Sunday, August 16, 2020

ڇا ڪاڇي ۾ مصوري ٿيندي آهي ممتاز مصطفي دوست ( اقتباس : ' وڻ وڻ منجهان واس" گڏيل شاعري )

 

ڇا ڪاڇي ۾ مصوري ٿيندي آهي
ممتاز مصطفي دوست
( اقتباس : ' وڻ وڻ منجهان واس" گڏيل شاعري )
کيرڪر(کير ٿر) جي ڪڇ ڪاڇي وچ ۾ ، جوهي مون کي درياه جي ڪنڌي ڀر "ڪراڙ " وانگي لڳندي آھي. فطرتي خلقڻھار، جو مصور به آ، مون ان مصور جي ڪاڇي متعلق مصوري جي جهلڪ ، ڪاڇيلڻ جي جهوپڙي ۾ ڏٺي،جهوپڙي اندر ڪاڇيلڻ جي ڪتاب پڙهندي وقت ڏٺي ،جهريل جهوپڙي مٿان سنهڙي برسات پئي رهي هئي ۽ ھو بي خوف ڪتاب جا پنا پڙھي ورائي رهي هئي ۽ جهوپڙي مان ست رنگي انڊلٺ،  آسمان طرف وڃي رهي هئي,مون کي ان وقت پڪ ٿي ته قدرت سادگين تي ساه ڇو ڏيندو آھي؟ 
ڪاڇي جي برپٽ سحره ۾ هڪ اڌ وڻ تي پکين جي آکيرن ڏي واپسي واري وراڻ ،جانورن جي اڌ ڊئو ۽ اڌ بک دوران ورندڙ ٽلين جي ٽار سا ن وٿاڻڻ ڏي وراڻ ۽  ورندڙ ڪاڇيلي جي  مٿي تي هڪ ويلي جي هڙ سان گڏ سندس ساٿ ۾ هلندڙ پاڇو شام لهڻي ڌاري قدرت جي رنگن ڪارسازين وانگي ايئن پر اميد نظر ايندو آهي .سندس اکيون ڀٽائي جو آسا پڙهنديون وينديون آهن ۽ اکين جي ڌارا ۾ وڳند جو سرمو گرمي وگهي ٽمي ڳڙندو رهندو آهي پر هو نه ٿڪو آهي نه زندگي مان مايوس.برپٽ ۾ لڳندڙ لکون،تيز هوائون واري جي ڀٽن ۾ پاڻ مرادو جڙندڙ مرد عورت جي ڄانڄن سميت اٺن جي ڪرهيون ڪاهيلڻيون ٿي  20 کان 25 فوٽن جيڏيون اوچيون ڊرنگ بند جو ويس پهرينديون آهن .انهن بندن تي ڪا شاعراڻي دل ڪاڇي جي سج جي آخري لالاڻ جي نظارن کي نظري اک جي ڪماليت سان اکين جي مصوري ۾ لفظن  جا بند هن طرح ٻڏي ٿو جتي ان قدرت جي مصوري تي پرسڪون نظر ايندو آھي 
کير ٿر تي سج لهڻ کان اڳي
ڊرنگ تان چو ڦير منظر شاهڪار ( مير محرم )
هي پٽ آباد ڪرڻ يا هنن برپٽ بيابانن , جابلو ڪنڌين جي سوڳ وسوڳ جي قدامتن ۾ نپجندڙ زندگين ۽ حياتين جي پرگهور لهڻ خلقڻھار مصور جي ذمري ۾ ايئن اچن ٿا جيئن صفا مروا جي وچ ۾ ڊوڙندڙ بيبي حاجره جي معصوم ٻار حضرت اسماعيل جي پرگهور ,,,,يا ڪعبي جي امر ازم ۾ اڳ ئي پيدا ڪيل خدا جي گهر جي پرگهور لهڻ لئي نقشن جون ليڪون تڪبنديون .
جي ايئن نه هجي ها ته عظيم مصور پنهنجي مصوري ۾ جوڙيندڙ ڪڪرن کي مستقل گهر ڏئي ڇڏي ها  ۽ خدا وشواس ڏيڻ لئي ڪڪرن جا قسم ئي نه کڻي ها,
يقينن ڪڪر بي گهر آھن,ڪڪرن ۾ بي وفائي به  ناهي,هو هوائن جي آڌار هلي ان هنڌ وسندا آھن جنهن وٽ پاڻي لپ جيئڻ ڪاڻ به مشڪل ملندي آھي,جتان جي زمين جي لڪل نباتات سليقو رکندي به پاڻي ڦڙي لئي انتظار ڪندي آھي,ها انهن ئي پٽن تي ئي ته نبي پيدا ٿيندا آھن ,حسناڪن انهن پٽن تي جنم ورتو آھي,سونهن سر بازار وڪامڻ نه چاهيندي به چاهت اڳيان بي وس ٿي پوندي آھي ,ماڻھن جي خريدار منڊي اتي جنم ٿي وٺي ۽ ھجرت به انهن پٽن مان ٿيندي آھي,لڏپلاڻ دوران دردن جا ديرا ڪنهن جي ماپڻ ۾ نه ايندا آھن,اهي سڀ حسناڪين جا منظر فنون لطيفه دل رکندڙ جهٽڻ ۾ ڪيڏي ميناڪاري رکندا آھن,پنهنجي حواسن کي تيز ڌارائن سان ايئن تکو ڪندا آھن جيئن موريا ڪٽ کي سراڻ تي لاهڻ لاء,
قدرت جي ڪارسازي ۾ ڪاڇو کيرڪر(کيرٿر) ،پهاڙ،آبشار،نئي،نباتات،سحره جوپٽ،رات جو چنڊ چانڊوڪي تي هرڻ جو ڀڄڻ،مست ٿيڻ،پاڻي جو کڏن ۾ پاڻ مرادو گڏجڻ جا نظارا پاڻ مرادو جڙييل آهن.ڪاڇي جي نازڪ مزاج رکندڙ،نفيسا فن رکندڙ جو يقينن ڪال ڪونه هوندو پر منهنجي مجبوري ۾ شاعرن جي گڏيل گيلري نما ڪتاب ۾ ڪجهه جهلڪن جون سٽون موجود آهن جيڪي لفظن جي مصوري جو فن رکن ٿا
فنون لطيفه ۾ هڪ شاعر وٽ حواسن کان سواء توڙي جو ڪجهه ڪونهي پر هو حواسن کان اجتمائي زندگي جي عڪسن ۾ نه رڳو پاڻ پر انهن پٽن جي زبان ,انهن پٽن جي درد فراق جون آھون,لڏ پلاڻ دوران بک بدحالي ۽ خالي پٽ گهر ڇڏڻ تي روئڻ ,حڪومت جي بي وسي يا حڪومت تي فرض بنائڻ لاء رڳو پوڙھي عورت جيان ڀتين تي ڇيڻا ٺاهي بجو هڻڻ سان بس نه ڪندا آھن پر آئينده جي خبرواري لئي پنهنجن ڇهن ئي حواسن وسيلي سوچ يعني ٽين اک جو فيصلو به ٻڌائيندا آھن ,اهي عڪس ملاحظا ۽ توجه طلب آھن

ماڪ جي صورت ۾ ڳلڙن تان,
لڙڪ ڳڙي پيا پره ڦٽي جو (زين کوسو )
**
قبي تي نه بيهي سگهي پئي هودڙي,
جهليندي ٿڪم عشق کان دل اياڻي ( مير محرم)
**
تنهنجو سفر پاڻي کانپوء واڻ وٽڻ تائين,
او ڪاڇائڻ تنهنجا مڳلي دهڪا مارن ٿا (مير محرم )
**
مينهن کي چئو هاڻ اچ به کڻي,
هوريان هوريان لڏي پيو پاڙو  ( مير محرم)
**
ماء کي ٻار کان ڇنو رسمن,
ٻار گهڻو ئي چنبڙيو چولي ۾, ( اداس لنڊ)
**
ڪٺي ڪانو ٿيا ها,وڏو گوڙ ٿيو هو,
نه خصلت ۾ بنجي سگهيا ڪنگ ماڻھو,,(خادم جسڪاڻي )
**
سک پهاڙ تي سمهي پيو آ,
ڏيهه ۾ جنجال جي ٽڪ ٽڪ (گهايل لغاري)
مٿين شعرن ۾ صنعت بلاغت جي موجودگي نظر اچي ٿي,ته ڪٿي ڇهين حس جي حساسيت موجود آھي,ته ڪٿي بصري عڪس جهٽيل آھن,ڪٿي ٻن حواسن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو مرڪب اڻ کٽ مدي تائين گونجن ٿا,ته ڪٿي فنون لطيفه دل شاعراڻي مصور ٿي ان اڳڙين جي آڌار تي جڙيل هودڙي جا قبي تي بي وسي سبب سهاري لئي هٿ جهليندي ٿڪجن نٿا,ته ڪٿي واڻ وٽيندڙ ڪاڇيلڻ جي مڳلي تي دهڪن دوران جاڙي دنيا جي مصوري روپ سان گڏ لڏڻ ۽ موسيقي جا رائم ردم مسلسل ڪنن ۾ گونجڻ جا مصوري عڪس ايئن ٻرن ٿا جيئن ٻن ڪڪرن جي ٽڪرڻ وقت موسيقي آلاپ يا جبل مٿي ٻه ٽاڪرو ٻڪرين جي ٽڪرڻ وقت اٿندڙ تپش,

اهو ڪيڏو نه سچ آھي وسي ته ڪاڇو نه ته پياسو ئي پياسو,واقعي وسڻ سان پٽن جي سينن ۾ دفن ٿيل نباتات جي سليقيدار ٻجن مان حيرت انگيز سلا ڦٽي ڌرتي کي سرسبز چادر اوڍيندا آھن,پاڻي تي زندگي گهاريندڙ ماڻھن جي زندگي جا غم پاڻ مرادو پاسي ٿي خوشي جا ويس نغما ,ملڻ جا گيت ۽ ڪاڇي جي حسن وجمال کي جرڪائي وجهندا آھن,کير ڪر جي ڪنڌي هوا سان ڦولارن کي جهومائي وجهندي آھي,جهوپڙي جي ڇانوري ۾ پلجندڙ جواني هجي ، ٿلهي تي بيهي پاڻ سنواري يا ڦولارن وچ ۾ ڄانڀي جا گل پٽي گلن واري ڇوڪري بنجي آئينده جا آرس يينگهي ۾ ڇڏي,ان جا اولڙا عڪس هڪ شاعر جي قلم ۾ لفظن جا رومانس ڀري ٿو,شاعر ڏسڻي بصري عڪس سان پرزوق قرار جا رنگ ڀري هڪ فطرتي عڪس نگاري جي ڪيترو ته قريب وڃي ٿو جو ڪاڇو ڪاڇيلڻ جي وادي گاج ,نئي سوا سان گڏ شاعري آبشار ٿي پوي ٿي,مصوري ڪاڇي جي گيلري, 
ساوڪ سڄو, پٽوڙو,سرهي هوا ۽ تون مان,
ڄانڀي ڦولار ۾ آ ڪيڏو مٺو سرور ( مير محرم )
يا
تون جو ڦولار پويان ڦٽين ٿي پره,
روپ ڪيڏو نه پيارو وٺين ٿي پره (مير محرم)
**
تڏھن ڪشمير ٿي پوندو آ ڪاڇو وهي برسات ۾ نئي سوا جي هتي (اداس لنڊ )
**
سانوڻي ۾ برش ٻوڙي سونهن سان, پينگهه جوڙي ٿو مصور شاهڪار(مير محرم )


ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟ شيخ اياز

 


غزل


ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين،

ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ،

هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا،

پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا،

او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟

رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ،

آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ،

هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا،

ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي،

پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،

ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!

بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي،

ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ،

مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟


برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي،

ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــ

پاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ،

موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!

ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


شيخ اياز

بيخود بلوچ

 


بيخود بلوچ 


ادبي نانءُ : بيخود بلوچ

اصل نانءُ : فتح الله جسڪاڻي

جنم : 14ـ08ـ1971

جنم ھنڌ : ڳوٺ جمعو جسڪاڻي پنوعاقل ضلعو سکر

تعليم : ايم _ ( سنڌي ) بي ايڊ

ڪرت : استاد


ڇپيل ڪتاب : 

(1) درد امنگ دل ۾ ( 1995 )

(2) ھوا ۾ ٻرياسين ( 2004 )

(3) ٻوليون لوليون ٻارن جون ( 1995 )

(4) جاڳو ٻارو ( 2010 )

(5) اعتراض ( 2019 )


ايوارڊ / اعزاز

بيدل ايوارڊ ، امير بخاري ايوارڊ ، گدائي ايوارڊ ، ڪنور رام ايوارڊ ، لائيف ٽائيم ايوارڊ ، سنڌ ٽي وي ايوارڊ ، مھراڻ ٽي وي ايوارڊ سميت مختلف تنظيمن/ ادارن طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ


تنظيمي وابستگيون : 

سنڌي ادبي سنگت ، شاھ لطيف فائونڊيشن ، جاڳرتا فورم ، سرھاڻ سماجي ڪائونسل ، نصرالله جسڪاڻي اڪيڊمي ، اظھر اڪيڊمي ، راھ فائونڊيشن ، جوائنٽ سوشل الائونس سميت ٻين سماجي ثقافتي تنظيمن سان وابستگي .


نثر نگاري : مختلف ڪتابن جا مهاڳ ، بئڪ ٽائيٽل ، مضمون ، تاثر ،مقالا وغيره

ٻين ٻولين ۾ ڪم : اردو ۾ غزل ۽ ٻارن لاءِ شاعري

رابطي لاءِ فون نمبر 03023601945

غزل زماني ڇڏيا ٽوڙي سپنن جا گُھنگهرو, حياتي وڄائي پئي دردن جا گُھنگهرو. گهايل لغاري

 


غزل       

زماني ڇڏيا ٽوڙي سپنن جا گُھنگهرو,
حياتي وڄائي پئي دردن جا گُھنگهرو.

وڇوڙي  اکين  ۾  مها  ٻوڏ  آندي,
ٻڌي ڪين سگهيو ڪو ڳوڙهن جا گُھنگهرو.

محبت جي پاڻي ۾ اوجر ڪري ڏي,
ڪسيا وقت جيڪي به جيون جا گُھنگهرو.

تماشائي ڇاتيء تي نظرون رکي ٿو,
سُڃاڻي اهو ڪيئن فاقن جا گُھنگهرو.

چيو يار دل جي اکين ۾ تون آھين,
چپن تي وڳا خوب مرڪن جا گُھنگهرو.

سُڪل ٺوٺ ست ۾ ڳڀي سُرت آندي,
روڪي ڪير هاڻي جذبن جا گُھنگهرو.

گهايل لغاري