Sunday, July 26, 2020

ڪافي ستاويهين ء رمضان ,هٿ کڻان ٿو تو در, گنهگار بدڪار هان, بخش مدايون ۽ مر, ممتاز مصطفي دوست



ڪافي 

ستاويهين ء رمضان ,هٿ کڻان ٿو  تو در,
گنهگار  بدڪار هان, بخش مدايون ۽ مر,
صغير ڪبير گناه سان, ڀريل جهولي گر,
شعور جڏھن کان آيو,ڄاڻي نه ڪيو قهر,
نه ڪنهنکي ايذايو, ها مڃي ٿو بشر,
فرشتو  مان به ناهيان, جو نه هجي درد ثمر,
غفلت انس کان ٿيندي,آدم هوا تخم زر,
خواهشون دل ذهن ۾,شيطان آ هر  هر,
پيٽ ۽ ٻچن قوت لئي, مليون ٺوڪر در در,
 پر تنهنجي تخليق هان,آياسين تو امر,
سجدو توکي ٿو ڪريان,توکان طلب گهر,
ٺڪر ڀور مٽي جو هان, ويندس خاڪ  ڀر ڀر,
نه حورن نه گلمان کان,جهڪان پيشاني ڀر,
ڪارڻ محمد ڪارڻي,رک  رحم جي ته نظر,
توکي نه پرواه آ ,بي پرواه پرور,
رات خلقي نجات جي,ڳاڙيان ڳوڙھا ڳر,
مڙئي بخش  مدايون,قسم ليلت القدر,
" دوست" مخدوم در تي, ڀري ڀري  پيو قبر,
گل ۽ ميوو خلق جو,روح پرواز تو در,

ممتاز مصطفي دوست

تو بنایو آهي اسان کي دیوانو ھاڻ نہ ڪر پرين ڪو تون بھانو ماجد ڪاڪا




غزل

تو   بنایو  آهي   اسان   کي    دیوانو 
ھاڻ نہ ڪر  پرين  ڪو  تون    بھانو

تون   مٺا    پيار   جي   انتھا    ڪر
ڀل   ته  ڏسي    ھي    سارو    زمانو

نوان   خواب  ڏي   نئي    آرزو    ڏي 
ڀر   تون   ھن  دل  جو  خالي   خانو

ھڪ  ئي   سفر   جا   مسافر    ھون
نه ئي تون بيگانو  نه ئي مان بيگانو

اچ   ته  ڪريون    روز      ملاقاتون 
رھي   عشق   پنھنجو    تازو   توانو

آ  سڃا تو  مون به  اھو ته عشق   آ  
ٿي  دل   منھنجي   تنھنجو   نشانو

            ماجد علي ڪاڪا