Wednesday, August 19, 2020

ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“ امر لغاري


ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“
امر لغاري

سنڌ ۾ ماحولياتي حوالي سان تمام ٿورڙا نالا اهڙا آھن، جن ماحوليات جھڙي وڏي تناظر واري موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ انتھائي شاندار لکيو آھي. انهن نالن منجهان ناصر علي پنھور پڻ هڪ آهي. هو ماحولياتي حوالي سان نه فقط هڪ ماهر پروفيشنل آهي، پر گڏو گڏ ماحولياتي مينيجمينٽ توڙي صحافت جهڙن شعبن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪندو پيو اچي. انهي سڃاڻپ هيٺ هن گهڻو ڪجهه پڻ لکيو آهي. ناصر جو سڀ کان اهم ڪم قلم ذريعي ماحولياتي سجاڳي پکيڙڻ، پائدار ترقيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ، عالمي ماحولياتي تبديلين بابت خبردار ڪرڻ، آب هوا جي تبديلي، سنڌو درياهه ۽ ان جي وهڪرن، ڊئمن، بئراجن، پاڻيءَ جي ڍنڍن، درياهه جي ڇوڙ واري علائقي ڊيلٽا توڙي انهن تي انحصار ڪندڙ جهنگلي جيوت، زراعت ۽ عام آدم بابت ماڻهن کي معلومات ڏيڻ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ هن جو جيڪو نئون ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، تنهن ۾ پڻ انهن ئي مسئلن کي سائنسي، سماجي ۽ تاريخي ڄاڻ جي حوالن سان اجاگر ڪيو ويو آهي.

سنڌو درياهه ۽ ان جي ماحولياتي مسئلن بابت مضمونن جي هن ڪتاب ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي ماحول جو گھڻ رخو مشاھدو بيان ڪندي ناصر انھن سڀني پاسن تي قلم کنيو آھي، جيڪي اسان جي ھن خطي جي ماحولياتي ثقافت جوڙين ٿا. ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ کي معلومات توڙي موضوعن جي حوالي سان ڇهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي جو عنوان آهي ”سنڌو درياهه، ڊيلٽا ۽ ڊئم“. هن حصي ۾ ڪل يارنهن مضمون ڏنل آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي صحت، ان سان لاڳاپيل سياسي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلن، وهڪرن، ڊيلٽا جي مستقبل، ماحول دشمن رٿائن، سامونڊي چاڙهه وغيره بابت آهن. جيڪڏهن هنن مضمونن جو تت ڪڍجي ته ليکڪ جي ان ڳالهه سان سهمت ٿيڻو ٿو پوي ته ”نديون ئي ڌرتيءَ جي گولي کي جيئرو رکن ٿيون“. ليکڪ مطابق جيئن ته انساني تهذيبن جي تاريخ درياهن سان ڳنڍيل آهي، ۽ دنيا جي قديم تهذيبن درياهن جي ڪنارن تي جنم ورتو، ان ڪري تهذيبن جو درياهن سان جذباتي رشتو آهي. درياهه انسان لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي سان گڏ روزگار جي وسيلن، آمدرفت ۽ زراعت لاءِ نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. جيئرا درياهه ڌرتيءَ جي جياپي، زمينن لاءِ لٽ، تعميراتي سامان، تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏ ثقافتي ۽ روحاني طور ماڻهن کي سگهه بخشين ٿا. درياهه جا زنده وهڪرا ٻوڏن ۽ ڏڪارن جي اثرن کي گهٽائن ٿا، ٻيلن جي واڌ، ماهيگيري ۽ ماحولياتي نظامن کي برقرار رکن ٿا. ليکڪ اسان کي اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته هن وقت جتي دنيا ڀر جا درياهه پاڻي کڻڻ، ماحولياتي گدلاڻ ۽ وهڪرن جي رخ موڙڻ جهڙن دٻائن جو شڪار آهن، اتي سنڌو درياهه پڻ جياپي جي جنگ وڙهندي آخري پساهن ۾ آهي، جنهن جا مکيه سبب انساني آبادي جو وڌڻ، زرعي زمينن جو وڌيڪ آباد ٿيڻ سان گڏ ڊئمن جو اڏجڻ ۽ موسمي تبديليون آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو پڻ اسان جي ملڪ جي فائدي ۾ ناهي رهيو، نتيجي ۾ پاڻيءَ جي ملڪي ضرورتن جو سڄو وزن سنڌو نديءَ مٿان اچي ڪڙڪيو آهي. جيئن ته پاڻيءَ کي سمنڊ تائين پهچڻ نٿو ڏنو وڃي، ان ڪري ڊيلٽا ۽ ان جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، ۽ سمنڊ جون ارهه زورايون وڌي تباهيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن.
ڪتاب جو ٻيو حصو ”موسمي تبديليون، ماحول ۽ فطري وسيلا“ جي عنوان سان آهي، جنهن سان لاڳاپيل ارڙهن ليک شامل ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن جو تناظر جيتوڻيڪ موسمي تبديلين جا ماحول ۽ معيشت تي اثر ئي آهي، پر ان جو دائرو ساري دنيا کان ٿيندو اسان جي ملڪ ۽ سنڌ تائين پهچي ٿو. موسمون ڇو ته ڌرتيءَ جي گولي سان تعلق رکن ٿيون انڪري انهن ۾ فطري توڙي هٿراڌو تبديليون دنيا سان گڏ اسان تي پڻ اثر انداز ٿين ٿيون. جنهنڪري، سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان جي معيشت يعني روزگار جي وسيلن ۽ اسان جي فطري وسيلن (يعني مستقبل جي وسيلن) کي پهچي ٿو. موسمي تبديلين ۾ جتي ليکڪ گرميءَ جي پد ۾ اضافي جو ذڪر ڪري ٿو اتي برساتن ۾ ڪمي، ڏڪار، موسم جي شدد ۽ سامونڊي طوفانن جي پڻ ڳالهه ڪري ٿو. بقول ليکڪ جي ته موسمي تبديلين جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪار سنڌ صوبو ٿئي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي پنجاب ٿئي ٿو. موسمي تبديلين جو سڌو سئون شڪار ماڻهو ٿين ٿا. کين خوراڪ جي ڪمي، لڏ پلاڻ، بيمارين، ڊگهي عرصي تائين زندگيءَ جي سهولتن کان محروم ٿي وڃڻ، مال جي مري وڃڻ ۽ ٻين انيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري هو سنڌ جي پاليسي ساز ادارن ۽ حڪومت کي صلاح ڏئي ٿو ته سرڪار کي سنجيده ٿي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ موسمي تبديلين کي ترجيحي بنياد تي پنهنجي ايجنڊا تي رکڻ گهرجي.
ڪتاب جو ٽيون حصو ”پاڻي“ جي عنوان سان آهي. هن حصي هيٺ ڪل نوَ ليک شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڻيءَ کي زندگيءَ جي بنيادي نعمت طور ڏٺو ويو آهي. گڏو گڏ پاڻيءَ جي کاپي، پاڻيءَ جي وسيلن ۽ ذريعن بابت بحث ڪيو ويو آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته تازو ”پاڪستان ڪائونسل آف رسرچ ان واٽر رسورسز“ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي 84 سيڪڙو آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ادارن جي ناقص منصوبه بندي ۽ بدانتظامي آهي. جيتوڻيڪ ماحولياتي گدلاڻ، گٽرن جو دريائن ۾ ڇوڙ، زير زمين پاڻيءَ جو ڪڙو هجڻ ۽ ان ۾ سنکيي جي موجودگي پڻ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي مسئلن ۾ شامل آهي، پر سڀ کان اهم مسئلو پاڻي هوندي ان کي صاف ڪري ماڻهوءَ تائين پهچائڻ واري رٿابندي آهي، جيڪا وقت جي حاڪمن جي ترجيحات ۾ شامل ناهي. سنڌ پڇڙيءَ ۾ هئڻ ڪري ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي. سڄي ملڪ جي گٽرن ۽ ٻئي ڪني فضلي جو نيڳال پڻ سنڌو درياهه ذريعي سنڌ ۾ ٿئي ٿو. پر جيئن ته هڪ پاسي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وارو نظام پراڻو ۽ ناڪارا آهي، ۽ ٻئي پاسي انساني آبادي توڙي شهرن جي تڪڙي واڌ ۽ وڏين عمارتن جي تعميرات ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جنهنڪري پاڻيءَ کي صاف ڪري هر جاءِ تي پهچائڻ واري منصوبه بندي نه هئڻ ڪري انساني آبادي مختلف بيمارين جو شڪار آهي، جن ۾ ڪالرا، پيٽ جون بيماريون ۽ سائي وغيره شامل آهن. ليکڪ پاڻيءَ جي ذخيرن کي صاف رکڻ، انهن تائين تازو پاڻي پهچائڻ، ادارن مان ڪرپشن، اقراپروري، سياسي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام کي نئون ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.
ڪتاب جي چوٿين حصي کي ”ڍنڍون، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلا“ جو عنوان ڏنو ويو آهي. هن حصي ۾ ڪل چوڏهن ليک شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي ڍنڍن، انهن جي ماحول، اهميت، فطري سونهن، آبي جهنگلي جيوت ۽ انهن جي بقا بابت آهن. ليکڪ هنن مضمونن ۾ سنڌ جي آبي خطن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ڍنڍون قدرتي آفتن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جهڙوڪ: ٻوڏون، ڏڪار ۽ سامونڊي طوفان. ڍنڍون فطري طور شديد برساتن ۽ ٻوڏن جي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.“ ليکڪ جو چوڻ آهي ته ڍنڍون فطرت جون سپر مارڪيٽون آهن. ”ڌرتيءَ جي فطري توازن کي برقرار رکڻ ۽ انساني ترقيءَ لاءِ ڍنڍن جي فطري حسن کي برقرار رکڻ لازمي آهي. ڍنڍون نه رڳو پاڻيءَ کي صاف شفاف رکن ٿيون، پر جر جي سطح کي به برقرار رکن ٿيون.“ ص ـــ173. ليکڪ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته ڍنڍون هڪ پاسي انسان کي خوراڪ مهيا ڪن ٿيون، ته ٻئي پاسي ساحلي علائقن کي سامونڊي چاڙهه کان محفوظ رکن ٿيون ۽ موسمي تبديلين جي اثرن کي پڻ گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڍنڍن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته درياهن جي وهڪرن جو بچاءُ ڪيو وڃي، صنعتن جي گدلي ۽ زهريلي پاڻيءَ کي ڍنڍن ۾ پوڻ کان روڪيو وڃي ۽ انهن کي سُڪائي زرعي زمينن طر استعمال ڪرڻ کان قانوني طور بچايو وڃي.
ڪتاب جو پنجون حصو ”ٻوڏون، ڏڪار ۽ زلزلا“ جي عنوان سان آهي. هن حصي ۾ سورهن ليک شامل ڪيا ويا آهن. جيئن عنوان مان ئي ظاهر آهي ته هن حصي ۾ ليکڪ قدرتي آفتن، انهن کان بڇاءُ لاءِ رٿابندي ۽ انهن جي اثرن بابت بحث ڪيو آهي. جن قدرتي آفتن جو ليکڪ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي تن ۾ زلزلا، برساتون، ٻوڏون، ڏڪار، طوفان ۽ سونامي شامل آهن. هنن مضمونن ۾ گذريل ٽيهن سالن دوران آيل زلزلن، برساتي ٻوڏن، سامونڊي طوفانن ۽ ڏڪارن جو نه فقط تفصيل بيان ڪيو ويو آهي پر انهن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جا به انگ اکر ڏنا ويا آهن. ٻڌايو ويو آهن ته ڪيئن انهن سنڌ جي سرزمين تي تباهي مچائي، ۽ ڪيئن اڳواٽ رٿابندي نه هئڻ ڪري ماڻهن کي وڌيڪ نقصان کڻڻو پيو. ناصر پنهور هنن مضمونن ۾ ٿر، ڪاڇي، ساحلي پٽي، درياهه، بلوچستان، نيپال کان ويندي بنگال ۽ جاپان تائين آيل آفتن جا پيرا کنيا آهن، ۽ انهن جي سنڌ تي پوندڙ اثرن تي سائنسي انداز سان تجزيو ڪيو آهي.
ڪتاب جي ڇهين ۽ آخري حصي جو عنوان ”پائدار ترقي“ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪل ٻارنهن مضمون ڏنل آهن. هيءُ حصو مجموعي طور انهن سمورن وسيلن جي سائنسي طريقي سان توڙي ڏاهپ ڀريي استعمال بابت آهي، جن جو اسان هن جائزي ۾ اڳ ذڪر ڪري آيا آهيون، يا جن جي غلط ۽ بي جا استعمال جي ڪري ملڪ قدرتي آفتن کان ويندي هٿراڌو آفتن جو شڪار ٿين ٿا. پائدار ترقي لاءِ ليکڪ جو چوڻ آهي ته جمهوري نظام جون پاڙون عام ماڻهوءَ تائين هجڻ ضروري آهن. اهو تڏهن ٿي سگهندو ”جڏهن حڪومتون سول سوسائٽي کي ڪم ڪرڻ لاءِ مناسب ماحول مهيا ڪنديون ۽ سماج جي پٺتي پيل طبقن جي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ ادارتي پليٽفارم مهيا ڪنديون.اها خود مختياري تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن غربت کي گهٽائڻ لاءِ اهڙي معاشي ترقي ٿئي جنهن ۾ سڀئي ماڻهو شامل هجن ۽ روزگار پيدا ٿئي.“ هن جو چوڻ آهي ته معاشي ترقي جا فائدا پهچائڻ ۾ جتي هڪڙي رڪاوٽ هتان جو هاڻوڪو نظام ( جيڪو نا اهل ۽ ڪرپٽ) آهي، جنهن ۾ اهي فائدا مخصوص ماڻهن تائين محدود آهن، ۽ ٻي رڪاوٽ موسمي تبديليون بنجن ٿيون، جن جا اثر غريبن تي وڌيڪ نمايان آهن. انڪري پائدار ترقيءَ لاءِ حقيقي عوامي جمهوري نظام ضروري آهي، گڏو گڏ موسمن جي تبديلين جي اثرن آڏو صف بندي پڻ ضروري آهي، جيڪا قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال (يعني مناسب استعمال)، صحيح رٿابندي ۽ صحيح منصوبه بنديءَ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.
هن ڪتاب جي هڪ خاص ڳالهه ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو لکيل مهاڳ پڻ آهي. ميڊم انتهائي شاندار نموني تحقيقي انداز سان هن ڪتاب جي ماحولياتي ۽ تاريخي اهميت بيان ڪئي آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”هيءُ ڪتاب ڇو اهم آهي؟“ ۽ ”ان کي ڇو پڙهڻ کپي؟“ جنهن جو جواب به پاڻ ئي ڏئي ٿي: ”درياهه جا سوڙها ٿيندڙ وهڪرا، گرمين ۾ ريگستان جو ڏيک ڏيندڙ سڪل درياهه. آبپاشيءَ جي مقصدن لاءِ ٺاهيل ڊئم ڄڻ ته درياهه جي وهڪرن سان هٿ چراند آهي. ماحولياتي نظام جي تباهي ڪهڙن سببن ڪري ٿي آهي؟ ۽ ان ۾ اسان جو پنهنجو ڪيترو هٿ آهي؟ ٻيلن جي واڍي ڪنهن ڪئي ۽ ان کي روڪيو ڇو نه ويو.“
مجموعي طور هي ڪتاب اسان جي ملڪ، خاص ڪري سنڌ جي ماحولياتي اثاثن کي محفوظ ڪرڻ، انهن جي مناسب استعمال، ۽ کين درپيش خطرن ۽ مسئلن کان آگاهه ڪري ٿو. ان سان گڏو گڏ هيءُ هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي، جو انگن اکرن ساڻ پنهنجي فطري وسيلن جي معاشي ۽ ماحولياتي دولت ۽ فطري حسن جي بچاءُ جو ڪيس پڻ پيش ڪري ٿو.

 

ڳالھيون ڳُجھ اندر جون! (ڪتاب ”مانوارن سان ملو,نصير مرزا“ جو جائزو) عاشق چانڊيو

 ڳالھيون ڳُجھ اندر جون!

(ڪتاب ”مانوارن سان ملو,نصير مرزا“ جو جائزو)
عاشق چانڊيو

پاڻ ڪجھ ڏينھن کان انٽرويو پڙھڻ شروع ڪيا آهن جو ان ۾ ڪيئي مزيدار ۽ ڳجھين ڳالھين جي پروڙ پئجي وڃي ٿي. اسان جو سنڌي ادب به شاھڪار آهي جو ان ۾ پڙھندڙ جي چونڊ ملي وڃي ٿي، کڻي جو ان جو مقدار ٿورو ئي ھجي پر پڙھندڙ پنھنجي خواھش کان محروم نه ٿو رھي. ڪھاڻيون، ناول، مضمونگاري، انٽرويو، فلسفو سڀ ڪجھ موجود آهي، بس ڳالھ آھي ته مقدار جي، ڪا شيءِ ججھي آھي ته ڪا ٿورڙي. سو پاڻ کي به انٽرويو پڙھڻ جي خواھش جاڳي ته پاڻ سنڌي ۾ انٽرويوئن جا ڪتاب جاچڻ لڳاسي.، ان ۾ پاڻ کي مايوسي پلئه ڪونه پئي. پھريون ته ھمسفر گاڏھي جو ڪتاب "سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو" ھٿ لڳو. پڙھيوسين، گھڻيون ڳالھيون سکيونسين. امر اقبال جو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" به ان ئي ڪڙي جو اسان کي ملي ويو. اوريان فلاشي جو ھڪڙو مشھور انٽرويوز جو ڪتاب "interviews with history" جو اردو ترجمو "تاریخ کا دریچہ" به پڙھي ورتوسين ۽ ان ئي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پاڻ کي جڏھن سنڌي انعام پاران ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ عيوض ڪتابن ملڻ جي آڇ ٿي ته پاڻ ھي ڪتاب "مانوارن سان ملو" به چونڊيو آهي جيڪو پڻ انٽرويوز جو ڪتاب آهي جنهن جو انٽرويو ڪندڙ آهي نصير مرزا!

ھڪ قدم اڳتي پاڻ ھڪڙو ٻيو انٽرويوئن جو ڪتاب به ھٿ ڪري ورتو آهي جنھن جو انٽرويو ڪندڙ آھي مرتضي سيال.
خير, پاڻ ڪتاب بابت ڳالھايون يا جن شخصيتن ھتي پنھنجو اندر اوريو آهي، اھي ڳالھيون ٻيھر ورجايون، پڙھون، پڙھايون!
ڪتاب ۾ 35 انٽرويو سھيڙيل آھن جنھن ۾ خود ليکڪ جي ڳالھ ٻولھ پڻ شامل آهي، پاڻ 35 ئي ڄڻن جي ڳالھيون ته بيان ڪري ڪونه سگھنداسين، پوءِ به ڪجھ ڳالهيون بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نصير مرزا جي ھن ڪتاب جي ھڪڙي خاصيت اھا آھي ته انٽرويوز سان گڏ ھي خاڪن جو ڪتاب به آھي، جيڪي نصير مرزا انٽرويو ڏيندڙن جي شخصيتن تي لکيا آهن. نصير مرزا جي جيڪا لکڻي آهي ان ۾ عجب ۽ تعجب جون نشانيون کوڙ ملنديون آهن ۽ اھي عجب تعجب جون نشانيون پڙھندڙ کي ان ئي ريت روانگي سان پڙھڻ تي آماده ڪن ٿيون جيئن نصير مرزا ريڊيو ڪمپيئرنگ دوران شخصيتن جو تعارف روانگي سان ڪندو ويندو آهي، اھو پڙھڻ ۾ مزو ڏئي ٿو. جيئن مسز شيرين فيروز نانا جو تعرف لکيو اٿس؛
"اَسي سالہ مسز شيرين فيروز نانا عرف" ادي بَيبي"، منھنجي فرسٽ ڪزن ۽ مٺي ڀيڻ آھي. ۽ اھا خبر به.... گھڻو گھڻو.... گھڻو دير سان پئي ھئي مون کي، اڻويھ سو نوي ۾. ۽ لاتعداد چاچن ۽ ڳڻپ کان ٻاھر ڪزنس ۾" ادي بَيبي" جي نالي سان به خاندان ۾ ڄائي خوبصورت، باوقار ۽ وضعدار ھستي موجود آهي ۽ ان جي خبر به ڀلا مون کي پوي ھا ته ڪيئن؟ "
مٿين پئراگراف ۾ اھڙي ڪا ڳالهه ته موجود ڪونھي سواءِ فيروز نانا جي تعرف جي پر مون ليکڪ جي بيان اسلوب جو ھڪڙو نمونو رکيو آهي ۽ ھو انٽرويو ۾ به ايئن ”پڇيم، وراڻيائين، ھن چيو پئي“ واري اسلوب ۾ انٽرويو جا سوال ۽ جواب لکيا آهن. جيتوڻيڪ سڀ انٽرويو ان انداز ۾ نه ڪيا ويا آهن پوءِ ٻيا انٽرويو ڪھڙي انداز ۾ ڪيا ويا آهن؟ پھريان ھڪڙي ڳالھ ٿا ڪيون! امر اقبال پنھنجي انٽرويو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته؛
" مون کي ياد آهي ٻانڀڻ صاحب جي آفيس ۾ چانھ پيئندي، آغا سليم صاحب کيس چيو ھو: ”مَن! ڇَڏ انٽرويوءَ کي، مان ھتي تو وٽ صرف چانھ پيئڻ آيو ھئس.... ۽ ٻيو ته تنھنجو ھي ڪمپيئر ڀلا مون کان انٽرويو وٺندو به ڇا؟ پڇندو.... پسند جو رنگ ڪھڙو اٿئي؟... پسند جي موسم... پسند جي خوشبوءِ....“
سو ٻيا انٽرويو مٿين انداز ۾ ورتا ويا آهن، پر اھو انداز موھن ڀڳت جي انٽرويو ۾ ته ٺيڪ آھي پر ماھتاب محبوب جي انٽرويو جو اھو انداز ته نه ھجي ھا ني! ماھتاب محبوب کان نصير مرزا ڪجھ اھڙا سوال پڇيا آھن جيئن؛
"وڻندڙ گل؟
پسند جو ڊراما ليکڪ؟
پسنديده اخبار؟
پسند جي فلم؟"
ھاڻي انھن سوالن جا جواب پڙھڻ ۾ ڀلا ڪھڙي دلچسپي ھوندي! ان انٽرويو جا سڀ سوال به مختصر ته جواب به مختصر پر ھڪڙو سوال ۽ جواب سٺو آهي اھو ھتي پيش ڪيون ٿا.
"سوال آهي، ادب دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو؟
"ادب فرد واحد کي تبديل ڪري سگهي ٿو، معاشري جون حدون اورانگهي ملڪي حدن تائين به وڏا انقلاب ۽ تبديليون آڻي سگھي ٿو پر دنيا کي تبديل ڪرڻ واري دعوي تمام وڏي آھي."جواب آهي، ۽ جواب ۾ ڏاڍي سٺي ڳالھ ڪئي وئي آهي.
شيخ اياز جو جيڪو انٽرويو آهي، اھو سوال ۽ جواب طور لکيل ناھي پر ان وچ جي وقفن ۾ جيڪي ڪجھ وھيو واپريو آهي اھو به ليکڪ پني تي اتاري ڇڏيو آهي ۽ سندس چيل ڳالھيون به بيان ڪيون اٿس. شيخ اياز سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ کيس اھا دعوي ھوندي ھئي ته "دنيا جو ادب منھنجي مُٺ ۾ آھي" ۽ ان دعوي متعلق ليکڪ جيڪو اياز جو اسٽڊي روم ڏسي ٿو، ان ۾ موجود ڪتابن جو تعداد ان دعوي جي شاھدي آهي.
"ڪٻٽ ۾ اندر، مٿان پاسن کان ڪتاب _ سوڙھا سٿيل، ھڪ ٻئي سان سلھاڙي، ھڪ ٻئي سان ڦٻيل (لڳو ھنن ڪتابن کي ڪنھن ھٿ جو ڇھاءُ ڏٺي ورھيه لنگھي ويا آهن) ڪٻٽن جي مٿان رسالا، اخبارون، ميگزنس جا بنڊل، انھن جي اوچائي ڇت تائين. (ابوءَ! اھو سڀ ڪجھ، اياز صاحب اڪيلي سر پڙھيو آھي. اھو سوچي منھنجا ھوش خطا ٿا ٿيو وڃن.) "
شيخ اياز جي انٽرويو مان سندس به ته ڪا ڳالھ شيئر ڪجي ني!
"شاعر اھو وڻ ھوندو آھي،
جنھن جا گل،
ھن جي موت کان پوءِ
اڳي کان به، وڌيڪ ٽڙندا آھن!
ھمعصر ڪڏهن به ھڪ ٻئي کي، صحيح نموني ايپريشئٽ نه ڪندا آهن. اھو عزل جو ڪوئي قانون آھي. پوءِ ايندل نسل ئي انھن کي صحيح معني ۾ ايڪناليج ڪري سگھندو آهي."
اياز جي مٿئين نقطئي نظر کي ڏسجي ته ڇا واقعي ايئن آهي ۽ جيڪڏھن آهي ته ڇو؟ ڇا ھمعصر ذاتي زندگي کي نظر ۾ رکي لکڻي جو اڀياس ڪندا آهن؟ ۽ ڇا ليکڪ جي ذاتي زندگي کي نظرانداز ڪري پوءِ ئي ھن جي لکڻي جو اڀياس ڪبو آهي؟ ڇا ليکڪ جي ذاتي ۽ عملي زندگي جو سماج تي اثر نه ٿيندو آهي؟ انھن سڀني سوالن جا جواب آءٌ پڙھندڙن تي ڇڏيان ٿو!
پاڻ اڳتي وڌون ٿا. آغا سليم جو انٽرويو اچي ٿو، ڏاڍا مزيدار ۽ تفصيلي جواب آھن ڇو ته آغا صاحب روايتي سوالن کان چِڙ کائيندو هو جنھن جو مثال مٿي پيش ڪري آيا آهيون. آغا صاحب کان پڇيل ھڪڙي سوال ته "ڪھاڻي، ناول يا شاعري پويان اوھان جا ڪھڙا ارادا ۽ آدرش ھوندا آھن. انھن ۾ اوھان ڏيڻ ڇا چاھيندا آھيو؟" جو ڏنل جواب مون کي ڏاڍو وڻيو آهي ۽ اھو جواب مان توهان کي به پڙھائڻ چاھيان ٿو.
"مان پنھنجي لکيل ادب ۽ فڪشن ۾ پنھنجن خوشين غمن ۽ پيڙائن کي ٻين سان ڀاڱي ڀاڱيوار ڪرڻ کي به پنھنجو آدرش سمجھان ٿو. مثال طور، رات جو ھلندي ھلندي چنڊ جو اھڙو روپ ٿو نظر اچي، جنھن کي ڏسڻ سان منهنجي دل چوندي ته مان توکي ٻڌايان ته: نصير! ڏس ڏس چنڊ ڪھڙو نه سھڻو پيو لڳي. يعني مان share ڪرڻ ٿو چاهيان خوشيءَ کي. انھيءَ حُسن کي، جيڪو مون ماڻيو. مان سمجهان ٿو ته، تخليقي عمل به اھو ئي آهي ته، ليکڪ ٻين کي حصيدار بڻائي، share ڪري جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي "
اسان کي مٿين خوبصورت ڳالهه ته پڙھڻ لئه ملي وئي پر اسان جنھن ڳُجھ جون ڳالھيون جاچڻ لاءِ انٽرويو پڙھيا اھي ڳالھيون اسان کي معلوم ٿي نه سگھيون ڇاڪاڻ ته آغا صاحب جي جيڪا انٽرويو جي جيڪا رڪارڊ ٿيل ڪئسيٽ ھئي، اھا نصير مرزا جي ٽيبل جي خاني مان چوري ٿي وئي ۽ تيستائين اڌ انٽرويو ئي پني تي اتري سگھيو ھو. ۽ اھا ڳجھ جي ڳالھ ھيءَ ھئي؛
"اھا عذرا ڪير آهي؟ ان تان ته اڄ پردو کڻو ئي کڻو!
کلندي وراڻيائين؛ اُھا بھرحال وامق واري 'عذرا' ڪانھي نصير.
ڀلا عذرا رياض؟
نه منَ.
شايد فھميده رياض..... اِھو نالو نورالھدي شاھ مُرڪندي کيس ياد ڏياريو. آغا صاحب اِن تي الائي ڪهڙو جواب ڏنو هو. مون کي ھاڻي گھڻو سوچڻ جي باوجود ياد ئي ڪونه ٿو پوي. "
ڪاش اِھا ڪئسيٽ نه چورائجي ھا ته اسين مٿيون ڳُجھ ته معلوم ڪيون ھا پر اڳتي شايد ڪي ٻيا راز يا علمي ڳالھيون ھجن ھا!
پاڻ ھاڻي ھڪڙي آخري ڳُجھي ڳالھ پڙھون ٿا جيڪا ھري موٽواڻي جي اندر اوري آھي.
" سٺ واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز صاحب رشيد ڀٽي سان گڏجي انڊيا آيو ھو. اياز ڇاڪاڻ ته اڳي ئي اسان لاءِ وڏو نالو ھو، تنھن ڪري ڪجھ دوستن، سڳن آھوجا، موھن ڪلپنا ۽ ٻين شيخ اياز جي ڀارت ۾ تمام وڏي آجيان ڪئي. راجن چاولا انھن ڏينھن ۾ ٻين ۾ ڪجھ اڀريل ھو. ھن وٽ پنھنجي موٽر ڪار ھئي. جڏھن ته اسين غريبڙا ھئاسين، گاڏي ڪنھن وٽ ڪانه هئي. اياز کي ماني ته کارائي سگھياسين پئي، پر گھمائي ڦيرائي نه پئي سگھياسين. راجن وٽ ڪار سان گڏ نئون فليٽ به ھو. ھنن ٻنھي زال مڙسن شيخ اياز کي سڄي ھندستان جو سير ڪرايو. راجن چاولا چوي ٿو ته سير سفر دوران گفتگو ۽ فرينڪنيس جو شيخ اياز غلط مطلب ڪڍيو ۽ ڇا جو ڇا ويھي ڳالھيون لکيون، جن اسان جي زندگي ۾ وڏو ٽاڪوڙو وڌو.... بعد ۾ گيتا به اياز جي لکيل ڳالھين تي پنھنجو ردعمل ڏيندي چيو ته اھڙي ماڻھوءَ سان ڪوبه ماڻھو رشتو نه رکي جو اسان ته هن کي وڏو ڀاءُ سمجھي ريسپيڪٽ ڏني ۽ ھن وري اسان کي پنھنجي لکڻين ۾ ڪنھن ٻي طرح سان ٽريٽ ڪيو. راجن چاولا ان سلسلي ۾ اياز سان جڏهن ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو ته اياز وري چيو، اھا ڄاٻي 'گيتا' آهي جنھن جو ذڪر مون ڪيو آهي. "
سو يارو اھڙا ڳُجھ ڄاڻڻ لاءِ انٽرويو پڙھندا ڪريو! ڪتاب ۾ وڌيڪ فتاح ھاليپوٽو، مظھر السلام، مراد علي مرزا ۽ امداد حسيني جا انٽرويو تفصيلي ۽ مزيدار آھن. ڪتاب نئون نياپو پاران شايع ڪيل آهي. آخر ۾ ھڪڙي نشاندگي به ڪندا ھلون ته ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي علي بابا جي تصوير به ڏنل آهي جڏھن ته ڪتاب ۾ سندس انٽرويو ڏنل ناھي!

مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو ڪامران رند

 

مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو

ڪامران رند


ڪنهن بہ سماج جي ترقيءَ ۾ جيترو ڪردار تعليم جو ھجي ٿو اوترو ئي رھنما ڪردار ھڪَ ليکڪ پڻ ادا ڪري ٿو. ليکڪ پنهنجي دؤر جي سماجي، معاشي، ۽ سياسي حالتن جو اظھار ڪرڻ سان گڏ ان وقت موجود سمورن اصولن، ضابطن، قائدن ۽ سماجي قدرن کي بہ وائکو ڪري ٿو. ھڪ تحرير نہ فقط ڪنھن ليکڪ جي خيالن جي آئينادار ٿئي ٿي پر ان دؤر جو سمورو تاڃي پيٽو بہ پڌرو ڪري ٿي.

ڪتابن جي اھميت کان ڪو بہ سوچيندڙ ذھن انڪار نہ پيو ڪري سگهي، ڇو تہ تاريخ جي دريءَ ۾ ڪتابن جي اک سان ئي جهاتي پائي پئي سگهجي. تيئن ئي اگر سنڌ جي اوائلي تاريخ ۽ ادب تي نظر ڦيرائبي تہ ان دؤر ۾ سرجيل ادب ڏانهن ئي نھاربو. سنڌ جي ادبي تاريخ تي جڏھن ڪرڙي اک رکي مطالعو ڪجي ٿو تہ جو نالو نکٽن جيئان نڪري نروار ٿي ٿو بيهي سو آھي مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ھڪَ اهڙي چمڪندڙ ستاري جيئن اھميت ٿو رکي جنهن پنهنجي علمي روشنيءَ ذريعي ھزارين اونداھن ذهنن کي روشن ڪيو ۽ ڏيئي ڏيئي لاٽ مثل ھڪَ وسيع ادبي عمارت جو بنياد وڌو.


مرزا قليچ بيگ ھونئن تہ ادب جي ھر صنف ۾ طبع ازمائي ڪئي ۽ بي بھا ڪتاب لکيا. پر ڪجھ صنفن ۾ سندس ڪم تمام شاندار ۽ سگهارو رھيو آھي. ٻي صنفن جيان ناول نگاريءَ ۾ بہ مرزا قليچ بيگ تمام بهترين ۽ عمدو ڪم ڪيو آھي. ھن وٽ ناول لکڻ جون مڙئي فني خوبيون موجود ھيون. مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول ”زينت“ سنڌي ٻوليءَ جي شروعاتي ناولن مان ھڪ آھي. مون اڻ مشھور ناول جو تنقيدي جائزو وٺڻ جي ڪوشش آھي جيڪا معزز پڙھندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو.

مرزا قليچ بيگ نومبر 1890ع ۾ زينت ناول لکي پورو ڪيو. ھن ناول جي ڪهاڻي نهايت ئي سشيل، سندر ۽ سلجھيل عورت جي چؤگرد ڦري ٿي، جيڪا نہ صرف سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرس آھي بلڪ سيرت ۾ پڻ سرھائي بخشيندڙ آھي. جنهن زماني ۾ زينت ناول سنڌي ادب جي ادبي باغ ۾ ھڪَ نئين گل جو واڌارو ڪيو سو زمانو ٽوڻن ڦيڻن، دعا درمل، خير خيرات، قصاگوئي، جادوئي آکاڻين جو زمانو ھئو. جنهن زماني ۾ حقيقت کان ڪوھين ڏور تصوراتي قصا گھڙيا بہ ويندا ھيا تہ اڪثر ڪري انھن جي انڌي تقليد پڻ ڪئي ويندي ھئي. شهزادي ممتاز دمساز جو قصو، ڪوھ ڪاف جي حسينہ، حاطم طائي ۽ دجال جا قصا وغيره ڏاڍي چاھ ۽ شوق سان پرھيا ويندا ھئا. پر جيئن تہ اھي قصا ڪهاڻيون حقيقت کان ڪوھين ڏور محض تصوراتي ھئا تنهنڪري انھن مان ذھنن جي آبياري جي اميد رکڻ اجائي ۽ فضول ھئي. جڏھن درگاھن تي باسون باسڻ ۽ وڻن ۾ وارن جي چوٽيءَ ٻڌڻ روزاني معمول واريون رسمون ھيون تنهن وقت ۾ حقيقت جي ڦرھي کڻي پرچار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھ ڪين ھئي. مرزا قليچ بيگ نہ فقط ان فرسودگي ۽ دقيانوسيت کان ڪناراڪشي ڪئي پر پنهنجي ناول ۾ ٿيڻ جوڳي ڳالهين تي ڪردارن جي سڃاڻپ ٺاھي. ھن ناول ۾ پڻ اهڙا ڪردار ڏيکاريا اٿس جن جو واسطو حقيقي دنيا سان وڌيڪَ ميل کائي ٿو. جيتوڻيڪ مرزا قليچ بيگ ناول ۾ پاڻ لکي چڪو آھي تہ زينت ناول سندس تخيل جي پيداوار آھي ۽ ھي ھڪ خيالي قصو آھي. زينت ناول پڙھڻ دؤران پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ جو حصو محسوس ڪري ٿو ۽ ڪردارن سان گڏ ھلندو ھلي ٿو.

مرزا قليچ بيگ ناول جي ٻولي تمام سادي ۽ سليس رکي آھي جا پڙهندڙ کي ڏاڍو لڀائي ٿي. اجائي ۽ غير ضروري لفاظي کان پاسو ڪيو اٿس ۽ تمام عام فھم ۽ سادن مثالن سان ڳالھ سمجھائي اٿس. ناول ۾ ڪردارن کان جيڪي ڪم وٺڻ چاھيا اٿس تنهن ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب بہ ويو آھي. پر جيئن تہ ناول جي صنف ھن لاءِ پڻ نئين ھئي تنهن لاءِ گھڻن ئي جاين تي ناول ۾ جھول پڻ نظر اچن ٿا. مثلن ڪردارن جي گفتگو ڪجھ اهڙي انداز ۾ ڪرائي وئي آھي جو ناول ڪنھن ڊرامي جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. مختلف ڪردار پان ۾ ھمڪلام تہ ٿين ٿا پر ٻولي ۽ لهجو تقريبن سڀ جو ساڳو بيهاريو اٿس. جو پڻ ھڪ جھول ئي تصور ڪرڻ کپي. ھڪ سٺي ناول ۾ ڪردار جي مرحلي وار ارتقا مختلف قصن آڌار ڪرائي ويندي آھي تہ جيئن پڙهندڙ ڪردارن بابت پنهنجي ھڪ رائي جوڙي سگهي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪردارن کي شروعات ۾ ئي مڪمل تعارف سان متعارف ڪرايو آھي جن جي سڃاڻپ بلڪل بہ ارتقائي نہ آھي. تنهن لاءِ چئي ٿو سگهجي تہ ناول مان ارتقائي پهلو بلڪل ئي غائب آھي. جيئن ناول جي مرڪزي ڪردار زينت جي تعارف وقت شروع ۾ ئي سڀ ڪجھ بيان ٿو ڪري ڇڏي. زينت جو تعارف ڪمري ۾ قرآن پڙھڻ دؤران ٿو ڪرائي ۽ سندس سموريون خصلتون ھڪ ئي ويرم ۾ بيان ٿو ڪري ڇڏي. مثلن زينت ھڪَ نيڪ سيرت ۽ صورت واري نهايت ئي سهڻي ڇوڪري آھي. سليقي ۽ سگھڙپائيءَ ۾ سندس ڪو ثاني نہ آھي. ھو صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکي ٿي. اٿ ويھ ۽ لٽي ڪپڙي ۾ ڏاڍي محتاط آھي. چھري تي مسڪراھٽ سدا سجائي رکي ٿي. ڪنهن لاءِ بہ حسد ۽ ساڙ نہ اٿس. پنج وقت جي نمازي ۽ پردي جو خاص خيال رکڻ واري آھي. فارغ وقت ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ تي ڌيان ڏئي ٿي. زينت جو اھڙو تعارف کيس ڪا الهامي ۽ آسمان کان لٿل عورت ٿو بڻائي جيڪا ھر عيب کان پاڪ ۽ صاف ڇوڪري آھي. جا حقيقت ۾ ڪنهن بہ ڪردار لاءِ اڻ ٿيڻي ڳالھ آھي.

مرزا قليچ بيگ ناول ۾ جنهن ڳالھ تي زور ڏيندي محسوس ٿئي ٿو سا آھي سندس نصيحت ڀريو انداز. ناول پڙھڻ دؤران ڪنهن ڪنهن ويرم محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڪا نصيحت آموز ڪهاڻي پئي پڙھجي. ھن عورت جي تعليم کي خاص اھميت ڏني آهي جا ھڪَ بهتر ڳالھ آھي پر ناول جي ھر حصي ۾ اھڙي ڳالھ کي آڻي بيهارڻ پڻ ھڪَ فني خرابي آھي. تنهن کان علاوه مرزا قليچ بيگ پردي جي اهميت کي پڻ گهڻو ظاھر ڪيو آھي پر حقيقت اھا آھي تہ پردو جسم جي ڍڪ کان وڌ اکين جي پرداداري تي زور ٿو ڀري. ھن وٽ عورت جو باپردا ھجڻ کان وڌ، دل جو پاڪ ھجن وڌيڪ اھم آھي. جنهن جو اظھار پڻ پڙهندڙ بار بار محسوس ڪري سگهي ٿو. تنهن کي پڻ فني نقص جي ڳاڻيٽي ۾ آڻجي ٿو. زينت جي مڙس علي رضا جو تعارف پڻ ڪجھ ان ئي انداز ۾ ڪرائي ٿو. جيڪو باھمت بہ آھي تہ بهادر پڻ، باضمير بہ آھي تہ غيرتمند بہ، زال سان پيار ڪندڙ بہ آھي تہ فرض شناس بہ، قدردان بہ آھي تہ سلجھيل ۽ سشيل پڻ. ڪردار جي ايتري چڱائي ۽ پاڪيزگي ناول کي حقيقت جي پهلو کان ڪوھين ڏور آڻي ٿي بيهاري. پر تنهن باوجود فتح خان سرائي جو قصو ۽ مڊل ڪلاس علي نواز مغل جي مسلم خاندان جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي اٿس سا ڪمال آھي. ميرن جي صاحبي جي ختم ٿيڻ جو وڌ ۾ وڌ اثر بہ وچولي طبقي جي مسلمانن تي نمايان پيو. جنهن جو بهتر اظهار پڻ ھن ناول ۾ ڪيل آهي، جو ناول جي خوبصورتي کي وڌائي پيو. جنهن انداز ۾ مرزا قليچ بيگ ھنن خاندانن جي عڪاسي ڪئي آھي تنهن مان ايئن ٿو ڀائنجي تہ ھوند پنهنجي ئي خاندان جو ذڪر ڪندو ھجي. جنهن لاءِ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي درست لکيو آھي تہ، ”انھي ڪتاب ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي آڪھ جو ٿورو احوال ڏاڍي اٽڪل سان آندو اٿس.“ تنهن کان علاوہ حامد جي کرجي پوڻ بعد شيربانو پاران سٺل تڪليفن جي بہ بهترين عڪس بندي ڪئي اٿس.

ناول تي جيڪڏھن تفصيلي نظر وجهبي تہ ناول جا ڪردار، پلاٽ، قصا، ماحول ۽ ٻولي بهترين ۽ جاندار محسوس ٿئي ٿي. البتہ ڪافي ھنڌن تي جھول پڻ اٿس. تنهن بعد بہ مرزا قليچ بيگ طرفان شروع واري دؤر ۾ سنڌيءَ ۾ طبعزاد ناول لکڻ جي اها ڪوشش تمام بهترين ۽ وقتائتي آھي. سندس ناول کوڙ سارن جھولن ۽ فني خامين ھوندي بہ سنڌي ادب ۾ تمام اھم جاءِ والاري ٿو. اھو چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ ”زينت“ ناول اوائلي قصہ گوئـي ۽ جديد سنڌي ادب جو سنگم آھي، جنهن ذريعي سنڌي ڏاھپ قدامت پسنديءَ مان جدت طرف پير پاتو.