Saturday, July 25, 2020

غزل ماڻھون ڪٿي ها بدليا ماڻھن مزاج بدليو ريتون وڻن ڪٿي پيون مون ڀي رواج بدليو ناچيز قريشي




غزل 

ماڻھون ڪٿي ها بدليا ماڻھن مزاج بدليو
ريتون وڻن ڪٿي پيون مون ڀي رواج بدليو 

چُونري   وٽو  رلي ۽  مسلو ڇڏي  هتي  آ 
قرضي ٿي  قوم ڌيء جو ، ڏاهن به ڏاج بدليو

اڄ ڀي ته ڪونج ڪاري اڄ ڀي ته کوڙ ڀوپا
او ڙي جديد دنيا  ڇا ۾ ؟ سماج بدليو 

ڪيڏا وجهو ٿا ڪنڪر   ھڙئي حلال ميرو 
ماڻھون ڏسي چئو ٿا ،اڄ جو اناج  بدليو 

جهونا ڪوي جڏهن کان، ساڳو حڪيم آھي 
ويا هِن مريض وڌندا  اهڙو علاج بدليو 

ناچيز روز شامون ، اعليٰ انعام  ان کي
جيڪو سفارشي هو تنهن لئه خراج بدليو 

ناچيز قريشي