Friday, July 31, 2020

سندري اتمچنداڻي



سندري اتمچنداڻي

اتمچنداڻي سندري: سنڌ ۽ هند جي اوچي معيار ۽ پد جي ليکڪائن ۾ سندري اتمچنداڻيءَ جو نالو ڳڻيو وڃي ٿو. سندس پورو نالو سندري آسنداس اُتمچنداڻي آهي. هن 28 سيپٽمبر 1924ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ ڪار آهي، پر شاعر پڻ آهي. هوءَ ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج آرٽسٽ به رهي آهي. گذريل ساٺيڪو سالن کان ادب جي ميدان ۾ سرگرم آهي. نامور دانشور ۽ اديب اي. جي. اُتم جي گهر واري آهي. هن پرائمري تعليم شو قيرام چانڊومل ميونسپل اسڪول حيدرآباد مان ورتي ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول مان 18 ورهين جي ڄمار ۾، 1942ع ۾ ڪيائين. ذهين هئڻ ڪري بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهي، اُتان انٽر سائنس ڪيائين، پر ڪراچيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا نه ملڻ ڪري، پڙهائي اڌ ۾ ڇڏيائين. ڪجهه مهينن بعد سندس مڱڻو اي. جي. اتم سان ٿيو، جنهن کيس پڙهڻ لاءِ همٿايو، پر انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج نه هو، ان ڪري لاچار پڙهائي جاري رکڻ لاءِ ساڌو واسواڻيءَ جي ميران ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. ان ريت هن بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي جو امتحان 1949ع ۾ پاس ڪيو، ورهاڱي بعد ڪيترن سالن پڄاڻان ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ جو اثر قبوليائين ۽ ماسترياڻي بنجڻ جو شوق جاڳيس. تعليمي اڀياس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لئبريرين طور ۽ ڪجهه وقت ماسترياڻيءَ طور خدمت سرانجام ڏنائين. هن آفيس ۾ ڪلارڪي به ڪئي ۽ بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرر طور رٽائر ڪيائين.
سندريءَ کي ننڍي هوندي کان ڪتابن سان گهري دلچسپي هئي، ڀارت ۽ يورپ جي ڪن اديبن جو مٿس اثر پيو. ڪراچيءَ ۾ عورتن جي مخزن ”ساٿي“ جي ڪجهه وقت ايڊيٽر رهي ۽ ان دوران هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري، ان مخزن ۾ ڇپايائين. هن کي اٿندي ئي ادبي ماحول مليو، ترقي پسند ويچارن ڏانهن مائل ٿي، سندس پهرين تحرير ”منهنجي ڌيءَ“ هئي، جيڪا 47-1946ع ڌاري ”ساٿي“ مخزن ۾ شايع ٿيو.
1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) برپا ٿي ته ان جي هفتيوار ڪلاسن ۾ شرڪت ڪيائين. هن ٻاهرئين ادب مان ڪيتريون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ۽ طبعزاد ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيائين. اُتم جي رسالي ”نئين دنيا“ کان سواءِ هندو واسي، مارئي، سنگيتا، هلچل، الڪا ۽ ٻين رسالن ۾ سندس لکڻيون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون ۽ آهستي آهستي مقبوليت حاصل ڪيائين. ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريمچند، يشپال، شيڪسپيئر، هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هار ڊي ۽ اوهينري ۽ ٻين ليکڪن جو مٿس گهرو اثر پيو.
سندس ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ، جيوني، سفرنامي جي صنفن لکڻ سان گڏ شاعري ڪئي، سندس ڪهاڻين جا هيٺيان مجموعا ڇپيل آهن.
(1). ”اڇا وار ڳاڙها گل“ (1965ع)، (2). ”تو جنين جي تات“ (1970ع)، (3). ”ڀوري“ (1979ع)، (4). ٻنڌن “ (1982ع)، (5). ”وڇوڙو“ (1985ع)، (6). ”يگانتر“ (1989ع)، (7). کيڙيل ڌرتي“ (1992ع)، (8). ”مرڪ تي منع“ (1992ع)، (9). ”آتم وشواس“ (1999ع)، (10). ”نخريليون“ (2001ع).
سندس ٻه اهم ناول (1). ڪرندڙ ديوارون (1953ع) ۽ (2). پريت پراڻي ريت نرالي (1986ع) ڇپيل آهن، جن کيس وڏي مقبوليت ڏني. هن اصلوڪا ناول لکڻ سان گڏ ڪجهه ناول ترجمو به ڪيا. جهڙوڪ: ٽٽل ساز (مئڪسم گورڪي: 1956ع)، پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون (ڪرشنچندر: 1956ع)، هڪ سسئي سؤ سور (امرتا پريتم) ۽ ملايالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول جو ترجمو: ”ساگر جي سنتان“.
سندريءَ جي مضمونن جو ڳٽڪو ”ڀارت روس ٻه ٻانهن ٻيلي“ (1975ع) ۾ ڇپيو. سندس ناٽڪن ”’املهه ماڻڪن جو واپار“ ۽ ”ساهيڙي“ وڏي مڃتا ماڻي. سندس ناٽڪن جو ڪتاب ”سنڌو“ 2000ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس ڏهه ناٽڪ آهن.
سندريءَ شاعري به ڪئي آهي ۽ منظوم ترجما به ڪيا آهن. 95 روسي شاعرن جي ترجمو ڪيل شاعري ”امن سڏي پيو“ (1965ع) نالي سان شايع ٿي، جنهن تي کيس 1966ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو انعام ۽ ڏهه هزار رپيا مليا. سندس طبعزاد شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”هڳاءُ“ (جولاءِ 1993ع) ۽ ”ڏات بڻي لات“ (مارچ: 2004ع) ڇپيل آهن، جن ۾ سندس آزاد ۽ پابند شاعري شامل آهي. هن جو مارڪسوادي ويچار ڌارا هيٺ روسي ادب مان چونڊ ادب ”شولو خوف جي جهلڪ“ عنوان سان 1975ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ ليونڊ بريز نيف جون يادگيريون، ٽن ڪتابڙن جي صورت ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. ”ملايازيمليا“ (1978ع)، ”نئون جنم“ (1978ع) ۽ ”ڪنواري ڌرتي“ (1979ع). هن ڪتاب تي کيس ٻيو ڀيرو سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ (1979ع) ۽ گڏوگڏ 14 ڏينهن جو روس جو مهماني دورو نصيب ٿيو، ان دوري بعد هن ”نئين سڀيتا جو درشن“ (1980ع) عنوان سان روس جو سفرنامو ڇپايو، کيس ڪهاڻي چٽاڀيٽي ۾ 1952ع ۾ ”ممتا“ ڪهاڻي لاءِ، 1954ع ۾ ”ڪوشان“ ڪهاڻي لاءِ ۽ مکيه ڪهاڻيڪارن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ 1960ع ۾ ”وڇوڙو“ ڪهاڻي تي 1981ع ۾ ”ڀوري“ ڪهاڻي، ڪتاب تي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي پاران انعام مليل آهن. ”وڇوڙو“ ڪتاب ساهت اڪادمي (ڏهه هزار رپيا) انعام، 1985ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا مبمئيءَ پاران (ڏهه هزار رپيا) انعام، سنڌي پنچائت فيڊريشن پاران انعام (1985ع) ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي پاران ”گوڙو پراسڪار“ انعام (هڪ لک رپيا روڪ) مليو. هن وقت سندري اُتمچنداڻي ماهيم بمبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.

حوالو

http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AA%D9%85%DA%86%D9%86%D8%AF%D8%A7%DA%BB%D9%8A%20%D8%B3%D9%86%D8%AF%D8%B1%D9%8A

غزل ھي دؤر آهي دؤر وڏي انتشار جو امين اڏيرائي




غزل

ھي   دؤر   آهي   دؤر   وڏي  انتشار  جو
هِت  روز  خون  ٿئي  ٿو  پيو  اعتبار جو

افلاس روح كي بہ ٿو زخمي ڪريو ڇڏي
ماريو  وجھي  ٿو هاڻ تہ غم روزگار جو

آ   موت   ڀي   قبول  اگرچہ اچي   وڃي
ڏاڍو   ڏکیو   آ   مرحلو  ھي  انتظار  جو

تنھنجو  خیال  ذھن  جی  پنڊال  ۾ اچي
رتبو  وڌائی  ٿو  وڃي  مون  گنھگار جو

آلاڻ ھئي اكين ۾ ڇو هر شخص جي امين 
قصومون ڇیڙیوھو فقط پنهنجي پیار جو

                     امین اُڏیرائي