Wednesday, April 21, 2021

وائي ماتا تُنهنجو مَٽُ همدرد اوڏ


وائي.


همدرد اوڏ.


ماتا  تُنهنجو  مَٽُ

                          ناهي ڪو ئي دنيا ۾


غمن جي تيز تپش ۾

تو جهڙو ڇپر ڇَٽُ

                          ناهي ڪوئي دنيا ۾


تَوري سگهي پيار تنهنجو

اهڙو     ترازُو    وَٽُ

                         ناهي ڪوئي دنيا ۾


تو کان سوا جنّت جو

ٻيو ڪو گهيڙ گَهٽُ

                        ناهي ڪوئي دنيا ۾ 

وائي ڇَڏ نه وِساري يارَ همدرد اوڏ

همدرد اوڏ

وائي.


ڇَڏ نه وِساري يارَ

ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وارَ

                                      سارَ ته لهندو ڪر تون.


ڪونه ختم ٿيندا ڪڏهن

دنيا جا ڪم ڪارَ

                                    سارَ ته لهندو ڪر تون.

                       

ڏُکيو پيو ٿو گهاريان

توريِ مان دلدارَ

                                   سارَ ته لهندو ڪر تون.


اُن کان اڳ جو جيون ۾

اچيِ وڃي ماٺارَ

                                     سارَ ته لهندو ڪر تون.


همدرد اوڏ. 

ڪهاڻي ڏور آصف ڪلهوڙو


 #ڏور!


ڏُکن کان ڏور ڪنهن ڏيهه جي ڳولها ۾ اکيون ساڻيون ٿي پون ٿيون, پر هن جيون مان چاه ۽ ويساه ته ختم ئي ڪو نه ٿو ٿئي!


اڄ به اهو ڏينهن وسريو ناهي, جنهن ڏينهن تو چيو هو ته چاه ۽ ويساه ئي جيون جي هُجڻ جو ڪارڻ آهي. سو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ان ئي ڳالهه تي اٽڪيو پيو آهي ته ڏور ڪو جيون ضرور آهي!


اُن جيون جي ڳولها اڄ به اڻپوري آهي پر پاڻ به نيڻ وڇائي ان جي آس ۾ پيا تڙپون! سو پنهنجي تڙپ ئي ويساه ۽ چاه آهي!


پر خير!


 قصا ڪڏهن ڪوتاه ٿيندا سا ته مون کي به خبر ناهي پر پنهنجي زندگي به في الحال ائين آهي جيئن انڌي ۽ جنڊ. هن ۾ پنهنجو ڪردار نه انڌيءَ وارو آهي نه ئي جنڊ وارو, پر پاڻ ته آهيون ان جا داڻا سو پيا پيسجون!


چونڪ تي ڏونڪو وڳو ۽ هڪ ڀيرو وري غريب گڏ ٿيا ۽ ڪي دل ۾ گُد گُد ٿيا ته ضرور پنهنجو ڀاڳ ورندو ۽ اسٽيج تي بيٺل مسخرو اسان جي اهنج کي سهنج جو روپ ڏيندو؛ چاه ۽ ويساه کي وري جيون جو نانءُ ملندو!


سو مان به ميرو ڀوڇڻ ڪلهي تان لاهي هوٽل جي ٽيبل تي سٽيو ۽ ميڙاڪي ۾ بيٺل پاڻ جهڙن ميرن گدلن سان ساڻ ٿي لفظي خرافتون ٻڌڻ لڳس!


اسٽيج تي بيٺل مسخري زوردار رڙ ڪندي چيو اسان جون ڪوششون ۽ ڪاوشون  اوهان جي ساٿ جون منتظر آهن, اوهان جي هٿن جي لڦن جو قسم اسين اوهان جي ساٿ سان ڏونگر ڏاري وجهنداسين ۽ اوهان جي اونداهي جيون ۾ روشنيءَ جو سبب بڻباسين!


تاڙيون جو وسڪارو ۽ نعرن جي گونج ٻڌائي رهي هئي ته زمانن پُڄاڻان ساڳيو ڌنڌو هلندو پيو اچي ۽ رهندو. اسٽيج مسخرو پنهنجي واري وڄائڻ ۾ پورو ۽ ماڻهو ها جو آئيندي جي خوشحال گهوڙي تي سوار مستيءَ ۾ مست ها!


تان جا ڪنهن ڪالر کان گهلي هجوم مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڀونڊن جي برسات ۽ گارين جي ريهه سان هوٽل ڀيڙو ڪيو. هوٽل مالڪ ڦاٽل دُهل وانگر وڄي پيو ۽ ڏيهاڙيءَ ڏوڪڙ ڪٽڻ جو مهڻو ڏئي وري ڪم ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيائين!


سو مان اڄ ڪلهه هوٽل تي بيراگري ڪندو آهيان ۽ پيٽ پاليندو آهيان. ان چاڪريءَ جي آڌار تي ئي چاه ۽ ويساه جي سنگت ۾ ڏور جيون کي تڪيندو آهيان! باقي ڏک جو رينگٽ ساڳيو ئي آهي جيڪو مون جهڙن ٻين جو آهي!


جيون جي هن قصي جو ڪو ڊيڊ ائنڊ يا پڄاڻي ناهي, ان لاءِ جو ڪنهن به ڳالهه جي پُڄاڻي نه هوندي آهي جي هُجي ها ته سڀ سُکيا نه هجون ها!


#آصف_ڪلهوڙو!

ڪهاڻي ڏاند گاڏي آصف ڪلهوڙو


#ڏاند_گاڏي!


جيئن ئي سج اک پٽي ته  ڪر موڙي جاڳي پيس ۽ سج ڏانهن گُهوري ڏٺو ته ڪرڻن جو ڀونڊو اکين ۾ پيهي ويو! ڀونڊي کان پاڻ بچائي منهن تي رلهي وجهي پاسو ورائي سمهي پيس!


هڪ ڀيرو وري اگُهور ننڊ پئجي ويس ۽ خواب نگر ۾ پاڻ کي هڪ عاليشان بيل گاڏي (ڏاند گاڏي) تي ويٺل ڀانيو. بيل گاڏي ڪو ڏورانهون پنڌ پُچائي اچي مُک دوار تي بيٺي ۽ ڪوٽ جا ٻيئي مُک دوار نهايت ئي شاندار چٽن سان ڀرپور هُئا, ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪي جيئريون جاڳنديون مورتيون هجن!


عقل ۽ ڪاريگريءَ جو خوبصورت منظر پسندي شهر ۾ داخل ٿيس, بيل گاڏي پڪين سرن جي سڻڪ تي راهي اڳتي وڌنڌي رهي. سڻڪ جي ٻنهي پاسي ماڻهن جي پيهه هئي ۽ هر ڪو ئي وکر جي دُوڪانن تي پنهنجي ضرورت جو وکر خريد ڪرڻ ۾ مشغول نظر آيا! هر ماڻهو جي هٿ ۾ وهنوار لاءِ مُهرن جون ٿيليهيون هيون, جنهن جي مٽاسٽا ڪري پنهنجي لاءِ وکر پيا وٺن!


شهر جي اڏوات به توري تڪي ڪيل هُئي ۽ عمارتن جي جڙت به پنهنجو مثال پاڻ هُئي. ماڻهن جي مُک تي مُرڪون ۽ سُرهاڻ هئي, شهر جي چوراهي ته مڌر آواز جو آلاپ ۽ رقص ۾ محو نرتڪي ۽ ماڻهن جي ميٺ مُحبت ڪمال هُئي!


رازا, واڍا ۽ ڪاريگر پنهنجي دور جي هنر ۽ ثقافت کي جيئندان ڏيندي نظر آيا, ڌرتي ماتا جي سندرتا ۽ جوڀن ئي سندن جي عبادت پئي لڳو!


هئڙو حيرت جهڙو ديس پسندو اڳتي پئي وڌيس ته گهٽيءَ مان گذرندڙ ڀاڄيءَ واري جي آواز تي سُجاڳ ٿي پيس ۽ ماٺ ميٺ ۾ اُٿي پنهنجي ڪرت سان لڳي ويس!


ڏينهن سارو ان ڏيهه تي سوچيندو رهيس, پر سا جهلڪ حقيقت ۾ ڪٿي به نه پسي سگهيس!


#آصف_ڪلهوڙو

اُڀ_تي_تارا آصف ڪلهوڙو

 








#اُڀ_تي_تارا!


بابا! اُڀ تي تارا چمڪن ٿا, ڇا هي چمڪي چمڪي ڦاٽن ٿا؟


هائو ٻچڙا اُڀ تي تارا چمڪن ٿا ۽ چمڪي چمڪي ڦاٽن ٿا!


پوءِ چمڪي چمڪي جيڪي ڦاٽن ٿا, ڇا ڪوئي جيون جوڙن ٿا؟


جي ٻچرا سي چمڪي چمڪي ڦاٽن ٿا ۽ ڪوهين ڏور کير ڌارائن جي ڏيهه ۾ نون تارن جي جهرمٽ ۾ پاڻ سموهن ٿا ۽ اربين کربين کير ڌارائن جي وسعتن ۾ وکرن ٿا!


بابا انهن جو ڪو ڇيهه يا پُڄاڻي به آهي يا ائين کير ڌارائن ۾ خانه بدوش ماڻهوءَ جيان پنهنجو ماڳ جهاڳيندا ٿا رهن؟


بابا ماڳ ته ڪنهن کي ملڻو ناهي پر چمڪڻ ڦاٽڻ جاري رهندو. چمڪي چمڪي ڦاٽڻ کانپوءِ وکريل ٽڪرا نئون جيون جوڙيندا ۽ نوان سوال ۽ جواب جنم وٺندا آهن!


بابا پوءِ ڇا انهن سوالن جا جواب ملندا آهن؟


ها انهن جا جواب ملندا آهن, پر!؟


پر ڇا بابا!؟


 ٻچڙا انهن سڌن سوالن جا جواب,؛ سڌا نه هوندا آهن پر ورن ۽ وڪڙن ۾ قيد هوندا آهن. ان سان گڏوگڏ سڌو جواب ڏيڻ وارن کي سنگسار ڪيو ويندو آهي ۽ جيئري اگنيءَ ۾ ساڙيو ويندو آهي! ۽ سي ماڻهو به اُڀ تي چمڪندڙ تارن جيان ڦاٽي پوندا اهن ۽ سندن خاڪ ٿيل وجود کير ڌارائن ۾ شامل ٿي ويندو آهي!


بابا پوءِ سوالن جو ڇا ٿيندو آهي ؟


ٻچڙا بس پوءِ سوال به خانه بدوشن جيان جوابن جي ڳولها ۾ رُلندا رهندا آهن؛ جن مان ڪي ماڳ تي رسندا آهن ۽ ڪي وري جوابن جي ڳولها ۾ اڳتي نڪري ويندا اهن!


جيئن تون ۽ مان اُُڀ تي تارن جيان, چمڪي چمڪي ڦاٽي پونداسين!؟


#آصف_ڪلهوڙو !



منڇر ليکڪ منظور ٿهيم چونڊ غلام حيدر عمران

 



ناول منڇر 

ليکڪ منظور ٿهيم

چونڊ غلام حيدر عمران

ص 34

سڀ کان وڏي مسرت ڪلا ۾ آهي,اسان کي ڪتابن ۾ ٻڌايو ويو آهي اڃا به جيڪڏهن زمين تي ڪا سچ پچ عظيم ڳالھ ٿي سگهي ٿي ته اها آهي سڄي انسانيت ۽ دنيا جي آئيندي کي  محبت ۽ ڪلا جي طاقت سان يڪجا ڪرڻ سموري انساني تاريخ جو حل ان ۾ ئي آهي

Manzoor Thaheem