غزل
تو بنایو آهي اسان کي دیوانو
ھاڻ نہ ڪر پرين ڪو تون بھانو
تون مٺا پيار جي انتھا ڪر
ڀل ته ڏسي ھي سارو زمانو
نوان خواب ڏي نئي آرزو ڏي
ڀر تون ھن دل جو خالي خانو
ھڪ ئي سفر جا مسافر ھون
نه ئي تون بيگانو نه ئي مان بيگانو
اچ ته ڪريون روز ملاقاتون
رھي عشق پنھنجو تازو توانو
آ سڃا تو مون به اھو ته عشق آ
ٿي دل منھنجي تنھنجو نشانو
ماجد علي ڪاڪا
No comments:
Post a Comment