Saturday, August 8, 2020

لطيفي لات : پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي لَڳو ڪِنءَ لَطِيفُ چَي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ پِرِين ڏَيکارَي پاڻُ، خوشِ ڪَرَي وِئا خُوابَ ۾

 


لطيفي لات :


پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي

لَڳو ڪِنءَ لَطِيفُ چَي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ

پِرِين ڏَيکارَي پاڻُ، خوشِ ڪَرَي وِئا خُوابَ ۾


سُرُ بَرِ وو سِنڌِي


پَرَ وَسِ = پرائي وس، ٻئي جي هَٿِ

ٿِيُمِ = ٿيو

پِراڻُ = ساھ, دل

ڪِنءَ = ڪيئن

ڇَپَرُ = جبل، جبل جيڏو غم

ڇاتِيءَ ساڻُ = ڇاتيءَ تي برداشت ڪيو ويٺي آهيان

وِئا = ويا


بيت جو پس منظر


~ هي ساھ ۽ دل پرائي وس آهي، پرين بہ منهنجي وس ۾ ناهي.

~ هي جبل منهنجي ڇاتيءَ مٿان ڪيئن اچي ڪريو آهي.

~ محبوب پاڻ ڏيکاري خواب ۾، خوش ڪري هليا ويا.


سمجهاڻي


هي دل جون ڪيفيتون بہ عجيب آهن، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾. هونئن هجڻ ايئين گهرجي ها تہ دل ماڻهونءَ جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ هجي ها پر هتي ڳالھ ابتي آهي.

دل ۽ ساھ ماڻهونءَ جَي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ نہ پر ماڻهو پاڻ هنن ٻنهي جَي اڳيان بيوس، لاچار ۽ مجبور آهي. وري مٿان ظلم اهيو آهي تہ پرين بہ پنهنجي وسَ ۽ مرضيءَ جا مالڪ آهن.

سڄي دنيا جا ظلم، ستم، ڏاڍ ۽ جبر تہ ماڻهون سهي ويندو پر محبوب جَي جدائيءَ جو جبل جيڏو غم برداشت ٿي سگهي سو ممڪن ئي ناهي.

هر ڏينهن هر رات ۽ هر پل محبوب جون راهون تڪيندي، اوجاڳا ۽ انتظار ڪندي گذري ٿو. پر هن سڪ جي سڪايل دل کي محبوب ملي سو مشڪل آهي.

پرين تہ ڪڏهن ڪڏهن اوجاڳيل اکين ۾ خواب بڻجي گهڙي پل لاءِ پاڻ پسائن ٿا ۽ خوش سمجهي هليا وڃن ٿا.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

8 آگسٽ تي علي بابا جي چوٿين ورسي آهي ورسي مناسبت سان ھي مقالو پيش ڪجي ٿو اي سنڌ جا علي! مير سردار چنڙ

 


8 آگسٽ تي علي بابا جي چوٿين ورسي آهي 

ورسي مناسبت سان ھي مقالو پيش ڪجي ٿو

اي سنڌ جا علي!


مير سردار چنڙ 


سنڌ ۾ ادبي هيرن جي ڪا کوٽ ناهي سنڌ ۾ سوين ستار اڀريل آهن اڄ به جڳمڳ آهن جن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي انهن مان سنڌوءُ جو سڪيلڌو علي پڻ هڪ آهي . علي بابا 1945ع ڌاري نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ) ۾  محمد رمضان رند جي گھر جنم ورتو سندس نالو علي محمد رکيو ويو ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي علي بابا جي روپ ۾ عالمي  ليول تي ڪهاڻيڪار ٿي سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو .

علي بابا جا وڏا اصل بلوچستان جا  هئا جيڪي بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهائش پذير ٿيا  علي بابا جو  پيءُ محمد رمضان بلوچ ريلوي ۾ شنٽنگ  پائلٽ هو جيڪو  ڪوٽڙي لڏي آيو عليءَ پرائمري تعليم  نانگو لائن ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ شيردل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي جڏهن ميٽرڪ جا امتحان ٿي رهيا هئا ته عليءَ هڪ ڇوڪري کي ڀوندو (بجو) ڏنو ته کيس هڪ استاد امتحان سينٽر مان ڪڍي ڇڏيو پوءِ وري هن اسڪول جو منهن نه ڏٺو ۽ ميٽرڪ ۾ فيل ٿي پيو.

علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرٿي ٿيو جتي ست سال نوڪري ڪيائين بعد ۾ ڪپڙي جي مل ۾ اسٽنٽ ميئنيجر طور ڪم ڪيائين  1965ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيائين .

علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو هئائين جنهن جو ذڪر ”سنڌ باد جوسفر“ ۾ ڪندي چوي ٿو ته  مون تمام  ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ان وهيءَ ۾ مون اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئي هئس.

اهڙي طرح علي ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو لاڳاتار سلسلو هلائيندي 1965ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي ميگزين ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي ۽ رسالي جي آخر تائين شايع ٿيندو رهيو

علي بابا پنهنجي قلم کي سچي ۽ نيڪ نيتي سان هلايو هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو هن سدائين سخت پورهيئي سان لکيو نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو سنڌو درياءُ ڪارونجھر جبل ٻيڙي مهاڻا ۽ تاريخ هئي

علي بابا جو هڪ عظيم خواب هو ته سنڌو درياءُ کي ماضي  واري موجن ۾ ڏسان ان جي چوڌاري وڻ ٻيلا  ڏسان سنڌ ۾ پاڪ پويتر پاڻي ڏسان نه ڪي  پنجاب جي فيڪٽرين جو  ڪيميائي پاڻي ۽ سکر حيدرآباد تائين جي گٽرن جو پاڻي ڏسان علي بابا سنڌو کي ٻيهر موجن ۾ ڏسڻ چاهي پيو .

علي پنهنجي جيون ۾ 300 کان مٿي ڪهاڻيون ريڊيو  ڊارما لکيا علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضع هئا هن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺ تي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين  جي زندگين جا داستان سنڌو درياءُ رني ڪوٽ ڪارونجھر جبل جا عڪس پسمنظر موجود آهن علي بابا جي ڪهاڻي جي موضوع حوالي سان مدد علي سنڌي پنهنجي مضمون ” ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي “ ۾ لکي ٿو ته ”علي بابا جڏهن ڪهاڻيون لکڻ  شروع ڪيون تڏهن سنڌي ڪهاڻي جو اهم دور هو پر اسان جي ليکڪن جي ڪهاڻين جا گھڻو ڪري موضوع وڏيري ۽ هاري تائين محدود هوندا هئا جيتوڻيڪ حفيظ شيخ حميد سنڌي غلام نبي مغل نسيم کرل نوان موضوع آندا هئا پر علي بابا اهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن سڀ کان پهرين قومي ڪهاڻين جو آغاز ڪيو اها ڳاله 1960ع جي آهي .

علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو هر وقت پيو لکندو هو سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي شاعراڻي ڪهاڻي جو فن به علي بابا لکڻ ڄاڻي سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي اهن گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ طرف چڪڻ ڄاڻيندا آهن ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن سنڌو کان ويندي ڪارونجهر ڪينجھر رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصلي حيثيت سان ڏيکاريو آهي علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان  آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيو سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن علي بابا ، چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي ، اسان ماڻهو ، علي بابا جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا پي ٽي وي تي ڪيترائي ڊارما لکيا  100 کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجهه دياهه ۽ ٻيا مشهور  ٿيا 

دنگي منجهه درياءُ

دُنگي منجهه درياءُ علي بابا جو هيءُ  هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙ کي ڏندين اڱريون وجهي ڇڏيون هيون سڀ ان ڳالهه تي حيران هئا ته علي بابا سنڌي ادب ۾ اهڙو ڊارمو ڪيئن  سرجي سگھي ٿو 1976ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ شهر جي عالمي  ميلي  ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي 79 ملڪن حصو ورتو هو ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو هن ڊارمي ۾ سنڌو درياءُ جي جي جيون کي شاندار نموني سان پيش ڪيو ويو هو مهاڻن جي زندگي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ٻولي تي اعلي طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي هن ڊارمي ۾ ٻولي جي حوالي سان به بهترين ڪيو آ سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀايو ٺيٺ سنڌي استمعال ڪئي آهي پهاڪا پن شامل آهن هن ڊارمي جا ٽي مرڪزي ڪردار شامل آهن ڍانڍي (مڙس)  ڏاڻو  (زال)  ساماڻو (پٽ ) علي بابا ٽنهي سان برابر انصاف ڪيو آهي انهن ٽنهي مان ڌاڻو  تيز عورت جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊارمي جو ڪجه منظر هيٺ پيش ڪجن ٿا

”ڍانڍي ڄار سولو ڪري سرهه سڌو ڪري ٿو. ٻيڙِ درياهه ۾ چير وجھندي،هوائن جي زور تي ڪنهن طرف وڌندي ٿي نظر اچي ڪئمرا ڌاڻو کي ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ليٽنڊي ٿي ڏيکاري اوچتو ڌاڻو جو پٽُ ننڊ مان ڇرڪ ڀري روئڻ ٿو لڳي .

ٻار : آن آن....موندو ڦوتنو....  آن... آن... آن.... مونديو ڦتو

(هيج مان)

ڌاڻو : الي الي توندو ڦوتنو خواب لڌو اٿئي ماٿلي ڪري س،هي پئُه لطيف جو آيو ڪيِن آيو پوءِ پانجي پت کي گالو گالو ڦوتنو وٿي ڏينديس ۽ رنگ برنگي ڳانو ڳچيءَ ۾ پائيندين نه. هان وٺ ويبي“

***

”؟ڍانڍي : رن، منڇر مان لڏيئي، ڪينجهر مان لڏايئي، هاڻ درياهه شاهه تان به ٿي تڙائين ڇا؟

ڌاڻو : ڇو، وات ڇو بند ڪريان ؟ درياهه بادشاهه جي دُن ۾ ايتريوم مڇيون به ڪون هونديون جيتريون منهنجي پيٽ ۾ گاريون_ او....  ڪوٽڙي واري پل تان بيهنديساءِ

(منشي کي نهاري نماڻيءَ مان)

ڍانڍي : صائين، دل ۾ مَ ڪجان هيءَ ٿوري واترادي آهي

(ڪجهه جھيڻو ٻوليندي ٿهمَر سان)

ڌاڻو : ڇو ؟ آئون وڏي واترادي آهيان ڏيڍ هزار گاريون برزبان ياد اٿم .

هي سين نمبر ون 1 مان ڪجهه ڊائلاگ کنيل آهن“

علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدابهار گيت لکيو جيڪو جيڪي زرينه بلوچ جي آواز  ۾ رڪارڊ ڪرايو جهڙو سدابهار گيت تهڙو ئي سدا بهار آواز هو هي گيت درياه جي درد تي سمايل گيت آهي جنهن ۾ علي درياهه جو درد پيش ڪري ٿو جنهن جو سٽون هن ريت آهن

اسين ماڻهو لاڙ جا

درياهه جي پڇاڙ جا

اُترڙو ٿو لڳي

اُترڙو ٿو لڳي الا

واسڙو لڳي

جھڙيل جھوپڙا پنهنجا

هانوَ به هڄيل پنهنجا

تو بن منهنجو ڙي راڻل

روحَڙو نه لڳي

اسين ماڻهو لاڙ جا

درياهه جي پڇاڙ جا

اُترڙو ٿو لڳي


تو سين منهنجا جھيڙا

توسين منهنجا ميڙا

توکي ڏسيو ڙي راڻل

ساهڙو ٿو کڄي

ساهڙو ٿو کڄي ڙي الا

اسين ماڻهو لاڙ جا


سنڌ باد جو سفر

علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي هن ناول جي اها خوبي آهي ته علي بابا هن ناول ۾ ڪٿي به رت ناهي وهايو هن ناول اندر سنڌباد نالي هڪ ڇوڪري کي سنڌ ملڪ جي سيلاني (سفير) طور پيش ڪيو آهي جيڪو ٻيڙي ذريعي درياءُ بادشاه جو سير ڪري ٿو هن ناول ۾ ۾ درياءُ ۽ ڪارونجهر جي ڪور جي آسپاس جا ڪجهه منظر پيش آهن ناول ۾ موجود سڀ ڪردار گوڪل گوڪان هوٿل پري ديو ۽ مهاڻو هن سڀني ڪردارن سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ لکيا آهن جيتوڻيڪ هي ناول اڻپورو هوندي به اڻپورت  جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي علي بابا جي هن ناول ۾ علي بابا جو قلم ڪٿي ڪٿي وزنائتا لفظ کڻي آيو آهي ته ڪٿي تمام سادا سولا لفظ لکيا آهن ڪاش اڄ علي بابا زنده هجي هان ته اسان کي هن ناول جو ٻيو حصو به پڙهڻ لاءِ ملي هان.

علي بابا ڏک وچان مهاڳ ۾ لکي ٿو ته : ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته آئون ان تي آزاد ٿي لکان هان ۽ آرٽسٽ کان پنهنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺهرائي ناول “ سهڻي نموني ڏيان هان ته ناول وڏيڪ اثرائتو ٿئي هان.

موهن جو دڙو

علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي علي بابا جو هي ناول موهن جو دڙو تمام سٺي حيثيت رکندڙ ناول آهي هن ناول ۾ به علي بابا سٺو نڀايو آهي هن ناول شاهڪار ناول 2 حصن ۾ اچڻو هو پر 2 حصو اڌورو رهجي ويو ۽ علي به ڪوهين ڏور هليو ويو باقي پهرين حصي جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن.

هن ناول جون ڪجهه قسطون 1968ع واري دور ۾  حميد سنڌي جي ميگزين ” روح رهاڻ “ جي آخري پرچن ۾ شايع ٿيون هيون ”روح رهاڻ“ تي بندش کان پوءِ بقايا  قسطون شمشير الحيدري جي ميگزين ” نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيون  هن ناول بابت مدد علي سنڏي لکي ٿو ته ” تمام گھٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته جڏهن علي بابا پنهنجو اهو شاندار ناول لکي رهيو هو ته ان وقت هن اکين سان موهن جو دڙو گھمي به نه ڏٺو هو . پر هن ناول ۾ جيڪا هن منظر ڪشي ڪئي آهي يا هن ۾ مطالعي ۽ ابزرويشن جو جيترو تعلق آهي اهو سندس اعليٰ ذهن جو اظهار آهي ”سنبارا“ لفظ به اسان علي بابا جي واتان ٻڌي ۽ ناول ۾ پڙهي پوءِ واقف ٿياسين“

مدد علي سنڌي جي هن راءِ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهو ٿس ته علي بابا ڪيترو نه ذهين هو هن پورو تجربو مشاهدو گھر ويٺي ڪتابن مان ڪيو ۽ اهڙو شاندار ناول لکي تاريخ رقم ڪيائين .

علي بابا 1983ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ڪرايو ان کان علاوه 1984ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا 1990ع ۾ موهن جو دڙو ناول 1993سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ 1996 ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا. 

علي بابا کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا تي سگا سنڌ هڪ هزار روڪ ۽ ايوارڊ ڏنو  سنڌ الاجي پاران ساڳي ئي ڪتاب تي ايوارڊ سان نوازيو  شاهه لطيف ڊوامئٽڪ سوسائٽي پاران گولڊ ۽ حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو 

سنڌو جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار  8 آگسٽ 2016 سومر جي ڏينهن 71 سال 7 مهينا گذاري هميشه لاءِ  سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو   علي بابا جي وفات کان پوءِ  سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽري جو نالو مٽائي علي بابا گورنميٽ ڪاليج رکيو ويو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا  افسوس! اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇو هان ته شايد علي اسان کي گھڻو ڪجهه اڃا ڏئي وڃي هان پر ڏئي به ڇو  هان ؟ جيڪو علي بابا اسان کي ڏئي ويو ان بدلي ۾ کيس اسان ڇا ڏنو آهي ؟ دُنگي مجهه درياهه  جهڙو ڊرامو  يا موهن جو دڙو جهڙو ناول ڪنهن ٻئي ادب اردو يا انگلش ۾ لکجي ها ته ان ليکڪ کي  ڇا ڇا ملي ها توهان سوچي به نٿا سگو پر هن ليکڪ کي ايترا پئسا نه مليا جو هو پنهنجي مرضي مطابق هڪ ڪتاب ڇپرائي سگهي   بس هن جو ڏوهه اهو هو ته هي هڪ غريب سنڌي هو ۽ ڪنهن ادبي ٽولي جو ساٿي نه هو نه وٽس ڪو عهدو هو . علي اسان جي دل ۾ اڄ اسان جي دلين ۾ ميسارجڻ لڳو آ.

احمد شاڪر مضمون ”سنڌوءُ جي سير ۽ علي بابا“ ۾ لکي ٿو ته 

جيئن سنڌ ۽ سنڌو علي کان دور ٿيند ا پيا وڃن ايئن علي اسان توهان کان دور ٿيندو پيو وڃي _ اسان جڏهن ابتا پيرا کڻنداسين ته علي اسان کان نه پر اسان علي کان ڏور ٿي پيا وڃون  . آئون علي بابا جي نانءُ هي سٽون ڪندس

ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون 

ملني ڪي نهين ناياب هم 

تعبير هي جس ڪي حسرتون و غم 

اي هم نفس وه خواب هي هم 


  حوالا 

هڪ نظر هيڏانهن به : احمد شاڪر 

موهن جو دڙو : علي بابا

سنڌ باد جو سفر : علي بابا

سنڌي ادب : يوسف سنڌي 

ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي : مدد علي سنڌي

ڪڪرن ۽ درياءِ جي ديس جو فرق خالد ڪنڀار


 ڪڪرن ۽ درياءِ جي ديس جو فرق

 
خالد ڪنڀار
انهي ڏينهن هو ڊگهي کجي جي وڻ هيٺان بيٺو هو. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر هلي رهيا هئا. اتي ئي پاسي ۾ هن جي کجي جي چاڙهي جي چيل ۾ چمند ٻڌ پيو هو. اهو چاڙهو کجي تي چڙهڻ لاءِ واجهائي رهيو هو. انهي چاڙهي جون اکيون وري کجي جي چوٽي ۾ بيٺل پڪل کجين جي جهڳٽي ۾ هيون. هو چاڙهي مان اکيون ڪڍي هر  هر آسمان جي ڪارن ڪڪرن ۾ گهوري رهيو هو . هڪ نظر ڪارن ڪڪرن ۾ هئس تـ ٻي نظر وري چيل ۾ چمند ٻڌي بيٺل چاڙهي ۾ هئي. هن جون اکيون آسمان ۾ ڪارن ڪڪرن جي وچيان سج جي ٻرندڙ گولي کي ڳولي رهيون هيون. هن جي دل چاهيو پئي تـ ڪٿان نـ ڪٿان ڪري سج نڪري اچي ۽ ڪڪر ڪنهن ٻي ديس ڏانهن هليا وڃن. منهنجي دل چاهيو پئي تـ هي دل ئي دل ۾ دعاءِ گهري تـ ڪڪر ٿر هليا وڃن .هن جي انهي کجين جي باغ ۾ زمين کجين سان پيلي لڳي پئي هئي. هڪ هڪ کجي جي داڻي ۾ هن جو پوري  سال جو انتظار پيو هو.هلڪڙي هلڪي برسات جو ڦوهارو هن کي سال پٺتي ڌڪي سگهيو ٿي.انهي مهل اسين ٻئي هڪ ٻي جي ايترو ويجهو هوندي بـ ڪيترو نـ پرتي هئاسين.
جيڏي مهل هن چاڙهي ۽ ڪڪرن مان اک ڪڍي مون ڏانهن ڏٺو تـ آئون انهي مهل تصور ۾ ڪنهن ڀٽ تي ويٺو هئس. منهنجون اکيون  آسمان ۾ ڪڪر ڳولي رهيون هيون.منهنجون اکيون هڪڙي ٿرئي جون اکيون هيون جيڪي ڪڪرن جو انتظار ڪنديون آهن. هن جون اکيون وري اتر سنڌ ۾ درياءِ جي ڪناري تي ويٺل هڪڙي درياءِ جي ماڻهو جون اکيون هيون. اسان ٻنهي جي اکين ۾ اهو فرق هو .هن جون اکيون وهندڙ پاڻي ڏسي خوش ٿينديون آهن.دل خوشي مان ڌڙڪندي آهي منهنجون اکيون وري ڪارا ڪڪر ۽ جهڙ ڏسي خوش ٿينديون آهن . جنهن مهل اسان جون اکيون هڪ ٻي سان ڳالهائي رهيو هيون تـ هن جون اکيون صاف اڇيون ۽ منهنجون اکيون ڪارن ڪڪرن سان ڀريل هيون. انهي مهل منهنجي ذهن ۾ اسان ٻنهي جي اکين جو فرق ڏسي اهو ململ جو اڇو پٽڪو ٻڌي هلندڙ وڏين اکين وارو ٿريو ياد اچي ويو جيڪو سدائين بئراج کي درياءِ جو ديس ۽ ڀٽن کي ڪڪرن جو ديس سڏيندو هو. هن کي خبر هئي تـ ڪڪر ۽ درياءِ جي ديس جو اهو فرق فطري هو.جيڪو هميشـ رهڻو هو.
انهي ئي مهل منهنجي اکين اڳيان سائين ابراهيم کرل جي ناول ”کجين جي ديس جا ماڻهو“  جا ڪردار هڪ هڪ ٿي اکين اڳيان ڦرڻ لڳا ۽ انهن ڪردارن جون ڪيفيتون مونکي محسوس ٿيڻ لڳيون. انهي ناول کي پڙهي ئي اتر سنڌ جي هن موسم ۾ ڊگهين کجين کي سمجهي سگهجي ٿو . جنهن ۾ کجي جو وڻ لڳائڻ کان وٺي فصل لهڻ تائين سڀني مرحلن تي تفصيل سان لکيل آهي. کجين کي نر ڪيئن ڏجي چاڙهو کجي تي ڪيئن چڙهندو آهي. کجي تي بيٺي بيٺي اتي ئي چاڙهو پاڻي ڪيئن پيئندو آهي. اصيل ۽ ڪربلائي کجي کان ويندي کجي جي سڀني قسمن جا تفصيل هن ناول ۾ آهن. ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۽ بلوچستان کان ايندڙ مزدورن جو ذڪر به آهي جڏهن اهي مزدور ايندا آهن ته سرن جا ڪانا ٺڪا ڏئي ڪيئن ٽٽي پوندا آهن.وڏا وڏا ساه کڄندا آهن. ڪنن جي پاپڙين جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.نئيون محبتون کجين جي باغن ۾ کجين جيئان پچنديون آهن .هن ناول ۾ وچ وچ ۾ سنڌي چوڻي جو استعمال به سائين ڪريو وڃي. منڊي ۽ دلال وارو سڄو پاسو به هن ناول ۾ آهي. هن ناول جا بادشاهزادي جهڙا ڪردار واقعي واڻين کي سچا پچا دلال ڪريو ڇڏين . انهي ناول جا ڪي ڪي جملا تـ اهڙا آهن ”
غيرت ۽ عزت کجي جي فصل جيئا ن ننگي ٿيندي آهي
کجيون به ڌئيرن وانگر سامائبيون آهن
هر ماءِ ڌيءِ جي اولاد کانسواءِ اڪيلي هوندي آهي
ڌئيرون به کجين جون جهتون آهن جيڪي ماءِ کان جدا ٿي نئين زمين ۾ وڌنديون آهن ۽ زمينون آباد ڪنديون آهن
کجين کي به جگر ٿين بابا
چاڙهو اهو ڀلو جيڪو کجي جي نبض تي هٿ رکيو اچي.
کجي کي نر هميشه سج نڪرڻ کان پوءِ ڏنو ويندو آهي.
جيڪا نر جو واس ئي نه وٺندي ته ڦر ڪيئن ڏيندي
هن ڀاڪر ۾ ڀري زور ڏنو ته لعل چيس سوٽ آهيان نه ڇڏ
گندي هڪ ٽنگ گهڻا ان بچي ته ڪيئن بچي
اونهي چله جي باهي ناهي اپڻندي
جنهن کي کجين جي ديس جي محبتن ۽ کجين کي سمجهڻون آهي انهي کي اهو ناول ضرور پڙهڻ کپجي. تڏهن ئي ڊگهن وڻن ۽ ڊگهڻ وڻن جي ديس جي ماڻهن سان ڪيل محبت سمجه ۾ ايندي . رات جي اونده ۾ پڙ ڏانهن وڌندڙ وکون ۽ اوچتو ڪنهن جي لوڙهي ڏانهن محبت مان کڄندڙ اکيون هن ناول ۾ آهن .
..
خير هن وقت هڪڙي پاسي کجين جي ديس خيرپور جا ماڻهو برسات جي ڇنڊ نـ ڪرڻ لئـ دعاءِ پيا گهرن تـ ٻي پاسي ٿر جي ڀٽن تي وري برسات ۽ ڪارن ڪڪرن جو انتظار ٿي رهيو آهي. ٻنهي جون اکيون آسمان ۾ آهن. اتر سنڌ ۾ برساتن ۽ واپارين جي ڪري کجين جي فصل ۾ هتان جي آبادگارن جي دل ڀڳي پئي آهي. اڄ بـ الاهي ڪيترن ڏينهن کان خيرپور جي کجور منڊي  واپاري قتل ٿي وڃڻ جي ڪري بند آهي ۽ آبادگار ڀوڳي رهيا آهن.
ٻي پاسي گذريل هڪ ٻن ڏهاڪن کان ٿر ۾ آيل سياسي سماجي ۽ انفراسٽرڪچر جي تبديل ٿر جي سڄي نفسيات ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي. اڳي ٿر ۾ مينهن پوندا هئا تـ ماڻهو واٽهڙن کان پڇندو هو ڏي خبر تنهنجي پاسي جي برسات ڪيئن آهي . تڏهن واٽهڙو هڪڙي پير تي بيه ٻيو پير پنهنجي ٽنگ تي رکي لٺ جي ٽيڪ تي چهرو آڻي چوندو هو اسان جي ڳوٺ جي ترائي ۾ هيترن ڏينهن يا مهينن جو پاڻي آهي. هاڻ تـ هتان ڇنڊ ڪري ٿي هتان ٽانڪين ۽ پکالن سان وڏيون وڏيون ترايون هڪ هڪ ڏينهن ۾ پوريون ٿيو وڃن پاڻي وڃي گهرن جي ٽانڪن ۾ گڏ ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو تـ گهر جي اڱڻ جو پاڻي ترائي تائين پهچڻ ئي نٿا ڏين . اتي ئي ٽانڪو ٺهيو پيو آهي. پرسات جي ٻي ڏينهن ئي سيم ۾ ايترو پاڻي نٿو بچي جو کڻي ڪو پکي چهنب ٻوڙي يا کڻي ڪو جهنگلي جانور پنهنجا اوسا چپ پلر سان پسائي.” پلر تـ اسان جي ٻڪن مان ئي ڪري ويو آهي“. جهنگلي جيوت تـ اڃي جي اڃي آهي پوءِ چونٿا تـ مور ٿا مرن ڳيرا ٿا مرن رڙو رڙ . ٿر هاڻ صابرين ٿر ناهي رڙيون ڪندڙ ٿر آهي. ڪيهو ڪيه آهي. ٻي پاسي ٿرين ۾ هٻڇ بـ ايتري اچي پئي آهي جو . هوڏانهن ڇنڊ ڪري هوڏانهن ڪهاڙي جو ڌڪ سڌو وڻ ۾ هر سال الاهي ڪيتري زمين پوکڻ لاءِ وڌائيندا رهن ٿا. حالت اها آهي جو گذريل ڏهاڪي کان تـ ٿر ۾ ڀٽن پوکڻ جو رواج بـ وڌيو آهي. اوهان کي ننگر ويندي رستي تي ڪيتريون ئي ڀٽون پوکيل ملنديون. سو هڪڙو وڻ تـ ڪوئلي وارن ناهن ڇڏيا ٻيا ٿرين پاڻ وڍي پٽ ڪيا آهن. هجڻ تـ هيئن گهرجي جو هن موسم ۾ ٿر ۾ وڻ لڳايا وڃن. ٿر جا ڪيترائي وڻ آهن جيڪي هڪڙي برسات تي ٿي سگهن ٿا. جنهن ۾ ٿوهر گگر سرنگهو پر لڳائڻ جو رواج ٿر ۾ آهي ڪونـ وڍڻ جو رواج وڏو آهي. هي موسم وڻ وڍجڻ جي موسم آهي . هي ئي اها موسم آهي جنهن ۾ ٿر ۾ ٻنين جي سيڙهن ۽ سنڌن تان وڌ ۾ وڌ جهيڙا ٿيندا آهن . وڪيلن جي ڪمائي جي سيزن آهي . ٿر ۾ مسلسل ميڊيا ۽ اين جي او هڪڙو اهڙو ٿر گڏيل طور تي متعارف ڪرايو آهي. جنهن تعارف ٿر جي سموري جي سموري نفسيات تبديل ڪري ڇڏي آهي. شايد هي اهو ٿر ناهي جيڪو سوشل ميڊيا ۽ دڪاندار اين جي اوز کان اڳ ۾ هو . هي شايد ڪو ٻيو ٿر آهي. اسان کي اها ڳالهـ مڃڻي پوندي تـ اسان پنهنجو ٿر وڃائي چڪا آهيون. ۽ اهو ٿر اسان کي هاڻ وري ڪڏهن بـ ڪونـ ملندو. اهو ٿر ڏسڻ لاءِ هاڻ اکيون ۽ دل سڪي وئي آهي. انهي تي وري ڪو اينٿرو پالاجي جو ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو . يا ڪٿي اهين تـ ڪونهي دنيا جي سڀني صحرائن  جي ماڻهن جي نفسيات اها ئي هوندي آهي. ٿر ۾ وڌندڙ ذات برادري واري نفسيات مذهب واري نفسيات ڪٿان آئي آهي. هي اهو ٿر ناهي جيڪو ڪتابن ۾ لکيل آهي. هن ٿر کي وري ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي .


وائي لوڪ هٿن ۾ ڀالا، نيڻ رهيا هي آلا ماٺ ۾ سور پچايا مون، محبوب ڦل

 

وائي           

لوڪ  هٿن  ۾  ڀالا،
                           نيڻ رهيا هي آلا
ماٺ ۾ سور پچايا مون،
ھاء  چپن  تي  تالا
                           نيڻ رهيا هي آلا
عشق جو هي ثمر آھي،
پير  پٿون ۽ ڇالا
                           نيڻ رهيا هي آلا
رات سان جهيڙيان ويٺو،
ٿيندا   نيٺ  اجالا
                            نيڻ رهيا هي آلا
درد جو سمنڊ ڇلي پئٿو،
هر پل هيء جهڙالا
                             نيڻ رهيا هي آلا
مولا،  سنڌ،  سکي،  آدم،
منهنجي عشق جا نالا
                            نيڻ رهيا هي آلا

محبوب ڦل

وڃايل وقت جون چٿرون امداد سهتو

 

وڃايل وقت جون چٿرون

ٽنگين ٿيون روز سوليءَ تي

اڌوري عشق جو عالم

انڌي ڏي چنڊ جو تصور

اسانجي خيال جي دنيا

چڙهيل جيئن ديڳ ڪا دم تي

جيئڻ جو ڍنگ ڳولهيندي

ٿيون ٿا سمنڊ ۽ صحرا

لڳون ٿا حق بخشايل

پيا هون قيد قُلفن ۾

حياتي هول* جو ماتم

اسان تنها ڪيو آهي

کڻي ڪو خوف جنمن کان

لڳون ٿا بت ڪو مقدس

حياتي هي ڀلا ڇاهي؟

پڇاڻو ننڊ تائين آ

اسان کان حال ڪيو هر هر

جنوني جوش کي روڪي

لتاڙي آس ٻِيڙي جيئن

صدين جي بي سڪوني کي

ڪٽيون ٿا ٽهڪ ڏيئي جاڙا

اجايون حاصلاتون سڀ

بنا تو ڪم ڪهڙي جون

ٽنگين ٿيون روز سوليءَ تي

وڃايل وقت جون چٿرون!!

وڃايل وقت جون چٿرون!!


ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

*نفسا نفسي...


امداد سهتو

غزل شاعــري آ شينهن جي سـواري جِيان! بيوس سجاد گاڏهي

 


غزل

شاعــري  آ  شينهن  جي  سـواري جِيان! 
ڪـي   پٽاٽا   تـــــورڻـا   نــاهــن  مِيان! 

ڪيتريون بُوندون اچن ٿيون ڊوڙنديون 
بادلـــن  کـي  جـيئن  ٿـــو  ڌُوڻـو  ڏِيان! 

اُڀّ تـي  آهي  ٽنگيل  ڪنهن  وقت کان 
چنڊ  جـو  اڄ  مان  رسو  ٿـو  ڇوڙِيان! 

ڀـل  وسامي  دِيپ،  منهنجي  ديـد  جو  
سـونهن  آڏو  مان  اگـر  وحـشي  ٿِيان! 

ساھ  ٿــڌڙا  هئا  فــرشـتن  پئي  ڀــريا 
جـيئن  جـانـا  جي  انگِي  پيو  کوليان!

ڏات   آ   ”سجــّاد“   هـي  عــزّت  ڏنــي 
جاتي  ڪاٿي  منهنجي ٿئي  ٿي  آجِيان!

بيوس سجاد گاڏهي