سنڀاليندي ڄڻ خاموشي کي ٽوڙيو ۽ عورت سان  مخاطب ٿيو هو.
 “جيءَ فرمايو؟“ 
“ جيءَ مان هت… توهان سان گڏ ويهي سگهان ٿي”
“ مون سان گڏ…توهان ؛“ هن ٿورو سوچيندي هيڏانهن هوڏانهن ماحول کي ڏٺو.
“جيءَ جيءَ توهان سان گڏ - هن ٽيبل تي“ ھوءَ مرڪي پئي.
هن جي مرڪڻ تي هو بہ مرڪي پيو هو.
“جيءَ، …ويهو“ 
 هوءَ هُن جي سامهون ويهي رهي هئي ۽ هوريان هوريان هن بند اکين جا ڇپر مٿي کڻي، هُنَ جي چهري ۾ ڏٺو هو.
هن اخبار کي ويڙهي ڪري، ٽيبل تي پاسي کان رکي ڇڏيو. 
عورت جون ٻانهون ٽيبل تي رکيل هيون. جيڪا هن جي بلڪل سامهون ويٺل هئي. هن جي ٻنهي هٿن جون آڱريون پاڻ ۾ جڪڙيل هيون. جنهن هاڻ  پنهجي هٿن جون جڪڙيل آڱريون هوريان هوريان سوريندي الڳ ڪيون هيون. هن عورت کان سوال ڪيو.
“جي فرمايو“
“توهان ممتازاحمد آھيو نہ ؟“ عورت چوه پائي هن جي چهري ۾ ڏسندي پڇيو
عورت جي اچانڪ اهڙي سوال ڪرڻ تي، هن ڇرڪ ڀريو.ڄڻ ڪافي هاوس جي ڌيمي روشني ۾ اچانڪ وڏا بلب ٻري پيا هجن ۽ سڄو ڪافي هاوس روشن ٿي پيو هجي. جنهن ۾ هن جو چهرو چٽو ٿي بيٺو هجي.
  “جيءَ“ 
مون پڇيو تہ توهان ممتازاحمد آھيو نہ ؟“
 “ ممتاز احمد… ڪير ممتاز احمد؟“ 
“منهنجو مطلب آھي تہ، توهان جو نالو ممتاز احمد آھي نہ؟“ عورت جي چهري تي هلڪي گهٻرائٽ هئي.
“ توهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آھي… منهنجو نانءَ مشتاق احمد آھي، مان ممتاز احمد ناھيان“ هن جي چهري تي تعجب ۽ حيرت سان ڀريل ريکائون اڀري پيون هيون. 
“ٿي سگهي ٿو، توهان صحي چوندا هجو…پر الائيجي ڇو ؟ مون کي ايڏو يقين ڇو آھي، تہ توهان ممتازاحمد ئي آھيو؟“ عورت خاموش ٿي وئي هئي.
“مون توهان کي ٻڌايو، تہ مان مشتاق احمد آھيان.  پوءِ بہ،  توهان کي يقين ڪونہ آيو. “
هو خاموش ئي  رهي. هن ٻيهر ڳالهايو. 
“ڳالھ ٻڌو، توهان کي جنهن  ممتاز احمد جي ڳولا آھي. ان سان توهان جو ڪهڙو رشتو آھي؟مان نہ ٿو ڄاڻان پر جنهن لاءِ توهان ايڏا پريشان آھيو؟ اهو مان ناهيان“ هن عورت جي چهري ۾ پريشانيءَ کي سج جي لهندڙ پاڇن وانگر چٽو ڏسندي چيو.
“رشتو؛ ڳولا…“ هوءَ خاموش ٿي وئي هئي … هن ٻڌائڻ چاهيو ٿي، پر هن جي لفظن کي هن جي اندر جي خاموشيءَ دٻائي ڇڏيو. هن ڄڻ عورت جي خاموشيءَ  کي ٽوڙڻ لاء، ھُن ٻيهر عورت کان ڄڻ سوال ڪيو هو. 
 “مان توهان کان ڪجھ پڇيو ؟ ممتاز احمد بابت.“ 
 “ها مان ٻڌائيان ٿي توهان کي..“
هو خاموشيءَ سان هن کي ٻڌڻ لڳو هو. 
“ ممتازاحمد منهنجو ڪلاس ميٽ هو، اسان چار سال گڏ  ڪراچي يونيورسٽي ۾، هڪ ئي ڊپارٽمينٽ ۾پڙهيا هئاسين. گهڻو عرصو ٿي ويو آھي. پر مليا ڪونہ آھيون“
“ ڪيترو عرصو ٿي ويو آھي جو توهان ڪونہ مليا آھيو“ هن ڄڻ هاڻ عورت جي اندر ۾ جهاتي پائڻ ٿي چاهي .
“تقريبن ٻاويھ سال کن ٿيندا، اسان هڪ ٻي سان ڪونہ مليا آهيون“
“ عرصو تہ تمام وڏو آھي …مون سمجهو تہ “ 
“ توهان ڇا سمجهو؟“ 
“  اهيو تہ سال ٻن جي ڳالھ هوندي“
“ نہ ، گهڻي عرصي کان، اسان تہ هڪ ٻي کي ڏٺو بہ ناهي“ هوءَ خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ لهجي ۾ درد ڀرجي پئي ٿو.
“ زندگيءَ جا هزارين مسئلا آھن… ڪٿي هن جي زندگيءَ جي آخري اسٽيشن نہ اچي وئي هجي“ 
“ڪنهن جي آخري اسٽيشن؟“ عورت ڄڻ ڇرڪ ڀريو. 
“ممتاز احمد جي. جنهن جي توهان کي ڳولا آھي“
 عورت  هن جا لفظ ٻڌندي خاموش ٿي وڃي ٿي. چهري تي درد جو رنگ چٽو ٿي بيهي ٿو. هو هن جي اکين ۾ چتائي ڏسي ٿو،جيڪي هاڻ ڇلڪڻ تي هيون.
 هو چهرو ٻي طرف ڪري ڇڏي ٿو. ڄڻ هن جي اکين ۾ جنم وٺندڙ چمڪ مان ڊپ ٿيندو هجي. 
“ها ائين بہ ٿي سگهي ٿو. پر توهان کي ڏسندي ئي، الائيجي ڇو؟. منهنجي من کي ائين لڳو،  ڄڻ ممتاز احمد ئي منهنجي سامهون اچي بيٺو ھجي “ هوءَ مرڪي پئي هئي.  جنهن ۾ وصال جا سڀ رنگ شامل هئا. هو خاموش ئي رهيو هو. 
عورت خاموشيءَ ۾ ٻيهر ڳالهايو
“توهان هُوبهو مون کي ممتاز احمد  جهڙا  لڳا. توهان کي رڳو اکين مٿان نظر جي عينڪ آھي، ممتاز احمد کي اکين مٿان عينڪ ڪانہ هُئي، توهان وانگر. “
 هو هن کي خاموشيءَ سان ٻڌندو بہ رهيو ۽ ڪافيءَ جي ڪپ مان سپ بہ وٺندو رهيو هو. 
“توهان کي برو تہ ڪونہ لڳو، جيڪو مون هت توهان سان   ڳالھايو آھي“ هوءَ ننڍڙن ٻارن جيان خاموش ٿي وئي هئي.۽  هن جي ٽيبل تان اٿڻ لڳي هئي. تہ هُن پنهنجي خاموشيءَ کي ٽوڙيو هو.
 “ توهان ڪاڏي پيا وڃو. “
“پنهنجي ٽيبل تي “
“ائين وري ڪئين. ويهو … ڪافي پي ڪري پوءَ وڃو. بغير ڪجھ پيئڻ جي توهان ڪئين پيا وڃو؟ “ هن هٿ سان نظر جي عينڪ کي نڪ تان ٿورو سوري ٺيڪ ڪيو. 
 “نو ٿينڪس- مان پنهنجي ٽيبل تي ڪافيءَ جو آڊر ڏئي چڪي آهيان. “ هوءَ مرڪي پئي هئي. هن جي مرڪ ۾ ماضيءَ جي موسمن جي درد جا سڀ رنگ ڄڻ اُڀري پيا هئس. موٽ ۾ هُن بہ ڄڻ ھن سان گڏجي مرڪڻ چاهيو پئي. پر هو مرڪي ڪو نہ سگهيو هو. هو خاموش ٿي ويو هو.
 هوءَ هن جي ٽيبل تان اٿي پنهنجي ٽيبل تي وڃي ويٺي هئي . 
هُو چهري مٿان چڙھيل نظر جي عينڪ کي لاهي ان جي ڪاوَن کي صاف ڪري ٻيهر پائي ڇڏي ھئي. هو هاڻ ان عورت کي ٽيڏي اک سان ڏسندو بہ رهي ٿو ۽ ڪافيءَ جي ڪپ مان سپَ بہ وٺندو رهي ٿو. جيڪا عورت هاڻ وڃي پنهنجي ٽيبل تي ويٺي هئي . جنھن  پنهنجي ڪنڌ کي پوئتي ڪري ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي، ٻيهر اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون .
ديوار ۾ لڳل وال سيلنگ جي هوا ۾ سندس سونهري  وار چهري سان ڄڻ ننڍڙن ٻارن وانگر کيڏڻ لڳا هئا، جن کي هوءَ هٿ جي آڱرن سان بار بار پري ڪندي رهي هئي.
 هُو شيشي جي ديوار پريان ٻيهر نظر وجهي ٿو، ساڳي ٽيبل تي اهي ئي جينز پاتل ٻئي برگر ڇوڪريون ويٺل هيون. جيڪي گهڻي دير کان ڄڻ ڪنهن اهم مسئلي تي ڳالهائي رهيون هيون. 
پر هاڻ ٻہ نوجوان ڇوڪرا بہ اچي ڪري ڀرسان واري ٽيبل تي ويٺا هئا .نوجوان ڇوڪرن کي ويڪري شلوار ۽ قميص پاتل هيون ۽ چهري تي هلڪي ڏاڙهي ۽ شهپر هئا.جيڪي ڪجھ وڌيڪ وڪوڙيل هئا. 
وڏن شهپرن واري ڇوڪري جي سامهون ويٺل دوست جنهن جي هٿ ۾ دُکندڙ سگريٽ پڻ هو.جيڪو هو ٻاهران ئي پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو،  هن گڏ آيل دوست کي ڪن ۾ سَسَ ڦسَ ڪئي. هن جي چوڻ تي سندس دوست ڪنڌ ورائي سگريٽ پئيندڙ ڇوڪريءَکي تيز گهوريندڙ نظرن سان ڏٺوهو. 
 ڇوڪري جي تيز گهور کي جينز پاتل ڇوڪريءَ ڄڻ پنهنجي وجود تي وار سمجهيو ۽ سگريٽ مان آخري ڪش هڻي… ايش ٽري ۾ سگريٽ کي ائين مروڙيو هو ڄڻ ان ڇوڪري جي منڍي مروڙيندي هجي. پوءِ ھوءَ جلديءَ ۾ ٽيبل تان پرس کڻي ڪافي هاوس مان اٿي هليون ويون ھيون… هُو ٻئي ڄڻا هنن کي پٺيان ويندي ڏسي پاڻ ۾َ مرڪي پيا هئا…
هن کي لڳو تہ هُو ٻئي ڄڻا ڪنهن رانگ نمبر جي ڳولا ۾ آيا هئا ۽ ناڪام ٿي ڪري ٿوري دير ويهي بعد ۾ ڪافي پيئڻ کان سواءِ ئي اُٿي هليا ويا ھئا.
“توهان ڪوڙ تہ ڪونہ پيا ڳالهايو “ هن ڇرڪ ڀريو. 
هوءَ ٻيهر هن جي ٽيبل مٿان اچي بيٺي هئي.
 “ڪوڙ پيو ڳالهيان …ڪهڙو ڪوڙ؛؟“ 
“اهيو تہ توهان ممتازاحمد ناهيو“
“ اهيو سچ آھي، تہ مان ممتازاحمد ناهيان “
 “پر مون کي ائين ڇو پيو لڳي تہ توهان …“ هن لفظن کي ڄڻ اندر ۾ ئي دٻائي ڇڏيو.
“تہ مان…ڇا مطلب“ هن جي هٿ ۾ ڪافيءَ جو گرم ڪپ  ڄڻ ڪنهن سرد وجود جيان ٿڌو ٿي ويو هو.  هن پاڻ کي سنڀاليندي ٻيهر ڳالهايو
 “مان مشتاق احمد آھيان. توهان کي يقين ڇو نہ ٿو اچي؟“ 
هوء خاموش ٿي وڃي ٿي. پنهنجي اهڙي حرڪت تي شرمندگي محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. هوءَ پنهنجي ھٺين ڳاڙهي لب اسٽڪ لڳل چپ کي ڏندن ۾ پڪڙي ڄڻ جڪ کائڻ لڳي هئي، هن کي پاڻ تي ڄڻ ڪاوڙ اچڻ لڳي هئي. هن وڏو ساه کنيو هو، ڄڻ سڄو ڪافي هاوس دونهي ۾ ڀرجي ويو هجي. جنهن ۾ هن جو ساه ٻو ساٽجندو هجي.  
“لائيجي ڇو؟ مون کي يقين ڇو نہ ٿو اچي؟ تہ توهان ممتاز احمد ناھيو؟“ هن ڄڻ پاڻ کي يقين ٿي ڏياريو.
 “پليز توهان هت ويهو. مون کي الائيجي ڇو ائين پيو لڳي، تہ توهان ڪجھ پريشان آھيو؟“
“پريشان … ها توهان صحي ٿا چئو. مان ٻن، چار ڏينهن کان ننڊ ڪونہ ڪري سگهي آھيان. جڏھن کان سنگهار ٻڌايو آھي تہ ممتاز احمد هن ڪافي هاوس ۾ ڪافي پيئڻ ايندو آھي“
 “ سنگهار ڪير آھي؟“
“ اسان جو ڪلاس ميٽ ، ۽ ممتاز احمد جو روم پاٽنر هو.“ 
 عورت  هن جي  سامهون ويهي رهي هئي.  
هن ڪافيءَجي ڪپ مان سپ وٺي عورت سان ٻيهر ڳالهايو: 
“ هڪ تہ مان اڪيلو ويهي توهان جي سامهون ڪافي پي رهيو آھيان، جيڪو مون کي صفا سٺو ڪونہ ٿو لڳي. ٻيو وري توهان مون کي مشتاق احمد  مان وري ممتازاحمد  بڻايون ويٺيون آھيو.“
 “نہ نہ منهنجو اهو مقصد هرگز ناهي. توهان تہ ناراض ٿي  ويا. مان تہ بس ائين ئي چيو…“ هوءَ اڌ جملو ڄڻ اندر ۾ کائي وڃي ٿي. 
“توهان جي پريشانيءَ کي مان …“ هن جي هٿ۾  ڪافيءَ جو ڪپ جهلجي وڃي ٿو. هو جملو پورو نہ ٿو ڪري سگهي، ۽ خاموش ٿي وڃي ٿو.اندر جو ستل ماضي سڄي وجود ۾ ڄڻ جاڳي پئيس ٿو. 
هُو هن جي چهري ۾ چتائي ڏسي ٿو، ھن جي اکين ۾ پاڻي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪنارن سان ٽڪرائيجندو محسوس ٿئي ٿو. هو ڄڻ هن کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
 “مان مڃان ٿو تہ توهان جي ڪهاڻيءَ ۾َ ممتازاحمد اهم آهي. پر مان توهان کي ٻڌائي چڪو آھيان، تہ مان ممتاز احمد ناهيان… مشتاق احمد آھيان.“
“ ها صحي ٿا چئو  اها هاڻ مون کي بہ پڪ ٿي وئي آھي، تہ توهان مشتاق احمد آھيو “هن جي چهري تي ڦڪي مرڪ اڀري آئي هئي.
“پڪ… اهو ڀلا ڪئين؟“
“ ها ، ڇو تہ ممتازاحمد غريب هو، ۽ توهان تہ امير آھيو.“
“ ها مان هن شهر ۾  بزنس ٽڪون طور سڃآتو ويندو آھيان …منهنجي رهائش هن شهر جي پوش علائقي ۾ آھي. جنهن ۾َ چار هزار گز جو منهنجو بنگلو آھي …جنهن ۾ مان رهندو آھيان… منهنجي بنگلي ۾ ٻہ چار امپورٽيڊ گاڏيون هر وقت بيٺل هونديون آھن، ۽ منهنجي استعمال ۾ جيڪا گاڏي هوندي آھي… اهڙيون گاڏيون هن ملڪ جا منسٽر استعمال ڪندا آھن.“ هو ڳالهيندي ڳالهيندي هڪ دم خاموش ٿي ويو هو. هن جي لهجي ۾ سختي ۽ ڪوڙاڻ اچي وئي هئي.
“ها ممتازاحمد منهنجوڪلاس ميٽ- ايترو امير شخص ڪونہ هو…جيترا توهان آھيو“ هن کلڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر وري خاموش ٿي وئي هئي.
هو عورت جو جملو ٻڌندي ئي ڄڻ پاڻ کي  ڪنهن دڪان ۾ شيشي پٺيان رکيل ڊمي سمجهڻ لڳي هو. جنهن کي دڪان جو مالڪ پنهنجي مرضي سان ڪپڙا پارائي بيهاريندو آھي . هُن کي ائين لڳو هو .. ڄڻ هيڏي شهر ۾ هو بہ بلڪل ڊمي آھي.هن وٽ جيڪو ڪجھ بہ آھي، ڪپڙن کان بنگلي ۽ گاڏين تائين،اهو سڀ جو سڀ سندس زال جو آھي. جنهن جو پيءُ ملڪ جو وڏي ۾ وڏو سون جو واپاري آھي.    
 هاڻ ٻنهي جو  درد ڄڻ سمنڊ جيان وڏيون ڇوليون هڻي جاڳي پيو هو.
 “ميڊم توهان جي ڪافي ٽيبل تي رکان يا توهان هت ئي پيئندا …“ بيري جي آواز  هنن جي خاموشيءَ کي ٽوڙيو.
“ بس هاڻ هت ئي رکو“
 بيرو ڪافي رکي هليو وڃي ٿو …عورت ڪافي کڻي هن ڏانهن مرڪندي اشارو ڪيو: 
“هاڻ تہ توهان کي بُرو ڪونہ لڳندو …ڇو تہ منهنجي هٿ ۾ بہ ڪافي جو ڪپ آھي“ 
هو هلڪو ڪنڌ لوڏي …ڪپ مان سپ وٺي مرڪي پئي ٿو… 
“ممتازاحمد  سان مان ڏاڍي محبت ڪندي هئس.“ هن ڪپ مان سپ ورتي ۽ ڳالهايو.  هن لمحي هن عورت جي لهجي ۾ پيڙها ۽ درد ڀريل هو. جيڪو درد هُو هاڻ  پنهنجي وجود ۾ محسوس ڪري رهيو هو، جنهن درد ۾ هو ڄڻ پاڻ کي هاڻ لهندو محسوس ڪري رهيو هو. 
“۽ ممتاز احمد“
 “ممتازاحمد تہ مون سان انتها جي محبت ڪندو هو. سچ تہ مان لفظن ۾ نٿي ٻڌائي سگهان. هو تہ هڪ پل بہ مون کان پري ڪونہ گذاري سگهندو هو.“هوءَ خاموش ٿي وئي.
 “پوء…ممتازاحمد  توهان کي ڇڏي ڇو ويو؟“ 
“نہ نہ ائين ناهي …هو ته ڏاڍو وفادار هو .... پر…“
 “پر  .... پوءِ ڇا ٿيو ؟“
 هوءَ خاموش ٿي وئي هئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي ھئي : “بس هن جو ڏوه اهيو هو تہ هُو شايد غريب هو“ 
“غريب… غريب هجڻ  تہ ڪو ڏوه ڪونهي؛“
 “منهنجو مطلب هو، تہ هُو  فنانشلي سائونڊ ڪونہ هو“ 
“اڇا  ممتازاحمد جي جيڪا غربت هئي، اها توهان جي محبت کي کائي وئي هئي “
 “ها بلڪل…ائين ئي هو.  پر هُو دل جو امير ترين شخص هو. دريا دل هو. ڏک سک ۾ گڏ هوندو هو.“
 “هو اهڙو شخص هو، پوء بہ… “  هن عورت جي چهري ۾ ائين ڏٺو ڄڻ سامهون آئيني ۾ هو پاڻ کي ڏسندو هجي… 
عورت پنهنجي آلين اکين مٿان ، ڇپر ڪيري ڇڏيا هئا ۽ هن ڳالهائڻ لاء ٻيهر چپ چوريا هئا
“ منهنجي گهر جا سڀ ڀاتي راضي هئا، اسان جي شادي ۾  پر…“ 
“پر“ هن ڪپ ٽيبل تي رکي هن جي اکين ۾ چتائي ڏٺو…هوء ڪنهن معصوم ٻار وانگر هن اڳيان ويٺل هئي۽ ڳالهيندي رهي ھئي…
 “پر منهنجو ڀاءُ راضي نہ ٿيو، اسان جي رشتي ۾ …“ 

“راضي نہ ٿيڻ جو سبب ڇا هو؟ “
 ها، منهنجي ڀاءُ انهي ئي سال سي ايس پي جو امتحان پاس ڪيو هو، ۽ هن کي پوليس گروپ مليو هو… انهيءَ ڪري، هن کي ممتاز احمد جي غربت ڄڻ  پنهنجي ورديءَ تي داغ جيان ٿي لڳي …ائين مون ان شخص کي پنهنجي زندگيءَ مان وڃائي ڇڏيو.  ۽ اسان جي محبت هڪ ڊگهي درد ڀريل وڇوڙي ۾ تبديل ٿي وئي“ 
“توهان ممتازاحمد کي اهيو سڀ ڪجھ ٻڌايو هو“ 
“نہ“ هوء خاموش ٿي وئي هئي… 
ماحول کي خاموشيءَ ڄڻ پنهنجي درد ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو.
 هو ٻئي ڄڻا خاموش هڪ ٻي جي سامهون ڪنهن پٿر جي مورتين جيان ويٺل هئا.
“توهان کي ٻڌائيڻ گهربو هو هن کي“
“ها توهان صحي ٿا چئو، پر آخري دفعو مان هن سان ملڻ وئي هئس…“ هن جي ڄڻ پنهنجي اندر جي خاموشي کي ٽوڙيو هو
“پوء هو توهان سان مليو هو“ هن ڄڻ سوال ڪيو هو.
 “پهريان تہ هُن ملڻ کان انڪار ڪيو هو“ 
“اڇا، هن انڪار ڇو ڪيو هو؟“  
“شايد ناراض هو. انهي ڪري ملڻ نہ ٿي چاهيائين “ 
“پوءِ“
“ پوءِ سندس روم ميٽ سنگهار وٺي آيو هئس۽ اسان سمنڊ تي آيا هئاسين ، اسان جي اندر جي خاموشيءَ اسان جي محبت کي کائي وئي هئي. وقت ائين ئي هلندي هلندي گُذري ويوهو، خبر ئي ڪانہ پئي هئي. پوءِ مان اتان هلي آئي هئس“
 “۽ هو اڪيلو ئي بيٺو رهيوهو. سمنڊ جي ڇولين وچ۾ “ 
“ها ائين ئي هو…پر توهان ڪئين ڄاتو“ 
ظاهر آھي، توهان هليا ويا. تہ هُو اڪيلو ئي رهجي ويو هوندو“
 “ها ائين ئي هو. مان ويندي ويندي ٻہ دفعا هُن کي مڙي ڏٺو هو. هو ڪنهن بت جيان اڪيلو ئي بيٺو رهيو هو.ائين مان هن شخص کي وڃائي ڇڏيو“ 
“توهان کي ويندي ويندي ممتازاحمد ڪجھ  ڪونہ چيو هو“ 
“ها چيو هئائين“ هوءَ خاموش ٿي وئي هئي ۽ هن اڳيان ڄڻ مندر جي مورتي بڻجي پئي هئي…۽ هن جو وجود ڄڻ  پراڻو مندر بڻجي پيو هو. 
هن  اکين مٿان ڪريل پنبڙيون کنيون، ٻہ ڳوڙھا هُن جي ڳلن تان ترڪي هيٺ ڪريا. هن اکين کي پنهنجي سنهي پينسل جهڙي آڱر سان صاف ڪيو.
 “ممتازاحمد چيو هو، اڄ کانپوءِ - ممتازاحمد تولاءِ مري ويو. تون ڪنهن سٺي شخص سان شادي ڪري ڇڏجان“هوءَ خاموش ٿي وئي. 
“ پوءِ توهان شادي ڪئي؟“
“ نہ “
“ڇو ڪونہ ڪئي؟“
“ممتاز احمد پنهنجي  محبت جو چولو ئي اهڙو پارائي ويو هئو، جو ڪڏھن ان کي  لاهڻ لاءَ دل مڃون ئي ڪونہ“ 
“اڇا ڪجھ ٻيو بہ چيو هيائين؟ “
 “ڇا چيو هيائين ؟“. هوءَ سوچڻ لڳي هئي. 
“جيڪڏھن ٻيهر-  ڪنهن موڙ تي ملي بہ وياسين، تہ نرگس پاڻ هڪ ٻي لاء اجنبي هونداسين…“ 
“ها بلڪل ائين ئي چيو هيائين. پر توکي منهنجو نانءُ…“ هن اچانڪ ڇرڪ ڀريو هو. ۽ ڪافي هائوس ۾ خاموشي ڇائينجي وئي هئي. نرگس جي وجود ۾ سالن جي محبت  درد جو ويس پائي جاڳي پئي هئي.۽ خاموش ماحول ۾  هلڪن هلڪن سڏڪن جنم ورتو هو…
 “ممتاز صاحب؛ جيڪڏهن توهان ڪافي هائوس مان فري ٿي چڪا هجو،تہ گهر هلون.“
پريان هڪ ٿلهي متاري- ٻاچڪي جهڙي عورت بيٺل هئي. جنهن جي پٿريلو چهري ۾ نہ ڄاڻ ڪيتريون ئي ريکائون سواليہ نشان بڻجي چٽيون ٿي بيٺيون هيون. 
هن جي هٿن ۾ شاپنگ بيگ هيون. ۽ گهنڊيدار وارن ۾ مٿي جي چوٽ ۾ سن گلاسز اٽڪيل هئو. گڏ اٺن ۽ ستن سالن جي عمر واريون ڇوڪريون  هيون.جيڪي سندس ڌيئرون هيون. هوءَ نرگس کي تکي نظرن سان ڏسي رهي هئي. 
ممتازاحمد زور ڏئي اندر مان لفظ ڪڍيا هئا.
“ها،  ها سائين. مان فري آھيان. گهر ئي ٿا هلون“ هُو ڪافي هاوس مان اُٿي تڪڙن تڪڙن قدمن سان پنهنجي زال طرف وڌي ويو هو.
 نرگس  سالن جي وڇوڙي جي درد کي پنهنجي وجود تان ڪنهن پراڻي چُولي وانگر ڦٽو ڪري،  پنهنجي منهن ڀڻڪي  “ هو اجنبي شخص ممتازاحمد نہ، پر مشتاق احمد ئي هو. “ 
هوءَ ڪافيءَ جي ڪپ مان سپ وٺي ٿي.