Sunday, August 9, 2020

سوجهرن جا سفير بلوچ صحبت علي



 نشتر ناٿن شاهي


غزل

موت ٿو الري اچي اي زندگي،
جبر ٿو در تي نچي اي زندگي.
جيئن ڦڪيون، ڦيڻا ۽ مرهم ٿا ٿين
سور ٿو ويتر وڌي اي زندگي.
پيا منجهي واٽهڙو وچ رستي ۾ سڀ،
ٿاٻا سونهون ٿو ڏئي اي زندگي.
شام دروازي تي دستڪ ٿي ڏئي،
صبح ٿو ننڊون ڪري اي زندگي.
ٿي خزان قاهر گلن تي الامان!
وئي بهار آهي لڏي اي زندگي.
کنوڻين شاخن تي باهيون ٻاريون،
آشيانو ٿو جلي اي زندگي.
محفلن تي منڊڪو چاڙهي ويو،
ساز ٿو ٻاڙو وڃي اي زندگي.
پير ۽ هٿ جي ٻجهن پرواهه ناهي،
دل جي ڌرڪن تي ٻجهي اي زندگي.
سور جي هڪڙو هجي، دارون ڪجي،
هڪ وڃي ٻيو ٿو اچي اي زندگي.
همٿن جي پرک گيدي ڪن پيا،
سون ٿو لوهر ڪٽي اي زندگي.
ڏوهه ڪهڙو ڏيون فقيرن جي مٿان،
دان داتا ٿو گهري اي زندگي.
هڏ بلالي پيڙ جي گهاڻي ۾ پيو،
ڏوهه ٿو منهنجو ڏڪي اي زندگي.
دل جي ڌڙڪن کي جو ٿو قابو ڪيان،
تانگهه ٿي بڙڇيون هڻي اي زندگي.
موت کي پئي موت، جو اڻ موٽ آ،
تنهنجو ”نشتر“ ڇا ڪري اي زندگي.
 

BRIEF INTRODUCTION
نشتر ناٿن شاهي

پورو نالو: غازي خان لغاري
ادبي نالو: نشتر ناٿن شاهي
ولديت: بالو خان لغاري
جنم تاريخ: 15 مارچ 1929ع
جنم هنڌ: وليج گهارو، تعلقو خيرپورناٿن شاهه، ضلعو دادو، 1948ع کان بحيثيت شاعر ۽ اديب.
تعليم: M.A (سنڌي)
پيشو: رٽائرڊ استاد
رڪنيت: بزم طالب المولا خيرپورناٿن شاهه ۽ جميعت الشعرا سنڌ جو جنرل سيڪريٽري
اڻڇپيل ڪتاب: گهڻي تعداد ۾ (يعني تقريبن 10/12 ڪتابن جيتري شاعري، هر صنف تي طبع آزمائي ٿيل)
موجوده پتو: قاضي پاڙو خيرپورناٿن شاهه، ضلعو دادو، سنڌ

سوال: نشتر صاحب! ادب سان عشق جي ابتدا ڪيئن ٿي؟
جواب: اهو 1940ع جو خوبصورت سال هو. مان تڏهن جواني جي سرحدن ۾ پير پائي چڪو هئس، جواني جا ڏينهن ڏاڍا خوبصورت ۽ رنگين هئا، نئين جواني هئي، نئون عشق هو ۽ رت هو. عشق جي نانگ تي پير پئجي ويو ۽ مان ڏنگجي پيس. حساس طبع سبب ادب ڏانهن لاڙو ٿيو.
سوال: توهان شاعر ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪنهن کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي؟
جواب: لطف علي چانڊيو اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. هو ڏاڍو ذهين سگهڙ هو ۽ مان سندس فن ۽ فڪر کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ هو ئي اهو شخص هو جنهن مون کي شاعري ڏي رجحان ڏياريو. جڏهن ته مون فني سکيا ان وقت جي عالم، اديب شاعر، مولوي عبدالله ”اثر“ لاڙڪاڻوي کان ورتي جيڪو غزل جو بهترين شاعر تسليم ڪيو ويندو هو ۽ 1948ع کان هڪ پختي شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ سڃاپجڻ لڳس.
سوال: اوهان ڪهڙي صنف ۾ گهڻو لکيو آهي؟
جواب: جيئن ته منهنجو عشق شروع کان ئي غزل لکڻ سان رهيو. ان ڪري غزل ئي منهنجي پسنديده صنف آهي، ڇو ته غزل ۾ ئي ماڻهو پنهنجي جذبن جو ڀرپور نموني سان کُلي اظهار ڪري سگهي ٿو. غزل منهنجي جان ۽ آن آهي.
سوال: شاعري کي اوهان ڇا سمجهندا آهيو؟
جواب: ادا شاعري زندگي جو عڪس آهي، جيڪڏهن انسان کي انسانن سان پريم، پيار جي دعوايٰ کي صحيح ۽ سچو ڪرڻو آهي ته علم ۽ ادب سان هن کي لڳاءُ رکڻو پوندو، ڇو ته ادب زندگي آهي. شاعري ته اسان جي روح جي رڙ آهي.
سوال: جيئن ته اوهان غزل جي هڪ تاريخ آهيو ۽ غزل جي ميدان کي وسيع بنائڻ ۽ غزل جي ارتقا ۾ اوهان جو وڏو هٿ آهي. اوهان ٻڌايو ته غزل ڪهڙن تاريخي مرحلن مان گذريو آهي ۽ ان کي مقبول صنف بنائڻ ۾ اوهان جو ڪهڙيون ڪوششون رهيون آهن؟
جواب: بلوچ صاحب، جيئن ته غزل جي باري ۾ مون اڳ ۾ ٻڌايو آهي ته منهنجي سڃاڻپ ئي غزل آهي، غزل جي صنف جيئن ته ايران کان ٿيندي اسان جي سنڌ تائين پهتي.
انهن ڏينهن ۾ جمعيت الشعراءِ پنهنجي جوڀن ۾ هئي غزل کي اڀارڻ ۽ ان جي اوسر لاءِ طرحون ڏنيون وينديون هيون. طرحي مشاعره ڪرايا ويندا هئا. اهوئي سبب آهي جو اسان جو پيدا ڪيل ماحول اڄ به غزل تي حاوي آهي ۽اسان غزل کي عام ماڻهن تائين پهچايو. ادبي مشاعرن ۾ غزل جي اوليت ۽ افاديت تي ڳالهايو ويندو هو. اهڙا مشاعرا ۽ ادبي محفلون غزل جي شاعرن لاءِ تربيت گاهون هيون. غزل جي اصلاح ۽ ان تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري شاعر کي اڃا به غزل سان پيار لاءِ اتساهيو ويو هو.
اسان وٽ گڏيل مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ اردو، سنڌي، بلوچي زبان جا شاعر حصو وٺندا هئا، انهن ۾ استاد شاعر به نظر ايندا هئا، جيڪي غزل تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي غزل جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪندا هئا، اڄ جيڪڏهن ڪو نوجوان يا ڪو سينيئر اديب غزل تي رڳو لکي ٿو ته مان چوندس ته اها جمعيت الشعراء جي ئي پليٽ فارم تان سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو. ۽ اهوئي سبب آهي جو جمعيت الشعراءُ سنڌي غزل جي اوسر ۾ اهم ۽ ڀرپور ڪردار اداڪيو.
سوال: اوهان سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
جواب: ادبي کيتر ۾ سنگت پنهنجي جاءِ تي سٺو ڪم ڪري ٿي. پر جيئن ته ادبي سنگت هينئر ڪن گروهن جي ور چڙهيل آهي. جيڪي هڪ هٽي ڪيو ويٺا آهن، سنڌي اديب ۽ ادب جي ڪابه سار نٿا لهن، بس نالي ۾ پورا آهن، تنهن ڪري اسان جي ادبي کيتر جي انهن دوستن کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا! اهڙي خول مان نڪري اچو. سنڌي ادب جي خدمت انهي ۾ ناهي ته اوهان فقط پنهنجي پذيرائي ڪيو ۽ ٻي ڪنهن اهڙي غريب شاعر تي اوهان جي اک ئي نه ٻڏي. جنهن پنهنجي سڄي زندگي ادبي خدمتن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري بسر ڪري ڇڏي هجي.
اسان وٽ جڏهن به دوست آيا آهن ته اسان ته هر وقت تعاون لاءِ تيار هوندا آهيون، جيڪي به فرمائيندا آهن قبول ڪندا آهيون.
سوال: اوهان جي دور جي ادبي محفلن ۽ هاڻوڪي دور جي ادبي محفلن ۾ اوهان کي ڪهڙو فرق نمايان ٿو نظر اچي؟
جواب: اسان جي دور جي ادبي محفلن جي ڳالهه ڪيان ته جڏهن مشاعرو شروع ٿيندو هو ته پنڊال ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. هر شاعر کي غور ۽ توجهه سان ٻڌو ويندو هو ۽ دل کولي داد ڏنو ويندو هو. پر افسوس! مون کي معاف ڪجو ته اڄ ائين ناهي، اڄ جي محفلن ۾ بيجا تنقيد ڪئي ٿي وڃي. جنهن کي مهمان ڪري آندو ٿو وڃي، ان جو ئي پٽڪو لاٿو وڃي ٿو. داد ڏيڻ ته شاعر کي پري جي ڳالهه ٿي، مورڳو ئي ان تي گند اڇليو ٿو وڃي، هوٽنگ ڪري، هوڪرا، ڪوڪون ڪري محفل جي ماحول کي بي مزو ٿو ڪيو وڃي. اڄ جي ادبي محفل اسان جي دور جي ادبي محفل کان ڪنهن به صورت ۾ بهتر ناهي. ادب جي آڙ ۾ بي ادبي وارو ماحول آهي. ڇڇورائپ آهي. بزرگ اديبن کي انهن جي ادبي پورهئي جي مڃتا ته نه ٿا ڏين پر الٽو انهن جي توهين ڪن ٿا. دل آزاري ڪن ٿا. معاف ڪجو منهنجو لهجو شڪايتي ٿيندو ٿو وڃي، پر صحبت صاحب اها حقيقت آهي.
سوال: نشتر صاحب جيئن ته غزل اسان وٽ تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکجندو رهي ٿو. پر ان سان نڀاءُ تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي، اوهان جي نظر م غزل سان سٺو نڀاءُ ڪرڻ وارا ڪهڙا شاعر آهن، ڇا انهن جا ڪي نالا ٻڌائي سگهو ٿا ؟
جواب: سائين منهنجا، اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته اسان جو شاعر غزل جي ڪري مشهورٿيو آهي، ڇو ته هو غزل گهڻو ٿو لکي، ان ۾ سينئر اديب هجي يا اوهان جي نوجوان ٽهي جو ڪو شاعر هجي.
جيئن ته اڳ جي شاعرن جي کيپ ۾، شيخ اياز، حاجي محمود، خادم، مولوي عبدالله اثر لاڙڪاڻوي، عبدالله عبد ”خواب“، اظهر گيلاني، عبد عاقلي، مظفر حسين جوش هي اهي شاعر هئا جن تمام سٺو غزل لکيو. جيڪو اڄ به اسان جي دلين تي حڪمراني ٿو ڪري. موجوده دور ۾ وري، نثار بزمي، مقصود گل، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، سٺي غزل جي سڃاڻپ آهن، اصل ۾ غزل جي صنف کي جنهن توجهه، جنهن گهرجن جي ضرورت هئي، سا هن کي موجوده وقت جي شاعرکان نه ملي سگهي آهي حالانڪه غزل جي عظمت هينئر به عروج تي پهتل آهي، پر اها عظمت به پراڻن شاعرن جي صحبت ۾ رهي نون شاعرن برقرار رکي آهي.
سوال: اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان ڪهڙن ادبي شخصيتن کان متاثر آهيو؟
جواب: سائين، مان جن دوستن کان متاثر آهيان، انهن ۾، عبدالله اثر، علي محمد مجروح، سرشار عقيلي، عبدالڪريم گدائي، طالب الموليٰ، عبد عاقلي، زيب عاقلي، حاجي محمود خادم، گل حسن گل، جمع خان غريب، ضياءُ الدين بلبل، حافظ محمد احسن چنا، حاجن شاهه هم وطن سيتائي، غلام محمد گرامي، اظهر گيلاني، عطا در حامي، شيخ اياز، نياز همايوني، امداد حسيني، شمشير حيدري، استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، اسان انهن دوستن کان، انهن جي لکڻين کان، انهن جي روين ۽ محبتن کان متاثر ٿياسين، ڇو ته اهو هر دوست، اديب عزت ۽ محبت جي لائق آهي، جيڪو هن ڌرتي لاءِ ڪم ڪري ٿو. جيڪو هن ديس لاءِ لکي ٿو، ادب جي افاديت سمجهي ٿو ۽ ان جي مقصد سان سچو آهي.
سوال: موجوده دور ۾ اوهان جمعيت الشعراء جا سيڪريٽري به آهيو، اوهان اهو ٻڌايو ته جمعيت الشعراء تنظيم جا ٿڌي ٿي وڃڻ جا ڪهڙا سبب آهن. جيئن ته جمعيت الشعراء سنڌ ۾ اوهان جون ادبي خدمتون ماضي ۾ نمايان رهيون آهن. سنڌ جي نالي واري ادبي جماعت موجوده وقت بنهه خاموش آهي ۽ ان جا ڪهڙا اسباب آهن، اوهان وٽ ڪي تجويزون آهن، هن تنظيم کي وري نئين سر جاڳائڻ لاءِ؟
جواب: ادا سائين، جمعيت الشعراء هينئر جتي پهتي آهي. ان جا ڪي خاص سبب ته ڪونهن پر حقيقت کان منهن موڙڻ به منافقي چئبي سچ ته اهو آهي ته اسان جي اديب ۾ جڏهن انائيت جا خڳا عنصر داخل ٿي ويا ۽ هو پاڻ کي جڏهن افلاطون سمجهڻ لڳو ۽ هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ سا به بي جا، انهن نتيجن جي ڪري ئي اهي ادبي سرگرميون گهٽجنديون ويون، ڄنڊا پٽ وڌي وئي. ۽ هڪٻئي لاءِ عزت ۽ احترام گهٽجي ويا، جڏهن اديب ادب سان پيار ڪرڻ وارا ئي ادب جو دامن ڇڏي ڏين ته باقي ڇا بچيو. اسان پوءِ ڀلا قوم کي ڪهڙو پيغام ڏئي سگهون ٿا، سو باهمي رسا ڪشين سبب جمعيت الشعراء کي وڏو ڌڪ پهتو.
مون تنظيم جي سلسلي ۾ تنظيم جي صدر اظهر گيلاني صاحب سان ملاقات ڪئي، ۽ ڪيترائي ڀيرا لکپڙهه به ڪئي. پروري به جڏهن سرد مهري جو سلسلو ساڳيو ئي رهيو ته مون اهو به چيو ته مون کان استيفعيٰ وٺو. اهڙي صورتحال ۾ مان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، مان ان کي فعال بنائڻ لاءِ رڙيون ڪندو رهيس. پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. باقي تنظيم کي وري فعال بنائڻ لاءِ ڪيترائي پروپوزل ضرور آهن، پر ان تي جيسين عمل نه ٿيندو تيسين خالي حوال ڪٽڻ مان ڪجهه به نه ورندو، پراڻا اديب ڪناره ڪش ٿي ويا آهن، نوان جمعيت جي نالي کان ڇرڪن ٿا.
سوال: توهان جيئن ته عروض جي سٺي ڄاڻ رکو ٿا ۽ عروض تي شاعري ڪيو ٿا ان ڪري علم عروض جي اهميت تي ٿوري روشني وجهو؟
جواب: عروض نه هجي ته توهان جي شاعري جا پير ئي نه بيهن ها ۽ ٺڪا اچي هيٺ ڦهڪو ڪري ها، علم عروض ئي ته آهي جنهن جي ڪري اسان جي شاعري دائم ۽ قائم آهي، جيڪڏهن اهو فن ۽ علم اسان پنهنجي نئين نسل کي نه ارپينداسين ته واقعي مستقبل ۾ اسان جي ادب جي ڪابه تاريخ نه رهندي، عروض جي اهميت توهان کي اياز جي غزل ۾ ڏسڻ ۾ ايندي. تنوير جي غزل ۾، امداد حسيني جي شاعري ۾ به. جنهن به عروض جي پيروي ڪئي آهي. اچو ته نه صرف پنهنجي نئين ٽهي کي پيغام ڏيون ته اهي خيال سان گڏ فن ۽ فڪر به سکن ۽شاعري کي شاعري سمجهي ڪن.
سوال: ڇا توهان نثري نظم کي شاعري ۾ جاءِ ڏيو ٿا؟
جواب: ادا، هاڻي هڪڙي ڳالهه ته واضع آ ته، نثر الڳ شيءِ آهي ۽ نظم ٻي ڳالهه آهي، نثر ۾ نه ڪو وزن آ، نه ئي بحر آ، جڏهن ته وري نظم ۾ وزن به آ، ته بحر به آهي، ته قافيو ۽ رديف به، ان ڪري منهنجي خيال ۾ ته شاعري اها آهي، جيڪا ڳائي سگهجي ۽ ان موجب نثر کي ته نٿو ڳائي سگهجي.
سوال: سائين هينئر ته نثري نظم به ڳائجي پيو ٿو ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه شاعرن جو نثري نظم پڻ ڳايو ويو آهي؟
جواب: ان سلسلي ۾ مون کي ڪابه خبر ناهي، پر جيڪڏهن اڄ جو نوجوان ڀرپور نثري نظم لکي ٿو ۽ هن وٽ خيال به سٺا آهن ۽ هو پنهنجي فڪر جي گهرائي سان لکي ٿو ته پوءِ ڀلي ان ۾ کڻي ڪو ننڍو شاعر هجي يا ڪو وڏو، مون لاءِ ته هر شاعر اکين جو نور آ، پر نثري نظم ڳائڻ جي شي ناهي، ائين ته هر نثري ٽڪرو سُر سان پڙهي سگهجي ٿو.
سوال: تنقيد ڇا آهي ۽ تنقيد جو معيار ڇا هئڻ گهرجي؟
جواب: تنقيد ڇنڊڇاڻ آهي، غور و فڪر آهي، ڪنهن جي تخليق کي پروڙڻ آهي، اسان وٽ سٺا نقاد آهن، بشرطيڪ اهي اکين تان تعصب جي عينڪ لاهي تنقيد ڪن، پر اسان وٽ تنقيد جو مطلب ته ڪنهن جو پٽڪو لاهڻ آهي، نه تنقيد برائي اصلاح هوندي آهي.
عرض ته تنقيد جا ٻه قسم آهن.
1. تنقيد براءِ تنقيد:
هن تنقيد جي قسم کي تنقيد جي زمري ۾ نٿو آڻي سگهجي.
2. تنقيد براءِ اصلاح:
اصل شيءِ اها ئي آهي ته تنقيد ڪرڻ وقت نقاد ذاتي ڳالهين کان هٽي ڪري، تخليقار جي فن ۽ فڪر تي ڇنڊڇاڻ ڪري، پر اسان وٽ ته ان جي ابتڙ آهي، اهي نقاد هينئر آهن ئي ڪونه، جيڪي آهن اهي دوستيون نڀائي رهيا آهن ۽ هونئن به جنهن تي تنقيد براءِ اصلاح ٿئي ٿي ته ان کي صبر ڪرڻ گهرجي، ڪاوڙ ۽ رنج کين نه نٿو سونهين.
سوال: اوهان جي شاعري ۾ فارسي جو اثر گهڻو رهيو آهي، اڄ به اوهان جي غزل ۾ فارسي جي جهلڪ ڪافي حد تائين نظر اچي ٿي، جڏهن ته اڄ جو سنڌي غزل هينئر فارسي اثر کان مڪمل طور الڳ ۽ آزاد ٿي چڪو آهي؟
جواب: ائين ناهي، فارسي ٻولي جو وڏو پيرڊ آهي، اسان جي تاريخ ۾ فارسي ٻولي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيئن ته اسان جو ان دور جي فارسي اديبن سان، جنهن جي غزل ۾ فارسي جو رنگ هو، ويجهڙائپ رهي آهي، ان ڪري ظاهر آهي، ڪٿي ڪٿي ڪا هلڪي جهلڪ نظر به ايندي هوندي، پر مان ته پوري ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ته پنهنجي غزل کي فارسي رنگ کان آزاد ڪيان، مان فارسي ٻولي جو ڪو عالم ته ناهيان، پر تنهن هوندي به اهڙن دوستن جي صحبت ۾ رهندو آيو آهيان، جيڪي فارسي جا معلم آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا فارسي جا عالم آهن، جنجي سنڌي شاعري ۾ تر جيتري به فارسي ٻولي جو دخل ناهي، بشير سيتائي جيڪو فارسي ٻولي جي چڱي ڄاڻ رکي ٿو، مان ڪڏهن ڪڏهن فارسي لفظن ۾ اصطلاحن ۾ ۽ گرامر ۾ منجهندو آهيان ته بشير صاحب کان پڇي وٺندو آهيان، باقي فارسي جو اثر هينئر منهنجي شاعري ۾ تمام گهٽ آهي.
سوال: اوهان جي ڪا خواهش ڪا تمنا؟
جواب: سائين، مان ٻهراڙي جو هڪ سادڙو ماڻهو آهيان منهنجون ڪهڙيون خواهشون ٿي سگهن ٿيون، بس هينئر ته زندگي کي ماڻي چڪا آهيون، ٻه ٽي شاديون ٿيل آهن، ٻار ٻچا به پنهنجن ٻارن ٻچن وارا ٿي ويا آهن سڀ خواب حسرتون بس تڪيمل تي پهچي چڪيون آهن. پوءِ به پنهنجي هڪڙي ننڍڙي خواهش آهي ته پنهنجي ئي حياتي ۾ پنهنجي شاعري جا مجموعا ڇپيل ڏسڻ چاهيان ٿو، منهنجي زندگي جو اثاثو منهنجي شاعري آهي، اها بچي وئي ته ڄڻ مان بچي ويندس. ان سلسلي ۾ ڪو ادارو يا ڪو دوست خلوص سان سهڪار ڪري ته ان جو ٿورائتو رهندس، باقي ڪنهن جي اڳيان ڪشڪول ڪونه کڻندس. ڇو ته خوددار رهيو آهيان.
سوال: ديس واسين لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: اچو ته سنڌي ادب کي سگهارون بنايون، سنڌي اخبارون ۽ رسالا خريد ڪري پنهنجي ادب کي رچ “Rich” بنايون، ان ۾ ئي اسان جي بقا آهي.

بلوچ صحبت علي 

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=819

بلوچ صحبت جي شاعري


وفا جا جذيرا

نه تاريخ پنهنجي ڪا ٺاهي سگهون ٿا،
سرِ عام توکي نه چاهي سگهون ٿا،
کلون ٿا، ملون ٿا، سدا خلوتن ۾،
ڀلا ڪيئن توکي ٽاهي سگهون ٿا.

اُها رِيت ساڳي، ۽ ويراڳ ساڳيا،
محبت جا جاني، اُهي ماڳ ساڳيا،
گهٽي گهر اوهان جو، هيو تر اوهان جو،
هيو ڀاڪرن جو، وري ڀر اوهان جو،
اهي قرب تنهنجا ۽ ٿورا اسان کان،
نه وسري سگهن ٿا، نه لاهي سگهون ٿا.

وفا جا جزيرا اورانگهي وياسين،
۽ صحرا سِڪ جا به جهاڳي وياسين،
پٿون پير ٿي پيا، تڏهن به هلياسين،
محبت جي منزل ڏي رڙهندا وياسين،
اهي قرب تنهنجا سهي ڀي وڃون پر،
دغا جا هي ديرا نه ڳاهي سگهون ٿا.

نگاهن ۾ توکي سمائي صدين کان،
گلابن ۾ هر هر لڪائي ڇڏيون ٿا،
حياتي سموري کي گروي رکي هت،
اسين درد جا ڊوز کائي ڇڏيون ٿا،
جت پاڻ ’صحبت‘ هئا سجده ڪياسين،
اها من جي مسجد نه ڊاهي سگهون ٿا.

سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي
سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي

سـڀـاڻـي ڪـنـهـن ڏٺـي آهـي،
اٿـئـي اچـڻـو تـــــه اچ هــاڻــي،
مــتـان مــنـهـنـجــي قـبـر تــــي پــــو،
تــــوکـي اچــڻـو پــوي *ڇــاڻــي.

اوهــــان جـــي يـــاد ايــنــدي آ،
جــڏهــن ڀــي رات ٿــيــنــدي آ،
ائــيــن ٿــا نــيــڻ هــي بــرســن،
جــيـئن بــرســات ٿـيـنـدي آ،
کــڻـي واپــس وري وڃــجــان،
گـهــڙي کــن رونــقــون آڻــي.
اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

تــنـهـنـجـي ڪــائـي خـبـر نــاهـي،
تــنـهـنـجـي پــاڙي گــذر نــاهـي،
نــه ئــي ڪــو ڏس پــتـو آهــي،
کــٽـو ڪــاٿـي ســفر نــاهـي،
اســان جــو روح ٿــو هــر هــر،
مــٺـي تــوڏي پــيـو تـــاڻـي.
اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

جــڏهـن تــوکـان پــري ٿــيـنـدس،
قــسـم تــنـهـنـجـو مـــري ويــنـدس،
پـئـي دُنــيـا پــڪـاريــنـدي،
مــگـر تــوڏي وري ايــنـديـس،
هــجـي پــل دار تــي ســرڙو،
هــجـي گــردن ڀــلـي گـهــاڻـي.
اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

* ڇاڻو (شاعر جي ڳوٺ جو نالو (ڇاڻو شاهه آباد)
بلوچ صحبت علي 
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

غزل

نه ڪا چاندني آ، اسان جي نگر ۾،
نه ئي روشني آ، اسان جي نگر ۾.

هي ويران ڳليون، اسان جي شهر جون،
نه ڪا زندگي آ، اسان جي نگر ۾ .

اداسي اسان جي اندر ۾ آ ڇا جي،
نه ڪا شاعري آ، اسان جي نگر ۾.

ها ڀٽڪي ويا هون وفائن کي ڳولهي،
نه ڪا رهبري آ، اسان جي نگر ۾.

عبادت امن جي ڪيون ٿا گهرن ۾،
نه ڪا دشمني آ، اسان جي نگر ۾.

بلوچ صحبت علي 
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

غزل

تنهنجا نيڻ ڪٽورا ساجن،
منهنجو من آ صحرا صحرا.

ڏات اسان جي ڏاڍي اوکي،
زخم اسان جا گهرا گهرا.

پورن ماسي ۾ ڪيئن ملبو،
چنڊ جا توتي پهرا پهرا.

موئن جا آثار لڳن ٿا،
مسڪينن جا چهرا چهرا.

سُتل سور جاڳائي ويڙا،
ڪنهن جي بين جا لهرا لهرا

تون ته هئين نازن جي پاليل،
برهه ۾ پنهنجا بهرا بهرا.

هڪڙي ڊگهيءَ جاڳ پڄاڻان،
نيڻ هي ”صحبت“ ڳهرا ڳهرا

بلوچ صحبت علي 

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=838#43869