Sunday, August 30, 2020

ڪتاب “وڻ وڻ تي واس “ خليق ٻگهيو جو سرسري جائزو


ھيءُ ڪتاب “وڻ وڻ تي واس “ وقت جي ڪميءَ ڪارڻ سرسري طور پڙھي سگھيس ۽ جيئنءَ پڙھندي، محسوس ڪيم ،سو ونڊيان ٿو ھيءُ ڪتاب خوبصورت ٽائيٽل ۽ مختصر ھئڻ ڪارڻ نھايت خوبصورت لڳي ٿو .

خليق ٻگهيو

ھيءُ ڪتاب سمبارا پبليڪيشن ڇَپيو آھي، ڪتاب جا مرتب ٻہ پيارا شاعر گھايل لغاري ۽ زين کوسو جن آھن

 ڪتاب ھڪ ھڪ سو اٺاويھ صفحن تي مبني آھي مھاڳ علي دوست عاجز لکيو آھي، مھاڳ جو جھڙو عنوان “ جوھيءَ جا جَر ڦل !“ آھي. تھڙو ئي  اندر موھيندڙ مواد اٿس جڏھن تہ ڪتاب جو بئڪ پيج ڊاڪٽر مشتاق ڦل جن جو لکيل آھي، مھاڳ توڙي بئڪ پيج ٻئي خوبصورت شاعراڻي نثر ۾ سرجيل آھن

 شاعراڻو نثر مان منھنجي مراد تاثراتي ھجڻ آھي ٻئي. تاثير ڏيندڙ تحريرون آھن“ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جي پاران“ ساجد سنڌيءَ پڻ ھڪ سٺو نوٽ لکيو آھي ڪتاب ساھَ ۾َسانڍڻ جھڙو آھي ڪتاب جو پيپر پڻ وڻندڙ آھي

 ھن ڪتاب ۾ مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي ، سڪندر اُداس لُنڊ ، زين کوسو ۽ گھايل لغاريءَ جي گَڏيل شاعري ڏنل آھي  
سڀ کان اول محرم  لغاريءَ جي شاعري ڏنل آھي ،سندس شاعريءَ ۾ فطرت نگاري نھايت سندر ۽ سڀاويڪ آھي : 

ڳوٺ ۾ انب ، سرينھن، نم ، ٽاليھون،
تو بنا تہ بہ ٻُسو ٻُسو  پاڙو .
----------------------------==---------------------
حسن تي جوڀن لٿو ئي ھيل آ،
ماڪ ۾ مکڙي نئين نکري پئي 

جيئن اتر جي واءَ ھنڀوڇيون ٿي ھڻي ،
تيئن وڻن مان راڳڻي اڀري پئي .
-------------------------------------------ڪاڇو ڪڻي نہ پئي ڪا ، ٿر ۾ ڏڪار ھو،
دوکو ڏئي ويو سانوڻ آگم ڪري ڪري 
--------------------------------------------------------
تون جو ڦولار پويان ڦٽين تي پرھ !
روپ ڪيڏو نہ پيارو وٺين ٿي پرھ !
____________________________کير ٿر تي سج لھڻ کان ڪجھ اڳي ،
ڊرنگ تان چوڦير منظر شاھڪار .
-----------------------------------------------====
 محرم لغاريءَ جي شاعريءَ جو ٻيو پاسو زندگيءَ جي پراڻن قدرن کان شڪايت وارو لھجو آھي

۽ زندگيءَ جي نون قدرن جي خواھش موجود آھي حياتيءَ جي خاموشي کيس متاثر نٿي ڪري پر ھُو حياتيءَ جي نئين تازگيءَ ۽  متحرڪ زندگيءَ جي تصور کي پيار ڪري ٿو : 

زندگي چپ چاپ ايئن گذري پئي ،
ڄڻ آڳاٽي ٻير آ جا اڪري پئي .

ڪٿي ڪٿي نھايت ٿوري مقدار ۾ مزاحمت آھي : 

جنگ آجنگ پنھنجي اوندھ سان ، 
باک گيڙو رتي ڦٽڻ تائين .

پر ساڳي وقت سندس شاعريءَ ۾ “نظريہ بيگانگي“ پڻ آھي جيڪا سماجي ۽ معاشرتي انساني تعلقات جي غير پيداواري ھجڻ جو ثبوت ڏيندي آھي

 مايوسي پيدا ئي تڏھن ٿيندي آھي ، جڏھن ماڻھوءَ  ۾  خود اراديت جي طاقت گھٽجي ويندي آھي يا سماج ۾َانساني ۽ ڪلچرل قدرن جو ڏڪار ايندو آھي محرم. لغاري پوءِ بہ مايوسين کي روشنيءَ جو پاڇو سمجھي ٿو، جيڪا سندس تخليقي روشن خيالي آھي  : 

دوست اوندھ ۾ ڇڏي ويندءِ ،
ھي سڀئي روشنيءَ  جا سايا آھن 
-------------------------------------------
 
ٻين نمبر تي ھن ڪتاب ۾ خادم حسين جسڪاڻيءَ جي شاعري آھي سندس شاعريءَ ۾ سماج جي حالتن جي جيئنءَ جو تيئنءَ عڪاسي نظر اچي ٿي : 

نفرتن جو ڪو بہ ويري ڪونہ آ ،
آڱريون ساريون کڄن ٿيون پيار تي .

ساڳي وقت خادم حسين جسڪاڻيءَ جي شاعري ۾َ پڻ فطرت نگاري موجود آھي، جنھن ۾ نزاڪت بہ آھي ۽ خوبصورت منظر نگاري پڻ آھي  سندس شاعريءَ  ۾ ٻھڙاريءَ جي منظر نگاري نظر اچي ٿي پر ھُو منظر نگاريءَ ۾ پڻ بک بدحاليءَ  جھڙن مسئلن کي وائکو ڪري ٿو :

ٿاريليون ويون پاڻي ڀرڻ کوھ تان مگر ،
بک ڀي ڀري ھُو آيون پاڻيءَ سان ڏول ۾ .

خادم حسين جي شاعريءَ ۾  لڪل انفرادي درد بہ ساھَ کڻن ٿا ۽  اجتماعي سماجي روين جي شڪايت آھي ۽ ظاھر ۽ باطن جي آميزش آھي : 

ڳالھيون کريون ڪجن يا ڪي شڪ لڪائجن ، 
پر دوستن جا ڪھڙا ڪھڙا ڌڪ لڪائجن 

خادم وٽ سماجي اڻ - برابري ۽ بي ترتيبيءَ جي دانھن آھي قبيلائي مسئلن خلاف پوئٽڪ احتجاج آھي محبتن جي ڏڪار جي گلا آھي :

زمينن کي ڪانن سان ماپي ورھائن ،

دلين ۾ الئہ ڪيئن ڪڍن دنگ ماڻھو .

نہ دشمنن کي تاڙي سگھياسين او ساٿي ،
نہ ذاتين کان اڳتي وڙھن جنگ َماڻھو .
-------------------------------------------

ٽين نمبر تي ڪتاب ۾َ سڪندر علي لنڊ جي شاعري آيل آھي ، سندس شاعري ۾ انفرادي ۽ اجتماعي غَمَ آھن :

سنڌ تنھنجا الم لکان 
صبح شام ويٺو غم لکان 

__________________________________
وٽس شاعريءَ مان ائينءَ بہ محسوس ٿئي ٿو تہ ھُو شاعري/ آرٽ کي وندر سمجھي ٿو: 

 شاعري ھڪ حسين فن آھي ،
جنھن سان وندريو پيو ھي من آھي.

 ھيءَ  مطلع پنھنجي فڪر ۾ فڪري ناپختگي رکي ٿي، ڇوتہ فن رڳو وندر ناھي فن جي وندر وارو تصور ادب جو قديم ترين تصور آھي ھاڻي فن وندر کان وڌي جوابدھيءَ وارو تخليقي ڪم.آھي 

سندس شاعريءَ ۾ پورھيتن جي حق تلفي جي بھترين  عڪاسي آھي ادب ۾ مزدور ۽ ھاري طبقي لاءِ آواز بلند ڪرڻ سماجي ارتقا شناسائي ۽ عھد جي سماجي ضرورت آھي

 آرٽ رڳو محسوسات جو فن ڪونھي، آرٽ پنھنجي سماج مان ئي ڦٽي ٿو ۽ سماجي ملڪيت ئي آھي ادب ڪا ذاتي ملڪيت ناھي ھوندي پر ادب اجتماعي ميراث آھي

 سڪندر علي لنڊ جي ھن قِسم جي شاعري ادب کي سائنسي ذميواريءَ سان پيش ڪري ٿي ، جيڪا پختي سماجي شعور جو مظھر ليکي ويندي ھي سندس شعر / بند تاريخ جي مادي ۽ جدلياتي شعور  جي ساک  ڀري ٿو  : 

سال سارو ٻنيءَ ۾ لوڙيو ٿم 
ٻن مھينن جو آيو اَنُ آھي  .

سڪندر جي شاعريءَ ۾َ ٻوليءَ سان انسيت ساراھ جوڳي آھي ۽ سندس ڪجھ شاعري  ڪلچرل شعور کي پڌرائيندڙ شاعري آھي : 

ڪيڏي راحت آ تنھنجي لوليءَ ۾ ،
لولي ڏني ماءُ سنڌي ٻوليءَ ۾ 

جدلياتي شعور تخليقڪار کي مايوسي مان ڪڍي ٿو سوچ جا نوان زاويا عطا ڪري ٿو حوصلن کي سڙھ ٻَڌي ٿو ھمتن کي تازگي بخشي ٿو ۽ غير متحرڪ ۽ غير فعال حياتيءَ کي بي مقصد سمجھي ٿو جيئنءَ سڪندر عليءَ لنڊ جي ھيءَ شاعري جدلياتي شعوريت کي مددگار بڻائي ٿي  :

جي ھلبو فاصلا ڪٽبا ،
جي ويھبو حوصلا گھٽبا 

اسان کان پو بہ ڦل ڏيندا،
ڪي اھڙا خواب ھت ڇٽبا
------------------------------------------- 

چوٿين نمبر تي  ھن ڪتاب ۾ زين کوسي جي شاعري آھي جنھن ۾ سنڌ جو رومانوي سڀاءُ  آھي :

مُنھڙو موڙي مرڪي گھورڻ ،
منھنجي دل تي قھري ڪاھون 

زين جي شاعري “نظريہ بيگانگي“ کي جيئنءَ جو تيئنءَ بہ عڪسي ٿي پر ڪٿي ڪٿي اُن نظريہ بيگانگيءَ کي ناسٽيلجا ۾ منتقل ڪري ٿو سندس فن ۽  فڪر تنھائيءَ سان جنگ نٿو ڪري پر تنھائيءَ ۽ ڏکن کي جامد صورت بخشي ٿو :

ڪمرو ، تصويرون ۽ تنھائي ،
سپنا ، تعبيرون ۽ تنھائي 

ڏک ڏولاون ۾ آھي جيون 
چچريل تقديرون ۽ تنھائي 

زين وٽ فطرت نگاري جا عڪس حياتيءَ جي روح پروڙ حقيقتون آھن ھُو فطرت جي اھڙي تہ خوبصورت عڪاسي ڪري ٿو جو مئل روح َ بہ تازگي ماڻي وٺن ڄڻ ھوبھو اصلوڪي منظر ڏيکاري رھيو ھجي پر رڳو منظرن جي تصوير- ڪشي نٿو ڪري پر اُنھن ۾ دل جي ڪيفيات کي پڻ سموھي ٿو : 

گل ٽڙي پيا پرھ ڦٽيءَ جو ، 
لڙڪ لڙي پيا پرھ ڦٽيءَ جو،

ماڪ جي صورت ۾ ڳلڙن تان،
لڙڪ ڳڙي پيا پرھ ڦٽيءَ جو . 

زين کوسي جي شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي خيال جي نفاست دل لڀائيندڙ آھي ،۽ سادي سولي ٻوليءَ ۾ سندس اظھاريت عام لوڪ کي بہ متاثر ڪرڻ جي سگھ ساري ٿي : 

گھر جا ڪمرا خالي خالي ،
سوچون  چھرا خالي خالي
 
بن خوشبو جي ڪاغذ جا گل ،
موتيا مگرا خالي خالي 

زين  ننڍن ننڍن بحرن ۾ وڏي وڏي درد ۽ مسئلي کي اظھارڻ جو فن ڄاڻي ٿو پر سندس شاعريءَ ۾َ ٻين شاعرن جيان غم الم آھي ۽ ماضيءَ جو روئڻ آھي ھونئنءَ بہ مجموعي سنڌي جديد پابند شاعريءَ جو ھڪ وڏو حصو جتي پيار جي موضوع کان ٻاھر گھٽ ٿو ڏِسي

 اتي اڪثر شآعرن وٽ خوشي. آئيندي، اميد پرستي نہ ھئڻ جي برابر آھي ناسٽيلجا ۽ اڪيلائيءَ سان گھڻو پيار آھي اھو سڀ ڪجھ جاگيرداري سماج جي گھٽ  ٻُوسٽ واري ماحول ڪارڻ آھي زين وٽ بہ مايوسيءَ ۾  اھڙي حصيداري آھي : 

سال صديون ٿي ويا.
پيار پتيون ٿي ويا 

زندگيءَ جا سڀ لمحا 
زھر وٽيون ٿي ويا .
-----===-=======---------------=======
مزو ناھي نظارن ۾ 
رھان تو بم خمارن ۾ 
لڇيو آھيان ستو ناھيان 
ڏٺم توکي ستارن ۾ 

زين وٽ سماجي استحڪام جي دانھن آھي سماجي روين جي ناڪاريت کيس بيزار ڪري ٿي پر انھن کي بدلاءَ جا گس ڏيڻ جي برعڪس کين صرف وائکو ڪري ٿو جيئنءَ پاڻ - ھرتو اھڙن ڪردارن جي اصلاح ٿئي 

اھو تخليقي رويو مابعد الطبيعاتي رويو آھي ان جاءِ تي جدلياتي شعور نون گسن پنڌن جي ڏسائن کي پيار ڪندو آھي جيڪو ھتي نظر نٿو اچي :

ڪوڙي دنيا ڪوڙا ماڻھو 
انڌا گونگا ٻوڙا ماڻھو.
------------------------------------------- 

پنجين  نمبر تي گھايل لغاريءَ جي شاعري ڪتاب ۾ آيل آھي گھايل وٽ ڪجھ مزاحمتي پاسا ساراھ جوڳا پاسا آھن ھو نون گسن  پنڌن کي آرٽ جو فرض بہ سمجھي ٿو :

حياتي سوڀاري ڪندو ھل پرين 
وفا جي اوساري ڪندو ھل پرين
 
خزان  جي حرڪتن کان مُڙي ڪانہ ٿي.
تون مرڪي بھاري ڪندو ھل پرين 

گھايل  موجودہ عھد ۾ رت جي رشتن جي ٽُٽڻ کي اھڙي طرح آرٽ ۾َ پسي ٿو ڄڻ دور جي تتل واريء ِتي پاڻ بہ سڙندو ھجي ھر طرف کيس سماج ۾ نفرت جو گرمي پد وڌندڙ لڳي ٿو ۽ محبتن جي ڏڪار تي سندس کوري جيان دکنندي رھي ٿي :

پنھنجائپ جا رشتا ٽانڊا
مون لئہ سارا رستا ٽانڊا 

گھايل وٽ  ماضي پرستي غم الم ڏک ناسٽيلجا  جي باوجود  بہ اميد پرستي يا خوشيءَ جي ڪا رٿا آھي  :

سونھن ڪيڏو سرور آندو آھي 
عشق مون ۾ شعور آندو آھي 
-----==========---------------------پيار مون کي انيڪ ڏي پيارا 
ھانءُ  لڙھيل کي ٽيڪ ڏي پيارا
__________________
گھايل وٽ وطنيت آھي ڌرتيءَ جو درد آھي :

وقت جي گھڙيال جي ٽڪ ٽڪ
سنڌ ! تنھنجي خيال جي ٽڪ ٽڪ 

سک پھاڙن تي   سمھي پيو آ
ڏيھ ۾ جنجال جي ٽڪ ٽڪ 
--------------------------------------------------------
گھايل وٽ پيار ۽ سنڌيت کان سواءِ موضوعاتي کوٽ آھي پيار وڇوڙو تہ ھن وٽ بہ شاعريءَ جي ھڪ نہ ٻئي مرحلي ۾ موجود آھي پر ڪٿي ھو وري مزاحمت جي سٽ جو امتزاج کڻي پيار جي موضوع کان  عارضي طرح ھَٽي ٿو وڃي 

پر  وٽس گھرائي گھٽ آھي کيس خيال جي سمنڊن جو تارون ٿيڻو آھي تہ ھڪ گھري ٽُٻي مطالعي ۾ لڳائي وٺي جيئنءَ ھن وٽ موضوعن جي وسعت پيدا ٿي سگھي 

 مجموعي طرح ھيءُ ڪتاب اڄ منھنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ تبديلي پيدا ڪري ويو جنھن مان دريافت ڪريان تہ ھن ڪتاب ۾ ھڪ  فني ۽ فڪري سگھ ضرور آھي 

 ھونئنءَ سنڌي  شاعري ۾ مجموعي طرح جاگيرداري دور جي ڪري مايوسي آھي اڪيلائيءَ جا جيئنءَ جو تيئنءَ عڪس آھن سماج کان بيگانگيءَ واري اظھاريت آھي بک بدحالي مان جنم وٺندڙ نفيساتي ڪيفيتون آھن روڳ ۽ تاڙا آھن دانھون ۽ ڪوڪون آھن

 پر اجتماعي اظھار ڪمزور آھن انفرادي درد بي انت آھن سماج جي پيداواري قوتن جي آبياري ڪندڙ قوتن سماج ۾ جمود خلقي ڇڏيو آھي روان ۽ متحرڪ سماج صرف ھڪ سائنسي سماج ئي ٿي سگھي ٿو سنڌي ادب ھڪ عبوري دور مان گذري رھيو آھي جتي سماجي سطح تي فڪري ڏسائون وساميل آھن

 فڪري طرفن جياڻ چٽائي آھي تخليقڪارن وٽ پيار جو موضوع بار بار دھرائجي رھيو آھي ھلڪي مزاحمت آھي اجتماعيت کان تخليقن ۾ نفرت آھي ۽ انفرادي اظھار کي اول فضيلت بخشيل آھي آرٽ کي نئين  حقيقت نگاريءَ طرف آڻڻ لاءِ اڃان ڀي وقت درڪار آھي.