غزل
ھي دؤر آهي دؤر وڏي انتشار جو
هِت روز خون ٿئي ٿو پيو اعتبار جو
افلاس روح كي بہ ٿو زخمي ڪريو ڇڏي
ماريو وجھي ٿو هاڻ تہ غم روزگار جو
آ موت ڀي قبول اگرچہ اچي وڃي
ڏاڍو ڏکیو آ مرحلو ھي انتظار جو
تنھنجو خیال ذھن جی پنڊال ۾ اچي
رتبو وڌائی ٿو وڃي مون گنھگار جو
آلاڻ ھئي اكين ۾ ڇو هر شخص جي امين
قصومون ڇیڙیوھو فقط پنهنجي پیار جو
امین اُڏیرائي
1 comment:
Wah wah zabardast
Post a Comment