Wednesday, April 21, 2021

ڪهاڻي ڏور آصف ڪلهوڙو


 #ڏور!


ڏُکن کان ڏور ڪنهن ڏيهه جي ڳولها ۾ اکيون ساڻيون ٿي پون ٿيون, پر هن جيون مان چاه ۽ ويساه ته ختم ئي ڪو نه ٿو ٿئي!


اڄ به اهو ڏينهن وسريو ناهي, جنهن ڏينهن تو چيو هو ته چاه ۽ ويساه ئي جيون جي هُجڻ جو ڪارڻ آهي. سو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ان ئي ڳالهه تي اٽڪيو پيو آهي ته ڏور ڪو جيون ضرور آهي!


اُن جيون جي ڳولها اڄ به اڻپوري آهي پر پاڻ به نيڻ وڇائي ان جي آس ۾ پيا تڙپون! سو پنهنجي تڙپ ئي ويساه ۽ چاه آهي!


پر خير!


 قصا ڪڏهن ڪوتاه ٿيندا سا ته مون کي به خبر ناهي پر پنهنجي زندگي به في الحال ائين آهي جيئن انڌي ۽ جنڊ. هن ۾ پنهنجو ڪردار نه انڌيءَ وارو آهي نه ئي جنڊ وارو, پر پاڻ ته آهيون ان جا داڻا سو پيا پيسجون!


چونڪ تي ڏونڪو وڳو ۽ هڪ ڀيرو وري غريب گڏ ٿيا ۽ ڪي دل ۾ گُد گُد ٿيا ته ضرور پنهنجو ڀاڳ ورندو ۽ اسٽيج تي بيٺل مسخرو اسان جي اهنج کي سهنج جو روپ ڏيندو؛ چاه ۽ ويساه کي وري جيون جو نانءُ ملندو!


سو مان به ميرو ڀوڇڻ ڪلهي تان لاهي هوٽل جي ٽيبل تي سٽيو ۽ ميڙاڪي ۾ بيٺل پاڻ جهڙن ميرن گدلن سان ساڻ ٿي لفظي خرافتون ٻڌڻ لڳس!


اسٽيج تي بيٺل مسخري زوردار رڙ ڪندي چيو اسان جون ڪوششون ۽ ڪاوشون  اوهان جي ساٿ جون منتظر آهن, اوهان جي هٿن جي لڦن جو قسم اسين اوهان جي ساٿ سان ڏونگر ڏاري وجهنداسين ۽ اوهان جي اونداهي جيون ۾ روشنيءَ جو سبب بڻباسين!


تاڙيون جو وسڪارو ۽ نعرن جي گونج ٻڌائي رهي هئي ته زمانن پُڄاڻان ساڳيو ڌنڌو هلندو پيو اچي ۽ رهندو. اسٽيج مسخرو پنهنجي واري وڄائڻ ۾ پورو ۽ ماڻهو ها جو آئيندي جي خوشحال گهوڙي تي سوار مستيءَ ۾ مست ها!


تان جا ڪنهن ڪالر کان گهلي هجوم مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڀونڊن جي برسات ۽ گارين جي ريهه سان هوٽل ڀيڙو ڪيو. هوٽل مالڪ ڦاٽل دُهل وانگر وڄي پيو ۽ ڏيهاڙيءَ ڏوڪڙ ڪٽڻ جو مهڻو ڏئي وري ڪم ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيائين!


سو مان اڄ ڪلهه هوٽل تي بيراگري ڪندو آهيان ۽ پيٽ پاليندو آهيان. ان چاڪريءَ جي آڌار تي ئي چاه ۽ ويساه جي سنگت ۾ ڏور جيون کي تڪيندو آهيان! باقي ڏک جو رينگٽ ساڳيو ئي آهي جيڪو مون جهڙن ٻين جو آهي!


جيون جي هن قصي جو ڪو ڊيڊ ائنڊ يا پڄاڻي ناهي, ان لاءِ جو ڪنهن به ڳالهه جي پُڄاڻي نه هوندي آهي جي هُجي ها ته سڀ سُکيا نه هجون ها!


#آصف_ڪلهوڙو!

No comments: