Monday, July 27, 2020

ڏس ھوا ڪيڏي شبنمي آھي پيار تنھنجي جي بس ڪمي آھي خيال کتري



غزل 

ڏس ھوا ڪيڏي شبنمي آھي
پيار تنھنجي جي بس ڪمي آھي

ھر گهڙي روئي زندگي پئي ٿي
ڪا خوشي ڪونهي نج غمي آھي

ٿيو جوا جيون آ کٽڻ پويان
زندگي ھر جا ٿي رمي آھي

ڪٿ عبادت ڪا بندگي پنھنجي
عاجزيءَ سان دل ڪٿ نمي آھي

ويس ظاھر ۾ آ ڀلو بيحد
پر اندر سارو ٿيو ذمي آھي

ظلم جي ڪونهي انتھا ڪا ٿي
ڄڻ ٿيڻ ڪاري لئہ ڄمي آھي

زندگي ھر پل درد ۾ گهاريو
ڪٿ سڙي آھي ڪٿ کمي آھي

غم سوا کتري ھڪ بہ ناھي پل
دل سڄي دردن ۾ ٿمي آھي

2020ـ7ـ25
خيال کتري

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=2645472049010989&id=2280538722170992

No comments: