Wednesday, April 21, 2021

ڪهاڻي ڏاند گاڏي آصف ڪلهوڙو


#ڏاند_گاڏي!


جيئن ئي سج اک پٽي ته  ڪر موڙي جاڳي پيس ۽ سج ڏانهن گُهوري ڏٺو ته ڪرڻن جو ڀونڊو اکين ۾ پيهي ويو! ڀونڊي کان پاڻ بچائي منهن تي رلهي وجهي پاسو ورائي سمهي پيس!


هڪ ڀيرو وري اگُهور ننڊ پئجي ويس ۽ خواب نگر ۾ پاڻ کي هڪ عاليشان بيل گاڏي (ڏاند گاڏي) تي ويٺل ڀانيو. بيل گاڏي ڪو ڏورانهون پنڌ پُچائي اچي مُک دوار تي بيٺي ۽ ڪوٽ جا ٻيئي مُک دوار نهايت ئي شاندار چٽن سان ڀرپور هُئا, ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪي جيئريون جاڳنديون مورتيون هجن!


عقل ۽ ڪاريگريءَ جو خوبصورت منظر پسندي شهر ۾ داخل ٿيس, بيل گاڏي پڪين سرن جي سڻڪ تي راهي اڳتي وڌنڌي رهي. سڻڪ جي ٻنهي پاسي ماڻهن جي پيهه هئي ۽ هر ڪو ئي وکر جي دُوڪانن تي پنهنجي ضرورت جو وکر خريد ڪرڻ ۾ مشغول نظر آيا! هر ماڻهو جي هٿ ۾ وهنوار لاءِ مُهرن جون ٿيليهيون هيون, جنهن جي مٽاسٽا ڪري پنهنجي لاءِ وکر پيا وٺن!


شهر جي اڏوات به توري تڪي ڪيل هُئي ۽ عمارتن جي جڙت به پنهنجو مثال پاڻ هُئي. ماڻهن جي مُک تي مُرڪون ۽ سُرهاڻ هئي, شهر جي چوراهي ته مڌر آواز جو آلاپ ۽ رقص ۾ محو نرتڪي ۽ ماڻهن جي ميٺ مُحبت ڪمال هُئي!


رازا, واڍا ۽ ڪاريگر پنهنجي دور جي هنر ۽ ثقافت کي جيئندان ڏيندي نظر آيا, ڌرتي ماتا جي سندرتا ۽ جوڀن ئي سندن جي عبادت پئي لڳو!


هئڙو حيرت جهڙو ديس پسندو اڳتي پئي وڌيس ته گهٽيءَ مان گذرندڙ ڀاڄيءَ واري جي آواز تي سُجاڳ ٿي پيس ۽ ماٺ ميٺ ۾ اُٿي پنهنجي ڪرت سان لڳي ويس!


ڏينهن سارو ان ڏيهه تي سوچيندو رهيس, پر سا جهلڪ حقيقت ۾ ڪٿي به نه پسي سگهيس!


#آصف_ڪلهوڙو

No comments: