Friday, May 7, 2021

ابوعلي ابن سينا جنهن جي تنقيد کان بچڻ لاءِ عالم پنهنجا ڪتاب لڪائي ڇڏيندا هئا! ادريس لغاري، روزاني ڪاوش 6 اپريل 2021ع


ابوعلي ابن سينا جنهن جي تنقيد کان بچڻ لاءِ  عالم پنهنجا ڪتاب  لڪائي ڇڏيندا هئا!

ادريس لغاري، روزاني ڪاوش 6 اپريل 2021ع


ابو علي ابن سينا مسلم دنيا جو مشهور طبيب، جڳ مشهور سائنسدان، فلسفي، ڪيمسٽري، جيولاجي، نفسيات، الهيات، شاعري، رياضي ۽ فلڪيات جو ماهر هو. يورپ ۾ ابن سينا کي ايواروس سڏيو ويندو آهي. ابن سينا جي ملاقات پنهنجي دور جي عظيم فلسفين، اسڪالرن ۽ عالمن سان ٿي، جنهن ۾  البيروني کان ويندي العراقي ۽ ابولخير جهڙا عالم شامل هئا، جن سان سندس علمي ۽ فلسفياڻيه بحث ۽ ڪچهريون ٿيون. تاريخ جو الميو ته ڏسو ته ايڏي وڏي ماڻهو کي دنيا جو پهريون مفرور ۽ اشتهاري ڏوهاري پڻ قرار ڏنو ويو. 

بو علي سينا اڄ جي ازبڪستان جي شهر بخارا ۾ 980ع ۾ پيدا ٿيو ۽ پوءِ اڳتي هلي ايران جي شهر اصفحان ۾ رهي پيو ۽ 1037ع ۾ وفات ڪري ويو. 

پنجن سالن جي عمر ۾ هن کي بخارا جي هڪ مدرسي ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ڇڏيو ويو. ابن سينا فارس جو رهواسي هو پر هن عربي ۾ ٻه اهم ڪتاب لکيا. ابن سينا الفارابي جو وڏو احترام ڪندو۽ هن کي پنهنجو ٻيو استاد سڏيندو هو ۽ ارسطو کي پنهنجو پهريون استاد سڏيندو هو. بو علي سينا پاڻ لکيو آهي ته مون ارسطو جي مابعدالطبعيات کي سمجهڻ لاءِ چاليهه دفعا پڙهيو، پر سمجهه ۾ تڏهن آئي جڏهن ان تي فارابي جو مقالو پڙهيو. ياد رهي ته الفارابي بو علي سينا جي پيدائش ٿيڻ کان ٽيهه سال پهرين گذاري ويو هو. 

بو علي سينا جي باري ۾ اسان وٽ تمام گهڻي معلومات موجود آهي، جنهن جو وڏو سبب هي آهي ته هن پاڻ 1012ع ۾ پنهنجي زندگي جو احوال قلمبند ڪيو هو ۽ سندس هڪڙي ٻي شاگرد به بو علي سينا جي زندگي جو احوال وڏي تفصيل سان لکيو آهي. پنهنجي سوانح عمري ۾ ابن سينا لکي ٿو ته هو ڪنهن استاد کانسواءِ فلسفي کي سمجهي ويو يعني بغداد ۾ جيڪو سکڻ ۽ سکائڻ وارو ماحول هو هي ان کان آزاد هو، پوءِ اڳتي 18 سالن جي عمر ۾ هن ان شعبي ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس علمي غيرجانبداري جي ايتري تعريف ڪئي ويندو آهي جو چوندا آهن ته اها سندس علمي غيرجانبداري ئي جنهن هن کي عظيم شخصيتن جي فلسفي کي آزادي ۽ وڏي تحقيق سان صحيح جائزو وٺڻ جي قابل بڻايو.

جڏهن هو سترهن سالن جو ٿيو ته ان وقت بخارا جو حاڪم سخت بيمار ٿي پيو، درٻار جا حڪيم سندس مرض جي تشخيص نه ڪري سگهيا ته ان وقت بو علي سينا ان حاڪم جو علاج ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، موٽ ۾ وقت جي ان حاڪم بو علي سينا کي تمام گهڻو نوازيو ۽ پنهنجي لائبريري به بو علي سينا جي حوالي ڪري ڇڏي. چيو وڃي ٿو ته ابن سينا ڪجهه وقت ۾ ئي لائبريري ۾ موجود سڀ ڪتاب پڙهي ورتا ۽ بخارا جو حاڪم سندس اٿاهه علم ۽ اعليٰ صلاحيتن کان تمام گهڻو متاثر هو، پر درٻار ۾ ابن سينا جا جيڪي مخالف هئا، اهي سدائين هن کان خوفزده رهندا هئا، تن لائبريري کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ سازش ڪري ان جو الزام بو علي سينا تي لڳايو ۽ ڪيس پيش ڪيائون ته، ڇاڪاڻ بو علي سينا لائبريري جا سڀ ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئا ۽ هُن نٿي چاهيو ته اهي ڪتاب ڪي ٻيا ماڻهو پڙهن تنهنڪري ان کي پاڻ ئي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. اهڙي سازش جي باوجود به بخارا جي حاڪم هن کي پنهنجي عهدي تي برقرار رکيو، پر اهڙي واقعي کانپوءِ ابن سينا سمجهي ويو ته اهي سازشي ماڻهو هاڻي سازشن پويان ٻيو سازشون ڪندا، تنهنڪري هو ڪجهه وقت کانپوءِ خاموشي سان لڪي اتان هليو ويو. 

پوءِ خوارزم ۾ ايو، جتي جو حاڪم به علم دوست هو ۽ هن کي اتي هر مهيني وظيفو ملڻ لڳو، جنهن کانپوءِ هو علمي تحقيق ۽ تجربا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. اتي ئي  ابن سينا جي ملاقات پنهنجي وقت جي هڪ وڏي اسڪالر البيروني سان ٿي. خوارزم تي ڪجهه وقت کانپوءِ محمود غزنوي حملو ڪري ان فتح ڪري ڇڏيو، لائبريرين ۾ موجود ڪتاب پاڻ سان گڏ کڻي ويو ۽ ان سان گڏ حڪم جاري ڪيو ته خوارزم درٻار جا سڀ عالم، طبيب ۽ ٻيا پڙهيا لکيا ماڻهو سندس درٻار ۾ اچي حاضر ٿين. البيروني جهڙا عظيم ماڻهو به اهڙو حڪم اکين تي رکي غزنوي جي درٻار ۾ حاضر ٿيا، پر بو علي سينا اهڙي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو. جڏهن محمود غزنوي کي اها خبر پئي ته هن مخلتف شهرن ۾ هڪ شاهي پيغام موڪليو ته جيڪو به بو علي سينا جي باري ۾ ٻڌائيندو ته ان کي تمام گهڻا انعام اڪرام ڏنا ويندا. ان کانپوءِ ڪيترن سالن تائين بو علي سينا ڪنهن به جڳهه تي وڏي عرصي تائين نه  رهندو هو، ڪجهه وقت لاءِ هڪ علائقي ۾ رهندو هو ته وري ٿوري وقت کانپوءِ اتان لڏي وري ٻي شهر ڏانهن هليو ويندو هو. آخر ۾ حمدان جي حڪمران بو علي سينا کي نه صرف پاڻ وٽ مستقل پناهه ڏني، پر پنهنجي درٻار ۾ هڪڙي وزارت به ڏني. پر اتي به ڪجهه وقت کانپوءِ فوجي عمدارن سان هڪڙو بحث ٿيو، جنهن تي فوجي عملدارسخت ڪاوڙجي پيا ۽ انهن بو علي سينا تي بدعت ۽ لاشن کي قبرن مان ڪڍي آپريشن ڪرڻ جهڙا الزام هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هو ڪنهن نه ڪنهن طرح لڪي نڪري ڪنهن ٻي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 

بو علي سينا ارسطو کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ وڏي وثوق سان چيو ويندو آهي ته 12هين صدي جي وچ تائين پوري يورپ ۾ ارسطو جي ميٽافزڪس کي سمجهڻ جي لاءِ ابن سينا جي ميٽافزڪس ئي واحد رستو هئي يعني ان دور ۾ ارسطو کي سمجهڻ جي لاءِ ابن سينا ئي اڪيلو ذريعو هو. ابن سينا جي هڪ تحرير ۾ خدا ۽ بندي جي وچ ۾ جيڪو مفاصلو آهي تنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ٿيل آهي، اڳتي هلي اها ساڳي تحرير وري اطالوي فلسفي سينٽ ٿامس اڪوائنس جي مذهبي فلسفي جو حصو ٿي. 

ابن سينا هڪڙي اهڙي علائقي مان بغداد آيو هو، جتي فلسفي جي ڪا تسليم شده روايت موجود نه هئي ۽ هاڻي بغداد ۾ اهڙي هنڌ موجود هو جتي جا پڙهيا لکيا ماڻهو بغداد جي بهترين استادن کي تعليم حاصل ڪيو ويٺا هئا. ابن سينا جيئن جيئن اوڀر طرف سفر ڪندو ويو، تيئن تيئن هن کي بغداد جا پڙهيا لکيا ماڻهو ملندا ويا ۽ هي انهن جي مقابلي ۾ پاڻ کي گهٽ سمجهندو ويو ۽ اڳتي هلي لکيائين ته هن کي ڪو حق ناهي ته هو بغداد جي تعليم يا فته ماڻهن جي ڪنهن فلسفياڻيه تحقيق کي رد ڪري. پر پوءِ اڳتي هلي هن پنهنجي بي پناهه محنت سان فلسفي جي شعبي ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو ۽ گهڻي وقت کانپوءِ بغداد جا اهي فلسفي ابن سينا جي علمي ۽ فلسفياڻيه قد ڪاٺ کان ايترو خوفزده ٿي ويا جو اهي پنهنجا ڪتاب لڪائي ڇڏيندا هئا ته ڪٿي اهو بو علي سينا جي ور نه چڙهي وڃي ۽ هُو تنقيد ڪري ويهي ورهي. هڪ دفعي بغداد جي هڪڙي مشهور فلسفي جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو ۽ هن کي ڪٿان خبر پئجي وئي ته بو علي سينا اهو ڪتاب وٺي پڙهڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ ان تي ڪجهه لکڻ چاهي ٿو، اهو فلسفي ابن سينا جي تنقيد کان ايترو ته خوفزده هو جو اهو ڪتاب مارڪيٽ مان کڻائي ڇڏيائين ته جيئن ابن سينا کي ان جي هڪ ڪاپي به نه ملي سگهي. 

ابن سينا تمام گهڻا ڪتاب لکيا پر انهن کي سنڀالي نه سگهيو، جنهن جي ڪري انهن مان ڪيترا گم ٿي ويا ۽ 1020ع ۾ هن کي احساس ٿيو ته هن ايستائين جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ ڪنهن هڪ ڪتاب جي به هن وٽ ڪا ڪاپي نه بچي، انهن مان هڪڙو ڪتاب ارسطو تي تحقيق جو هو، شاگردن بو سينا کي چيو ته توهان وري هن تي نئين سر لکو، پر بو سينا انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته هو ان وقت پنهنجي  فلسفياڻيه خيالن تي هڪ ڪتاب لکڻ ۾ مصروف هو. ابن سينا جو ڪمال ته ڏسو، جو هن جي وفات کانپوءِ مسلمان علائقن ۾ ارسطو جو صرف حوالن جي خيال کان نالو ورتو ويندو هو نه ڪي سندس خيال يا فلسفي جي لحاظ کان، جيڪو بو سينا جي علمي ۽ فلسفياڻيه قد ڪاٺ جي ڪري پس منظر ۾ هليو ويو هو ۽ هاڻي عربي ۾ فلسفي ۽ مذهبي ادب جي حوالي سان صرف بو علي سينا جو نالو هلي رهيو هو، جيڪو هاڻي هڪ اهڙِ جڳهه تي پهچي چڪو هو جتي ماڻهو هن سان متفق هوندا هئا يا هن سان اختلاف رکي ڪري ان ڳالهه ۾ واڌارو ڪندا هئا. 

طب جي شعبي ۾ به ابن سينا جو ڪم بي مثال هو،  1025ع ۾ ميڊيڪل جي دنيا جي حوالي سان هن هڪ ڪتاب،” اي ميڊيڪل انسائڪلوپيڊيا“ لکيو ۽ ساڳئي سال ۾ ”دي قانون آف ميڊيسن“ به لکيو. سندس اهي ٻئي ڪتاب 14 صدي کان وٺي 1715ع تائين يورپ جي ميڊيڪل جي ڪاليجن ۾پڙهايا ويندا هئا. 

بو علي سينا روح جي تصور بابت به لکيو. ارسطو چوندو هو ته انسان جو روح ان جي مرڻ سان گڏ ختم ٿي وڃي ٿو، يعني ارسطو جي نظر ۾ روح به هڪ فاني شيءِ هو. پر ابن سينا هن سان اختلاف ڪري، ان کي رد ڪري ٿو ۽ ابن سينا روح جي لاءِ نفس جو لفظ استعمال ڪري ٿو، جنهن کي وڌيڪ واضع ڪندي ابن سينا ٻڌائي ٿو ته اها نفس ڪنهن انسان جي خاص شخصيت آهي ۽ اها ئي ان جي سڃاڻپ آهي، جيڪا هن جي مادي وجود کان بلڪل به الڳ هڪ آزاد شيءِ آهي. روح ابن سينا جي نظر ۾ ڪا مادي واري شيءِ نه آهي، پر هڪ تصوراتي حقيقت آهي، جيڪا ڄمندي وقت انسان جي جسم ۾ شامل هوندي آهي. ابن سينا ڪوشش ڪئي ته يوناني فلسفي جو جيڪو طريقو ۽ منطق آهي ان کي استعمال ڪندي، هو خدا جي  سچائي ۽ الهامي ڪتابن جي حقيقت کي واضع ڪري.

بو علي سينا حافظ قران هو، پر هن تي ڪيترا اهڙا الزام لڳا، جن ۾ هن جي عقيدي ۽ ايمان تي شڪ ڪيو ويو، وقت جي هڪ وڏي عالم امام غزالي تي فارابي ۽ بو علي سينا لاءِ واضع لکيو ته،” ارسطو جي فلسفي ۽ ان کي مشهور ڪرڻ تي اسان کي ٻن فلسفين ابن سينا ۽ فارابي ۽ سندس شاگردن کي منڪر قرار ڏنو وڃي.“  ابن سينا جي عقيدي تي ايترو شڪ ڪيو ويو، جو هن پاڻ چئي ڏنو ته،” زماني ۾  مون جهڙو مضبوط ايمان وارو هڪڙو،

سو به جي ٿيو ڪافر، ته چئبو ته،

دُنِيا ۾ هڪڙو به مسلمان ڪونهي.“


http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2021/Apr/06-04-2021/Page5/P5-2.jpg


idreeslaghari84@gmail.com