Sunday, August 23, 2020

ڪتاب خواب مرندا ناهن نور راهوجو ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو


ڪتاب خواب مرندا ناهن نور راهوجو
ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

ترقي پسند سوچ رکندڙ، سماجي ڪارڪن، تعليم دوست انسان، اورچ سياسي ورڪر، اڳوڻ ۽ ليکڪ سائين نور نبي راهوجي صاحب جي ڪهاڻين جو مجموعو ”خواب مرندا ناهن“ اميد ۽ اتساه سان ڀريل 19 ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي شروعات ۾ ئي ليکڪ جيئن ته پنهنجي ڪهاڻين کي سياسي پس منطر هجڻ ۽ سياسي ڪارڪن لاءِ لکڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ائين ئي سموريون ڪهاڻيون رهنمائن جي ڌوڪن ۽ ڪارڪنن جي اٿاه قربانين جو ثبوت آهن، ته وري ڌرتي ڌڻين جي ڏک، پيڙا ۽ مسئلن جي انبار سميت ثقافتي، سماجي روين، ريتن رسمن، محبتن ۽ هڪٻئي لاءِ ايثار ۽ مدد جو اعليٰ نمونو به آهن. مجموعي طور ائين چئجي ته هي ڪهاڻيون سموري سياسي پس منظر ۾ وڏيرپ، سڳورپ، رهزنن ۽ رهبرن جي ڦرڻ ۽ لٽڻ جي تلخ حقيقتن سان ڀرپور آهن، اتي نئين اميد جو ڏيئو به روشن ڪرين ٿيون ۽ علم جي روشن راه تي هلي سمورن مسئلن جو حل ٻڌائين ٿيون. ائين چئجي ته ليکڪ پنهنجي ذاتي تجربي جي آڌار تي سچن ڪردارن کي سامهون رکي پنهنجي تخليقي قوت کي استعمال ڪندي سمورا سياسي، سماجي مسئلا وڏي دانائي سان ڪهاڻين جي صورت ۾ اسان آڏو رکيا آهن ته غلط نه ٿيندو. ڪنهن به سياسي ڪارڪن طرفان پنهنجي عملي تجربي کي ڪهاڻين جي صورت ۾ آڻڻ جو شايد هي پهريون تجربو هجي. نور راهوجو صاحب جون ڪهاڻيون هڪ مقصد تحت لکيل لڳن ٿيون ته ڪهڙي به ڏکين حالتن ۾ حوصلو نه هارجي، رهبرن جي ڌوڪن کي بهانو بڻائي پنهنجي ذميواري کان پري نه ٿجي، مايوس نه ٿجي ۽ علم جي راه کي اپنائجي. جيئن هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي واه چيف واه سنڌ جي سياست ۾ مورثي سياست کي موضوع بڻائي ٿي، جنهن ۾ سچن ڪارڪنن کي غدار ثابت ڪري رستي مان هٽايو وڃي ٿو پر سچو ڪارڪن مايوس ٿي وڃڻ بدران نيئن سر اهڙن دوستن کي گڏ ڪري نيئن سنگت ٺاهڻ چاهي ٿو، جيئن ڪهاڻي واه چيف واه ۾ هڪ ڪردار منٺار ٿڌو ساه ڀري چئي ٿو ته ” ڪڻي ڪڻي کي ڪٺو ڪريو، گڏيل قيادت ۽ گڏيل سوچ ويچار سان اڳتي وڌو. اختلافن هوندي  گڏ رهڻ ۽ هلڻ سکو. دشمن ۽ دوست ۾ فرق ڪريو، ڪارڪنن کي يتيم ۽ لاوارث بڻائي عوام دشمن قوتن اڳيان اڪيلو نه اڇلايو، ماڻهن تي مهل تي هڏڏوکي ۽ ڀرجلا ٿيو. ساڻن گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جو سوچيو، ارتقا ۽ انقلاب ۾ واضع ۽ چٽو فرق ڪريو. علم ڀرايو، سمجهه وڌايو.“  هنن ڪهاڻين ۾ انهن اديبن کي سندن ئي لکيل ڪردارن کي سامهون آڻي آئينو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ فرق رکن ٿا. جيئن ڪهاڻي سنڌو جو سوال ۾ هڪ ڪردار ليکڪ کان سوال ڪري ٿو ته ” آءُ جيڪا امر ۽ لازوال هيس، مومل، سسئي، سهڻي، ماروي ۽ ٻين اهڙين سورمين  جي سٿ جي راڻي هيس، سا اڄ تنهنجي ڪانئرپڻي ۽ ديش دروهي ڪردار جي ڪري ڪنڌ جهڪايو بيٺي آهيان ۽ پنهنجي ئي نگاهن سان نظرون ملائڻ جو تاب نٿي ڀانيان. ڪو تخليقڪار ڊپ ۽ لالچ جي ڌٻڻ ۾ ايترو به ڪري سگھي ٿو. اهو آءُ سوچي به نه ٿي سگھيس!. اهڙي طرح ڪهاڻي سياسي مجاور ۾ ليکڪ منصف مزاجي سان نقاد بڻجي ڪنهن به رک رکاءَ ڪرڻ بجاءِ سياسي مرشدن توڙي ادبي مجاورن جي اصليت کي سامهون آندوآهي. ڪهاڻي ديش دروهي يونيورسٽين مان گھر پهتل لاش جو درد محسوس ڪرائي ٿي ته ڪهاڻي ”اهڙو ڏينهن به ايندو“ ٽارچر سيلن ۾ موجود بيگناهن جي دردن جي ڪٿا آهي. هن ڪتاب جي نالي واري ڪهاڻي خواب مرندا ناهن! مجموعي طرح هڪ اتساهڪ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ لائبريري کي علم جي لاٽ بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ خوابن جي اردگرد ڪهاڻي ڦري ٿي. عام طور رواجي انسان ائين سمجهندا آهيو ته خواب مرندا آهن، ٽٽندا، ڀرندا، رسندا آهن پر هن ڪهاڻي ۾ سمجهايل آهي ته خواب مرندا نه آهن پر خواب منتقل ٿيندا آهن. ليکڪ هي جملو لکي تاريخ جي سمورن گم ٿي ويل سمورن هيروز جو مان مٿانهون ڪيو آهي جن پنهنجي زندگي انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪتب آڻي ڇڏي ۽ ظاهري طرح ڪامياب نه ٿيا پر هي جملو انهن جي آدرشن کي ايندڙ نسل جي سامهو صاف ۽ چٽو ڪري ڇڏي ٿو، ۽ هر ايندڙ نسل کي سندن آدرش منتقل ڪري ٿو. هي جملو سچ ته هن سڄي مجموعي توڙي ليکڪ جي سموري تخليق جي جان آهي. ڪهاڻي هو سڪنيس هڪ ايماندار ۽ وطن دوست آفيسر جي آهي، ڪهاڻي پرهجوم اڪيلائي ۾ ليکڪ پنهنجي اڪيلائي کي به طاقت بڻائي ٿو۽ زماني جي بي وفائن ۽ ڌيڪن کي پاسيرو رکي پنهنجي پڙهيل ڪتابن ۽ ڏٺل آرٽ موويز مان اتساه وٺي کين پنهنجو دوست سمجهي ٿو ۽ اڪيلائي کي ڪارائتو ڪرڻ لاءِ يادگيرين کي ڊائري ۾ لکڻ ويهي ٿو.ڪهاڻي جوائننگ ڪرپٽ تعليم کاتي کي وائکو ڪري ٿي، جيئن ڪهاڻي ۾ لکيل آهي ته  قابليت بجاءِ رشوت ڏيڻ تي نوڪري ملي ٿي، پر ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي، جوائننگ ۾ به ڪافي رڪاوٽون هجن ٿيون جيڪي به ڪم نه ڪرڻ ۽ پگھار مان حصو پتي ڏيڻ جي واعدي سان ئي ملي ٿي. جئين ڪلرڪ نيئن ڀرتي ٿي آيل استاد کي چئي ٿو ته ”استاد سائين ڳالهه چٽي پيئ آ. جيڪڏهن توهان ماهوار جوائننگ ڪندا ته توهان کي هر مهيني اچڻو پوندو، پگھار کڻڻ لاءِ، ان جو معاوضو هوندو ٻه هزار روپيه ، ٽه ماهي جوائننگ جو مطلب ته هر ٽئي مهيني ديدار ڪرائڻ لاءِ حاضر ٿيڻو پوندو. ساڳيءَ طرح ڇهه ماهي ۽ سالياني حاضري لڳندي!  رهيو سوال پگھار جو، سا ڏه سيڪڙو ڪٽوٽيءَ سان توهان کي گھر ويٺي ملي ويندي!“ پر ان ڳالهين باوجود به جڏهن نوجوان استاد چاهي ٿو ته هو ريگيلور اچي پڙهائڻ چاهي ٿو ته کيس ڊيڃاريو وڃي ٿو ته معطل توڙي نوڪري مان فارغ ڪيل ۽ پگھار لاءِ ترسندڙ استاد توهان جهڙا ريگيولر ئي هوندا آهن، جيڪي حڪمرانن ۽ ڪرپٽ بيروڪريٽس جي مروج ڪيل نظام جي اڳيان ڍال ٿي بيهندا آهن. اهڙي طرح ڪتاب ۾ موجود ٻيون ڪهاڻيون نيٺ بهار ايندو، زندگي ڏانهن موٽ، فيصلو به جهان خان جو، ، اتفاق، پڇتاءُ ۽ عيد مبارڪ به ڪافي دلچسپ ۽ حقيقتنگاري سان ڀرپور آهن. ڪتاب جي ڪجهه ڪهاڻيون جن ۾  رک ڏاڙهيءَ تي هٿ ، ڪوئي آهي ۽ ، فاضل جو رستو ڪهاڻيون ڪنهن خاص حالت يا واقعي جي ڪري نه پري طع ٿيل سوچ سان لکيو ويون آهن جن ۾ ڪهاڻي جو پلاٽ ڪافي ڪمزور نظر اچي ٿو، جيئن ڪهاڻي فاضل جو رستو سياسي تبصرو يا بحث لڳي ٿو پر ان ڪهاڻي ۾ جنهن بهادري ۽ همت سان سواءِ ڪنهن لحاظ جي سچ چيو ويو سو به بي مثال آهي، ڪهاڻي رک ڏاڙهيءَ تي هٿ اچانڪ ڳوٺاڻي سان ملاقات ۽ کيس انقلاب دوست ڪم ڪرڻ تي آماده ڪرڻ غير يقيني لڳي ٿو، اهڙيءَ طرح ڪهاڻي ڪوئي آهي ۾ اسلام آباد مزدوري ڪرڻ لاءِ ويل سياسي ڪارڪن کي دامن ڪوه جي مقام تي اچانڪ پراڻي سياسي ڪارڪن جي پٽ سان ملاقات ۽ پوءِ سموري سنڌ جي صورتحال ۽ رهنمائن جي ڪيل غدارين جو ذڪر به ڪهاڻي جي لاءِ ماحول ته نٿو جڙي پر ڳالهيون سڀ معنيٰ خيز ضرور آهن. ائين چئجي ته اڪثر ڪهاڻِين جو مقصد ساڳو آهي ته غلط نه ٿيندو انڪري ڪجهه ورجاءُ هجڻ ۽ سياسي ڊائلاگن جو ڊگھو ۽ گھڻي هجڻ جو تاثر ملي ٿو. پر مجموعي طور واقعن کي بيان ڪرڻ، منظر ڪشي ڪرڻ،  لفظن جي وهڪري ۽ پهاڪن ، لوڪ ڏاهپ جي چوڻين ۽ اتساه سان پرپور جملن هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ محسوس ڪرڻ ، سمجهڻ لاءِ گھڻو ڪجهه آهي، انڪري لڳي ٿو ته نئين طرز انداز سان لکيل هي ڪهاڻيون ادبي دنيا ۾ پاڻ مڃائينديون ۽ گڏوگڏ ڪيترن ئي گھر ويٺل ترقي پسند فڪر جي تجربيڪار ڪارڪنن کي لکڻ لاءِ مجبور ڪنديون ۽ نوجوان نسل کي گھمراه ٿيڻ کان بچڻ ۽ نئون دڳ ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذميواري قبول ڪرڻ تي اتساهينديون. 
آءٌ هڪ بيمثال، همٿ ڀرئي ، مثبت سوچ جي مالڪ، ڪڏهن نه ٿڪجندڙ ۽ نوجوانن جي لاءِ ڏيئي جي لاٽ جهڙي انسان سائين نور راهوجو صاحب کي سندس هن شاندار تخليقي ڪتاب تي مبارڪ باد ڏيا ٿو . هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن طرفان ڇپبرايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيه آهي ۽ ڪتاب 206 صفحن تي مشتمل آهي.


 

اخلاق انصاري جي ڪهاڻين الڳ دنيا ۾ پهچائي ڇڏيو ڪليم ٻٽ



اخلاق انصاري جي ڪهاڻين الڳ دنيا ۾ پهچائي ڇڏيو
ڪليم ٻٽ

سٺو فڪشن پڙھندڙ تي ٻه اثر ڇڏيندو آھي: 
هڪ ته اهو پڙھندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪندو آھي,
ٻيو سٺو فڪشن پڙھندڙ کي تصور ۽ تخيل جي هڪ الڳ دنيا ڏانهن وٺي ويندو آھي. سچ پڇو ته ڪلهه کان جيئن هي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيم ته هن ۾ موجود ڪهاڻين ۽ ڪردارن زندگي جي مختلف رخن تي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ڪلهه کان پاڻ کي هڪ الڳ دنيا ۾ هوندي محسوس ڪري رهيو آھيان, اڃا به هنن ڪهاڻين جي سحر مان نه نڪري سگهيو آھيان.

 مون هڪ پوسٽ ۾ ادب جي حوالي سان لکيو ته:
"Literature is to express your darkest feelings in sophisticated manner."

اخلاق انصاري جي ڪهاڻين جي ڪتاب مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آھيان پڙھڻ کان پوء پنهنجو اهو جملو سچ ثابت ٿيندي محسوس ٿيو. ڪنول پبليڪشن پاران ڇپايل هن ڪتاب ۾ سورنهن ڪهاڻيون آھن, جن ۾ نه ته ڪا پرچار ڪئي وئي آھي نڪو ئي وري ڪا پروپيگينڊا, پر ان کان مٿي انسان جي انهن darkest feelings جو اظهار ڪمال نفاست سان ڪيل آھي. فني اعتبار سان هڪ ڪامياب ڪهاڻي اها آھي جنهن ۾ واقعا, جذبا, احساس هڪ تسلسل ۾ ھجن ۽ اهو تسلسل ڪٿي به نه ٽٽي. پڙھندڙ کي ڪٿي اهو احساس نه ٿئي ته فلاڻي ڳالهه, واقعو يا جملو ڪهاڻي ۾ اجايو ٽنبيو ويو آھي.

اخلاق صاحب ڪمال مهارت سان هي ڪهاڻيون لکيون آھن.
هنن ڪهاڻين جي هڪ عجيب دنيا آھي ڪردارن جي مختلف ورتائن جي ڪري الڳ نفسيات جڙي ٿي وڃي. ڪنهن ڪهاڻي ۾ هڪ پوڙھو همراهه ماڻھن سان ڳالهائڻ لاء سڪي ٿو ۽ پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري ٿو ته ڪنهن ڪهاڻي ۾ پنهنجي وقت جو مشھور ڌاڙيل جيل ۾ نڪرڻ کانپوء بيوسي جي عالم ۾ ھليو ٿو وڃي. ڪنهن ڪهاڻي جو ڪردار سندس ئي خوف جي سوڙھي ڪنڊ جي دائري ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. کيس ڊپ آھي ته جيڪڏھن کيس ايڊز پازيٽو آيو ته سندس پاڙي وارا ۽ مٽ مائٽ ھن لاء ڇا سوچيندا ۽ انهي خوف ۾ هن کان زندگي جون رنگينيون کسجڻ لڳن ٿيون. ورهاڱي کانپوء ظفر اقبال هتي پناهگير ٿي اچي ٿو پر اڃا به کس پناهه جي ڳولا آھي.
هنن ڪهاڻين ۾ ھڪ نواڻ اها به ڏسڻ ۾ آئي ته ڊائلاگن ۾ انورٽڊ ڪاما استعمال نه ڪيا ويا آھن, ان ترز تي ادب ۾ نوبل انعام ماڻيندڙ پورتگالي ناول نگار ساراماگو جا ناول لکيل آھن. 
ڪهاڻين جا ڇرڪائندڙ جملا ۽ پڄاڻي ليکڪ جي آرٽسٽڪ ايڪسپريشن جي شاهدي ڏين ٿا.
هنن ڪهاڻين جو تت شوڪت شورو صاحب جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيل هنن سٽن مان ڪڍي سگهجي ٿو:
"اخلاق انصاري نئين حساسيت (Modern sensibility ) جو ڪهاڻيڪار آھي. هن زندگي جي ننڍڙن ۽ پيچيده پاسن کي آرٽسٽڪ نموني جديد ڪهاڻي جي فريم ۾ آندو آھي. اخلاق انصاري انساني رشتن ۾ پيدا ٿيل مفادن ۽ منافقتن کي چٽو ڪيو آھي."
ويجهڙ ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان هي ٻيو اهم ڪتاب منهنجي نظرن مان گذريو آھي. ان کان اڳ مشتاق شورو صاحب جو ڪتاب هستي جو گم ٿيل ٽڪرو پڙھڻ جو موقعو مليو. هي ٻئي ڪتاب جديد سنڌي ڪهاڻي جا سنگميل آھن. هنن ٻنهي ڪتابن کي يونيرسٽي ليول تي سنڌي ادب جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. جيئن نئون لکندڙن کي جديد ڪهاڻي جي فن جي خبر پئجي سگهي.

 

پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو رکيل مورائي




پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو
رکيل مورائي

جيئڻ ڪهڙين به حالتن ۾ جيئڻ آهي جيڪڏهن حالتون موت کان ڪنهن به طرح نراليون آهن ته! ڪجهه به نئون لکڻ نئون جيئڻ ئي ته آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نئون/جديد ادب ڏيندڙ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ننڍي دائري ۾ ڪوتاڪار اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکڻ ائين آهي.
اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي لکندي هڪ ڳالهه ته کٽڪي ٿي ته نئين/جديد ادب جي تشريح يا تعارف اسان وٽ مڪمل طرح نه ٿي سگهيو آهي. سبب اهو آهي جو ان طرف اسان جو ويچار يا رخ ٺيڪ طرح سان ويو ئي نه آهي. اڄ تائين جيڪو به ڪجهه ان سلسلي ۾ لکيو ويو آهي اهو بنهه گهٽ آهي ۽ ان ڪري ان ۾ نئين/جديد ادب جي چٽائي نه ڪئي وئي آهي، جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي اهي سڀ ڪوششون ئي آهن. ڪامياب/ناڪامياب.
اتي منهنجو خيال اهو آهي ته اهڙو جذبو به ڪن ٿورن نقادن/لکندڙن کي ٿي سگهي ٿو. ان هوندي به هڪ نقاد لاءِ، جڏهن هو اڄ جي ادب تي لکڻ جي جوابداري کڻي ٿو ته، يا ادب تي لکڻ وقت اُن مان ” اڄ جي ادب“ جون وصفون ڳولي ٿو، يا انهن کان وصف جي تقاضا ڪري ٿو، تڏهن مختصر ئي سهي، کيس اهو ٻڌائڻ لازمي بڻجي پوي ٿو ته هُو هٿ ۾ کنيل تخليق تي تنقيد ڪندي، نه صرف جدت طرف پنهنجو رخ ٻڌائيندو هلي پر اهو به ضرور ٻڌائي ته جدت پاڻ ڇا آهي ۽ هن ليکڪ لاءِ ڇا آهي. جنهن تي لکيو پيو وڃي، ڇو ته ڏٺو اهو ويو آهي ته ڪنهن به ليکڪ (هتي اخلاق انصاري صاحب جي جدت جي پس منظر ۾) جي داخليت تائين پهچ خارجيت معرفت ئي ٿيندي آهي، ڪي ليکڪ ٻيءَ طرح به سوچيندا هوندا يا سوچيندا آهن.
منهنجو چوڻ اِهو آهي ته ڪنهن به سچ تائين پهچ ادب جي شروعات کان ٻن پهلن کان رهي آهي، هڪ تخليقڪار جي ۽ ٻي ويچارڪ جي، خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته هڪ ئي وقت اخلاق انصاري صاحب ۾ مٿيان ٻئي شخص موجود رهيا آهن.
سندس تازو ڪهاڻي ڪتاب ”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ ان ڳالهه جو جيئرو ثبوت آهي. جنهن ۾ تخليقڪار به موجود آهي ته ويچارڪ/سوچيندڙ به! ۽ ادب انهن ٻن جي موجودگيءَ ۾ ئي اوسر ڪندو آهي، جيڪا سنڌي ادب جو نصيب بڻيل آهي. صنف ڪهڙي به هجي ان تي لکڻ الڳ آهي، جيئن هن وقت منهنجو لکڻ ڪهاڻيءَ تي آهي، سو به اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻيءَ تي، ڪهاڻيءَ جي حسب نسب تي لکڻ هن وقت اجايو.
ڪيئن به سنڌي اصلوڪي ڪهاڻيءَ پنهنجي جنم کان اڄ تائين، جنم ڏينهن ٻڌائڻ کان سواءِ جيڪو سفر ڪيو آهي، اهو ساراهڻ جهڙو ته آهي ئي پر ڪٿي ڪٿي اهو سنڌي ادب کي فخر ڏياريندڙ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب جو ناول بنهه غريب آهي.
اخلاق انصاري صاحب هڪ عدد ناول به لکيو آهي پر سندس ڪهاڻيءَ مجموعي سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختلف چهرن کان پنهنجو چهرو الڳ ظاهر ڪيو آهي، جيڪو ڏسڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو، خاص طور سندس نئون آيل ڪتاب ” مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ پنهنجي نالي مان ئي ظاهر ڪري رهيو آهي ته هن ڪتاب جون ڪهاڻيون ”من ڇيد“ واريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ليکڪ جي سڃاڻپ به آهن سندس سموري ادب ۾!
اخلاق انصاري صاحب سنڌيءَ جو اهو ليکڪ آهي جنهن جون ڪهاڻيون شخص جي آس پاس هجڻ باوجود شخص جي آر پار جو چهرو وڌيڪ ڏيکارينديون آهن، هت مان مغربي ادبي ڌارائن توڻي تنقيدي ڌارائن جو بار هنن ڪهاڻين تي وجهي انهن جي اصلوڪي بيهڪ توڙي سونهن سميت احساس توڻي اظهار کي ڇيهو نٿو رسائڻ چاهيان ٻيءَ طرح دنيا جي مڙني ٻولين جو ادب، دنيا جي ٻين مڙني ٻولين تي پنهنجو اثر ڇڏيندو آيو آهي، جنهن جي اپٽار ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي!
اخلاق انصاري صاحب جون هن ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون نئين صديءَ ۾ پنهنجي اهڙي تازگي کڻي آيون آهن جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ماڻي به سگهجي ٿو ته ڀوڳي به سگهجي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته محسوس ڪيل کي ماڻي يا ڀوڳي ته سگهبو آهي پر ان سڀ کي اظهارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي، شايد مون سان به ائين ٿي رهيو آهي، تنهن هوندي به هيءُ چوڻ مون لاءِ وڌيڪ ٺيڪ آهي جو چوان/لکان ته هيءُ ڪهاڻيون باوجود پنهنجي دائري ۾ زمان ۽ مڪان جون لڪيرون رکندي، پنهنجي احساس ۽ اظهار ۾ ايتريون ويڪريون/ سگهاريون آهن جو اهي ڪنهن به وقت پڙهجن، پنهنجو احساس تازو رکنديون، اهو سڀ ڪهاڻيڪار جو ڪمال هوندو آهي ۽ ائين هر ڪهاڻيڪار وٽ اهو ڪمال نجو هوندو آهي، جيڪو سندس ادبي ميراث هوندو آهي، جيڪا کانئس ڪو به کسي نه سگهندو آهي.
”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ جو سفر ٻاهر کان اندر ڏانهن آهي. جيڪو ٿورن ليکڪن وٽ هوندو آهي، انهن ٿورن (جيڪي سنڌيءَ ۾ لکن ٿا) مان هڪ نالو اخلاق انصاري آهي، کانئس پوءِ واري نسل ۾ شايد هڪ کان وڌيڪ نالا اڀري اچن!
ڪيئن به سندس ڪهاڻين کي جيئن مون محسوس ڪيو آهي، مون کي اهو ئي لکڻو آهي، سڀني سَهمتين ۽ اَسهمتين سميت.
هن ڪتاب اچڻ کان اڳ گهڻي ساراهه ماڻڻ جو اعزاز رکندڙ ڪهاڻي ”ظفر اقبال وري پناهه ڳولي ٿو“ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي آهي. ياد رهي ته هيءَ ڪهاڻي ٻاهر جي پناهه جو احساس به کڻي آئي آهي ته اندر ۾ پناهه ڳولڻ جو احساس به کڻي آئي آهي. ڪتاب جي پهرئين ڪهاڻي اهو ٻڌائڻ لاءِ گهڻي آهي ته شخص جيڪو اندر اندر اڪيلو هوندو آهي، اهو ٻاهر ٻاهر وڌيڪ اڪيلائيءَ کان پناهه گهرندو آهي، هيءَ ڪهاڻي اهڙي شخص جو بيمثال اظهار آهي.
اسين سڀ جيڪي ماضيءَ ۾ جيئون ٿا، حال جي حقيقت سامهون اچڻ کان لنوايون ٿا، ڇو ته ان کان ڊڄون ٿا، ان ڪري اسان پنهنجي اڄ جي ادب سان به مُنهان مُنهن نه آهيون، پاڻ سان به نه آهيون، ان جي ڪن ڇانَو وارن پاسن ۾ پناهه ڳولهيون ٿا، زندگيءَ جو نجي سَچُ اظهارڻ جي قوت نٿا رکون، جنهن سبب شخص جو احساس به شخص لاءِ هڪ اذيت بڻجي پوي ٿو، جڏهن هُو سچ پچ اهو محسوس ڪري ته هو پنهنجو سمورو ڪارج ”نالي کان سواءِ“ ائين وڃائي ويٺو آهي جيئن اليڪسي (L) ايل جيڪو فقط پنهنجو نالو ٻڌي پنهنجو رد عمل ڏيکاري ٿو، ٻيءَ طرح هو ڪجهه به نه آهي. يا هن جهان جو نه آهي. هن احساس واري ڪهاڻي سنڌي سماج (جيڪو سماج جديديت جي دٻاءَ هيٺ ته آهي، پاڻ ۾ جديد نه آهي) کي ڏيئي، اخلاق انصاري صاحب مجموعي طور سنڌي ڪهاڻيءَ جو نڪ مٿي ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جي وڏي حصي جو نڪ پيٽ تائين ڏسي ٿو، ان کان اڳتي شخص جي اڪيلائي آهي. جيڪا هڪ انبوهه ۾ وڃائجي وئي آهي. جنهن کي بهرحال ڪهاڻيءَ معرفت ڳولڻو آهي. هيءَ دنيا جي ادب کي ڏيکارڻ جهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن جو عنوان آهي ”اوپرو“.
”زندگي ڪجهه به نه...!“ جي نالي واري ڪهاڻي ماضيءَ کان حال ڇڏي/وساري، مستقبل ۾ ٽپو نه ڏيئي سگهڻ جي درد پالڻ واري اهڙي شخص جي آس پاس آهي جيڪو ماضيءَ جون اهڙيون يادون سانڍي ٿو جيڪي کيس سهارو نٿيون ڏيئي سگهن جنهن وقت هو دل جي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل آهي ۽ اڪيلو آهي ۽ ان سمنڊ ۾ ٻڏل آهي، جنهن لاءِ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پيرا ڏني وئي آهي.
”سمنڊ آڻجانءِ!
ڪيئَن آڻيندس!
پوءِ پڇين ڇو ٿو؟ هاڻ هُن جي اکين ۾ سمنڊ هو، هوءَ سمنڊ کڻي منهنجي ڪمير ۾ آئي هئي“ الميو اهو آهي ته هو انهن اکين جي سمنڊ ۾ به ٻڏي نه سگهيو هئو، جيترو اڪيلائيءَ ۾ ٻڏو هُئوشايد!
سوچڻو ان تي آهي ته زندگي ڇا آهي؟ زندگي ته هئي ۽ رهڻي آهي فقط زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڪجهه به نه آهي، جنهن کي عُمر چئجي ٿو.
سمجهي سگهجي ٿو ته ” پڇاڙ ڪن قدمن جو ٿڪ“ وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيندو آهي. اڄ جي شخص کي زندگيءَ الڳ الڳ حوالن ۾ ڪيترو ٿڪايو آهي، هيءَ ڪهاڻي ان شخص جي ڪٿا آهي، جيڪا سندس بدلجندڙ ويچارن کي سهيڙڻ نٿي ڏئي ۽ هن جو ننڍڙو سفر کيس مختلف حوالن ۾ ڪيترو پيڙي رهيو آهي، شخص جيڪو پنهنجي اندر ۾ پيڙت آهي، ڇاڪاڻ ته هو شگر جو مريض به آهي ته دل جو مريض به. هيءَ سندس نجي پيڙا آهي جنهن کان ڪو به ٻيو واقف نه آهي ۽ کيس عام اڳيان اظهارڻ به غير مناسب ٿو لڳي! پنهنجو درد!
ڪهاڻيءَ جي فريم ۾ اهو اظهار آرٽ جو هڪ ننڍڙو فنپارو ٿي ظاهر ٿيو آهي. شخصي پيڙا ٻاهران گهمندڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو درد آهي، اهو هُو ئي ڄاڻي سگهي ٿو، هيءُ درد ڪو انبوهه جو يا جلوس جو درد نه آهي، جو تماشي جو گمان ٿئي.
ائين اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻي ”سوڙهي ڪُنڊ جو دائرو“ ۾ هڪ اهڙو اڻ ڄاتو خوف آهي، جيڪو خود اذيت ڏيندڙ آهي شخصي طور! اهو خوف وارو عمل ٻين جي زندگين کي تباهه ڪرڻ سبب، خوشي ڏيندڙ آهي، هڪ شخص لاءِ! جڏهن ته مجموعي طور خوفائتو آهي. روئڻ ۽ پريشان ٿيڻ جو ناٽڪ نگيٽيو هجي توڻي پازيٽيو جيڪو هڪ شخص لاءِ آهي. اهڙو ڪو به ناٽڪ خود غرضي آهي! ۽ هيءَ ڪهاڻي ان خود غرضيءَ تي آهي هڪ ماٺيڻي چوٽ!
”سَڃ“ ڪهاڻيءَ جي زليخان جي ” ديد ته نه هئي تير هُئو جنهن اندر زخمي ڪري ڇڏيس“ ٽيهارو سال آڳاٽو سنڌ جو سماج ۽ ان جا ڪردار کڻي آيل هيءَ ڪهاڻي پنهنجي فني بيهڪ ۾ نه رڳو نئين آهي پر ليکڪ جي مزاج موجب آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار جو ٻاهر کان اندر ڏانهن اچڻ آهي. جنهن جهڙن ڪردار لاءِ ائين سوچڻ ئي مشڪل هوندو آهي. ڳوٺاڻي ڪاٽڪو زندگيءَ جو احساس ۽ مزاج رکندڙ ڪردار جڏهن پنهنجي ڪنهن عمل تي پڇتائي ٿو ته ان کان اڳ پڇتاءَ سبب. هڪ اهڙي سزا ڀوڳي ٿو جيڪا اصل ۾ سزا ئي هوندي آهي. هڪ اندر جي ۽ ٻي ٻاهر جي ۽ جڏهن ٻئي سزائون ڪاٽي ختم ڪري ٿو ته اها دنيا جي مٽجي وڃي ٿي جنهن ۾ ڪردار رمضان رهندڙ هُئو. اهو نئين ٿيل ترقيءَ جو راز هُئو.
بُونساءِ ڪهاڻي/پلاٽ ليس، اڪيلائيءَ ۾ ويچارن جي ڊوڙ، ذهن تي گهڻ پاسائون دٻاءُ! بي يقيني، رشتن تان ويساهه کڄڻ، اندر جي ڀڃ ڊاهه، جديد دنيا جي کوکلائپ سبب شخص جو پاڻ کان فرار، اهي اڄ جي نامراد دور جي، شخص جي آس پاس کان آرپار تائين جون پيڙائون آهن، جيڪي ٻاهرئين سڀُ ڪجهه هجڻ باوجود، اندر ئي اندر ڪجهه به نه هجڻ سبب ڀوڳي ٿو، پوءِ به جيئي ٿو. دراصل هيءُ اڄ جي دور جو انسان آهي، جيڪو جيئڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي ڪنهن به نالي ۽ سڃاڻپ کان سواءِ!
هن ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي ”معافي“ نالي واري آهي. ننڍن لفظن/ جملن/سٽن ۾ وڏي ڪهاڻي، ضرور پڙهڻ گهرجي! ڏند ڪٿا/لوڪ ڪهاڻيءَ جهڙو موضوع کڻي ايندڙ هن جديد ڪهاڻيءَ پنهنجي اندر گهڻي گهڻي وڏي ٽرئجڊي سانڍي رکي آهي ۽ اخلاق انصاري صاحب جنهن فنڪاريءَ سان هن موضوع کي ڪهاڻيءَ ۾ اُڻيو آهي اها اڄ جي ماڊرن ڪلاسڪ آهي.
بنا ڪنهن آواز جي، بنا ڪنهن واڪي جي، گوڙ شور جي پنهنجي ماٺ ۾ هڪ بارودي باهه جو تاءُ رکڻ واري هي ڪهاڻي، جيتري شانت سڀاءَ، سيتل/نرم لهجي ۾ اظهاري وئي آهي، ان لاءِ ڪنهن به ليکڪ جو ٻاٻُرن ٽانڊن تان گذرڻ بنهه ضروري آهي ۽ جيڪو ليکڪ اهڙو تجربو نٿو رکي ان لاءِ هن ڪهاڻيءَ جهڙي ڪهاڻي لکڻ ناممڪن ڀل نه هُجي، اوکي اوس آهي. منهنجي اندر جي شخص کان هيءَ ڪهاڻي وسرڻ جهڙي نه آهي، شايد سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ کان به هيءَ ڪهاڻي نه وسري سگهي، ان سڀ تعريفي لکڻ لاءِ معافي، سائين معافي!
”هارايل عُمر جا آخري پل“ ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ائين ٿئي ٿو ته، جديد سماج اڏڻ جي نالي، ڪٽنبن، رشتن ٽٽڻ کان پوءِ جڏهن تڪڙو ئي تڪڙو ”ڪالهه“، ”سڀاڻي“ ۾ بدلجي وڃي ٿو ته ”اڄ“ پنهنجي سموري معنيٰ وڃائي ويهي ٿو يا ڪيتريون ئي معنائون جوڙي وڃي ٿو؟ ماڻهو/شخص وقت کان تڪڙو اڳتي ڊوڙي نڪرڻ جي گوءِ ۾ آهي، هو اُهو نٿو سمجهڻ چاهي ته وقت کان ڪنهن به طرح کٽي نه سگهندو ۽ شڪست کائيندو، جيئن ڪهاڻيءَ ۾ ”بابا“ ڪردار کاڌي آهي پر اها فطري ڪيتري آهي، ويچارڻو اهو آهي.
”نه سمجهڻ جو ڏک“ ڪهاڻيءَ کي جيئن مون سمجهيو آهي، اهو هيئَن آهي ته، هن ڪهاڻيءَ ۾ قدرن جي بدلجڻ/مٽجڻ جو الميو آهي. ماڻهو جڏهن ڪجهه به سمجهائي سگهڻ جي قوت گهٽائي ٿو ته اڪيلو ٿي وڃي ٿو، ڇو ته سمجهائڻُ ۽ سمجهڻُ ٻن شخصن يا ان کان وڌيڪ شخصن جي وچ ۾ هوندو آهي. ٻن نسلن جو نه سمجهائي سگهڻ ۽ نه سمجهي سگهڻ حالتن/قدرن جو بدلجن آهي، جنهن بدلجڻ ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو آهي. ڀل اهي پٽ ۽ پيءُ جي وچ جا ناتا رشتا ئي ڇو نه هجن. اخلاق انصاريءَ جي هيءَ ڪهاڻي، پيڙهي وڇوٽيءَ جي احساس کي ڪهاڻي جي سطح تي وڌيڪ اڀاري سگهي آهي.
”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ ڪهاڻي ڪتاب جي نالي واري ڪهاڻي آهي، ان کي مان نالي سان ذڪر هيٺ آڻي گهڻو تفصيل سان لکڻ چاهيندي به مضمون وڌڻ جي خوف سبب مختصر ڪري پاڻ کي هلڪو ڪريان ٿو سک ماڻيان ٿو، هن ڪهاڻيءَ تي لکڻ اڪيلائيءَ جي سمنڊ ۾ پاڻ کي ڳولڻ آهي ماڻهو جيئن سوچيندو آهي، اهو فقط سوچڻ ئي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سچ جي اسپيڊ گهڻي گهڻي تيز هوندي آهي، جيتري اندر جي ڪائنات وڏي آهي ايتري سوچ جي اسپيڊ وڏي آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهڙي ئي سوچ جو سفر آهي، جيڪو ڪٿان کان ڪٿي ٿو پهچي، اهو سڀ شخص جي ڊوڙ کان ٻاهر آهي. ان لاءِ ليکڪ جو اهو جملو ڪافي آهي ” الائي ڪيتريون دانهون لڪل هونديون آهن، هزارين دانهون، هزارين ماڻهن جي اندر ۾ دفن هونديون آهن.“
۽ سچ پچ اهي دفن ئي ٺيڪ آهن، ڇو ته هر دانهن کي پنهنجا سبب هوندا آهن سببن تي جيترو ويچاربو، ويچار اوترو ڊگهو ٿيندو ويندو ۽ سوچيل جڏهن اظهار پائيندو ته کلڻ حاب ڪندو! ڇاڪاڻ ته اهو ڪنهن جو نه هوندو آهي يا ڪنهن جو هوندو آهي، ڇو ته نه هاٿيءَ جي ڪنن مان ڪيلي جا پن ٺهندا ۽ نه ڪيلي جي پنن مان هاٿيءَ جا ڪن ٺهي سگهندا. ها! اهو سچ آهي ته، ڪن سهي جڳهين تي غلط ماڻهو ويٺل هوندا آهن ۽ ڪن غلط جڳهين تي سهي ماڻهو ويٺل ٿي سگهن ٿا. اندر جي سچ طور مڇيءَ جي ٻچڙن سان همدردي هوندي به انهن جي پڪڙيندڙن جي شڪايت نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي کين روڪي سگهجي ٿو ۽ انت يا چرين جي اسپتال جو هڪ بيڊ يا آرٿوپيڊڪ وارڊ جي داخلا ۽ مسلسل اڪيلائي.
هيءَ سڀ ويچارڪ شخص جي ڀوڳنا آهن، جيڪا اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻيءَ ۾ آهي، جنهن کي ليکڪ ادب جي هڪ ڌارا سيريلزم جي ڌارا ڪوٺي ٿو. پر جيڪڏهن سچ پچ صرف ويچاريل، سائنس جي سهوليت سان لکت ۾ اچي وڃي ته پوءِ پڪ اهو ٻاهر جو سچ به هوندو اُهو ڪنهن ڌارا جو محتاج ڪٿي هوندو؟
ائين هي ڪنهن به ڌارا جي دائري کان ويڪري ڪهاڻي آهي، ان جي پڄاڻي به احساساتي سطح تي ايتري ويڪري آهي. ”مان اڄ مري ويو آهيان، دعا لاءِ هٿ کڻڻ جي ضرورت نه آهي“ شخص جو الميو ۽ سندس اندر اڪيلائي ڪيتري وڏي آهي رڳو سوچي ئي سگهجي ٿو. باقي ٻين پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي راءِ لاءِ ڇڏيان ٿو. ڇاڪاڻ ته اها خود ليکڪ اخلاق انصاري ۽ شخص اخلاق انصاريءَ جي سڃاڻپ جو حوالو به آهي.
ائين ”پن ڇڻ ۾ ٽڙيل گل“ ڪهاڻي، دنيا جي هاڻوڪي وبا جي مايوس ۽ اُداس ڏينهن تي لکيل هڪ پرُاميد ڪهاڻي آهي. جيڪا هڪ پالتو ڪتي جي سفر ڪٿا کي کڻي لکي وئي آهي. هنن ڏينهن ۾ دنيا اندر لکيو ويندڙ ادب جي هيءَ وڏي ڪهاڻي آهي جيڪا ننڍي ٻوليءَ ۾ لکي وئي آهي. هيءُ ڪهاڻي جڏهن به پاڻ جهڙي وڏي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ته وڏو اعزاز/مرتبو ماڻيندي موضوع جي حوالي سان ۽ اسلوب جي حوالي سان به! هن ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار جيڪ جي نالي سان آهي، مجموعي طور اخلاق انصاري صاحب جي اڪثر ڪهاڻين ۾ پوئين عمر جي اڪيلائيءَ جو خوف گهڻو آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.
”مڙهيل عذاب ۾ گذاريل گهڙيون“ هڪ اهڙي شخص جي وارتا آهي جيڪو سامهون فليٽ ۾ رهندڙن پاڙيسرين جي مڙهيل اذيت کان بچڻ چاهيندي به بچي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ هي پل ئي آهن جن جو عذاب ڪهاڻي ۾ آندل آهي پر انهن جي اذيت کي ڪهاڻيڪارُ/فنڪارُ ڪيئن ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو ۽ اظهاري ٿو اهو پڙهڻ وٽان آهي ۽ ان کان پوءِ ڀوڳڻ وٽان آهي.
”پوءِ“ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه به تڪڙو ڪرڻ/چوڻ جو رد عمل، جيڪو شخص کي پيڙت ڪري ٿو، هيءَ ڪهاڻي ان شخص جي پيڙا جي آهي. تڪڙو ڪجهه مناسب/غير مناسب چوڻ جي پڇتاءَ جو احساس کڻي هڪ شخص جنهن پيڙا مان گذري ٿو ان احساس جو لاجواب اظهار آهي هن ڪهاڻيءَ ۾. هو هڪ شخص ٻن عورتن مان، جن ۾ هڪ عورت سندس زال پڻ آهي، ڪنهن سان به پنهنجو سچ نٿو اظهاري سگهي، نتيجي ۾ هڪ پيڙا آهي جيڪا ڪن ڏينهن لاءِ ڀوڳڻي پويس ٿي. جيئڻو جو اٿس.
”مئل من-اوندهه انڌوڪارُ“ هيءَ ڪهاڻي سريلنڪا ۾ آيل ٻن گهمندڙن (عورت ۽ مرد) جي ملاقات ۾ ڪيل اڪيلائيءَ جون، سياسي، ادبي، انقلابي، فلاسافي تي ٻڌل ڳالهيون آهن جيڪي مقانيت کان اڀري عالميت تي رسڻيون آهن پر هر شخص وٽ پنهنجن هيروز لاءِ ڪي خاص عقيدا آهن، مڃتائون آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو ڪامپرومائز ڪرڻ لاءِ هو تيار نه آهن. پر سندن خيال ۽ جاچنائون ڪجهه ٻڌل ۽ ڪجهه پڙهيل محسوس ڪري سگهجن ٿيون، هيءَ ڪهاڻي به ڪنهن مڪان تي ضرور آهي پر هوءَ. زمان کان مٿانهين آهي دنيا جي وڏين ڪهاڻين سان برميچڻ جهڙي آهي پر آهي ته سنڌيءَ ۾. فخر ته ٿيندو ئي هڪ سنڌي پڙهندڙ ۽ لکندڙ جي ناتي!
۽ پوءِ ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي” ويران رستا، سوڙهيون گهٽيون“ آهي، هيءَ هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ پنهنجا خواب آهن، اميدون آهن، آسائون آهن ۽ اهي سڀ تڏهن پورا ٿيڻا آهن جڏهن هو پنهنجي ننڍڙي نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيندو ۽ کيس جي پي فنڊ جا پيسا ملندا ۽ جڏهن اهي کيس ملن ٿا ته هو پاڻ کي اهڙي هرڻيءَ جي روپ ۾ ٿو ڏسي جنهن کي چيرڻ ڦاڙڻ وارن جو هڪ چڱو خاصو انگ سندس چوڌاري موجود آهي ۽ هو بيوسيءَ جي حالت ۾ آهي. هيءَ تمثيلي ڪهاڻي آهي، جنهن جي پڄاڻي هرڻيءَ جي موت تي ٿئي ٿي جنهن کي ماريندڙ ته شينهن ئي آهي، پر جنهن جو ماس چئني طرفن کان ڳجهون پٽي رهيون آهن، پٽ تي سندس هڏائي رهيل آهن جيڪي ان شخص جي علامت آهن جنهن پنهنجا سمورا سک پنهنجي پڇاڙيءَ ۾ ملندڙ پونجيءَ سان واڳي ڇڏيا هئا، پر هن کي خبر نه هئي ته ان پونجي کي ڪي ڳجهون هن کان اڳ ئي ورهائي کائڻ چاهين ٿيون انت ڪنهن رستي تي پيل ڪي هڏا جن جي ڪا به حاصلات نه. اهڙين ئي حالتن ۾ ماڻهو پاڻ کي تحفظ ڏيڻ چاهيندو آهي، جيڪو به هڪ لمحي جو احساس ئي هوندو آهي، هيءَ ڪهاڻي اهڙي آهي جنهن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ”مان پاڻ کي ڳولهڻ نڪتو آهيان“ خواهش به آهي، اميد به آهي ته اسين سڀ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهون. مون کي ايترو ئي چوڻو آهي ۽ بس!

17 جولاءِ 2020ع جو صبح
ڪراچي

 

منظور ڪوهيار، جو صوفي ناول ´طريقت جو سج` ۽ صوفي جو وعدو" (صوفي ذلف علي)



"منظور ڪوهيار، جو صوفي ناول ´طريقت جو سج` ۽ صوفي جو وعدو"

(صوفي ذلف علي)

منظور ڪوهيار جو لکيل´طريقت جو سج` هڪ صوفي ناول آهي ، جيڪو فڪري طور تمام گهڻو مضبوط ۽ نظرياتي طور تي پڻ سڀاويڪ آهي. اهو انساني نفسياتي ۽ سماجي مسئلن جو هڪ عملي حل پيش ڪري ٿو.

جڏهن اسان ´طريقت جو سج` جو هڪ تخليقي تجزيو ڪندا سين ته اسان اهو محسوس ڪندا سين ته ان ۾ ڪيتريون ئي ادبي ۽ فني قابليتون آهن جيڪي ان کي ٻين ناولن کان ڌار ڪري ڇڏين ٿيون.

’طريقت جو سج‘ جي پهرين فضيلت ان جي پڙھڻي آھي. مون ٻين ڪيترن ناولن وانگر ٻيا ناول به پڙهيا آھن ، پر پنج يا پنجاه صفحن کان اڳتي نه ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته اهي ناول سستي يا بور ڪندڙ هئا. ان جي مقابلي ۾ ´طريقت جو سج` مون، شروع کان جيئن ئي هٿ ۾ کنيو ۽ آئون ان کي آخر تائين پڙهندو رهيس. اهو پنهنجي لاءِ پڙهندڙ کي 544 صفحن لاءِ پابند رکڻ جو ناول نگار طرفان هڪ شاهڪار پورهيو آهي.

’طريقت جو سج‘ جي هڪ ٻي ڪيفيت هن جي ڪهاڻي جو اسلوب آهي ، جنهن کي اسان آرٽ آف اسٽوري ٽيلنگ سڏيندا آهيون. منظور ڪوهيار ناولن جي ڪردارن ۽ انهن جي لاڳاپن کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ناول جي شروعات ۾ اسان، ناول جي هيرو صوفي با ڪمال قلندر شھباز سان پهرين مارچ 1261ع، ۾ دشت قلات جي گوارگو ندي وٽ ملون ٿا. هو تڏي جي مٿان سرخ جامو پهريل، جمال ۽ جلال جو پيڪر، ڪنڌ جهڪايون پنهنجي طالبن سيد علي سرمست، شيخ علي بغدادي، سيد مردان شاه سڪندر، ملهي قتال، لعل بڪر ۽ ڪرخت جي سردارن کي ڏهن ڏينهن تائين طريقت جي درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيو ويٺو آھي۔

اتي هڪ فقير ريحان سومرو قلندر شھباز کي گوڪل ديو جي گڦائن واري آسٿان تي تڙيل خارجين جي ٽولي جي قبضي بابت ڄاڻ ڏيئي ٿو۔ قلندر شھباز، انهن گڦائن کي لاحوت لامڪان جو درجو ڏيئي ٿو ۽ هر ڌرم ۽ مسلڪ جي ماڻھن لاء ايڪانت حاصل ڪري، اندر اجاري ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي پرامن جاء قرار ڏيئي ٿو۔
طالبن ۽ مريدن جي خواهش تي روحاني ڪرامت جو انڪار ڪندي، فرمائي ٿو ته ´اسان حجاز کان وٺي عراق، فارس ۽ خراسان تائين لکين ماڻھن کي معجزن ۽ ڪرامتن جي آسري ۾ ھٿ تي هٿ رکي ويٺل ڏٺا آھن، جڏهن ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪرامت انسان جي پنهنجي جدوجهد آهي۔ جيستائين جدوجهد نه ٿو ڪري، تيسيتائين سڀ ڪرامتون، شعبده بازيون آھن`

مير دوستين خان کي شرپسندن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حڪم ڪري، پاڻ اڙد سلطنت ڏانهن وڃڻ جو قصد فرمايو ۽ منگولن جي قهري ڪارواين ۽ مذھبي تقسيم کي قلندري طريقت جي پرچار سان صلح ڪل طرف مائل ڪرڻ جو ارادو ٻڌايائون۔

اتي ئي، سيوهڻ نگر جي سنڌي طالب سيد مردان شاه جڏهن پنهنجي نگري جي چرٻٽ راڄ متعلق، قلندر شھباز کي ٻڌايو ته ان کي طريقت جو دڳ ٻڌايائون ۽ ظلم خلاف عوامي جاڳرتا جو قلندري دڳ ٻڌايائون ۽ ان سان واعدو ڪيائون ته سندن آخري منزل سيوهڻ ھوندي ۽ پوء ھميشه اتي ئي رهندا۔ ناول ۾، ان صوفي ايفائي عهد جي ڳنڍ کي قلندري طريقت سان ادا ڪرڻ جي عظيم ڪهاڻي لکي وئي آهي.

‘طريقت جو سج’ جي ٽين خوبي ان جي سماجي حقيقت آھي. منظور ڪوهيار انساني مسئلن ۽ تضادن تي نرالو تبصرو ڪيو آھي. منهنجي نظر ۾ افساني ۽ ناول جا به قسم آهن. رضيا بٽ جا اردو ناول ۽ انگريزي ۾ هاريلين رومانس پهرين قسم جا افسانا آهن، جن جو مقصد تفريح ۽ تفريح هو. اهڙا افسانا صرف پڙهندڙ کي تفريح ڏيندا آهن. افساني جو ٻيو قسم اهو آهي جيڪو سنجيده ادب جو حصو هجي. هن قسم ۾ سعادت حسن منٽو ، راجندر سنگه بيدي ۽ عصمت چغتائي ۽ قرت العين حيدر ، جوگندر پال ۽ عبدالله حسين جا ناول شامل آهن. اهي سماجي حقيقت پسندي ۽ روشن خيالي جي سنجيده ادب جو حصو آهن. اهڙيون تخليقون پڙهندڙ کي تفريح فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ هن کي نفسياتي ۽ سماجي جاڳرتا جو تحفو پڻ ڏين ٿيون۔ ان کان علاوه ٽيون قسم جو فڪري ناول به ٿئي ٿو جنهن ۾ سماجي تبديلي آڻڻ لاء انساني برابري جي بنيادي اصولن جو ذڪر ڪيل هجي ٿو۔ جن سان انسان، ذاتي مفادن کان مٿي سوچي، صلح ڪل ۽ انساني برابري جا طريقا هنڊائي، هڪ سماجي نظام قائم ڪرڻ جي جدوجهد ڪري ٿو۔ طريقت جو سج ناول جو ٽيون قسم آهي۔

‘طريقت جو سج’ جي چوٿين خوبي اها آھي ته منظور ڪوهيار نه صرف ناياب مماثلت ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن ، پر قلندر شھباز جي ڪردار کي ظاهر ڪندي هڪ نئون استعارو به تخليق ڪيو آهي ، جيڪو مون اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڪهاڻي ۾ نه پڙهيو آهي. منظور ڪوهيار، انهن ڏندڪٿائي استعارن کي پڌرو ڪيو آھي، جيڪي اڪثر ملنگ سيوهڻ جي پانڌيئڙن کي ٻڌائيندا رهندا آھن۔ انهن استعارن کي انساني جدوجهد ۽ زميني حقيقتن سان ڳنڍي، هن ناول ۾ طريقت جي عملي تشريح ٻڌائي وئي آھي۔ اها طريقت، هٿ تي هٿ رکي ويهڻ نه پر پاڻ سڃاڻڻ کان وٺي، خلق خدمت وسيلي انساني جاڳرتا پئدا ڪري، سماجي تبديلي لاء ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاء تيار رھڻ ۾ آھي۔ اهي طريقت جا استعارا ٻنهي سطحي ۽ معنيٰ سان ڀريل آهن. قلندر شھباز جي سفري مشاهدن ۽ مسافرن جي مختلف ڳالهين سان ناول کي وڏي خوبصورتي ملي وئي آهي.

’طريقت جو سج‘ جي هر باب ۾ بهترين منظر نگاري ۽ سفر جي مشڪلاتن جا اشارا موجود آهن، جيڪي پڙهندڙ جي منهن تي تجسس آڻين ٿا ۽ هن کي سوچڻ لڳائين ٿا ته تيرهين صدي عيسوي ۾ لڳل خون آشام جنگين سواء بربادي جي ڪجھ به نه ڏنو ۽ خودغرض ماڻھن جي هٻڇ جو علاج صوفين جي تعليم ۾ آھي۔

صفحي 34. ´قلات، قنڌار، ڪابلستان ۽ زابلستان ۾ جهڙوڪر باه ٻري پيئي آھي۔ منگولن ۽ بلوچن، پشتونن ۾ معرڪه آرائي ٿي رهي هئي`

صفحي 41 ‘نورالعين ٺيڪ ٿي ويندي، جيڪڏهن توهان هن زنجيرن ۾ نه جڪڙيندا، سندس مرضي کان بغير شادي نه ڪندا ۽ کيس شاعري ڪرڻ کان نه روڪيندا’

صفحي 66‘جيجل جي لولي کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻيو ڪو به سماع اعلي و ارفع ڪونهي’

ص 69 ´ سيف الدين باخرزي وراڻيو؛ اوهانجا همسفر طالب ڏسڻ ۾ ئي عاشقان باوفا لڳن ٿا’

´طريقت جو سج` جي پنجين خوبي اها آهي ته اهو انسان جي روحاني نفسيات ۽ سماجي حالتن تي وڏي جرئت سان بحث ڪري ٿو ۽ ان مان اهو لڳي ٿو ته منظور ڪوهيار صلح ڪل، اتحاد انساني، امن عالم ۽ محبت مخلوق جي ڪيترن ئي رازن کان واقف آهي؛

صفحي 78 ؛ ´ڪاش! دنيا جا مرد، عورتن جي دردمندي مان سبق پرائين ۽ همدردي جي ان عظيم جذبن کي سمجهن، جيڪو مذھبي، نسلي ۽ علائقائي تنگ نظري کان ڪوهين ڏور آھي`

صفحي 83 ”هروڀرو تقدير کان شڪايت ڪرڻ اجائي آھي، جو ڪافي ڏک تقدير جا ڏنل نه پر انسان جي پنهنجن عملن جو نتيجو هوندا آھن“.

صفحو 89 ‘‘سڄي دنيا جا انسان تنهنجي اولاد مثل آھن۔ ٻيو پنهنجو ڪنڌ جهڪائي رکندو ته زماني جون لڳندڙ ھوائون توهان جو ڪجه به بگاڙي نه سگهنديون۔ `

’طريقت جو سج‘ جي ڇهين خوبي سندس حڪمت آهي. هن ناول ۾ ڪيترائي هنڌ آهن جتي منظور ڪوهيار وڏو ڏاهو نظر اچي ٿو جيڪو زندگي جي گهرائي کي ڄاڻي ٿو.

صفحو 89 ‘’تيز طوفان سينو ساهيندڙ شاهي وڻن کي پاڙون پٽي سگهن ٿا پر نويل گاه کي ڪجھ به نه ڪري سگهندا آھن،`

صفحو 106؛ ”ابو جناب پاڻ ھڪ هٿ ۾ نيزو ۽ ڳچي ۾ پٿرن جو ٿيلهو کنيون گهٽي جي منڍ۾ شينهن جيان گجي رهيو هيو .“

صفحو. 108"ڪنهن کي انتظار ڪرائڻ کان بهتر آھي ته ڪو مناسب جواب ڏيئي ڇڏجي."

صفحو؛117 ‘ڪاش دنيا، سچائي جي حيثيت ۽ اهميت کي سمجهي سگھي.`

´طريقت جو سج` ۾ جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي ادبي ۽ تخليقي خوبيون آهن ، پر ان ۾ ڪجھ خاميون به آهن.

’طريقت جو سج‘ جي پهرين اوڻائي اها آهي ته ان جا بنيادي ڪردار جنهن ۾ ان جو مرڪزي ڪردار قلندر شهباز جو آھي، ان جي علمي حاصلات جي قد ڪاٺ بابت ذڪر نه ڪيو ويو آھي۔ سندس لکيل ڪتابن ميزان الصرف وغيره، جيڪو ان وقت جي تعليمي نصاب ۾ شامل هيو جو ذڪر به نه آھي۔ ٻيو ته جيئن هي صوفي ناول آھي ته ان ۾ صوفي ازم جي تشريح بيان ٿيل هجڻ ضروري هئي۔

طريقت هڪ روحاني/نفساني جهاد آھي، جيڪو پنهنجي خواهشن کي دٻائڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ اجتمائي انسانيت جي مفادن لاء جان ۽ مال قربان ڪرڻ جو ڏس ڏيئي ٿو۔ اهو ڏس باطني تعليم جي هڪ اکر، اسم، word يا شبد سان شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪو مرشد پنهنجي طالب کي گوش گذار ڪندو آھي ۽ طالب کي اکيون، چپ ۽ ڪن بند ڪري، اهو الف وارو اکر پڙھڻ جو طريقو ٻڌائي، مخلوق جي خدمت واري رياضت تي مامور ڪري ڇڏيندو آھي۔ دمن سان تون تون جي تنوار، تبديلي جو منڍ آھي، جنهن جو ذڪر ناول ۾ نه ڏنو ويو آھي، ´قلندري واعدو` ذڪر ڪرڻ کان اڳ ضروري هيو ته طريقت جي الف جي ابتدا جو ٿورو ذڪر ٿئي ها ته پڙھندڙن کي باطني تعليم جو پتو پوي ها ۽ اندر اجارڻ سان جاڳرتا جو دڳ کلي ها۔
پر جيئن ته هي ناول قلندر شھباز جي زندگي جي آخري ڏهن سال ۽ ساڍن ڇهن مهينن جي سفر ۽ جهد تي محيط آھي ته ان ۾ باطني طريقت سان ڳڏ معرفت ۽ حقيقت جو ذڪر چار چنڊ لڳائي ڇڏي ها۔

صوفيت، زندگيءَ جي مسئلن سان سلهاڙيل عملي مشغلو آهي. صوفين جي قرباني سان فلسفي جو جنم ٿيو، جنهن جو اطلاق سچن صوفين پنهجي عمل ۽ ڪردار سان ڪيو آھي۔ قلندر شھباز جي سفر جو مقصد، ايل خاني سلطنت جي هلاڪو خان جي بغداد کي تاراج ڪري، ڪعبت الله ڊاهڻ جي اعلان جي مزاحمت لاء جاڳرتا پيدا ڪرڻ هيو ۽ دوران جنگ قلندر شھباز جي سيف الدين باخرزئي معرفت هلاڪو خان جي سوٽ برقائي خان سان ملاقات، قلندر شھباز جي مشن جي ڪاميابي ھئي۔ پر شريعت جي صاحبن لاء، ناول ۾ طريقت جي سج جو تاء به لازم هيو، ڇو جو بعد وارا خدمت خلق جو سبق وساري ٿا ڇڏين۔

منظور ڪوهيار، اهو يقين رکي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو خود غرضي کي ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪري اجتمائي جدوجهد جو دڳ اپنائيندا ته انهن جا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ انهن جي اندر جي اکين کليل هوندي ته اهي نون روحاني تجربن سان روشن ٿي سگهن ٿا. پر سيوهڻ ۾ بودلي جي نون سالن جي عملي جدوجهد، قرباني ۽ استقامت بابت ناول ۾ ماٺ، ان روحاني جدوجهد کي گپت ڪري رکيو آھي۔ ان ئي جدوجهد جي اخلاص سان بودلائي تحريڪ جنم ورتو ۽ قلندر شھباز جي اڳواڻي ميسر ٿيڻ سان چرٻٽ راڄ جو خاتمو ممڪن ٿيو۔ هڪ باب بودلائي تحرڪ جو طريقت جي عملدرامد تي روشني وجهڻ لاء ضروري هيو۔

ص 392. ´ منهنجو مرشد پنهنجي واعدي مطابق هڪ نه هڪ ڏينهن سيوهڻ ضرور تشريف کڻي ايندو۔`

´طريقت جي سج`جي ھڪ ٻي خامي اھا آھي ته ناول ۾، قلندر شهباز جي ٽن يارن بابافريد شڪر گنج، بهاوالدين ذڪريا ملتاني ۽ جلال الدين سرخ بخاري جي طريقت جو فرق ته بيان ڪيل آھي پر حقيقي انساني ڀلائي لاء هڪ حڪمت عملي به هجڻ گهرجي، جيڪا بيان ٿيل نه آھي۔ شھزاده محمد ملتاني ته طريقت جي رنگن سان تشبيه تي مطمئن ٿي سگهي ٿو پر عام جو ذھن ته عمل جي تحرير جي جريده جو قاري آھي۔

ص.346 ´ اظھار جا اهي چارئي طريقا معني خيز آھن۔ جيترو غور ڪجي ٿو اوتروئي ماڻھو گهرائي ۽ گيرائي ۾ لهندو ٿو وڃي،’

منهنجي خيال ۾ ، ناول جي خامين جي مٿان ان جون خوبيون حاوي آھن۔ انسان جي سماجي ۽ نفسياتي مسئلن جو مذهبي مهندارن طرفان پيش ڪيل حل رڳو عقيدت ۽ عبادت ۾ ٻڌايو ويندو آھي، جنهن کي شريعت جو نالو ڏنل آھي ۽ روحانيت کي وري ذڪر اذڪار تائين محدود ڪيو ويندو آھي۔ پر هن ناول ۾ طريقت هڪ عملي جدوجهد ۽ انساني سماجي مسئلن جو ادراڪ ڪري، انهن جو حل پيش ڪرڻ ۾ ٻڌايل آهي، جيڪا صوفيت کي تبديلي جي ارتقائي عمل سان سلهاڙي ٿي۔

پنهنجي ڪجهه ڪمزورين جي باوجود، ´طريقت جو سج` هڪ اهم صوفي، ادبي ۽ تخليقي ناول آهي جيڪو سنڌي ادب ۾ ڊگهي وقت تائين زنده رهندو.