Monday, July 27, 2020

ڏس ھوا ڪيڏي شبنمي آھي پيار تنھنجي جي بس ڪمي آھي خيال کتري



غزل 

ڏس ھوا ڪيڏي شبنمي آھي
پيار تنھنجي جي بس ڪمي آھي

ھر گهڙي روئي زندگي پئي ٿي
ڪا خوشي ڪونهي نج غمي آھي

ٿيو جوا جيون آ کٽڻ پويان
زندگي ھر جا ٿي رمي آھي

ڪٿ عبادت ڪا بندگي پنھنجي
عاجزيءَ سان دل ڪٿ نمي آھي

ويس ظاھر ۾ آ ڀلو بيحد
پر اندر سارو ٿيو ذمي آھي

ظلم جي ڪونهي انتھا ڪا ٿي
ڄڻ ٿيڻ ڪاري لئہ ڄمي آھي

زندگي ھر پل درد ۾ گهاريو
ڪٿ سڙي آھي ڪٿ کمي آھي

غم سوا کتري ھڪ بہ ناھي پل
دل سڄي دردن ۾ ٿمي آھي

2020ـ7ـ25
خيال کتري

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=2645472049010989&id=2280538722170992

غزل معشوقن جيان ڪڪرن ڪارَ ڪئي دل جهوري مگر ڪٿ وسڪارَ ڪئي خيال کتري




غزل

معشوقن جيان ڪڪرن ڪارَ ڪئي
دل جهوري مگر ڪٿ وسڪارَ ڪئي

کيوڻ جا رڳو تجلا ئي ڏٺا
۽ اک ٻوٽ ٿي بجلي ڌارَ ڪئي

ٽھڪي رت پيو ۽ بت پيو سڙي
اھڙي اڄ تہ  آ گرمي مارَ ڪئي

آرھڙ جا لھن ڪي بت تان نشان
رُت سانوڻ سندو نخرا تارَ ڪئي

ويري تہ نہ ھئين تو پو ڇو ڀلا
ٿي دشمن جيان ھر ھر وارَ ڪئي

ناھي اڄ چمن ۾ چاھت ذري
خوش ڪنھن کي ڪرڻ لئہ مھڪارَ ڪئي

کتري ڏس گگن اڄ ڪارو اڇو
ڪنھن لئہ آسمان ھي سينگارَ ڪئي

خيال کتري

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=2645467722344755&id=2280538722170992


تنھنجون يادون اچن پيون جيئن بوندون لڳن پيون خيال کتري



وائي 

تنھنجون يادون اچن پيون
.................. جيئن بوندون لڳن پيون

نيڻ راھون تڪين پيا
۽ رڳون سڀ وڄن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

آس دل جي وڌي وئي
سمنڊ ڇوليون ڇُلن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

حسرتون بيخوديءَ وچان
ناچ ۾ ڄڻ نچن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

ڀوڳ ناھي ھي عشق آ
من مرادون جلن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

آسمان کي بہ آ تڙپ
مثل لڙڪن وسن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

دير جيئن پئي خيال ٿي
تشنگيون پڻ وڌن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون
2020ـ7ـ25

خيال کتري

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=2645465869011607&id=2280538722170992