Tuesday, August 4, 2020

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس يوسف جميل لغاري



وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس…!
يوسف جميل لغاري
حضرت انسان پاڻ سان گڏ زندگي جا هزارين روپ ۽ رنگ ڍنگ به کڻي هلندو آهي. ڪجھ ماڻهو دردن کان آشنا ٿيندي ئي انهن کي پنهنجي جهولي ۾ ڀرڻ کان انڪاري ٿي پوندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي قدر ۽ قيمت بنھ ٿوري وڃي بچندي آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ وري شاعر دردن کي دل سان قبولي انهن جي آجيان ڪندا آهن.

دردن کي پنهنجو ساٿي سمجهي ڪري انهن سان ناتو جوڙي وٺندا آهن. هر هڪ تخلقڪار وٽ دردن جي هڪ وڏي کاڻ سندس من اندر موجود هوندو آهي. دردن کي پنهنجي ميراث سمجهندي انهن کي ڪنهن ٻي در ڦٽو نه ڪندو آهي. عام رواجي ماڻهو دردن کان پري ڀڄڻ جي ڪندا آهن ۽ هن ڪيفيت کي ازيت پسند سمجهندا آهن.

پيڙاھ واري ڪيفيت سان هم ڪلام ٿيڻ کان پوءِ انهي ساڳي پيڙاھ کي لفظن جو هڪ نئو روپ ڏئي ڪري دنيا آڏو پيش ڪندا آهن ته جئين ٻيا انهن مان تجربو حاصل ڪري سگهن ۽ زندگي جي اڍنگي رويي تي ناراض نه ٿين ڇو ته ڏک، سک، نراسائي توڙي مايوسي هر جڳھ تي ساڳي روپ ۽ انداز ۾ موجود هوندا آهن. انهن کان ڪن لاٽار ڪرڻ مطلب پنهنجي پاڻ کان پنهنجو پاڻ کي پري ڪرڻ برابر آهي.

غلام حيدر گهايل لغاري ۽ زين کوسو طرفان مرتب ڪيل شاعري جو مجموعو وڻ وڻ منهنجان واس گذريل سال جي آخري مهيني ۾ ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ اُهي صنوبر جا وڻ شامل آهن جن جي تخيل جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو آهي. پنهنجي هڪ الڳ اهميت آهي. هن وقت پوري سنڌ اندر گڏيل شاعرن جا مجموعا ڇپجي ڪري سامهون اچن پيا جيڪو پڻ سٺو ۽ ڪارائتو عمل آهي.

ڇو ته پڙهندڙن کي هڪ ئي وقت ڪافي شاعرن جي شاعري پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ۽ سندس مطالعي جو هر پاسو پورو ٿي ٿو. پڙهندڙ جنهن مزاج ۽ ماحول جي شاعري پڙهڻ گهرندو آهي کيس انهي مزاج توڙي ماحول تي ڪو نه ڪو شعر ڪنهن نه ڪنهن شاعر جو لکيل ملي پوي ٿو ۽ سندس مطالعي جي اُڃ جهڪي ٿئي ٿي. 

اسان جي هنن ٻنهي دوستن پنهنجي نيڪ نيتي ۽ سچائي سان هن ڪتاب کي سهيڙي ڪري جهڙي نموني سنڌي ادب ۾ هڪ نئي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي انهي حساب سان سندن ڪوششن کي هزارين دفعا داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هي مجموعو مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اُداس لنڊ، زين کوسو ۽ گهايل لغاري جي شاعري تي مشتمل آهي. هي پنج شاعر هن ڪتاب کي پنجن گُلن جيان سينگاريو ۽ سنواريو ويٺا آهن.

ڪتاب جي مرتب ڪندڙ ٻنهي مانوران تخليقڪارن پنهنجي حصي جي شرڪت کي ڪتاب ۾ آخر تي رکيو آهي. هنن ٻنهي موتي مالها گڏ ڪندڙ خوبصورت انسانن جي اِها بهترين وصف ڏسڻ لاءِ ملي ٿي ته هنن ٻين شاعرن کي ڪتاب ۾ پهريان جڳھ ڏني آهي ۽ پاڻ ٻئي ڄڻا پنهنجي تخليق سان گڏ ڪتاب جي آخري صفحن تي نظر اچن ٿا. هن عمل مان سندن بردباري ۽ فراخ دلي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

شاعر هر اصول ۽ ضابطي کي پري رکي ڪري هن ڪائنات کي پنهنجي اک جي ڪئميرا سان جداگانه طريقي سان ڏسندو آهي. هر شاعر جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته سندس تخليق ٻين جي درد جي دوا ٿي پوي، ڪنهن لاءِ ڪو سڻائو ۽ سستو علاج ٿي پوي. ڪنهن مظلوم لاءِ ڀرجلو ثابت ٿي. هن ڪتاب منجھ سڪندر اداس لنڊ جا هي لفظ اِن ڪيفيت جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪن ٿا:

شاعري    اناج   ٿي   پوي
هي سکيو سماج ٿي پوي

شاعر پرواز ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن. هو سماج جا طبيب ۽ مستقبل جا معمار هوندا آهن. هنن جي خيالي اڏام کي ڪو پکي يا مصنوعي سائنسي ايجاد به مات نه ٿو ڏئي سگهي. ساڳي جاءِ تي وري ڪي شاعر پنهنجي دردن، پنهنجي ماروئن جي لاچاري ۽ بي وسي کي خدا جي در اڳيان ڪجھ هِن ريت پيش ڪندا آهن جهڙي ريت مير محرم لغاري پنهنجي شعر جي هڪ بند ۾ لکيو آهي:

تنهنجا مظلوم پِيڙجي ويندا
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين

اِهڙي ئي نموني وري ڪجھ شاعر پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري واري حالتن سان پاڻ جهڙيندا آهن. ڪنهن کي به ڪا ميار، ڪو ڏوراپو ڪونه ڏيندا آهن. ڀلي سندن اندر رتوڇاڻ لڳو پيو هجي. اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙهن پر ان جي باوجود هُو سڀني کي پنهنجي سورن کان آجو سمجهندا آهن. هو سمجهندا آهن ته درد به اسان جا ته انهن سان منهن منها به اسان کي اڪيلي سر ئي ڪرڻو آهي. زين کوسو جون هي سٽون اِن ڳالھ جو پڪو ثبوت آهن.

دل جو هلَڪو بار، ڪرڻ لئہ،
زين،   ٻه  ڳوڙها   هاري  ڇڏ

هَن بي حس سماج جو هر هڪ فرد مفادن جي نه کٽڻ واري ڄار ۾ جڪڙيو پيو آهي. جنهن جي ڪري انفراديت واري خول مان نڪري اجتماعيت واري خول ۾ اچڻ کان قاصر آهي. حساس مزاج رکندڙ ماڻهو به اڪثر اڪيلا ٿي ويندا آهن ۽ انهي اڪيلائي منجھ پوءِ وري ڪنهن اڻ ڏٺئي قوت کي ٿوري ٿڪي ميار به ڏئي وٺندا آهن. جئين خادم حسين جسڪاڻي پنهنجي شعر جي هن بند ۾ انهن ڪٺور انسانن کي ميار ڏي ٿو:

زماني جي هر هڪ ڪهاڻي ڏٺئي،
اسان جي نه اکين جو پاڻي ڏٺئي!

انسان سان گڏ ئي درد جو جنم ٿيو هو. درد نه هجي ها ته زندگي بي معنيٰ ۽ ٻُسي لڳي ها. انهي درد ئي زندگي کي اهميت بخشي آهي کيس جلا بخشي آهي. درد جو ناتو انسان سان ازلي آهي. هاڻ اِهو اسان تي دارو مدار رکي ٿو ته اسان دردن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ٿا. ان کي ڪهڙي شڪل ۽ صورت ۾ قبول ڪريون ٿا. کيس پنهنجي دل جي آڳر تي ڀليڪار چئون ٿا يا کيس پنهنجو دشمن سمجهي پنهنجي در تان ڌڪاريون ٿا.

حساس دل رکندڙ ماڻهون دردن کي خوش دلي سان قبول ڪنديون آهن ۽ انهي مان لطف اندوز ٿيندي انهي مان تجربو حاصل ڪن ٿا. ڪجھ شاعر، ليکڪ ۽ دانشور درد واري ڪيفيت ۾ به اميد جو نئو ڪرڻو تلاش ڪندا آهن جئين غلام حيدر گهايل لغاري پنهنجي شعر جي هن بند ۾ درد ۾ اُتساھ جو هڪ پهلو اجاگر ڪري ٿو:

درياھ  درد  جو هي  سيلاب  آڻيندو،
هِن ساھ کي ٻڏڻ جا امڪان ڪيترا!

هن ڪتاب منجھ هر هڪ شاعر پنهنجي شاعري کي سماج سان ڳنڍي اهو ثبوت ڏنو آهي ته واقعيٰ شاعر سماج جا سوشل سائنٽيسٽ هوندا آهن. سماج کان الڳ ٿي ڪري نه ئي تخليق جي ڪا اهميت رهندي آهي ۽ نه ئي وري تخليقڪار جي ڪا اهميت رهندي آهي. تاريخ انهن ئي فردن کي ياد ڪندي آهي جن جا سڀ سک ۽ آرائشون پنهنجي ئي وطن، ماڻهن ۽ انهي سان لاڳاپيل هر هڪ پهلو سان وابسطه هونديون آهن.

گڏيل شاعري جو هي مجموعو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇاپيو ويو آهي ۽ قيمت ٻه سئو چاليھ روپيا رکي وئي آهي. هي ڪتاب ڪاڇي جي ادبي ذوق رکندڙ سڀني فردن سميت پوري سنڌ جي شاعرن کي اِھڙي ته واس ڏيندو جو هن جي پڙهڻ کان پوءِ نئي ٽهي مان ڪافي شاعر پيدا ٿيندا ۽ پنهنجي تخليق سان مرجهايل وجودن کي تازگي بخشيندا.

يوسف جميل لغاري

https://laghariyousif.blogspot.com/2019/05/blog-post_10.html?m=1

وڻ وڻ منجهان واس اظهر امر













وڻ  وڻ منجهان واس پنجن شاعرن جو گڏيل ڪتاب !!
اظهر امر
مختلف وقتن تي سنڌ اندر گڏيل شاعري جا ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي رهيا آهن. انهي سلسلي ۾ سنڌ اندر تمام گهڻي تيزي پڻ آئي آهي. هن وقت تائين گڏيل شاعري جا ڪتاب ڪافي ڇپجي چُڪا آهن جن کي تمام گھڻي پذيرائي پڻ ملي چڪي آهي. هڪ ڪڙي مون پڻ تيار ڪئي هئي جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءِ جا سُٺا ۽ نوجوان سرجڻهار شامل هئا. اُهو ڪتاب ڪمپوز ٿيڻ لاء پڻ ويو هو پر ڪن سببن جي ڪري شايع نه ٿي سگھيو. هن وقت مان جنهن ڪتاب تي پنهنجو رايو لکي رهيو آهيان اُهو ڪتاب آهي ´وڻ وڻ منجهان واس` جيڪو تعلقي جوهي، ضلعي دادو جي ٻن سرجڻهارن مرتب ڪيو آهي. انهي ٻنهي جا نانء سُٺن شاعرن ۾ لکيا وڃن ٿا. هڪ گھايل لغاري۽ ٻيو زين کوسو جن هي پيارو گلدستو تيار ڪري اسان جي هٿن تائين پهچايو آهي جنهن منجهان اسان وقت بوقت واس وٺندا رهون ٿا. هي ڪتاب پنجن شاعرن جي خوبصورت شاعري تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ موجود شاعرن  جو تعلق جوهي تعلقي سان آهي. جن پنهنجي تخليقن سان هن ڪتاب کي هڪ گلدستي جيان سينگاريو آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪا خوشبو آهي سا هاڻي صدين تائين پنھنجو واس واسيندي رهندي.
جن شاعرن هن ڪتاب کي پنهنجي من ۾ متل مانڌاڻ کي ٺارڻ لاء تخليقن سان سهڻي نموني سينگاريو آهي انهن ۾ مير محرم لغاري، خادم جسڪاڻي، سڪندر اُداس لنڊ، زين کوسو ۽ گھايل لغاري شامل آهن.
مير محرم لغاري جنهن جو اصل نالو محرم لغاري آهي، سندس جنم 9 آڪٽوبر 1974 ۾ ڳوٺ ميان بخش لغاري تعلقه جوهي ۾ ٿيو. سندس ادبي لڏي ۾ اچڻ وارو سفر به چڱو خاصو پيو لڳي. پاڻ لکي ٿو منهنجو ادبي سفر 1989ع ۾ ٿيو. سندس مواد 1990 ۾ اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجڻ لڳو.
سندس شاعري مان چونڊ 

مينهن کي چئجو؛ هاڻ اچ به کڻي،
هوريان هوريان لڏي پيو پاڙو.

مير محرم لغاري جون اُهي سٽون ڪيڏيون نه جاندار آهن. مان سمجهان ٿو ته هن اُهي سٽون ڪاڇي واري علائقن ۾ نه پوندڙ برساتن سبب سرجيون هونديون. سندس اُهي سٽون منهنجو لبن تي بار بار اچن پيون مان سمجهي رهيو آهيان. اڪثر ڪري ڪاڇي ۽ ٿر جا ماڻهو برساتن جي انتظار ۾ هوندا آهن. جڏهن پاڻي ناهي هوندو، هو پنهنجو پوکيل پوک به مال کي کارائي ڇڏيندا آهن. مير جي هر شعر ۾ ڏڪاريل ڏيھ جو دائهون ڪثرت سان سمايل آهن.
هڪ ٻئي غزل ۾ چئي ٿو

تنهنجي پاڙي جي نانءُ تان صدقي،
“مير” ۽ “مير” جو سڄو پاڙو.
ٻي سٽ ۾ به ڪمال ڪيو اٿس! پرين جو پاڙو ڪنهن کي پيارو ناهي هوندو!  عاشق ته اڪثر ڪري پرين جي پاڙي جا هروڀرو به پيا چڪر لڳائيندا آهن ته شال ڪنهن ويلي پرين جو دردار نصيب ٿئي. پرين ته ڇا پر پرين جي پار کان ايندڙ هر ماڻهون تان پيا قربان ٿيندا آهن. مير ته چئي ٿو ته مان ته تنهنجي پاڙي تان صدقي پر منهنجو سڄو پاڙو تنهنجي نانءَ تان صدقي.
خادم  جسڪاڻي جو اصل نالو خادم حسين جسڪاڻي آهي سندس جنم 20 جولاءِ 1975ع تي جوهي شهر ۾ ٿيو. هن سنڌي ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس مواد سنڌ جي مختلف اخبارن رسالن جي زينت بڻيو.
 سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ:
مزدورن جو ڏينهن ملهايئي؟
جن کي مُيسر ڍئو ئي ڪونهي.
خادم! واھ واھ! ڪمال جو سٽون سرجيون اٿئي! جن تي توکي لفظن ۾ داد ڪيئن ڏيان؟ واقعي به انهي ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄ ڪلھ اسان جا ادارا پهرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهائن ٿا مگر انهن مزدورن کان ڪڏهن اها پڇا به ڪونه ڪن ته آيا اوهان جو گذر سفر ڪيئن پيو هلي. باقي خالي مزدورن جو ڏينهن ملهائڻ سان ڇا هڙ حاصل؟. انهي مزدورن ويچارن کي هڪ وقت جو ڍئو به ميسر ناهي هن مهانگائي جي دور ۾! پر ڇا ڪجي.

سور ڪهڙا ڀلا سلي “خادم”،
ڄڻ ته جيئري قبر ۾ رهندو آهي.

خادم کي سور گنج آهن جيڪي سور هو پنهنجي قلم ذريعي ڊائري تي اُتاريندو رهي ٿو. هو لکي ٿو ته مونکي سورن ساڻو ڪري ڇڏيو آهي، مان ڄڻ جيئري قبر ۾ آهيان.

اداس لنڊ  اداس جو اصل نالو سڪندر علي لنڊ آهي. سندس جنم پهرين جنوري 1973ع ڌاري ڳوٺ خان جي ڪُور ۾ ٿيو. اداس لکڻ جي شروعات 1995ع ۾ ڪئي. سندس مواد سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيو.
سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ:

تنهنجي پيار ۾ چرين جيان،
آڱريون  “اداس” ٿو ڳڻي.

اداس جيان هر عاشق چريو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سوچ ۾ ٻُڏي چرين جيان آڱريون ڳڻڻ شروع ڪندا آهن ته هاڻ ڇا ڪجي پرين ڪڏهن ٿو ديدار ڪرائي! اداس به ڪنهن جي پيار ۾ ڏينهن اڱرين تي ڳڻڻ جو اعتراف ڪري ٿو. سندس شاعري دل کي ڇهندڙ محسوس ٿي رهي آهي.
بس گھرڻ سان نه ملندي آزادي،
سر سان  ٻڌڻو  پيو  ڪفن آهي.
سندس غزل جون سٽون ڪيڏيون نه جذبات مان لکيل آهن. سندس خون ۾ جنون آهي. ديس جي آزادي لاء! هر وقت سر سان ڪفن ٻڌي هلڻ جو وچن پڻ ڪري رهيو آهي. سندس هنن سٽن مان شاعر جو جوش جذيو عيان آهي. آئون ساڻس سهمت آهيان. مان بار بار سندس اُهي سٽون لبن تي پُڪاريندو رهان ٿو.

زين کوسو جو اصل نالو زين العابدين کوسو آهي. سندس جنم 5 سيپٽمبر 1971ع ۾ ڳوٺ چينجاڻي ۾ ٿيو. زين لکڻ جي شروعات 87/1986ع کان ڪئي. هن وقت به سوشل ميڊيا تي مسلس. سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ ڪجي ٿي،
يادن کي ساري “زين” رنو آ،
موُثر تحريرون ۽ تنهائي.
زين به راقم الحروف جيان يادن جي ور چڙهي ويو آهي. تڏهن ته پنهنجي قلم سان پاڻ ئي پيار ۾ اعترافي سٽن ۾ پنهنجي ماضي جي يادن جو ذڪر ڪري سڄڻ کي ساريندي اکين مان لڙڪن جون قطارون لاڙي رهيو آهي. پنهنجي پريت کي ياد ڪري ڪري ڪيتريون ئي تحريرون لکي چُڪو. بس هاڻ هن وٽ تحريرون ۽ تنهائي باقي بچيا آهن.
منجھ حويلي سوچي سپنا،
ٻاهر   پهرا   خالي   خالي.
ڇا ته ڪمال جي بند سرجيو اٿس جيڪو بار بار پڙهڻ تي دل چوي ٿي. زين لکي ٿو حويلي اندر پهرن ۾ پوريل قيد گوري جي سوچن ۽ سپنن تي ڪنهنجو به وس نٿو هلي ۽ هوء پنهنجي پرين کي سپنن ۽ سوچن ۾ ساريندي رهي ٿي.
زين کوسو به نوجوان ٽھي جي سمورن شاعرن سان ڪلوڪلهي ۾ ملائي پنھنجي ادبي سفر کي روان دوان رکيو اچي. کيس ڪڏھن ڪڏھن منھنجو سوشل ميڊيا ذريعي رابطو ٿيندو رهندو آھي. زين تمام پيارو ماڻھو آھي. ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس جو مرتب پڻ آهي.
گهايل لغاري: گهايل لغاري جو اصل نالو غلام حيدر لغاري آھي. سندس جنم 15 نومبر 1976ع تي ڳوٺ بچل لغاري، تعلقه جوهي، ضلعي دادو ۾ ٿيو. گهايل لغاري جو ادبي سفر به پراڻو آھي. گهايل پاڻ لکي ٿو تي هن لکڻ جي شروعات 1990 ۾ ڪئي. انهي وقت کان هن وقت تائين جوڙ ڪبو ته ڪل 29 سال ٿيندا. مطلب ته گهايل کي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي 29 سال گذري چڪا آھن. هن وقت گهايل سان منھنجي سوشل ميڊيا جي معرفت واسطو ٿيو آھي. سندس شاعري توڙي سندس مرتب ڪيل گڏيل شاعري جي مجموعي کي پڙھي خوشي محسوس ڪري رهيو آھيان.
سندس شاعر مان ڪجھ چونڊ:
 يادن جو پڙلاءُ ڏئي ويو،
گهرو گهرو گهاءُ ڏئي ويو.
گهايل کي ايترا گهاءُ مليا آهن جو هن پنھنجو تخلص ئي گهايل رکي ڇڏيو. کيس يادن جو پڙلاءُ به گهرو گهاءُ ڏنو آھي. سندس شاعري ۾ درديلا احساس اوتيل آھن. سندس شاعري مان ائين محسوس ٿي رهيو آھي ته گهايل سدائين دردن جي گهيراءُ ۾ رهيو آھي.
 مان سدائين مست مست ٿو رهان،
  تنھنجي اک جي شراب خاني ۾.

گهايل پاڻ پنھنجي شاعري ۾ پنھنجي قلم سان جيڪو اعتراف ڪيو آھي اُھو ڪنھن کان لڪل ناهي. مان ساڻس جڏھن به مخاطب ٿيو آھيان ته هو مونکي مست الست ماڻھو ٿو لڳي. هو پنھنجي هنن سٽن ۾ پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي ڪھڙي نه ادا سان چوي ٿو ته آئون سدائين لاء تنھنجي خاطر مست رهان ٿو. سو به تنھنجي اک جي شراب خاني ۾! واھ واھ ڇا ته سندس تخليق ٿيل سٽون آھن!!
اڄ جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ کوڙ اھڙا ليکڪ جن گڏيل شاعري جا مجموعا آندا آھن انهن مجموعن کان پوء جيڪو احساس ميرل سهتي طرفان فيس بڪ تي تعارفي سلسلو هليو اُھو به انهي ساڳي سلسلي جي ڪڙي آھي. منھنجي مشاهد توڙي مطالعي موجب اُھو هن وقت جو رڪاڊ جوڙيندڙ ڪتاب آھي جنھن ۾ 300 شاعرن جي شاعري ۽ تعارف شامل آھي. خير سنڌي ادب ۾ هن وقت تائين گڏيل شاعري جي مجموعن جو به وڏو انگ شامل ٿي ويو آھي. انهي ساڳي سلسلي جي هي به هڪ ڪڙي ليکبي. هن ڪتاب جي خاص ڳالھ اُھا آھي ته هن ڪتاب جا مرتب ڪندڙ به ٻه شاعر آھن. هن ڪتاب جي ارپنا ڪاڇي جي سونهون ۽ سڃاڻپ طالب لغاري ۽ جاني اسحاق ملاح جي نانء ڪئي آھي ڪتاب "وڻ وڻ منجهان واس" جو مهاڳ سنڌ جي ناميواري شاعر علي دوست عاجز لکيو آھي اداري پاران ساجد سنڌي ڪتاب جو بيڪ پيج تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل لکيو آھي. هي گڏيل شاعري جو ڪتاب سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.

مان دل سان ٿورائتو آھيان Lajpatmazloom Lajpat
 هلال پاڪستان جي اڄوڪي اخبار ۾ شايع ٿيو آھي.

وڻ وڻ منجهان واس جو مختصر اڀياس بيوس سجاد گاڏهي



ڪتاب؛ “وڻ وڻ منجهان واس“ جو مختصر اڀياس.
تحرير/ بيوس سجاد گاڏهي.

وڻ وڻ منجهان واس پنج شاعرن تي مشتمل گڏيل شاعري جو ڪتاب آهي جيڪو سنڌ (ڪاڇي) جي خوبصورت شاعرن طالب لغاري ۽ جاني اسحاق ملاح کي ارپنا ڪيو ويو آهي. 
ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر علي دوست عاجز لکيو آهي  اداري پاران ساجد سنڌي جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا تاثرات پڻ ڪتاب کي ڀرپور حسناڪي بخشي آهي، 
سمبارا پبليڪيشن مان شايع ٿيندڙ هي شاعري جو ڪتاب  گهايل لغاري ۽ زين کوسو مرتب ڪيو آهي جيڪو 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 240 روپيہ رکي وئي آهي. 
ڪتاب ۾ شامل سڀئي ادبي دوست سينيئر ۽ برجستا تخليقڪار آهن سندن ادبي ابتدا تقريبن منهنجي (عمر) سن آهي، 
وڻ وڻ منجهان واس تمام پياري ۽ خوشبوءِ هاڻي نانءُ جي چونڊ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ واقعي ئي  مختلف وڻن (شاعرن) جو واس (شعري حسناڪي) جابجا پڙهندڙ جي من ۾ هڪ الڳ جهان جوڙي ٿو.
ڪتاب جو مهاڳ پڙهندي اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته علي دوست عاجز سهڻي تخليقڪار هجڻ سان گڏوگڏ ڪمال جو نثرنگار پڻ آهي.
 مهاڳ  (جوهي جا جر ڦُل) پڙهندي جن جملن منهنجي روح جي تارن کي ڇيڙيو اهي جملا اوهان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيان ٿو جيئن اوهان به انهن مان چس ۽ واس وٺو.

“سرنهن جي مند ۾ تلُورن جي تاڙ ۾ ويٺل عرب شهزادن جا خيما ائين کوڙجي ويندا آهن جهڙا مِنا ۾ مسافر حاجين جا تنبُو هجن“
“ماڻهو ۽ مال آهن پاڻيءَ سان، پکي ۽ پريت آهي وري ماڻهوءَ سان“
“جي ساھ سنگتياڻيءَ سان ٿو سونهين ته درياھ به پاڻيءَ سان ٿا ٺهن“ 
“ادب ۽ آرٽ جي اُڃ به عشق جي اُساٽ وانگر آهي جنهن مان پيتي نه ٿو ڍاپجي“ 
“ڪلا وارن جا وارث ڪلا وارا ئي هوندا آهن“ 
“ڪافي خوبصورت شاعر، شاعريءَ مان ايئن هٿ ڪڍي ٿا وڃن جيئن گهٽ ريج ۽ لاڳيتي برسات نه پوڻ جي ڪري ماڻهو پوکيل فصل مان هٿ ڪڍي ان کي مال کان ڀيلائي ڇڏيندا آهن“ 
“استاد چوندو هو پيار ۽ پيڙ هڪٻئي جا پاڙيسري آهن“ 
“ماڻهوءَ جو واس ڳالهين مان ايندو آهي“ 
“گڏيل مجموعن جو رواج هلندو ٿو اچي پڙهندڙ کي ورائٽي مليو وڃي، اهڙو مجموعو انگورن جي ڇُڳي وانگر هوندو آهي“ 
هاڻي پڙهندڙ ان مان خود اندازو لڳائن ته اهي جملا آهن يا ڍنڍ ۾ تڙڳندڙ نيرڳ...؟؟ 

هن ڪتاب جو پهريون شاعر آهي مير محرم لغاري 
مير محرم لغاري جو فڪر آسماني وسعتن کي ڇُهي ٿو سندس شاعري مان رابيلن جو هڳاءُ اچي ٿو سندس شاعري منهنجي نظرن اڳيان پهريون ڀيرو گذري آهي جنهن کي پڙهي مون کي ايئن لڳو ته “پاڻ ڄڻ شاعريءَ سان مسخري پيا ڪيون“  سندس  شاعري جا فني فڪري پاسا نهايت مضبوط آهن سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر هتي ڏيان ٿو خاص طور تي جن مون کي بيحد متاثر ڪيو.

ڪنڌ جيڪي سُتا نه ٻانهُن تي 
بار بُت جي مٿان اجايا آهن. ( ص 20)

تنهنجا مظلوم پيڙهجي ويندا 
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين  (ص 23) 

وار پيشاني تان واريو ڪجھ نه ڪجھ 
کاڄ تان ماکي اُٿاريو ڪجھ نه ڪجھ (ص 24) 

ڇاتيون ملڻ لئه آتيون جنهن دم ملي وڃن ٿيون 
چُڀندڙ اُڀار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور (ص 25) 

هُوءَ سينگارجي گهران نڪتي 
تير نڪتو ڪمان کان ٻاهر ( ص 28) 

روز آ ڌرتي، ٻولي، توڙي پاڻيءَ تي يلغار 
سنڌڙي تنهنجي آئيندي جا الڪا مارن ٿا (ص 30) 

تنهنجي حسين هاٺي جهڙو غزل لکان مان 
تخيل جي حد ختم، جت خيالن جي حد ختم (ص 31) 

ڏيھ جوڙيندڙ وڏو باذوق هو 
لاڙ، ڪاڇو وِچ، اُتر ٿر شاهڪار (ص 35) 

ڪاش! ڪنهن.کي سڃاڻون مرڻ کان اڳي 
لڙڪ معنيٰ ٿا رکن ڪِرڻ کان اڳي (ص 40)  

هن ڪتاب جو ٻيو شاعر آهي خادم جسڪاڻي
خادم جسڪاڻي. جي شاعري به سڀني وصفين سهڻي آهي
جنهن ۾ سُر سارنگ جا آلاپ به آهن ته نمن جي ڇانءُ جهڙو سُرور به آهي سندس شاعريءَ ۾ ڪاڇي جا منظر ائين اکين اڳيان ڦُٽي پون ٿا جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ ڪاڇي يا ٿر ۾ کُنڀُيون ڦُٽي پونديون آهن، سندس شاعري مان ڪجھ منهنجا پسنديده شعر

وار کليل هن رئو ئي ڪونهي 
ڇورِيءَ کي ڪو ڀئو ئي ڪونهي (ص 42) 

مزدورن جو ڏينهن ملهايُئي 
جن کي مُيسر ڍئو ئي ڪونهي (ص ساڳيو) 

بابو چئي ٿو شعر لکين ٿو ڪجھ احساس اٿئي؟ 
گهر جي ڇِت جون ڇيتون ڇيتون گارو ٿي ويو آ (ص 43) 

پنهنجي شوق خاطر ٻِي شادي ڪيُئي 
سمائي جا گهر ۾ نه نياڻي ڏٺئي (ص 44) 

پاڻ ڪاڇي جي ڄانڀي جيان هُون پرين 
ٿوري لفظن ۾ ان لئه هي ڪوڙاڻ آ (ص 45) 

ڳوٺ ۾ خوشبوءِ ويئي ڦهلجي 
هُن وڌو چولو سُڪڻ لئه تار تي (ص 46) 

ظاهر ۾ هُن ڀاڪر پاتو 
ڇا اندر جي مير ڇڏيندو؟ (ص 53) 

مون کي جنت ۾ ڪٿ مزو ايندو 
منهنجي ڪاڇي ۾ جي ڏُڪر هوندو (ص 57) 

هن ڪتاب جو ٽيون شاعر آهي اداس لنڊ 
سڪندر علي لنڊ جي لکڻ جو ڏانءُ به سادو سلوڻو ۽ من موهيندڙ آهي سندس لکڻيون عمر جي لاهن چاڙهن، تجربن ۽ مشاهدن سان ٽمٽار آهن سندس لکڻين ۾ مقناطيسي ڇِڪ آهي جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ قابو ڪري ٿي اداس لنڊ جي شاعري ۾ اداسي جا عڪس جهجهي تعداد ۾ ملن ٿا، سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر. 

مون رات ڏٺو خواب اهو آ ته سنائي! 
هُو سنڌ مان غيرن ۽ غدارن کي تڙي تو (ص 67)  

جو اثر آ قلم اسان جي ۾ 
سو اثر ناھ تنهنجي گوليءَ ۾ (ص 68) 

سال سارو ٻنيءَ ۾ لوڙيو ٿم 
ٻن مهينن جو آيو انَ آهي (ص 71) 

خوف دهشت جاڳي پيو ٿو من منجهان 
بُوءِ رت جي ٿي اچي روڊن منجهان (ص 72) 

پيار دولت جو محتاج ناهي اداس 
ڪنهن ته مُرلي کنئي بادشاهي ٿُڏي (ص73) 

جو وڻي سو ملي ائين ناهي 
سهڻو ماڻهو ته سڀ کي آ وڻندو (ص 76) 

گاج آئي وهي ڀريو منڇر 
ڪالھ خوش ڪيترو مهاڻو هو (ص 78) 

گلن کي چئو ٽڙڻ ڇڏين 
اگر ٽڙندا ته پيا پٽبا (ص 81) 

بُت ڏڪيو آ ڏسي اهو منظر 
هن جي ڇاتِي جڏهن ڇُلي آهي (ص 82) 

هُوءَ چِتائي ڀلا ڏسي ڇو ٿي 
ٿو لڳي ڇوڪري ڀُلي آهي (ص ساڳيو) 

هن ڪتاب جو چوٿون شاعر آهي زين کوسو (مرتب) 
زين کوسي کان سنڌ جو هر باشعور فرد چڱي ريت واقف آهي سندس شاعري سان گڏوگڏ  هن جو نثر به داد لائق آهي هي شاعر دوست محبتون ونڊيندڙ ۽ اعليٰ اوصاف رکندڙ سنڌ جي محبوب شخصيت آهي پاڻ فيسبڪ تي تقريبن گڏيل هوندا آهيون 
سندس شاعري مان ڪجھ شعرن جي چونڊ

وقت ڊُڪي ٿو، هر ڪو آ مشغول 
ڪنهن کي ناهي ڪنهن جو احساس (ص 90) 

منجھ حويلي سوچي سپنا 
ٻاهر پهرا خالي خالي (ص 92) 

روز مارُو ٿا مرن تو ڇا ڪيو 
بند ڪر پنهنجي لٻاڙي ڊاڙ کي ( ص 93) 

ڳاڙهن ڳلڙن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن 
جاڙن جبلن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن (ص 94) 

دل کي ايڏا درد نه ڏي تون 
دل آهي ڪو روھ ته ناهي (ص 99) 

ڪيسين سهندي سُور وڇوڙو 
جان اسان جي لوھ ته ناهي (ص ساڳيو) 

بک ۽ بدحالي منجھ مُئا 
پائي ڳچيءَ ۾ ٽوڙها ماڻهو (ص 101) 

ناري ڪائي پڪڙي ويئي پيار ڪندي 
ماڻهن جي سنگسار ڪرڻ کي ڇا چئجي؟ (ص 103) 

شيشي جهڙو صاف شفاف 
تنهنجو منهنجو پاڪ پيار (ص 104) 

هن ڪتاب جو آخري شاعر گهايل لغاري آهي (مرتب) 
غلام حيدر لغاري سنڌ جو سچيت قلمڪار آهي جنهن جي ادبي سرگرمين متحرڪ پڻي ۽ ادبي خدمتن کان ڪهڙو اڻاسي اڻ واقف هوندو؟
گهايل لغاري جي لکڻين جو پنهنجو منفرد لهجو/اسلوب آهي سندس فن ۽ فڪر تحسين جوڳو آهي پاڻ سهڻو نثر نويس پڻ آهي منهنجون ته ساڻس جيءُ جون جڙون آهن حاضر آهي سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر.

عشق مشتاق سونهن جو آهي 
عاشقن جون ڪٿائون اٿلايو (ص 108) 

احمقن پيار کان ڪري نفرت 
زندگين۾ نٿُور آندو آ (ص 111) 

پنهنجي خوابن جو موت ٿي پيو آ 
اڄ تڏهن سوڳوار ٿي پياسين (ص 113) 

جڏهن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين 
ڏنگيندي رهي هيڪلائي زمانا (ص 114) 

آسون ساڙي رک ڪيائون 
يارن جا ها لهجا ٽانڊا (ص 116) 

وڇوڙي ساھ ساڙيو آ 
جِئين سيءَ گاھ ساڙيو آ (ص 118) 

ملندين ته دوست پاڻ ئي محسوس تون ڪندين 
گهايل جي دل ۾ آهن ارمان ڪيترا (ص 119) 

مان پُڳس آسري صدارت جي 
ها مگر ميزبان مٽجي ويو (ص 125) 

حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين 
وفا جي اوساري ڪندو هل پرين (ص 127) 

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس ڪندي الاهي منظرن جو ڄڻ منهان ميل درشن نصيب ٿيو ڪٿي ڪاڇي جي ڏڪار جو ڏک منهنجي اندر ۾ وڍ وڌا ته ڪٿي وري ڪاڇيلڻ! جي حسن و ادا چنچل پڻي منهنجي جيءَ ۾ ڄڻ ته عجيب لياڪا پئي پاتا بحرحال هن تجزياتي تحرير ۾ مون صرف پڙهندڙ جي حيثيت سان (شاعري جو چس وٺڻ خاطر) هن ڪتاب کي ڪنهن ماء واري نگاھ سان ڏٺو ۽ پرکيو آهي هر انهي ٻاجهاري ماءُ وانگي جنهن کي پنهنجا ٻچا اپاهج هوندي به سون کان وڌيڪ ڀاسندا آهن البته هن ڪتاب ۾ الاهي جاين تي فني ڪوتاهيون درپيش آيون جن کي مون نظر انداز ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن تحرير ۾ تنقيدي پهلُو به شامل ڪجي ها ته هي تحرير طوالت جي تئو ۾ کامي وڃي ها ۽ پڙهندڙ ان مان بوريت جي بُوءِ سُنگهي ڦٽو ڪري ڇڏن ها، پر مون کي اها اميد آهي ته ان تي وقت جو ڪو ڏاهو نقاد ضرو قلم کڻي پنهنجو فرض پورو ڪندو.

وڻ وڻ منجهان واس تي هڪ نظر ثناء لهٻر



گڏيل شاعري جي مجموعو (وڻ وڻ منجهان واس )تي هڪ  نظر ....

   ثناء لهٻر 

                 ...تاريخ جو ورجاءُ ...

سائنس بقول ته هر انسان ڏسي ۽ سمجهي ٿو پر هر  انسان جي ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو طريقو مختلف آھي هڪ عام طور تي ڏسڻ ۽ سمجهڻ ھوندو آھي ته وري ٻيو ڏيک ڏيندڙ ڪردار  ۾ پاڻ کي فيل ڪري ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو طريقو هوندو آھي جنهن هن دنيا ۾ الائجي ته ڪيترا آرٽسٽ ,شاعر, ليکڪ پيدا ڪيا آھن ! ڇاڪاڻ جو اهي انسان جيڪي هر مظلوم ڪردار توڙي اعلي ڪردار ۾  پاڻ کي  محسوس ڪندا آهن سوئي قلم کڻڻ تي مجبور بڻجندا آهن  ڇو جو اهڙن انسانن کان ,ڪنهن خوشحال ديس جي ابهم نينگر جو پنڻ وارو ڪردار, ڪنهن عورت جو  معصوم ٻچڙن خاطر جسم وڪڻڻ وارو ڌنڌو ,ڪنهن قوم پرست شخص جي  چچريل لاش کي پسڻ وارو الميو هضم ٿي نه سگهندو آهي ,اهڙي طرح اهڙا شخص قلم کڻڻ تي مجبور بڻجندا آهن ۽ پنهنجي من جي دٻيل آوازن کي لکڻي ذريعي دنيا سامهون پيش ڪندا رهندا آهن ,ڪڏھن مجنو جي ڪردار ۾ ليلي جا عاشق ٿي ڀٽڪندا آهن ته ڪڏھن گداگر عورت جو روپ ڌاري در در رلندا آهن ته ڪڏھن شاھ جي بيتن جا پوئلڳ بڻجي مرليون وڄائيندا آھن مطلب ته هر اها شيء جنهن کي باهمي محسوس ڪندا آهن ان کي سفيد ڪاغذن مٿان چٽيندا رهندا آهن !پر سائنس جي برعڪس اهڙن شخصن لاء  مذھبي تصور اهو ٿو ڏنو وڃي ته هنن وٽ خدائي ڏات آ تڏھن ته  لکن ٿا جي اگر انهن وٽ الحامي (ڏات)شيء نه هجي  ها ته لکي نه سگهن ها پر ان ڳالھ کي آءُ بنھ به تسليم نٿو ڪريان !اهو نظريو انساني خيالاتن جي محنت کي ڏات جي مهر لڳائي رائگان ٿو بڻائي ۽ انهن جي تخيلي ڪاوشن کي جهٽ ۾ ٿو ٺڪرائي ڇڏي ! ڇو جو مان هڪ ننڍڙو قلمڪار هئڻ ناتي انهن جي ذھني تڙپ کي سمجهي سگهان ٿو ته ڪيئن راتين جو راتيون جاڳي  لکن ٿا ۽ انهن لکڻين جي ڪردارن ۾ در در ڀٽڪي اذيتون ڪيئن سهن ٿا ! تخليقون ايجاد ڪندڙ انسان ساگر جي ڪپ تي هوندي به آب چڪي لاء تڙپندا آھن ,۽ پل پل وطن توڙي سانگيئڙن جي دردن ۾ لڇندا آھن جنن جي صف ۾ جوهي جا به دوست  پڻ شامل آھن جيڪي وشال ننڊون ڦٽائي ديس جي دردن کان ويندي هر محڪوميت واري ڪردار ۾ تڙپيا آھن ۽ پنهنجي ذھني محنت جي نچوڙ منجهان اسان ۽ اوهان اڳيان هڪ معني خيز گڏيل شاعري جو نئون مجموعو وڻ وڻ منجهان واس وجود ۾ آندو اٿن ..
جنهن ۾ محبوبيت کان ويندي وطن تائين جو درد ڪنهن ناچڻي جيان رقص ڪندي نظر اچي ٿو! وڻ وڻ منجهان واس گڏيل شاعري جي  مجموعي جا مرتب محترم گهايل لغاري ۽ زين کوسو صاحب آھن جنن جوهي واري ادبي گلشن جي وکريل گلابن جي خوشبوئن کي سميٽي ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس ۾ محفوظ بڻايو آ جنهن تي زين کوسو صاحب ۽ محترم گهايل لغاري صاحب جس پڻ لهڻا ڇاڪاڻ جو اڄ جي دور ۾ ادبي گلشن جي وکريل گلابن واري خوشبو کي سميٽڻ ناممڪن آ جنهن کي زين کوسو ۽ گهايل لغاري صاحب ممڪن بڻائي ادبي گلشن کي سنوارڻ جو فرض ادا ڪيو آ ! وڻ وڻ منجهان واس مجموعي جو  پهريون نمبر شاعر مير محرم لغاري آھي جيڪو  تمام بهترين خيالاتن جو مالڪ پڻ  آ جنهن جي شاعري ۾ ڪماليت کان ويندي جديدت جو هنر سمايل نظري اچي ٿو ۽ لفظن کي جملن ۾ سهڻي طريقي سان پيش ڪرڻ جو ڏانء به ڄاڻي ٿو  پنهنجي هڪ غزل ۾ لکي ٿو ته 
                                                                                       
                 غم جي خمار ۾ آ ڪيڏو مٺو سرور    
                دکندڙ   آزار ۾ آ  ڪيڏو  مٺو  سرور  

دکندڙ آزار ۾ مٺو سرور محسوس ڪرڻ منهنجي نظر ۾  هر  انسان جي وس ۾ ناهي !ڪو ڪو محرم جھڙو انسان هوندو جيڪو دکندڙ درد ۾ سرور محسوس ڪندو هوندو باقي هر  انسان آزار کي آزار جي نگاهن سان ئي ڏسندو آ ۽ ٻي غزل جي هڪڙي بند ۾ محرم سائنسي اصول جي پوئلڳي ڪندي وراڻي ٿو ته 

         شاعري شوق ناهي پوري  ڪجي 
         ذھن  جي آ ولوڙ     ھي   ڪوتا

بلڪل انساني ذهن جي ولوڙ جو ئي نتيجو هوندو آ جنهن مجهان ڪوتا جنم وٺندي آ باقي ڏات نالي الحامي شيء آھي ڪون جنهن کي ڪوتا جو نالو ڏئي انسان جي خيالي ولوڙ کي رائگان ڪجي ! محرم  مٿي ٻن سٽن ۾ تمام سادي مفهوم سان سائنسي اصولن جي ادائگي ڪئي آ جنهن مان اهو ثابت ٿئي پيو ته مرحم نه رڳو هڪ سٺو شاعر آ بلڪي هو اڄ جي دور سان ٺھڪندڙ سائنسي اصولن جو پوئلڳ به پڻ آ..

          اسان ڪيئن مڃون سو مهذب پڻو 
         جڏھن تنهنجي هٿ ۾ خنجر ئي ته آ 

هن بند ۾ شاعر  ظالم شخص سان مخاطب ٿيندي چوي پيو ته اسين توکي عيبن کان پاڪ,خوش اخلاق وارو ڪيئن مڃيون جڏھن ته تنهنجي هٿ ۾ ظالم پڻي جي نشاندهي ڪندڙ خنجر پسڻ وٽان ملي ٿو بلڪل انسان جي سڃاڻپ ان جي روين منجهان ئي ٿيندي آ ۽ ان جي چال چلتن ۽ عادتن مان هن جو ڪردار پسي سگهجي ٿو اهڙي طرح محرم مٿيون سٽون لکڻ تي مجبور بڻيو ...۽ هن ڪتاب جو ٻيو نمبر شاعر خادم حسين جسڪاڻي آھي جنهن جي شاعري پڙھڻ بعد دلي داد ڏيڻ کان پاڻ روڪي نه سگهيم ۽ سوچڻ تي مجبور بڻيم ته آخر ڇاڪاڻ! سنڌ جا اهڙا بهترين شاعر دنيائي کاڻ ۾ دٻيا پيا آھن  جنن جي شاعري ۾ فنونيت ,بهترين ڪارگري ۽ سٺ پڻي جو هنر سمايل آ ,ڇو جو اهڙيون سڀئي خوبيون خادم حسين جي شاعري منجھ مونکي نظر آيون ۽ خادم جي شاعري پڙھڻ بعد منهنجي بي چين روح کي عجيب سڳنڌ محسوس ٿي ! گهڙي کن لاء اهو وساري ويٺم ته مان ڪو هن دنيا ۾ آھيان اها شاعر جي شاعري جي مقبوليت واري آخري حد چئبي جو پڙھندڙ ان جي شاعري ۾ اهڙي طرح غرق ٿي ٿا وڃن جو هنن کي دنيا جي ئي خبر نٿي رهي !جنهن جو اندازو خادم جي هن بند منجهان لڳائي سگهجي ٿو ! 

            مان ته گمنام   ڪائي قبر هان پرين
            مون تي گلڙا ڪو هاري ضروري نه آ  

ڪنهن گمنام قبر تي گلڙا نڇاور ڪرڻ ضروري نه هوندو آ ڇاڪاڻ جو گمنام قبر ان لاوارث شخص مثل هوندي آ جنهن جو هن دنيا ۾ ڪوئي ڌڻي نه هوندو آ ۽ اهو لاوارث شخص ماڻھن جي ميڙاڪن منجھ هوند به اڪيلو اڪيلو جيون بسر ڪندو رهندو آ ! ان جي هيڪلائي کي اچي ڪو شخص ڪنهن فٽ بال جيان ڪڪ لڳائي دور ڪري اهو ان لاء  ضروري نه آ ڇاڪاڻ جو اهو شخص احساس ڪمتري جهڙي وبا جي ورچڙهي ويندو آ جنهن جي ڪيفيت خادم حسين بهترين نموني بيان ڪئي آ !

        ظاهري تنهنجو پرين مونسان ملڻ 
        زلزلا   ذھنن    اندر   برپا    ڪندو 

هي هڪ سالم دماغ عشقيا جي منزل آ جتي عاشق پهچي اهو سڀ ڄاڻندو آ ته پرين جي ملڻ سان آسپاس جي ماحول ۾ ڪهڙا ڇنڊا پون ٿا ۽ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو ! جنهن تي خادم حسين  پهچندي ماڻھن جي ذھنن ۾ برپا ٿيندڙ زلزلا ڄاڻي ٿو ۽ انهن زلزلن کان پرين کي باخبر رکڻ لاء ڪجھ اهڙو لکڻ تي مجبور بڻجي ٿو ! 

  
      تنقيد    کوکلي  ۽   واڪا   وڏا   ڪرين 
      ڪهڙو مزو اچئي ٿو ڪنهن جي ٺٺول ۾ 

خادم حسين جسڪاڻي اڄ جي موجوده هلڪڙن نقادن کي هن بند ۾ چماٽ وهائي ڪڍي آ جي اگر اکر وارا هوندا ته خادم حسين جي هن ٻين بند مان سمجهي ويندا ۽ ڪنهن تي کوکلي ٺٺول ڪرڻ کان پاسو ڪندا ..! هن ڪتاب جو ٽيون نمبر شاعر سڪندر علي لنڊ آھي جنهن جي شاعري ۾ سنڌ جي دردن جا اولڙا پسڻ وٽان ملن ٿا , ۽ تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته جيڪي شخص پنهنجي ديس جي دردن جي نشاندهي ڪندا آهن اهوئي شخص امرتا ماڻيندا آھن بلڪل اهڙي ئي امرتا سڪندر لنڊ جي به لکڻين ۾  براجمان نظر اچي ٿي ,جيڪا سڪندر علي لنڊ کي هڪ الڳ مقام ۽ سڃاڻپ پڻ ڏياريندي ڇاڪاڻ جو سڪندر پنهنجي ڏانءُ جي آڌار تي ڌرتي جي دردن جي وڪالت ڪئي آ جنهن جو اندازو اوهين خود هن شعر منجهان لڳائي سگهو ٿا

           سنڌ خاطر جنگ جي ڪئي سون شروع
           گونجندا    نعرا  اسانجا    سن   منجهان

 سنڌ جي آزادي واري هٻڪار جو آغاز  سن جي سيد گهراڻي منجهان  ٿيو جنهن کي نروار ڪندي سڪندر لنڊ شايد هي شعر جوڙڻ تي اتاولو بڻيو ! انهيءُ غزل جو هڪ ٻي بند ۾ سنڌ جو الڪو ڪندي شاعر چوي ٿو ته 

             شال  مهڪي  سنڌ جو هر  هڪ چمن
            گل ڇڻي مرجهي نه ڪو گلشن منجهان

بيشڪ سچو ديس دوار اهو ڪڏھن به نه چاهيندو ته منهنجي وطن جي گلشن منجهان ڪو گل مرجهائجي ڇڻي وڃي ! ڇاڪاڻ جو هو مالهي جيان پنهنجي وطني گلشن جي حفاظت ڪرڻ چاهيندو آ اوهين پاڻ ئي ٻڌايو ته ڪو مالهي ڪڏھن اهو چاهيندو ته منهنجي گلشن منجهان گلڙا مرجهائجي سڳنڌيون وڃائي ويهن ,ڪڏھن به نه!  اهو انڪري ته  هو پنهنجي جان کان وڌ گلشن جي گلڙن کي چاهيندو آ ! سڪندر نه رڳو سنڌ جي وڪالت ڪئي آ پر  دوشيزائن جي به خوبصورت منظرن کي پنهنجي شاعري جو محور پڻ بڻايو اٿس جنهن جو ثبوت طور هيٺيون هڪ بند پيش ڪريان ٿو ..
   
              بت  ڏڪيو  آ ڏسي اهو  منظر 
              هن جي ڇاتي جڏھن ڇلي آھي 

شاعر سڪندر  هتي ڪماليات سان ٽمٽار جوڀن ڀري منظر جي عڪاسي ڪئي آ جنهن جو تصور ذھن ۾ آڻيندي الائي ته ڪهڙي دنيا ۾ ٿو پهچي وڃان ۽ اهو سوچڻ تي ٿو مجبور ٿيان ته ڪاش ڇلڪندڙ ڇاتي کي ڇهڻ جي تمنا پوري ٿي سگهي .هن ڪتاب جو ڇوٿون نمبر شاعر زين کوسو صاحب آھي جيڪو شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين نثرنويس به پڻ آ منهنجي نظر ۾ اهڙا ماڻھون آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا جيڪي شاعري کان ويندي نثر جو فن به ڄاڻڻ ٿا پر رڳو ڄاڻڻ نه پر انهي فن کي سٺي نموني سان نڀائڻ جو به هنر رکن ٿا ڇو جو مون زين کوسو جون ڪافي نثري تحريرون پڙھيون آھن جنهن ۾ بهترين منظر ڪشي, سٺي ڊائلاگ بازي, ۽ عالميت جهڙو ڏاءُ نظر ايندو آ  زين نه رڳو نثري صنف کي سٺي طرح نڀائڻ ڄاڻي ٿو پر شاعري کي به هڪ بهترين شاعر جيان ڪاغذن تي چٽڻ جو هنر رکي ٿو ! جنهن جو اندازو هن بند منجهان لڳائي سگهجي ٿو ..

                ڪيڏا طبقا ٿي ويا ماڻھن ۾ 
                ڪو  آ عام  ته ڪو  آ خاص 

هتي زين کوسو دنيائي چال چلتن جو پردو فاش ڪندي چوي ٿو ته ماڻھون ته سڀئي هڪ ئي مٽي منجهان جنميندڙ آھن پر تنهن هوند به ڪو عام آ ته ڪو خاص ,جنهن جو اشارو سرمائيداري نظام طرف وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو عام ۽ خاص ريتن جو بنياد اوائلي دور ۾ سرمائيداري نظام وڌو جيڪو اڳتي هلي دنيا ۾ وبا جيان پکڙجي ويو ۽ اڄڪلھ عروج تي آهي انهيء غزل جي ٻئي بند ۾ چوي ٿو ته 

           وقت ڊڪي  ٿو هر ڪو آ  مشغول 
          ڪنهن کي ناهي ڪنهن جو احساس

زين جون هي سٽون اڄوڪي دور سان ٺھڪندڙ حقيقتن جي عڪاسي آھن ڇوجو اڄ ڪلھ وقت جي ڊوڙ ۾ انسان هڪٻئي کان گوء کٽڻ جي لالچ ۾  اڳڀرو آ ۽ اهو احساس به وڃائي چڪو آ ته هن معاشري ۾ اسانجي پٺيان ڪو جڏو شخص به آھي جنهن کي منزل جي تڪميل تائين پهچائڻ جو اسانتي اولين فرض آ ! هي هڪ سٺي شاعر جي خوبي چئبي جو هو معاشري جي هر هڪ ڪوتاهي کي پنهنجي شاعري جي جيل خاني ۾ ڏوهاري طور قيد ڪندو رهندو آ جيڪا خوبي زين کوسو ۾ به موجود آ ڇاڪاڻ جو زين کوسو جي شاعري جو محور ئي معاشري سان لاڳاپيل خيالات آھن 

           اسانجو  خير  آھي  جي مئاسين 
          هجين سهڻا سدائين تون سلامت

زين کوسو کي نه رڳو پنهنجي ديس جو الڪو آ پر  سهڻن جي سلامتي جو به الڪو سرس اٿس جنهن جي خمار ۾ پنهنجو به خير نه ٿو گهري ۽ پاڻ کي جهٽ ۾ مرڻ واري منزل تائين پهچائڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري ! وڻ وڻ منجهان واس مجموعي جي آخري سڳنڌ گهايل غلام حيدر لغاري آھي جيڪو نالي جو نه رڳو سندن زندگي جو به گهايل پڻ آ ڇاڪاڻ جو گهايل منهنجو پيارو ۽ ويجهو ساٿي آھي جنهن جي زندگي ۾ دردن جي ڪرڻڻ کي تمام ويجهي کان محسوس ڪيو اٿم ايترو ئي نه گهايل هڪ بهادر ۽ همياليا جيڏو پختو جگر رکندڙ شخص آھي جنهن دردن کي مڙس ماڻھون جيان بيهي منهن پئي ڏنو آ ۽ ڏيندو پيو اچي اهو انڪري پيو چوان ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻين ڌرن ۾ تقسيم ٿيڻ بعد مخالف ڌر جيڪا خامخواھ تنقيد سائين گهايل جي شخصيت تي ڪئي ايتري شايد منافقن ۽ سنڌ دشمنن جنن ساس کي ٽوڙڻ ۾ دير ئي نه ڪئي انهن تي به نه ٿي هجي ! پر خير اها هڪ بيسود ريت آ جيڪا اڳتي هلي ازخود شرمسار ٿيندي ,۽ پنهنجي غلطين جو ضميري عدالت ۾ ازالو پڻ ڪندي ! گهايل ۾  سٺي شاعر  جي خوبي سان گڏ نقادي ڏانءُ به ساراھ جوڳو آ جنهن ڪافي اناري شاعرن کي ادبي گس طرف روان ڪيو آ ,محترم دوست گهايل لغاري پنهنجي هڪ غزل ۾ لکي ٿو ته .

             سونهن ڪيڏو سرور آندو آ 
            عشق  مون  ۾ شعور آندو آ 

هي جدت سان ٽمٽار ۽ نئون رخ ڏيکاريندڙ خيال آھن 
ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ هر شاعر سونهن ۽ عشق کي پنهنجي شاعري ۾  تباهي جو ڪارڻ پئي پيش ڪندا آيا آھن پر گهايل انهن جي بر عڪس سونهن کي سرور ۽ عشق کي شعور سان ڀيٽا ڏني اٿس جنهن منجهان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گهايل ٻين شاعرن کان مڙوئي مختلف سوچ رکندڙ شاعر آھي

          تاب تنهنجو نه ڪٿ وجهي ساڙي 
          ائين نه جلون جو سيڪ ڏي پيارا

اگر ڪو سونهن پرست حسن کي انهي نگاهن سان پسي ته گهايل جيان هي سڀ چوڻ تي مجبور بڻجي پوندو ,ڇاڪاڻ جو جلون جو تاب حسن پرست شخص کي ڪنهن شڪاري جي نڪتل ڪماڻ منجهان تير جيان لڳندا آھن 

          جڏھن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين 
          ڏنگيندي   رهي   هيڪلائي    زمانا 

هي هڪ مڃيل حيقت آ جنهن کي گهايل تمام سادڙن لفظ ۾ پيش ڪئي آ اڄ جي جدالي دور ۾ سچ چوڻ ڪنهن مهاپاپ کان ڪتمر ڪين آهي ۽  بقول گهايل جي ته جيڪو شخص دوستن کي سريعام سچ چئي ٿو اهو ئي هن زماني ۾ انبوھ هوند به هيڪلائي ڀريو جيون گهارڻ تي مجبور بڻجي ٿو ! سنڌي ادب ۾ وقت به وقت ڪافي سارا ڪتاب پبليشر ٿيندا رهيا آھن ۽ ٿيندا رهن ٿا پر جوهي جي دوستن جو هي وڻ وڻ منجهان واس ڪتابي روپ وارو سنڌي ادب کي ارپيل تحفو معياري ۽ معني خيز آ جيڪو اڳتي هلي تاريخ ۾ هڪ نمايا صنف اختيار ڪندو !ڇو جو تاريخ ورجاءُ ڪندي آ ۽ ان ورجاءُ ۾ ڪنهن جي به محنت  رائگان ناهي ٿيندي .!وڻ وڻ منجهان واس ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي بهترين نقاد علي دوست عاجز لکيو آ جنهن جي مطالعي ڪرڻ سان اهو معلوم ٿيم ته واقعي عاجز بهترين نقاد جي خوبي رکي ٿو ۽ بيڪ ٽائٽل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي سونهري اکرن سان چٽيل آ ڪتاب پبليشر ڪندڙ ادارو سمنبارا پبليشر نالي سان مشھور آ جنهن جو پنهنجي طرفان هڪ سٺي نموني سان نوٽ به لڳل آھي جنهن جي پڙھڻ بعد ائين محسوس ٿيم ڄڻ خيالن جي گلشن ۾ نوان تخيلن جا گونچ نسرڻ لڳا هجيم ....