Saturday, September 5, 2020

”ڀانڊاري“ ۾ پيل سڏڪن جا آواز... ياسمين چانڊيو جي ڪتاب ڀانڊاري تي تبصرو غلام رسول چانڊيو


”ڀانڊاري“ ۾ پيل سڏڪن جا آواز... 
ياسمين چانڊيو جي ڪتاب ڀانڊاري تي تبصرو
غلام رسول چانڊيو

زندگي جنھن جا ڪيئي عنوان آھن، ان زندگيءَ جي درد ۽ خوشيءَ جو ڪاٿو ڪجي ته درد جي ساھميءَ وارو پُڙُ ڳرو ٿي بيھندو. درد نجي يا ذاتي ٿيندو ئي ناھي، ڀڳل ڄنگھ، محبت جو جنم کان اڳ موت، بک، پيڙا، بي حسيون، لاتعلقيون ۽ معصوم خواھشن جي موت جا جوابدار اسان پاڻ آھيون ۽ اسان ڪير آھيون؟ ھن سوال جا جواب ايترا آھن جيترا اسان پاڻ! اسان سڀ سماج آھيون. جي ھا! اسان ”ڀانڊاري“ ۾ پيل ھڪ اھڙو سماج آھيون، جنھن ۾ ڪو ڊينگلو روپيو آھي ته ڪو پراڻو ڏھين جو نوٽ، ھزار ۽ پنج ھزار جا نوٽ به آھن پر اھي اسان جا ناھن، ائين جيئن ياسمين چانڊيو جي ڀانڊاري ۾ ”زيبوءَ“ جا لڙڪ سندس اکين جي ملڪيت نه پر سندس پيءُ جي ڪچين گارين جي ملڪيت آھن. ائين بينڪن جي ڀانڊاري ۾ ڪروڙين اربين روپيه، اسان جا ھوندي، اسان جا ناھن، بک اسان جي آھي ۽ ڏوڪڙ اسان جا ناھن. ھن سماجي ڀانڊاري جو اھو ئي ته الميو آھي جو ”ھڪڙا انسان ٻن وقتن جي ماني نه ٿا کائي سگھن ۽ اربين انسانن مان تمام ٿورا ماڻھو وري ماني کائي ئي نه ٿا سگھن“، ھڪڙن وٽ آھي ڪانه ۽ ٻين وٽ ايتري آھي جو نه ٿا کائي سگھن، سندن اوبر به ڪيترن مذدورن جي ڏھاڙي کان مٿي آھي، جڏھن سندن شوق جا ڪتا شيمپو سان وھنجن ٿا تڏھن ياسمين جي ڀانڊاري ۾ بک آسمان کي لوڏيندڙ ريھ ڪري ٿي.
آءُ ڪھاڻيڪار به ناھيان، شاعر به ناھيان، نه ئي ڪو نقاد! بس ڪجھ ڪتاب پڙھيا اٿم جن ۾ ڪھاڻين جا ڪتاب به آھن، مون کي سچ ۾ ڪائي خبر ناھي ته ڪھاڻي جي تاريخ ڇا آھي، ڪھاڻي جا فني پھلو ڪھڙا ٿين ٿا ۽ شاعري جي بحر وزن، ڪافئي رديف جو مقصد ڇا آھي؟  مون ھميشھ ڪتابن مان ريھُون، دانھون، آھون، ٿڌا ساھ، بي درد شوڪارا ۽ پيڙائن جي ماتم کي پئي ڳوليو آھي. سچ ته مون کي ڪھاڻين جي پلاٽن، گھاڙيٽن ۽ پيشڪش جي ڪا به خبر ناھي ۽ اھو به پتو نه اٿم ته موضوع نوان ۽ پراڻا به ٿيندا آھن. بس اھو سوچان ٿو ته اڄ ۽ صديون اڳ ماءُ جي پيٽ مان جنم وٺندڙ ٻار جي ريھَ ساڳي آھي، صدين کان بک جو درد ساڳيو آھي، وڇوڙن جو قيامتي الميو ۽ ميلاپ جي مستيءَ ۾ ھستيءَ جو فنا ٿيڻ ساڳيو آھي. اذيتن جي انساني تاريخ ساڳي آھي، وارڌاتن جا طريقا بدليا آھن پر درد بارش ۾ ٽمندڙ ڀونگڙي ۽ گلن جي سيج تي بلڪل ھڪ جھڙيون دانھون، آھون ۽ ريھون ڪري ٿو. ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين واري ڪتاب ”ڀانڊارو“ ۾ به شخصي ۽ سماجي دردن جا ڊينگلا روپيه پيل آھن، باقي قسم سان چوان ٿو ته سندس ڪھاڻين جي ڪٿا ۾ ڪھڙي ڪٿا ڪھاڻيءَ جي معيار تي پوري لھي ٿي!.
ياسمين چانڊيو جي ڀانڊاري ۾ جيڪو پھريون زيبوءَ جي  درد جو ڊينگلو روپيو اڇلايل آھي ان ۾ زيبوءَ جي ماءُ ويم جي سورن ۾ تڙپي ٿي پر زيبوءَ جو پيءُ پنھنجي زال کي غليظ گاريون صرف ان ڪري ڏئي ٿو جو زيبوءَ ماءٌ ڌيئرون ڇو ٿي ڄڻي!؟ ياسمين ھن ڪھاڻيءَ ۾ لطيف سائين جي پڪي پوئلڳي ڪندي عورت جي درد جو نه رڳي داستان ڇيڙيو آھي پر پاڻ به سراپا درد بڻيل آھي، ڪھاڻيڪار جڏھن پاڻ ڪردار بڻجي پوندو آھي تڏھن ئي درد کي معني ملندي آھي. سندس ڪھاڻيءَ جو درد رڳي زيبوءَ ۽ سندس ماءُ جو درد ناھي پر ھي درد اڄوڪي ڊجيٽل دنيا ۾ ان سنڌ نياڻيءَ جو درد آھي جيڪو اسان صدين پڄاڻان ”سمبارا“ واري رقص جي فلسفي کي نه سمجھڻ جي ڪري ڀوڳي رھيا آھيون، سمبارا جو رقص ان ڳيچ يا گيت جي رڌم تي ھيو جنھن رڌم ۾ ٽھڪ ھيا، ھيڪڙائي ھئي، ”سڀڪا پسي پرينئن کي“ وارو فلسفو ھيو پر ٿيو ابتڙ ڳيچ نوحا بڻيا، سنگيت کي فطرت جو ناجائز اولاد قرار ڏنو ويو ۽ سمبارا جو رقص شھيد ٿيو ۽ سنڌو ماٿري ھڪ اھڙو ڀانڊارو بڻجي پئي جنھن ۾ بدبودار ريتن ۽ رسمن جا وحشي ڊينگلا ھن ماٿريءَ جي ڪائناتي شعور جو ماس چيريندا ڦاڙيندا رھيا. ياسمين جي ڪتاب ۾ سندس پھرين ڪھاڻي ”نياڻيءَ“ ۾ بس ان درد جي وائي ڇڙيل آھي جنھن ۾ ياسمين نياڻيءَ جي ڄمڻ تي نفرت سان  ھڪ اھڙي نفرت ڪئي آھي، جنھن نفرت جي آئيني ۾ مرداڻو سماج، پنھنجي ڀيانڪ شڪل ڏسڻ سان گڏ، ان ادراڪ جا پيرا کڻي سگھي ٿو جنھن ۾ نياڻيءَ جو جنم عظيم ڪائناتي خوشنصيبي  ان ڪري به آھي جو مرد به عورت جي وجود مان جنم وٺي ٿو پر بدقسمتيءَ سان  ان ئي ڪُکِ کي خنجرن سان زخمي ڪري ٿو، جتي ھن ساھَن جي سلسلي جي پھرين شروعات  ڪئي ھئي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ياسمين اھو سمجھائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي ته نياڻيءَ سان نفرت اصل ۾ پنھنجو پاڻ سان نفرت آھي.
ڪھاڻي ” ڪي خواب اڌورا“ ۾ ياسمين چانڊيو مرد جي نمائندگي ڪندي، عشق جي شاديءَ جو ھڪ اھڙو اوسارو ڇيڙي ٿي جنھن ۾ راھب وٽ سڀ ڪجھ ھوندي به ڪجھ ناھي. ”ناز“ جنھن جي عشق ۾ راھب وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ زندگيءَ جون سڀ آسائشون حاصل ڪري ٿو، اھا ئي ناز راھب جي محبوب زال ھوندي ڪنھن ٻئي جي ڀاڪرن لاءِ آتي آھي، عورت جي ان ڪردار کي ياسمين وائکو ڪري پاڻ کي صرف عورتن جي نمائنده ليکڪ ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي ۽ ھڪ اھڙي ڪھاڻيڪاره بڻي آھي جنھن اڳيان واقعا ۽ حسرتون ئي ڪھاڻين جو روپ ڌارين ٿيون، ياسمين آجي آھي مرد ۽ عورت جي نمائندگي ڪرڻ واري چڪر کان، ھوءَ انسان ٿي سوچي ٿي ۽ انسان ٿي لکي ٿي ۽ اھائي سندس ڪھاڻيڪاره ھجڻ جي معتبر ثابتي آھي.
”عشق آرزو، عشق التجا“ ۾ ليکڪا عشق جا راز ۽ رمزون سيکاري ٿي ۽ ڀٽائي جي پيروي ڪندي اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ”عشق صرف عورت ئي ڪري سگھي ٿي“ جڏھن ته مرد صرف جبلت کي عشق جو نانءُ ڏئي  ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ ساحل جي محبوبه_محبوبه نه پر عاشق آھي جيڪا ساحل جي زباني ھر پل پنھنجي سونھن جي تعريف ٻڌڻ چاھي ٿي، وٽس مجازي محبت لاءِ سچن  دليلن جا  انبار آھن، ليکڪا ھن ڪھاڻيءَ ۾ محبت جي دَوام لاءِ محبوب جي تعريف کي اھم بڻائي ڇڏيو آھي.
ميرزاديءَ جي ”زندگيءَ جي ريل گاڏيءَ“ واري تصوير جنھن طريقي سان ياسمين چٽي آھي اھا به ڪمال جي آھي، ڪھاڻي جو موضوع  ڪاروڪاريءَ جو ھڪ قصو آھي پر ان ۾ منظر نگاريءَ وڏي ڪاريگريءَ سان ڪيل آھي ۽ ماحول کي ھڪ اھڙي انداز سان چٽيو ويو آھي جو پڙھندڙ سماج جون ڪڙيون حقيقتون سمجھي وٺي ٿو. ياسمين ”ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر“ ۾ رڳي آرٽست ناھي، پر يونيورسٽين اندر معصوم محبتن ۽ ماحول جي بي شاندار عڪاسي ڪري ٿي. سورٺ، ڪونج ۽ گيتا جي ڪردار سان ھي ڪھاڻي احساسن  جي ھڪ اھڙي اڻت آھي جنھن ۾ ٽھڪن جي سنگيت، انتظار جي پيڙا، ميلاپ جون معصوم مسڪراھٽون به آھن ته خودڪشي جھڙا سنگين الميا به آھن. ٻوليءَ جو به اھڙو ته حسين اظھار ٿيل آھي جو پڙھندڙ تصورن جي دنيا ۾ ڪٿي ڇرڪ ڀري ٿو ته ڪٿي وري ڏڪي وڃي ٿو. اھو عرض پھريان ئي ڪري چڪو آھيان ته ڪھاڻيڪار ناھيان جو ياسمين جي ڪھاڻين مان ڪي وِڏوُن ڪڍي سگھان سو موضوعن ۽ پيشڪش کي اڳيان رکندي اھو ضرور چوان ٿو ته  يونيورسٽين اندر صرف معصوم محبتون نه پر بليڪ ميلنگ ۽ وحشي بگھڙن جو به ذڪر ٿئي ھا ته ڪھاڻي حدن جي قيد مان نڪري لاحد ۾ اڏار ڏئي ھا.
چون ٿا ته ڪھاڻيءَ ۾ مخاطبانه ۽ بيانيه انداز ٿيندا آھن، ياسمين جون اڪثر ڪھاڻيون مخاطبانه آھن، ھو پاڻ ڪردار بڻجي ڪھاڻيءَ جي ڪينواس تي رنگ چٽي ٿي ۽ چونڊي ٿي اھڙا ڪردار ۽  جملا جيڪي روح ۾ لھي رڳي  سُتل، ھِراسيل ۽ دٻايل محبتن کي ڇرڪ ڀرائي جاڳائين ٿا پر ھڪ اھڙو منظر دماغ اڳيان ھلڻ لڳي ٿو جو پڙھندڙ لاءِ پنھنجا پيار جاڳي پون ٿا. ڪھاڻي ”ڪنيءَ“ ۾ به ياسمين اھا وارڌات ڪئي آھي ۽ ڪِنيءَ جي ھڪ حجائتي لفظ تي محبت جو ھڪ اھڙو محل  اڏيو اٿس جنھن جا بنياد کوکلا آھن ۽ اھو محل ان وقت زمين دوز ٿي وڃي ٿو جڏھن انتظار جي منزلن  ويري وقت پير وڍي ڇڏي ٿو.
ياسمين جي ڪھاڻي ”ڀانڊارو“ پڙھندي ڪيئي دفعا منھنجون اکيون آليون ٿيون، ھي ڪھاڻي ڪتاب جو عنوان به آھي ته درد جو ھڪ اھڙو داستان جيڪو غربت ستايل سنڌ جي ھر انھيءَ گھر جو داستان آھي، جتي اذيتن جي حڪمراني آھي. ڀانڊارو ڪھاڻي رڳي ڪھاڻي ڪٿي آھي!؟ ھي ته حميءَ جو ھڪ اھڙو درد آھي جنھن درد ۾ نياڻيون پڙھائڻ اڄ تائين به سماج جي سنجيده ايجنڊا ناھي. غربت ماريل سماجن جا اھي ته الميا آھن جو خود غربت جو گھر به  ڀانڊارو بڻيل ھجي ٿو جنھن ۾ نام نھاد غيرت جا فرسوده پراڻا ڦاٽل نوٽ، نياڻين جي پيدا ٿيڻ تي نفرت جا سڪا ۽ بک بدحاليءَ جا اھي ڊينگلا کڙڪندا رھن ٿا جيڪي ڀانڊاري کي ڪيئي سوراخ ڪندا رھن ٿا پر بدقسمتيءَ سان اھو ڀانڊارو ڪڏھن به ٽٽڻ جو نالو نه ٿو وٺي. ڀانڊارو ڪھاڻيءَ ۾ حميده جنھن کي گھر ۾ حمي سڏين ٿا، جي درد ڪٿا آھي. حمي پڙھڻ چاھي ٿي پر سندس پيءُ کيس چنبا ھڻي ھلندڙ ڪلاس مان اٿاري گھر وٺي اچي ٿو. حميءَ جي ماءُ پاپڙ ٺاھي، پاڙي جي ٻارن ۾ وڪڻي، ٻچن جي پيٽ جي باھِ اجھائي ٿي ته مڙس به کانئس نشي پتي لاءِ پئسا وٺي ٿو.
ڀانڊارو ڪھاڻي ڪتاب جي سَر موڙُ ڪھاڻي آھي جنھن ۾ رڳي زندگيءَ جون حقيقتون نه پر ھڪ اھڙو پيغام  به آھي، جنھن ۾ ليکڪا اھو سمجھائڻ ۾ بھرحال ڪامياب وئي آھي ته حالتون ڪيتريون به سنگين ڇو نه ھجن پر سچائي ۽ مقصدن جي حاصلات وارو سفر ھر قيمت تي سفلتا ماڻي ٿو. حمي جنھن ڀانڊارو خريد ڪري ڪجھ پئسا گڏ ڪيا ھيا، اھا اڳتي ھلي ھڪ سلائي مشين خريد ڪري ٿي جنھن سان نه رڳي گھر جو اڀرو سڀرو چرکو ھلڻ لڳي ٿو پر سندس پڙھائي به جاري رھي ٿي، حميءَ جا ٻيا ڀائر ۽ ڀينرون به پڙھڻ لڳن ٿا. ھن ڪھاڻي ۾ واقعن جي ترتيب، منظر نگاري ۽ خود پلاٽ ڪمال جو لڳيم ٿو، باقي ته نقاد ئي بھتر تبصرو ڪري سگھن ٿا.
” سنگ مر مر ۽ سنگ تراش“ ٻن پريمين جي ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي جنھن ۾ ريلوي اسٽيشن ۽ آسپاس جي ماحول کي تجريدي انداز ۾ چٽيو ويو آھي جڏھن ته پريمي جوڙي جي احساسن جي به ڀرپور عڪاسي ٿيل آھي. ” خوشي ۽ درد جو ميلاپ“ ڪھاڻي به تجريدي رنگن سان ڀريل آھي. ھن ڪھاڻي جي خاصيت اھا آھي ته ھن ۾ درد ۽ خوشي جو ھڪ ئي ڪردار آھي جيڪو خود ڪلامي ڪري ٿو ۽ درد توڙي خوشيءَ تي وڏي ڪاريگريءَ سان بحث ڪري ٿو. ” بيوفائي“ ڪھاڻيءَ ۾ محبت جا ڪيئي رنگ ڀريل آھن. ياسمين چانڊيو ھن ڪھاڻيءَ ۾ نه رڳي ھڪ ليکڪ کي لفظن ۽ عمل جي ساھميءَ ۾ توريو آھي پر عورت جي ڪردار تي به واھ جو لکيو اٿس، ھن ڪھاڻيءَ کي تاثراتي ڪھاڻي چئجي تڏھن به غلط نه ٿيندو.  ڪھاڻي ”شادي“ ۾ سادي صورت وارين نياڻين جا رشتا نه ٿي سگھڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ انتھائي ردعمل جھڙيون سماجي سنگينيون بيان ٿيل آھن. ”لڙڪن سان لئون“، ”روح جي تلاش“،  ” محبت جو ڪاڪ محل“ ۽ ” پيڙائن جي پاڇن ۾“ چارئي ڪھاڻيون دراصل تاثراتي ڪھاڻيون آھن جن ۾ پريم جي پليٽ تي گرم احساسن جا دونھان نڪرندي ملن ٿا. ھي واقعاتي ڪھاڻيون نه پر پريمين جي جذبن جون ترجمان ڪھاڻيون آھن.
”مسلط محبت ۽ گم ٿيل احساس“ ۾ ليکڪا ”رضيءَ“ جي پيڙا جو ذڪر ڪيو آھي، نورل ۽ رضي ننڍي ھوندي کان ھڪ ٻئي کي پسند ڪندڙ آھن پر رضيءَ جي شادي ٻئي ھنڌ ٿي وڃي ٿي ۽ اوچتو حادثاتي طور رضيءَ جو نورل سان ميلاپ، سندس ڪٽ چڙھيل سوچن کي جرڪائي ڇڏي ٿو. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ننڍي ھوندي جون محبتون آخر تائين پيڇو ڪرڻ جي تاريخ رقم ڪن ٿيون.
”محبت ۽ حوس“ ڪھاڻي محبت جي نانءَ تي نياڻين جي عزت تار تار ڪرڻ جي ايف آءِ آر آھي ته اتي ” يادن جي رڃ“ ۾ سماج جي ڀيانڪ چھري  تان پردو کنيل آھي جنھن ۾ نياڻيءَ کي ته پنھنجي ڪنوارپ ثابت ڪرڻي پوي ٿي  پر مرد جي شريف ھجڻ جو ڪو به پئمانو نه آھي. ” اڃايل آشائن“ ۾ زندگي جي دوزخي جھان کان مايوس ھڪ عورت جي اندر جي خود ڪلامي آھي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ”ھا“ ۽ ”نه“ جي جنگ ۾ ”اميد“ جي سوڀ ٿئي ٿي، جڏھن ته ”من اندر جي وڄ“ به خود ڪلامي ھوندي ھڪ تاثراتي ڪھاڻي آھي جيڪا اميد ۽ نا اميديءَ وارا ڪيترائي ڪوريئڙي جا ڄار اُڻي ٿي.
”من اندر جي مانڌاڻ“ ۾ ياسمين جبر جي ھڪ اھڙي ڪھاڻي ڇيڙي ٿي جنھن ۾ نياڻين جي رضا کان سواءِ سندن شادي جو اھم ڪيس کنيل آھي. شاديون خاندان ۽ خاندان سماج کي جنم ڏين ٿا، جڏھن انھن جي اڏاوت ۾ ئي جبر جا بنياد ھوندا ته سماج جون صورتون به جبر جو ڏيک ڏينديون، ان ڪري ھن قسم جو اھم ڪيس کڻي ياسمين پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو آھي. ائين ”کنوڻين جا ميلاپ“ ۾ رمشا جي جوانيءَ جي جذبن ۾ لڙھي وڃڻ جو فرياد پيش ڪيل آھي. سڪندر ۽ رمشا پاڙيسري آھن ۽ ڦوھ جوڀن جي پچندڙ لاوي کي روڪي نه ٿا سگھن ۽ اُھو ڪجھ ڪري وجھن ٿا جيڪو سماج لاءِ پاپ آھي، رمشا پنھنجي پيٽ ۾ اھو پاپ پالي ٿي ۽ کيس پنھنجي شادي شده ڀيڻ جي گھر موڪليو وڃي ٿو جو رمشا پنھنجي پيار جي نشاني کي ڪنھن گند جي ڍير تي ڪتن حوالي ڪرڻ نه ٿي چاھي. محبت جي ان پاپ جو نالو ھالار رکيو وڃي ٿو، سڪندر ھميشھ لاءِ نامعلوم ھنڌ ھليو وڃي ٿو ته رمشا جي شادي ڪرائي وڃي ٿي ۽ سندس جائز زندگيءَ جي سفر ۾ سسئي جو جنم ٿئي ٿو. ھن ڪھاڻيءَ جو ڇرڪائيندڙ انت ائين ٿئي ٿو جو رمشا جي ڀيڻ وٽ پاليل رمشا جي پٽ ھالار، جيڪو ماءُ کي ماسي سمجھي ٿو، ان جو پيار پنھنجي ئي نڳي ڀيڻ سسئي سان ٿئي ٿو ۽ ھو پنھنجي ئي ماءُ کان پنھنجي نڳي ڀيڻ جو سنڱ گھڙي ٿو ته رمشا مٿا کنوڻيون ڪري کيس رک ڪري ڇڏين ٿيون. ھي ڪھاڻي رڳي انوکي نه پر سماج لاءِ سبق آميز به آھي.
ياسمين چانڊيو ”ڳولا“ ڪھاڻيءَ ۾ دليراڻا سوال کڻي ھڪ ڪردار کان خدا جي ڳولا ڪرائي ٿي، ھي دلچسپ ڪھاڻي ان ڪري به آھي جو اھو ڪردار سماجي سنگينين جا سوال کڻي، خدا کان جواب وٺڻ لاءِ سندس ڳولا ڪري ٿو، ۽ سندس پختو ايمان آھي ته ھن جھان ۾ جيڪو ڪجھ ٿئي ٿو اھو رب جي حڪم کان سواءِ نه ٿو ٿئي. ”سائيڪل وارو“ ڪھاڻيءَ ۾ جواني چڙھندڙ ”ياسيِ“ ۽ ”ملان جُوسي“ جي ڪردارن تي ياسمين ڇرڪائيندڙ سچ کي سامھون کڻي اچي ٿي. ڪھاڻي ”مڪتي“ ۾ ولو گڏھ گاڏي واري جي ڪردار کي کڻي، ياسمين غربت، بيوسي ۽ اسان جي اسپتالن جي المناڪ حالتن تي قلم کنيو آھي، سچ ته ھي ڪھاڻي امير سنڌ جي غريب ماڻھن جي دردن جو داستان ان ڪري به آھي جو وسيلن سان مالا مال سنڌ جا ماڻھو غربت سبب بيمارين کي جھيڙين ٿا ۽ جيڪڏھن صرف سنڌ جي ماڻھن کي صحتمند رکيو وڃي ته ھن امير سماج ۾ تمام وڏيون تبديليون اچي وڃن.
”پوسٽ مارٽم“ ڪھاڻي ھڪ وڏي شھر جي ڪھاڻي آھي جنھن ۾ ياسمين بي حسين جي تصوير ته چٽي آھي پر روڊ حادثن ۾ مرندڙ ماڻھن جو قضيو به بيان ڪيو آھي، جنھن ۾ ھڪ پيءُ جي روڊ حادثي ۾ مري وڃڻ جي ڪٿا آھي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ياسمين ٻيا به ڪيترا رنگ ڀري پئي سگھي پر صرف ھڪ واقعي تائين ڪھاڻي کي محدود رکيو اٿس. ڀانڊاري ۾ پيل آخري سڪو ريل جي پٽڙيءَ ھيٺان چيڀاڙيل آھي ۽ ڪھاڻيءَ جو نالو ئي اھڙو آھي جنھن ۾ آءُ ياسمين کي منٽو يا ڪرشن چندر جي صف ۾ بيھارڻ جي دعوي ته نه ٿو ڪريان پر کيس ساره شگفته جھڙي بي باڪي واري ليکڪا چئي سگھان ٿو. ڪھاڻي ”رنڊي“ اسان جي سماج جو ھڪ اھڙو آئينو آھي جنھن ۾ ڪيئي شريف شڪليون زينت جي ڪوٺي تي ملي وڃن ٿيون. ھن ڪھاڻيءَ ۾ سماج جو اصل سچ اھڙي ته بي باڪي سان پيش ڪيو ويو آھي جنھن ۾ شرافت جي ڍونگ سان جيئندڙ ۽ فخر سان گھمندڙ ماڻھن جي چھري تان نام نھاد فضيلتن جا لبادا ياسمين روڙي لاٿا آھن. ڪھاڻيءَ ۾ لفظن جو استعمال ته بي ڊپو آھي پر ڪردارن جي پيشڪش به ڪمال سان ڪئي وئي آھي.
ياسمين چانڊيو جي 160 صفحن تي لکيل 27 ڪھاڻيون آھن جڏھن ته مھاڳ طارق قريشي جھڙي معتبر ليکڪ لکيو آھي ۽ ڪمال جو مھاڳ لکيو ويو آھي جنھن ۾ لطيف سائين جي سورمي سھڻيءَ کي مثال بڻائي ڪھاڻين تي نھايت علمي انداز سان تبصرو ٿيل آھي ان ڪري آءُ پنھنجي مٿئين لکڻي کي ڪنھن ادبي لکڻي جي کاتي ۾ ئي نه ٿو سمجھان ۽ اھا اڳئي وضاحت ڪري چڪو آھيان ته فني حوالي سان آءُ ڪھاڻين تي لکڻ جي سلسلي ۾ ڪورو ڄٽ آھيان پر ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين تي ان ڪري به لکيو اٿم ته جو ھن جڏھن ڪتاب موڪليو ھيو ته ھي لفظ چيا ھيائين ” مٺا ڀاءُ! مون اوھان ڏي ڪتاب پوسٽ ڪري ڇڏيو آھي، پھچي ته ڀيڻ کي آگاھي ڏجو“. ھي رڳي لفظ نه ھئا پر ھڪ ڀيڻ جو اھڙو پيار جنھن ۾ ائين لڳو ته اسان جي ملاقات نه ھئڻ باوجود اسان ننڍي ھوندي کيڏيو آھي، پيءُ جا دڙڪا جھليا اٿئون، امان جي بيمار ٿيڻ تي رُنا آھيون ۽.......... سو ياسمين جي ھن ڪتاب تي مون پنھنجي ڪچي ڦڪي لکڻي پيش ڪئي آھي باقي تنقيدي جائزي لاءِ سنڌ تمام گھڻو شاھوڪار آھي، نقادن جي ڪا کوٽ ناھي، وڏا نالا به آھن سنڌ وٽ، سو باقي ڇا کپي سنڌ کي!؟ 
ڀانڊاري تي ڊاڪٽر عابد مظھر، فرزانه شاھين، سامي ميمڻ، مير عباس ٽالپر، جمشيد زھراڻي، مرتضي ناريجو جھڙن اڪابرن به لکيو آھي جيڪو ڪتاب جي شروعات ۾ ئي موجود آھي، جڏھن ته ضراب حيدر جھڙي ڪمال جي ڪھاڻيڪار پاران بيڪ ٽائيٽل لکيو ويو آھي جڏھن ته ٻيا به لکندا، ڀلي کڻي بي سبب يا با مقصد تنقيد ڪن پر اھا به وڏي ڳالھ ھوندي جو ياسمين جي ڪتاب تي لکيو ويندو.
آخر ۾ صرف اھا گذارش ته ڀانڊاري تي لکڻ لاءِ ڪيترا تنقيدي پاسا ھوندا جن تي لکڻ گھرجي پر تنقيد جا جيڪي جائز معيار آھن انھن کي لازمي سامھون رکڻ گھرجي ۽ اھو سمجھڻ گھرجي ته اسان وٽ نياڻيون ان ڪري به گھٽ لکن ٿيون جو انھن جي مٿي تي ڪوئي ھٿ رکڻ بجاءِ ياسمين جي ڪھاڻي ”نياڻي“ وانگر زيبوءَ وارا دڙڪا ملن ٿا. ان  ڪري تنقيدن جون تلوارون ھٿن مان اڇلي ھاڻ اسان کي ھڪ اھڙي شفيق تنقيد ڪرڻي پوندي جيئن ڪو پيءُ پنھنجي پٽ ۽ ڌيءُ جي غلطيءَ تي چوندو آھي ته ” بابا/امان اھو سبق ائين نه، ھيئن پڙھ! يا پٽ لطيف سائين جي ھن بيت جي پڙھڻي ھيئن ٿيندي“.
ٻَئي ويٺا روُنِ، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾،
ڪنھن کي ڪين چوُنِ، مَنجھن جو پريتڻو.