Wednesday, August 19, 2020

ڳالھيون ڳُجھ اندر جون! (ڪتاب ”مانوارن سان ملو,نصير مرزا“ جو جائزو) عاشق چانڊيو

 ڳالھيون ڳُجھ اندر جون!

(ڪتاب ”مانوارن سان ملو,نصير مرزا“ جو جائزو)
عاشق چانڊيو

پاڻ ڪجھ ڏينھن کان انٽرويو پڙھڻ شروع ڪيا آهن جو ان ۾ ڪيئي مزيدار ۽ ڳجھين ڳالھين جي پروڙ پئجي وڃي ٿي. اسان جو سنڌي ادب به شاھڪار آهي جو ان ۾ پڙھندڙ جي چونڊ ملي وڃي ٿي، کڻي جو ان جو مقدار ٿورو ئي ھجي پر پڙھندڙ پنھنجي خواھش کان محروم نه ٿو رھي. ڪھاڻيون، ناول، مضمونگاري، انٽرويو، فلسفو سڀ ڪجھ موجود آهي، بس ڳالھ آھي ته مقدار جي، ڪا شيءِ ججھي آھي ته ڪا ٿورڙي. سو پاڻ کي به انٽرويو پڙھڻ جي خواھش جاڳي ته پاڻ سنڌي ۾ انٽرويوئن جا ڪتاب جاچڻ لڳاسي.، ان ۾ پاڻ کي مايوسي پلئه ڪونه پئي. پھريون ته ھمسفر گاڏھي جو ڪتاب "سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو" ھٿ لڳو. پڙھيوسين، گھڻيون ڳالھيون سکيونسين. امر اقبال جو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" به ان ئي ڪڙي جو اسان کي ملي ويو. اوريان فلاشي جو ھڪڙو مشھور انٽرويوز جو ڪتاب "interviews with history" جو اردو ترجمو "تاریخ کا دریچہ" به پڙھي ورتوسين ۽ ان ئي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پاڻ کي جڏھن سنڌي انعام پاران ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ عيوض ڪتابن ملڻ جي آڇ ٿي ته پاڻ ھي ڪتاب "مانوارن سان ملو" به چونڊيو آهي جيڪو پڻ انٽرويوز جو ڪتاب آهي جنهن جو انٽرويو ڪندڙ آهي نصير مرزا!

ھڪ قدم اڳتي پاڻ ھڪڙو ٻيو انٽرويوئن جو ڪتاب به ھٿ ڪري ورتو آهي جنھن جو انٽرويو ڪندڙ آھي مرتضي سيال.
خير, پاڻ ڪتاب بابت ڳالھايون يا جن شخصيتن ھتي پنھنجو اندر اوريو آهي، اھي ڳالھيون ٻيھر ورجايون، پڙھون، پڙھايون!
ڪتاب ۾ 35 انٽرويو سھيڙيل آھن جنھن ۾ خود ليکڪ جي ڳالھ ٻولھ پڻ شامل آهي، پاڻ 35 ئي ڄڻن جي ڳالھيون ته بيان ڪري ڪونه سگھنداسين، پوءِ به ڪجھ ڳالهيون بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نصير مرزا جي ھن ڪتاب جي ھڪڙي خاصيت اھا آھي ته انٽرويوز سان گڏ ھي خاڪن جو ڪتاب به آھي، جيڪي نصير مرزا انٽرويو ڏيندڙن جي شخصيتن تي لکيا آهن. نصير مرزا جي جيڪا لکڻي آهي ان ۾ عجب ۽ تعجب جون نشانيون کوڙ ملنديون آهن ۽ اھي عجب تعجب جون نشانيون پڙھندڙ کي ان ئي ريت روانگي سان پڙھڻ تي آماده ڪن ٿيون جيئن نصير مرزا ريڊيو ڪمپيئرنگ دوران شخصيتن جو تعارف روانگي سان ڪندو ويندو آهي، اھو پڙھڻ ۾ مزو ڏئي ٿو. جيئن مسز شيرين فيروز نانا جو تعرف لکيو اٿس؛
"اَسي سالہ مسز شيرين فيروز نانا عرف" ادي بَيبي"، منھنجي فرسٽ ڪزن ۽ مٺي ڀيڻ آھي. ۽ اھا خبر به.... گھڻو گھڻو.... گھڻو دير سان پئي ھئي مون کي، اڻويھ سو نوي ۾. ۽ لاتعداد چاچن ۽ ڳڻپ کان ٻاھر ڪزنس ۾" ادي بَيبي" جي نالي سان به خاندان ۾ ڄائي خوبصورت، باوقار ۽ وضعدار ھستي موجود آهي ۽ ان جي خبر به ڀلا مون کي پوي ھا ته ڪيئن؟ "
مٿين پئراگراف ۾ اھڙي ڪا ڳالهه ته موجود ڪونھي سواءِ فيروز نانا جي تعرف جي پر مون ليکڪ جي بيان اسلوب جو ھڪڙو نمونو رکيو آهي ۽ ھو انٽرويو ۾ به ايئن ”پڇيم، وراڻيائين، ھن چيو پئي“ واري اسلوب ۾ انٽرويو جا سوال ۽ جواب لکيا آهن. جيتوڻيڪ سڀ انٽرويو ان انداز ۾ نه ڪيا ويا آهن پوءِ ٻيا انٽرويو ڪھڙي انداز ۾ ڪيا ويا آهن؟ پھريان ھڪڙي ڳالھ ٿا ڪيون! امر اقبال پنھنجي انٽرويو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته؛
" مون کي ياد آهي ٻانڀڻ صاحب جي آفيس ۾ چانھ پيئندي، آغا سليم صاحب کيس چيو ھو: ”مَن! ڇَڏ انٽرويوءَ کي، مان ھتي تو وٽ صرف چانھ پيئڻ آيو ھئس.... ۽ ٻيو ته تنھنجو ھي ڪمپيئر ڀلا مون کان انٽرويو وٺندو به ڇا؟ پڇندو.... پسند جو رنگ ڪھڙو اٿئي؟... پسند جي موسم... پسند جي خوشبوءِ....“
سو ٻيا انٽرويو مٿين انداز ۾ ورتا ويا آهن، پر اھو انداز موھن ڀڳت جي انٽرويو ۾ ته ٺيڪ آھي پر ماھتاب محبوب جي انٽرويو جو اھو انداز ته نه ھجي ھا ني! ماھتاب محبوب کان نصير مرزا ڪجھ اھڙا سوال پڇيا آھن جيئن؛
"وڻندڙ گل؟
پسند جو ڊراما ليکڪ؟
پسنديده اخبار؟
پسند جي فلم؟"
ھاڻي انھن سوالن جا جواب پڙھڻ ۾ ڀلا ڪھڙي دلچسپي ھوندي! ان انٽرويو جا سڀ سوال به مختصر ته جواب به مختصر پر ھڪڙو سوال ۽ جواب سٺو آهي اھو ھتي پيش ڪيون ٿا.
"سوال آهي، ادب دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو؟
"ادب فرد واحد کي تبديل ڪري سگهي ٿو، معاشري جون حدون اورانگهي ملڪي حدن تائين به وڏا انقلاب ۽ تبديليون آڻي سگھي ٿو پر دنيا کي تبديل ڪرڻ واري دعوي تمام وڏي آھي."جواب آهي، ۽ جواب ۾ ڏاڍي سٺي ڳالھ ڪئي وئي آهي.
شيخ اياز جو جيڪو انٽرويو آهي، اھو سوال ۽ جواب طور لکيل ناھي پر ان وچ جي وقفن ۾ جيڪي ڪجھ وھيو واپريو آهي اھو به ليکڪ پني تي اتاري ڇڏيو آهي ۽ سندس چيل ڳالھيون به بيان ڪيون اٿس. شيخ اياز سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ کيس اھا دعوي ھوندي ھئي ته "دنيا جو ادب منھنجي مُٺ ۾ آھي" ۽ ان دعوي متعلق ليکڪ جيڪو اياز جو اسٽڊي روم ڏسي ٿو، ان ۾ موجود ڪتابن جو تعداد ان دعوي جي شاھدي آهي.
"ڪٻٽ ۾ اندر، مٿان پاسن کان ڪتاب _ سوڙھا سٿيل، ھڪ ٻئي سان سلھاڙي، ھڪ ٻئي سان ڦٻيل (لڳو ھنن ڪتابن کي ڪنھن ھٿ جو ڇھاءُ ڏٺي ورھيه لنگھي ويا آهن) ڪٻٽن جي مٿان رسالا، اخبارون، ميگزنس جا بنڊل، انھن جي اوچائي ڇت تائين. (ابوءَ! اھو سڀ ڪجھ، اياز صاحب اڪيلي سر پڙھيو آھي. اھو سوچي منھنجا ھوش خطا ٿا ٿيو وڃن.) "
شيخ اياز جي انٽرويو مان سندس به ته ڪا ڳالھ شيئر ڪجي ني!
"شاعر اھو وڻ ھوندو آھي،
جنھن جا گل،
ھن جي موت کان پوءِ
اڳي کان به، وڌيڪ ٽڙندا آھن!
ھمعصر ڪڏهن به ھڪ ٻئي کي، صحيح نموني ايپريشئٽ نه ڪندا آهن. اھو عزل جو ڪوئي قانون آھي. پوءِ ايندل نسل ئي انھن کي صحيح معني ۾ ايڪناليج ڪري سگھندو آهي."
اياز جي مٿئين نقطئي نظر کي ڏسجي ته ڇا واقعي ايئن آهي ۽ جيڪڏھن آهي ته ڇو؟ ڇا ھمعصر ذاتي زندگي کي نظر ۾ رکي لکڻي جو اڀياس ڪندا آهن؟ ۽ ڇا ليکڪ جي ذاتي زندگي کي نظرانداز ڪري پوءِ ئي ھن جي لکڻي جو اڀياس ڪبو آهي؟ ڇا ليکڪ جي ذاتي ۽ عملي زندگي جو سماج تي اثر نه ٿيندو آهي؟ انھن سڀني سوالن جا جواب آءٌ پڙھندڙن تي ڇڏيان ٿو!
پاڻ اڳتي وڌون ٿا. آغا سليم جو انٽرويو اچي ٿو، ڏاڍا مزيدار ۽ تفصيلي جواب آھن ڇو ته آغا صاحب روايتي سوالن کان چِڙ کائيندو هو جنھن جو مثال مٿي پيش ڪري آيا آهيون. آغا صاحب کان پڇيل ھڪڙي سوال ته "ڪھاڻي، ناول يا شاعري پويان اوھان جا ڪھڙا ارادا ۽ آدرش ھوندا آھن. انھن ۾ اوھان ڏيڻ ڇا چاھيندا آھيو؟" جو ڏنل جواب مون کي ڏاڍو وڻيو آهي ۽ اھو جواب مان توهان کي به پڙھائڻ چاھيان ٿو.
"مان پنھنجي لکيل ادب ۽ فڪشن ۾ پنھنجن خوشين غمن ۽ پيڙائن کي ٻين سان ڀاڱي ڀاڱيوار ڪرڻ کي به پنھنجو آدرش سمجھان ٿو. مثال طور، رات جو ھلندي ھلندي چنڊ جو اھڙو روپ ٿو نظر اچي، جنھن کي ڏسڻ سان منهنجي دل چوندي ته مان توکي ٻڌايان ته: نصير! ڏس ڏس چنڊ ڪھڙو نه سھڻو پيو لڳي. يعني مان share ڪرڻ ٿو چاهيان خوشيءَ کي. انھيءَ حُسن کي، جيڪو مون ماڻيو. مان سمجهان ٿو ته، تخليقي عمل به اھو ئي آهي ته، ليکڪ ٻين کي حصيدار بڻائي، share ڪري جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي "
اسان کي مٿين خوبصورت ڳالهه ته پڙھڻ لئه ملي وئي پر اسان جنھن ڳُجھ جون ڳالھيون جاچڻ لاءِ انٽرويو پڙھيا اھي ڳالھيون اسان کي معلوم ٿي نه سگھيون ڇاڪاڻ ته آغا صاحب جي جيڪا انٽرويو جي جيڪا رڪارڊ ٿيل ڪئسيٽ ھئي، اھا نصير مرزا جي ٽيبل جي خاني مان چوري ٿي وئي ۽ تيستائين اڌ انٽرويو ئي پني تي اتري سگھيو ھو. ۽ اھا ڳجھ جي ڳالھ ھيءَ ھئي؛
"اھا عذرا ڪير آهي؟ ان تان ته اڄ پردو کڻو ئي کڻو!
کلندي وراڻيائين؛ اُھا بھرحال وامق واري 'عذرا' ڪانھي نصير.
ڀلا عذرا رياض؟
نه منَ.
شايد فھميده رياض..... اِھو نالو نورالھدي شاھ مُرڪندي کيس ياد ڏياريو. آغا صاحب اِن تي الائي ڪهڙو جواب ڏنو هو. مون کي ھاڻي گھڻو سوچڻ جي باوجود ياد ئي ڪونه ٿو پوي. "
ڪاش اِھا ڪئسيٽ نه چورائجي ھا ته اسين مٿيون ڳُجھ ته معلوم ڪيون ھا پر اڳتي شايد ڪي ٻيا راز يا علمي ڳالھيون ھجن ھا!
پاڻ ھاڻي ھڪڙي آخري ڳُجھي ڳالھ پڙھون ٿا جيڪا ھري موٽواڻي جي اندر اوري آھي.
" سٺ واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز صاحب رشيد ڀٽي سان گڏجي انڊيا آيو ھو. اياز ڇاڪاڻ ته اڳي ئي اسان لاءِ وڏو نالو ھو، تنھن ڪري ڪجھ دوستن، سڳن آھوجا، موھن ڪلپنا ۽ ٻين شيخ اياز جي ڀارت ۾ تمام وڏي آجيان ڪئي. راجن چاولا انھن ڏينھن ۾ ٻين ۾ ڪجھ اڀريل ھو. ھن وٽ پنھنجي موٽر ڪار ھئي. جڏھن ته اسين غريبڙا ھئاسين، گاڏي ڪنھن وٽ ڪانه هئي. اياز کي ماني ته کارائي سگھياسين پئي، پر گھمائي ڦيرائي نه پئي سگھياسين. راجن وٽ ڪار سان گڏ نئون فليٽ به ھو. ھنن ٻنھي زال مڙسن شيخ اياز کي سڄي ھندستان جو سير ڪرايو. راجن چاولا چوي ٿو ته سير سفر دوران گفتگو ۽ فرينڪنيس جو شيخ اياز غلط مطلب ڪڍيو ۽ ڇا جو ڇا ويھي ڳالھيون لکيون، جن اسان جي زندگي ۾ وڏو ٽاڪوڙو وڌو.... بعد ۾ گيتا به اياز جي لکيل ڳالھين تي پنھنجو ردعمل ڏيندي چيو ته اھڙي ماڻھوءَ سان ڪوبه ماڻھو رشتو نه رکي جو اسان ته هن کي وڏو ڀاءُ سمجھي ريسپيڪٽ ڏني ۽ ھن وري اسان کي پنھنجي لکڻين ۾ ڪنھن ٻي طرح سان ٽريٽ ڪيو. راجن چاولا ان سلسلي ۾ اياز سان جڏهن ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو ته اياز وري چيو، اھا ڄاٻي 'گيتا' آهي جنھن جو ذڪر مون ڪيو آهي. "
سو يارو اھڙا ڳُجھ ڄاڻڻ لاءِ انٽرويو پڙھندا ڪريو! ڪتاب ۾ وڌيڪ فتاح ھاليپوٽو، مظھر السلام، مراد علي مرزا ۽ امداد حسيني جا انٽرويو تفصيلي ۽ مزيدار آھن. ڪتاب نئون نياپو پاران شايع ڪيل آهي. آخر ۾ ھڪڙي نشاندگي به ڪندا ھلون ته ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي علي بابا جي تصوير به ڏنل آهي جڏھن ته ڪتاب ۾ سندس انٽرويو ڏنل ناھي!

No comments: