Monday, August 17, 2020

امر ثناء جي ناول ڀٽڪيل ماڻھو جو تنقيدي جائزو ممتاز مصطفي دوست

 

امر ثناء جي ناول ڀٽڪيل ماڻھو جو تنقيدي جائزو
ممتاز مصطفي دوست
هي افسانوي ناول تمام سادي ٻولي ۾ لکيل آھي,جنهن جوموضوع پيار۾ دوکوکائڻ کان پوء جي المين جي سفري ڪهاڻي تي مشتمل آهي. يقينن اهو موضوع ايئن آهي جنهن لاء  سنڌي محاورو اڄ به نمائندگي ڪري ٿو ته اهو وڻ ئي ڪونهي جنهن کي واء نه لوڏيو هجي.ان پيار جا ٻه پاسا ايئن آهن جيئن وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر يا وسي ته ڪاڇو نه ته پياسو ئي پياسو. ساگي نموني هي موضوع جواني جي گهوڙي تي سوار ان پهرين پيار جي آتم ڪٿا جي دل جي ڪيفيتي عمل جو پرتاء آهي جيڪو پيار ۾ صرف ها کي قبول ڪري ٿو ۽ نه هن جي لاء  ڀٽڪيل ماڻهو ناول جي روپ ۾ اچي وڃڻ جو ڪارڻ آهي..اهو اڄ جي نوجوانن جو رستن تي رلڻ ،مئخانن تي مستم رهڻ يا اسين رول ماڻهو رليا سين ته ڇا ٿيو جو ڊڪشن ٿي سگهي ٿو.تاحم هي موضوع سدائين جيان هن وقت به وقتائتو ۽ هلندڙ حالات جي پس منظر ۾ لکيل آھي .ناول جو مک ڪردار ليکڪ پاڻ آھي ۽ هو راوي جو انداز بيان ڪندي پنهنجي ڀٽڪيل طويل ڪهاڻي کي پيش ڪرڻ جو ڏان ء رکندي اهڙي نوجوان جي ڪٿا بيان ڪري ٿو جيڪو علم جي اڃ لاهڻ لاء ورسٽي ويندي ورسٽي جي ناري يا سپنن ۾ ايندڙ نينهن جي ناري سان نينهن ڳنڍيندي چوٽ کائي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ دل وندرائڻ لاء ٻھراڙي جي ماحول ۾ اچي ٿو,جتي ٻيا ڪردار جن ۾ ماسات حفيظ ، ماسي زينت ۽ ماسي جي ڌي صائما سان گهر جي ڀاتين وانگي رل مل ٿي وڃي ٿو,سندس ماء ۽ حجائتي ڀيڻ صنم هن جو ڏس پنڌ تلاش ڪرڻ کان پوء آخر ماسي جي گهر پهچي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا,,,ان وچ ۾ رکي رکي صرف نينهن لائيندڙ شازيه يا ٻي سندس ساهيڙي سنڌو جي فون وڄندي رهي ٿي يا ڪڏھن چوي ٿي ساگر فون بند نه ڪجان,,آخر فون اٽينڊ ٿئي ٿي ۽ صفائي,شازيه پيش ڪري ٿي,ساهيڙين جي چالاڪن تان پردو کڻي ٿي,آخر ڀٽڪيل ماڻھو وري زندگي جي راه تي اچي ٿيلهو ڪتابن وارو کڻي پڙھڻ وڃي ٿو.

جيئن چيو ويندو آھي ته نوجواني جي لکڻ جو انداز رس خوبصورتي جو مزو پنهنجو هوندو آھي ھو اندر جو اظھار کي سچي نيت سان بنان رک کاء جي بيان ڪندو آھي. اهو رس ،ڪشش،تجسس يا پيار عشق مان اٿندڙ آلاپ ڪلراٺي زمين مان ڦٽندڙ ڊڀوڙي جي  تکي چهنب جيڪا ڪلراٺي چاپڙ کي ڏاري ڦٽي پوندي آهي ۽ ان مٿان رکندڙ پير ڦٽجي پوندا آهن ، ٻئي پاسي وري ميچوئر اديب پنهنجي مطالعي مشاهدي مقصديت اسلوب ۽ فن ۾ پختگي سان لکندو آھي پر ان ۾ ۾ ادب لاء حقييقي ادب گهٽ هوندو آھي,
مکيي ڪردار ساگر علم جو شوق رکي ٿو,پاڻ کي انقلابي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو,ٻھراڙي جي لاجواب منظر ڪشي سان گڏ فطرتي حسن ,جماليات کان لطف اندوز ٿئي ٿو,اتان جا واقعن توڙي محاورن,رواجي لهجن ۽ روين کي نه رڳو جهٽي ٿو پر سهڻي انداز سان عام ٻولي واري لهجي هيٺ بحث ۾  آڻي ٿو,لفظن کي جهٽي نشاندهي ڪري ٿو جيڪا وڻندڙ ڳالهه لڳي ٿي. ۽ پڙهندڙ پڙهڻ ۾ دلچسپي پيدا ڪري ٿو
جيئن “مڇ ڪوڙ_کدڙو” کان ٻھراڙي جو عام ماڻھو الرجڪ يا سٺو نه سمجهڻ ۽ ٻئي پاسي شهپر وڏا رکرائرندڙ کي وري پڙهيل ماڻهو برو سمجهي تنظ ڪرڻ سان گڏو گڏ ويهڻ ۾ برو يا محتاط رهندو آهي . اهو موضوع مختصر ئي سهي پر مشاهدي ۾ شيون اهڙي نموني پيش ڪري ٿو ڄڻ اهي واقعا پاڻ عمل ڪري رهيا آهن يا جيئرا جاڳندا منظر نگاري ۾ نظر اچي رهيا آهن.اهو به هڪ ناول نگار جو فن آهي.پر طنز سان گڏ ٿورو ئي سهي پر دليلن سان ، اخلاقياتي اندازسان (دودي جي مرڻ بعد،هوشو جي مرڻ بعد شهپر ڦرڪندڙ مڙسي جون علامتون آهن،مڇ ڪوڙ علامه آء آء قاضي مسجدن جا خطبا ڏيندو هو ان کي شهپر ڪونه ها صا ايئن سمجهائي ها جيڪو شهپر وڏا رکي اهو شهپرن کي سنواري تاڪه شيون پاڻ سان کنيون ته نه وتن وغيره ) چوڻ سمجهائڻ سمجهائڻ ۾ قاثر رهيو آھي .
 
 ٻھراڙي جي فطرتي حسن ،عام ماڻهن جي سادي زندي جي حسن،شآم جو پکين ۽ ساهدارن جو پنهنجي آستانن تي ورڻ جو منظر،چڙن جي لار جي آتما پٺيان ٿڪائيندڙ احساس ۽ رات جو مچ ڪچهري،سگهڙائپ فن جي قدرداني واکاڻ کي سهڻي نموني پيش ڪيو آهي.اتي تعليم جي نه هجڻ سبب عام ماڻهن جي جي حضوري ،وڏيري جي اچڻ وقت صفائي جا انتظامن تي حيرانگي ۽ سوال،ٻهراڙي جي زندگي ۽ پسماندگي تي حيراني،طبقاتي مت ڀيد کي سٺي نموني ڪردار ساگر ناول ۾ اتساه جو ڪارڻ يا دلچسپي سان گڏ جيئڻ جو ثمر پيش ڪرڻ ۾ رول ماڊل ٿي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اتي  وڏيري جي منفي ڪردارسبب اسڪول بند ڪرائڻ, يا سندس ڌي صاديا سان عشق ڪندڙ کي مارائڻ جو واقعو بيان ڪرڻ , وڏي ڳوٺ جي پير جي حرڪتن عياشين “جن ” بهاني انساني تذليل يا عزيت ڀوڳنا واکي ڪئي آھي.انهن واقعن جي منظر نگاري ڪردارن ذريعي ڪري ڏيکارڻ گهرجي جنهن ۾ جن ڪڊيا وڄن ٿا ته  بهتر لڳن ها
ناول ۾ ڪردار انورٽيڊ کان آزاد رکڻ ,شاعري جي پرمار کان بچائڻ ,ڊگهن خطن مراسلن يا اي ميل جي استعمال کان بچائي جتي اڄ جي نوجوان ناول کي هڪ الڳ انفراديت ڏني آھي اتي هر ڪردار جي لهجي ٻولي انداز بيان ۾ يڪسانيت ڏيکاري ناول کي ٻين ليکڪن جيان جان وجهڻ م ناڪام ويو آھي.تشبيهن ۾ناسن مان ڪارو دونهو ڪڊڻ سميت کوڙ ساريون تشبيهون ۾ نواڻ ته ڪونهي البت لکڻي ۾ رس چس جو سماء شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي اتي روپلي ڪولهي جي تشبيهه واقعي سان ڪٿي به ٺهڪي نه ٿي جيڪا شامل ڪئي آهي جيئن ڇوڪري جو فون سان چهٽڻ وغيره.ناول ۾ ٻولي کي سگهاري بنائڻ لاء ڪٿي به ٻهراڙي جا ٺيٺ لفظ استعمال نه ڪيا آهن اتي ڪافي لفظ انگريزي استمال ڪري ٻولي جو بچاء ڪرڻ ۾ قاصر رهيو آهي. 
ناول جي پلاٽ ۽ مقصديت ۾ ٻين نوجوانن جي رومانس ۾ لکيل ناولن وانگي  مکيي ڪردار ساگر پڻ ساڳي تقطيع جي زير اثر آهي.اڄ جي نوجوان جي ذھني پرک ۾ وڏي کوٽ رکي ٿو,هڪڙي پاسي علم جون ,اقابري جون ,انقلاب توڙي تبديلي جون ڳالهيون ڪندي ڇوڪرين جي رومانس ۾ ڦاسي پوڻ ,ڀٽڪڻ جي ٽريڪ تي چڙھي هر شي کي داء تي لڳائي ٿو ,جيڏا بحث پيرن وڏيرن تي ڪري ٿو اوڏو بحث ڇوڪرين ڇوڪرن جي رومانس پيچيدگيون ,ڪامياب ناڪام ٿيڻ کي بحث آڻي حض ڪڍڻ کان ڇو قاصر آھي.؟
هي موضوع جيڏو رقم تراظ آهي اوڏو وقت جي پڪار ۽ سماج جي سڌاري لاء اهم باب پڻ. پر ناول نگار مصنف پنهنجي پيش لفظ ۾ اقرار ڪري ٿو
“ آء چاهيندي به هن جي پريت چاهت تي لکي ناهيان سگهندو.” .
...۽ پوء پاڻ کان سوال ڪندي لکي ٿو
“ آخر ڇو هن جي پريت تي لکي ناهيان سگهندو؟” 
ساڳي نموني ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي شازيه  لکي ٿي
“...پر جڏهن پنهنجن تي لکڻو هجي تڏهن هڪ لکندڙ لاء سڀ کان ڏکيو وقت اهو ئي هوندو آهي ڇا لکجي؟ ڪيئن لکجي؟...وغيره وغيره. 
 تيئن ناول ڀٽڪيل ماڻهو جو پلاٽ ڪافي ڪچاين سان ڪمزور، ۽ سوڙهي ڳلي جيان بند ٿي وڃي ٿو,ناول جو پلاٽ ڪمزور ۽ مقصديت دنڌلي ۽ مبهم رکڻ سبب الاهي ڪمزور لڳي ٿو,سندس ثانوي زندگي ۾ ٻئي اهم مک ڪردار شازيه کي نه صفائي جو موقعو ڏئي ٿو نه ٻڌڻ جي اهميت ڏئي ٿو,ڄڻ ته هي ڪردار آھي ئي ڪونه جنهن لئي ڀٽڪي ٿو ,شروع کان ئي پاڻ کي ڀٽڪيل ماڻهو ڄاڻائي هڪ اڌ صفحي تي اندر جا اٻار ڪڊي ٿو....رکي رکي فون جي وڄڻ ۽ نه کڻڻ  جو احساس ڏئي...آخري ۾ شازيه جي فون جي گهنٽي کڻي ڳاله ٻوله بعد تائين ايئن لڳي ٿو ته صرف ناول پوروڪرڻو آھي.

ليکڪ جيڪو ناول جو مکيه ڪردار ساگر آھي,,اهو لکڻي ۾ ڪٿي به ڀٽڪڻ جو راز بيان نٿو ڪري,ان  کان بهتر هوندو آھي ته ضمير متڪلم م پيش ڪندڙ ڪردار پاڻ  يا ته وڏو جگر رکن . جي ايم سيد وانگي ديار دل  داستان محبت جيڏي دل رکن يا ته پنهنجي ڳالهه فرضي ڪردار ذريعي کليل دل سان ڳالهائن جو حق ادا ڪرڻ ۾ عملي طرح ڪري ڏيکارڻ جو حق ڪردارن کان نه کسڻ گهرجي.

ناول نگار ۾ مکيي ڪردار با صلاحيت جتي متحرڪ آهي اتي باهمت نظر اچي ٿو .وقت ۽ حالات سان تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو . ڀٽڪندڙ ماڻهو وري علم جي اساٽ لاء ورسٽي لئي ٿيلهو کڻي هڪ اتساه ڏئي ٿو .اهو اتساه ليکڪ لکڻي ۾ هينئن پيش ڪري ها
نينهن سان پيچ پائيندڙ ناري شازيه فون بجاء ان ڪريمداد وڏيري جي ڳوٺ ۾ ساگر کي ڳولڻ لئي اچي ها, ساگر ان بند اسڪول کي کولي ٻارن کي پڙھائڻ ۾ مهو هجي ها, ڇوڪري کي قتل ڪندڙ وڏيري جي ڌي ء  صاديا  پنهنجي محبوب جي ماء پوڙھي  سان گڏ اسيس وٺڻ لئي ان اسڪول ۾ ڇيڻي کي ڏيئو بنائي اسڪول داخل ٿئن ها,وڏيري جي ڌي روشن خيال لاڏلي پڻ پڙھڻ ۾ حصو وٺندي ٻه اکر پڙهائڻ ۾ پاڻ پيش ڪري ها,آخر شازيه داخل ٿي ساگر سان صفائي پيش ڪرڻ کان پوء علم جي لاٽ کي نئي جوت سان ٻاري لافاني ناول جي جاء والارڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها۽ نئي نسل جو نمائده ناول ٿي افڪ تي بيهي ها.ليکڪ ايندڙ وقت جو نهترين ناول نگار ٿيڻ جي مبارڪ باد ڏجي ٿي,