Monday, August 10, 2020

ٽار جا زَرد ڪي پَتا آهيون اک کڻي ڏس ته چلڪِڻا آهيون کيمن يومولاڻي

             

                    ٽار جا زَرد ڪي پَتا آهيون

اک کڻي ڏس ته چلڪِڻا آهيون

سانت سان سڀ ڏسون ٻڌون ويٺا
لوڪ ليکي ڀلي رُکا آهيون

رنگ ۽ ڍنگ جيئڻ جا پنهنجا
گهر ۾ رهندا ته سڀ ڪَٺا آهيون

سڀ الڳ در دريون ۽ ديوارون
پر ڪا چُرپُر ٻُڌءِ اها آهيون

پنهنجو آهي وجود ئي ڪهڙو
ڄڻ ته اخبار جا پَنا آهيون

سج تپائي ڇڏيو آ ڪڻ ڪڻ کي
ڪنهن تتل واٽ جي هوا آهيون

ڪنهنجي ها ۾ نه ها ملايون ٿا
پنهنجي مؤ ۾ اسان چڱا آهيون

کيمن يو مولاڻي

هن چيو تون لکين ڪو پڙهي ڪونہ ٿو مون چيو ڇا ڪيان من مڃي ڪونہ ٿو کيمن يو مولاڻي

                      
                                       غزل

هن چيو تون لکين ڪو پڙهي ڪونہ ٿو
مون چيو ڇا ڪيان من مڃي ڪونہ ٿو

ڪوششون سڀ ڪري هاڻي ٿڪجڻ لڳو
در نصيبن جو ٻوُٽيل کُلي ڪونہ ٿو.

ڏينهن سج ساڻ رُلندي گذاري وريو
واءُ گهر ۾ اچي پڻ ٺري ڪونہ ٿو.

ڀاڪرن موڪلائيندي بيحد رُنو
لڙڪ هڪ ٻئي جا پر ڪو اُگهي ڪونہ ٿو.

ٻار مون ۾ هو سو ٿو لڳي ويو مري
ڪو کلونو ڏسڻ سان کِلي ڪونہ ٿو.

جي ندي آهين مون سان ملڻ اچ ڀلي
سمنڊ ڪنهن سان بہ گڏجڻ وڃي ڪونہ ٿو.

مؤج مستيون اڌارا وٺي پيو ونڊي
سوُر دل جا تہ ڪوئي سلي ڪونہ ٿو.

تو تہ ڌرتي کنئي گهر مان پنهنجا ڪڍي
سک تڏهن غير مان پَلُ ملي ڪونہ ٿو.


بقلم: کيمن يوُ موُلاڻي

فقيرياڻي رابندر ناٿ ٽئگور سنڌيڪار: کيمن يو مولاڻي


فقيرياڻي
رابندر ناٿ ٽئگور
سنڌيڪار: کيمن يو مولاڻي
ڳوٺ ۾ هڪ تمام پراڻو مندر هو. مندر ۾ ماتا جي درشن لاءِ پري پري کان ڀڳت ايندا هئا. انهيءَ مندر جي دروازي تي هڪ نابين فقيرياڻي بيٺي هوندي هئي. ماتا جو درشن ڪري جڏهن ماڻهو ٻاهر نڪرندا هئا ته، هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي منٿ ڪندي چوندي هئي ”بابو جي، نابين تي ديا ڪريو.“
اچڻ وارا ٻه چار رپيا هن جي هٿ تي رکي ڇڏيندا هئا. نابين کين انيڪ دعائون ڪندي هئي ۽ سندن ديا کي ساراهيندي هئي. مايون به سندس جهوليءَ ۾ ٿورو گهڻو اَنُ وجهي ڇڏينديون هيون. صبح کان شام تائين هوءَ اهڙيءَ طرح جهولي پساري بيٺي رهندي هئي ۽ پوءِ رات جو پنهنجي لٺ جي سهاري جهوپڙيءَ جو رستو وٺندي هئي. جهوپڙيءَ جي ويجهو پهچندي ئي سندس ڏهن سالن جو هڪ ڇوڪرو لڏندو ڪڏندو ايندو هو ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندو هو. نابين سندس نرڙ ڳولهي ان کي چمندي هئي ڇوڪرو ڪير هو؟ ڪنهن جو هو؟ ڪٿان آيو هو ان ڳالهه کان ڪوئي واقف ڪو نه هو، پنج سال پهرئين هوءَ هن شهر ۾ آئي هئي، تڏهن کان پاڙي وارن کيس اڪيلو ڏٺو هو، پر ڪجهه مهينا پهرين هڪ ڏينهن شام جي وقت ماڻهن هن جي گود ۾ هڪ ٻالڪ ڏٺو هو. هوءُ روئي رهيو هو. نابين ان جو نرڙ چمي ان کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ان ڏينهن کان اهو ٻار هن نابين وٽ رهڻ لڳو هو. هوءَ کيس پاڻ کان وڌيڪ سٺو کارائيندي پيئاريندي هئي.
فقيرياڻيءَ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ هڪ مٽڪي پوري رکي هئي. هوءَ جيڪي روپيه شام جو پني کڻي ايندي هئي انهن کي ان مٽڪيءَ ۾ وجهي ڇڏيندي هئي. ڪنهن جي نظر نه پوي انڪري ان جڳهه کي ڍڪي ڇڏيندي هئي. کيس کائڻ لاءِ جيڪو ان کي ملندو هو انهيءَ مان ئي پيٽ پالنا ڪندي هئي. هوءَ پهرين ڇوڪري کي کارائيندي هئي ۽ پوءِ پنهنجو پيٽ ڀريندي هئي. هڪ ڏينهن هن محسوس ڪيو ته هن وٽ ڪافي روپيه ڪٺا ٿي ويا آهن. سڄي مٽڪي ڀرجي وئي آهي. هن کي ڊپ لڳو ته متان ڪوئي رپيا چورائي کڻي نه وڃي. ان ڪري هن ڌرتيءَ مان مٽڪي ڪڍي ۽ پنهنجي ڦاٽل رئي سان لڪائي سيٺ بنارسي داس جي بنگلي تي وڃي پهتي. ڪاشي شهر ۾ بنارسي داس جو وڏو نالو هو. هر ٻار ٻچو سندس بنگلي کان واقف هو.
نابين مٽڪي سيٺ جي اڳيان سرڪائي ۽ ڊڄندي ڊڄندي چيو، ”سيٺ صاحب، هن کي توهان پاڻ وٽ جمع ڪري ڇڏيو. مان محتاج هن کي ڪٿي رکان؟“
سيٺ مٽڪيءَ طرف نهاري چيو، ”هن ۾ ڇا آهي؟“
انڌيءَ جواب ڏنو. ”بکيا مڱي پنهنجي پٽ لاءِ ڪجهه رپيا ڪٺا ڪيا اٿم. انهن کي پاڻ وٽ رکڻ ۾ ڊڄان ٿي. مهرباني ڪري انهن کي پاڻ وٽ رکو.“
سيٺ منيب کي اشارو ڪندي چيو. ”کاتي ۾ جمع ڪري ڇڏ.“
ٻه سال سکه سان گذري ويا. اوچتو هڪ ڏينهن انڌيءَ جي ڇوڪري کي ڏاڍو بخار ٿي پيو. انڌي ڪرندي ٿاٻڙجندي تڪڙي تڪڙي سيٺ جي بنگلي تي وڃي پهتي. انڌيءَ چيو، ”سيٺ صاحب منهنجي رقم مان پنج ڏهه رپيا مونکي ڏيو ته اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. منهنجي ڇوڪري کي ڏاڍو بخار ٿي پيو آهي. هو مري رهيو آهي. ڊاڪٽر کي ڏيکارڻو اٿم.“
سيٺ سخت لهجي ۾ چيو ته ڇاجي رقم؟ ڇا جا روپيا؟ مون وٽ ڪنهن جا به روپيه جمع ڪونهن.“ انڌيءَ روئي روئي چيو ”سيٺ صاحب، ڌڻيءَ جي نالي تي، ڌرم جي نالي تي، ڪجهه ڏيو. منهنجو ڇوڪرو جي پوندو. مان سڄي زندگي توهان جا ڳڻ ڳائيندس.“ پر سيٺ جي دل ڪا نه پگهري. سيٺ ڪاوڙ جي جواب ڏنو ”وڃين ٿي يا نوڪر کي سڏ ڪريان؟ اهو ٻڌي هوءَ پنهنجي جهوپڙيءَ طرف هلڻ لڳي. ڇوڪري جي حالت بگڙجندي ويئي ۽ هڪ ڏينهن ان جي حالت چنتا لائق ٿي ويئي. سيٺ جي غير واجبي وهنوار تي انڌيءَ کي غصو اچي رهيو هو. هوءَ سوچي رهي هئي ”هيڏو شاهوڪار ماڻهو آهي، ٻه چار رپيا ڏيئي ڇڏي ها ته هن جو ڇا وڃي ها؟ ۽ وري مان کانئس بکيا ٿوروئي پني رهي هيس. پنهنجي رقم وٺڻ وئي هيس.“
اهو سوچيندي سوچيندي هوءَ هڪدم اٿي ۽ ڇوڪري کي گود ۾ کڻي سيٺ جي گهر وڃي پهتي ۽ اتي ڌرڻو ماري ويهي رهي، ڇوڪري جو بدن بخار وچان تپي رهيو هو ۽ انڌيءَ جي دل به. سيٺ ٻاهر نڪتو. انڌيءَ کي ڏسندي ئي سڃاڻي ويو ۽ چوڻ لڳو” ڇو آئي آهين؟“ ان وچ ۾ جئن ئي هن جي نظر ڇوڪري تي پيئي، ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو. کيس عجب لڳو ته ڇوڪري جي شڪل موهن سان ملي رهي هئي. کيس ياد آيو ته ست سال اڳ جڏهن موهن ڪنهن ميلي ۾ گم ٿي ويو هو، تڏهن هن جي ٽنگهه تي ڳاڙهي رنگ جو نشان هو. اهو ويچار ايندي ئي هن انڌيءَ جي گود ۾ ڇوڪري جي ٽنگهه ڏٺي. نشان ضرور هو پر پهرئين کان ڪجهه وڏو. هن کي وشواس ٿي ويو هي ڇوڪرو سندس پٽ موهن ئي آهي. هن هڪدم ڇوڪرو ڦري ان کي ڳلي لڳايو. ڇوڪري جو بدن بخار وچان تپي رهيو هو. سيٺ، نوڪر کي ڊاڪٽر وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ۽ پنهنجي گهر هليو ويو. انڌي زور زور سان چلائڻ لڳي ”منهنجي ڇوڪري کي نه کڻي وڃ. منهنجا روپيا ته هضم ڪري وئين، هاڻي هي ڇوڪرو به مونکان ڦري ٿو وڃين؟“
سيٺ ڏاڍو دکي ٿيو. چوڻ لڳو ”مائي، هي منهنجو پٽ آهي. ست سال پهرين ڪٿي گم ٿي ويو هو. هاڻي مليو آهي، هاڻي هن کي وڃڻ ڪو نه ڏيندس. ڪيئن به ڪري هن جي جان بچائيندس.“
انڌي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي ”تنهنجو پٽ آهي انڪري لکه جتن ڪري هن کي بچائيندين. منهنجو هجي ها ته هن کي مرڻ ڏين ها، ڪيئن؟ اهو ته انياءُ آهي. هيترا سال رت ست ڏيئي کيس پاليو اٿم. مان هن کي هٿان وڃڻ ڪونه ڏينديس.“
سيٺ جي عجيب حالت ٿي ويئي. هو ڪجهه دير اتي ئي بيٺو رهيو پوءِ گهر هليو ويو. نابين ڪجهه دير ته بيٺي روئيندي رهي، پوءِ اها به پنهنجي جهوپڙيءَ طرف هلي ويئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو موهن جو بخار ڪجهه گهٽ ٿيو. هن هوش اچڻ تي اکيون کوليون، ته سڀ کان پهريون اکر سندس مک مان نڪتو ”امان“ چئو طرف اڻ ڄاتل چهرا ڏسي هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ وري کيس بخار چڙهڻ لڳو.
اوچتو سيٺ کي انڌيءَ جي ياد اچي وئي. هن پنهنجي ڪار گهرائي ۽ انڌيءَ جي جهوپڙيءَ وٽ پهچي ويو. جهوپڙي بنا دروازي هئي. هو اندر گهڙي ويو. اندر پهچي سيٺ چيو” ٻڍي، تنهنجو پٽ مري رهيو آهي. هوءَ رکي رکي توکي سڏ ٿو ڪري. هاڻي تون ئي ان جا پراڻ بچائي سگهين ٿي، هل مون سان گڏ هل.“
ڇوڪري جي حالت جو ٻڌي انڌيءَ ماءُ جي ممتا جاڳي پيئي ۽ هن هڪدم چيو ”چڱو هلو“ سيٺ سهارو ڏيئي کيس ٻاهر وٺي آيو ۽ پوءِ ڪار ۾ وهاري پنهنجي بنگلي طرف وڃڻ لڳو. ڏهن منٽن ۾ هو بنگلي پهچي ويا. سيٺ سهارو ڏيئي انڌيءَ کي ڪار مان لاٿو ۽ کيس بنگلي اندر وٺي ويو. هن انڌيءَ کي پٽ وٽ آڻي بيهاريو. انڌيءَ موهن جو مٿو ڳولهي ان تي هٿ ڦيريو. موهن سڃاڻي ويو ته اهو سندس ماءُ جو هٿ آهي. هن ترت اکيون کوليون ۽ ماءُ کي پنهنجي ويجهو بيٺل ڏسي چيو ”امان، تون اچي وئينءَ!“
نابينَ پيار ڀرئي آواز ۾ چيو ”ها پٽ، توکي ڇڏي ڪيڏانهن ويندس؟“ انڌي موهن جي سيرانڌيءَ وٽ ويهي رهي ۽ ان جو مٿو پنهنجي گود ۾ رکي ڇڏيائين. موهن سندس گود ۾ سمهي پيو. ٻئي ڏينهن کان موهن جي حالت ۾ سڌارو اچڻ لڳو ۽ ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ هو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. موهن جي بلڪل ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ انڌيءَ سيٺ کان وڃڻ جي اجازت گهري. سيٺ کيس گهڻو ئي چيو ته هوءَ وٽس رهي پوي پر هوءَ راضي نه ٿي. سيٺ روپين جي هڪ ڳوٿري سندس هٿ ۾ ڏني. انڌيءَ پڇيو ”هن ۾ ڇا آهي؟“
سيٺ چيو ”هن ۾ تنهنجي ڏنل امانت آهي. تنهنجا رپيا آهن ۽ منهنجا ڏوهه.“ انڌيءَ وچ ۾ ئي ڳالهه ڪٽيندي چيو ”هي روپيه مون موهن لاءِ ڪٺا ڪيا هئا. ان ڪري ان کي ڏيئي ڇڏج.“
نابينَ ٿيلهي اتي ڇڏي ڏني ۽ لٺ کڻي هلي ويئي.
 
حوالو
https://sindhsalamat.com/threads/38350/
 

ڪنهن پاڻيءَ سان ملندا آھيون. ذرو ذرو ٿي ڀُرندا آھيون. کيمن يو مولاڻي

 


غزل

ڪنهن پاڻيءَ سان ملندا آھيون.
ذرو ذرو ٿي ڀُرندا آھيون.

اگر ملي ويندو آ ڪِٿِ سج،
دل ئي دل ۾ رجندا آھيون.

ڪهڙو ويسهہ ڪيون هوا تي
طوفانن سان لڙندا آهيون

هير تہ کن پل ڇهندي آهي
وري تپت ۾ تپندا آهيون.

جيت ڪئين زهريلا چنبڙن
ڏنگ سڀن جا سهندا آهيون.

ڪيڏا ڀي ڏک سوُر هجن تہ بہ
ڪڏهن نہ ڪنهن سان ڇُلندا آهيون

رهيو ڪَنڊن سان گُذر اسان جو
ڀلي گلن ۾ تُرندا آهيون. 

لفظن جا ڪو تير هڻي جي
ٽهڪ ڏئي پيا کِلندا آهيون.

کيمن يو مولاڻي

غزل لڙڪ اک ۾ چَپ تي چڻگاري هُجي. خواب چمڪن رات ڀل ڪاري هُجي کيمن يو مولاڻي

         
       غزل


لُڙڪ اک ۾ چَپ تي چڻگاري هُجي.
خواب چمڪن رات ڀل ڪاري هُجي.

بادلن کي ناھ جَھل ڪِٿِ ڀي وسن،
سمنڊ يا ٿرَ جي تتل واري هُجي.

تُنهن جي يادُن جو وڌيو ائن قافلو،
مُئل ماضيءَ واڳ ڄڻ واري ھُجي.

ڪنڪري ڪنهن مهل ٿي اهڙي چُڀي،
ٿو لڳي ڄڻ چوٽ ڪاپاري هُجي.

زندگي ڍُڪُ ڍُڪُ ڪري پيَڻي پوي،
ڪا نہ ڪا ٿي آس ساٿاري هُجي.

رنگ سُهڻا ٿو ڀرين هر ڳالهہ ۾،
پر گلن جهڙي تہ هُٻڪاري هُجي.

بقلم: کيمن يوُ. موُلاڻي 

شمشيرالحيدري

       


شمشير الحيدري
شمشير الحيدري: نامياري شاعر، اديب، صحافي ۽ حڪيم، شمشيرالحيدريءَ جو پورو نالو شمشير علي ولد امام ڏنو خواجه هو. سندس جنم 15 سيپٽمبر 1931ع تي شهر ڪڍڻ، ضلعي بدين ۾ ٿيو. شمشيرالحيدري ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم وٺڻ لاءِ 1948ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان هڙتال ڪرائڻ جي الزام ۾ کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو.
سال 1950ع ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو ۽ مئٽرڪ ڪري نه سگهيو. ڪجھه وقت کانپوءِ وري تعليم وٺڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت اين. جي. وي اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ لارينس اسڪول ٽنڊي باگي ۾ پڙهيو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان بي. اي ۽ پوءِ 1963ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ ڪيائين. ايم. اي آخري سال لاءِ هن ‘پوئٽ فار آل ٽائمز ۽ سنڌ جي آزاد شاعري’ جي عنوان سان مونوگراف لکيو. ان کان سواءِ ديني تعليم، حاجي احمد ملاح جي مدرسي، بدين مان حاصل ڪيائين.
شمشير الحيدريءَ عملي طور تي ڪيترن ئي کاتن ۾ ملازمت جا فرض سر انجام ڏنا، پاڻ بدين ۾ 1950ع ڌاري سارين جي مِل تي منشي، 1951ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر، 1952ع ۾ ايگريڪلچر ڪوآپريٽو ڪريڊٽ بئنڪ بدين ۾ مئنيجر، 1954ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر، 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ ٽه ماهي رسالي ‘مهراڻ’ ۾ ڪلارڪ، پوءِ مهراڻ رسالي ۾ 1956ع کان 1966ع تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر، وفاقي حڪومت جي انفرميشن اينڊ براڊڪاسٽنگ کاتي پاران نڪرندڙ ماهوار رسالي ‘نئين زندگي ’ ۾ 1965ع کان 1977ع تائين ايڊيٽر، 1977ع ۾ پ پ پ جي حڪومت ۾ وفاقي مواصلاتي وزير ممتاز ڀُٽي پاران ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل ۾ ڊپٽي مئنيجر، 1988ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ 19 گريڊ ۾ چيف آف پبلڪ رليشنز طور پنهنجا فرض نڀايا. پوءِ ترقي ماڻي 20 گريڊ ۾ ڊيپوٽيشن تي يوٿ انويسٽمينٽ پروموشن بيورو ۾ پراونشل چيف ٿيو، جنهن عهدي تان بعد ۾ رٽائر ٿيو. 1993ع کان 1995ع تائين ٻه سال سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جي بنياد وجهندڙن مان هو. ناليواري اديب اياز قادريءَ پاران سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان 1956ع ۾ استعيفا ڏيڻ بعد شمشير سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. هيءُ پهريون شخص آهي، جيڪو مسلسل 10 سال ان عهدي تان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪئي ۽ تنظيم کي منظم ڪيو. هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي بنيادي مسئلن لاءِ آواز اٿاريو، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ لاءِ مختلف ادارن جو قيام ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ريڊيو، ٽيليويزن، تعليمي ادارن ۽ روڊن رستن تي استعمال شامل آهن.
شمشيرالحيدريءَ کي ابتدا ۾ ادب سان ڪوبه لڳاءُ نه هو، پر سندس مامي ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ سندس ذهني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙيءَ طرح هن کي علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ٿيو‏، جيڪو سندس ويجھي دوست اختر رضويءَ جي صحبت ۾ اڃا به وڌيڪ پختو ٿيو. مهراڻ رسالي ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ محمد ابراهيم جويي ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ سندس تمام گهڻي رهنمائي ڪئي.
شمشير الحيدري هونئن ته عروض جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪري پاڻ مڃرايو، پر آزاد نظم نهايت ئي ڪاميابيءَ سان لکيائين. شمشيرالحيدريءَ کي آزاد نظم جي باني شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو. هن غزل کي به نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکيو. شمشير الحيدري جو ڪيترو ئي ڪلام مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳائجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. بيدل مسرور ۽ شمن ميراليءَ جي آواز ۾ سندس غزل ‘تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو’ ۽ شازيه خشڪ جي آواز ۾ ‘حسينا پوپري’ بيحد مقبول ٿيا. هن ڪيتري مزاحيه شاعري پڻ ڪئي.
شمشيرالحيدري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي پروگرامن ۽ مشاعرن جو ميزبان رهيو. هن ريڊيو لاءِ ڪيترائي ڊراما ۽ گيت پڻ لکيا. هو ريڊيو تي نشر ٿيندڙ مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندڙ، فيچر رائيٽر، انٽرويو ڪندڙ پڻ رهيو. پي ٽي ويءَ تان جڏهن سنڌي پروگرام جاري ٿيا ته هو پي ٽي وي جو پهريون سنڌي ڪمپيئر ۽ پهريون نيوز ڪاسٽر هو. هن مرزا قليچ بيگ جي پهرين ناول ‘زينت ’ کي ڊراماٽائيز ڪيو. جيڪي عبدالڪريم بلوچ جي ميزبانيءَ ۾ پي ٽي وي تان پيش ٿيو. پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ پهريون گيت به شمشير کان لکرايو ويو. بعد ۾ هن سوَن جي تعداد ۾ ڊاڪيومينٽريون ۽ ڊراما لکيا. سندس لکيل هڪ ڊرامو ‘ڪاڪ محل’ بيحد مقبول ٿيو.
شمشيرالحيدري صحافتي زندگيءَ جو آغاز 1952ع ڌاري بدين کان نڪرندڙ هفتيوار سنڌي اخبار ‘اعلانِ حق’ کان ڪيو. 1983ع ۾ روزاني مهراڻ اخبار حيدرآباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، جنهن دوران هن جنرل ضياءَالحق خلاف هلندڙ تحريڪ آر ڊي'>ايم آر ڊي کي پڻ هٿي ڏني، جنهن سبب کيس فارغ ڪيو ويو. 1984ع ۾ محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار ‘هدايت’ ۾ ڪم ڪيو، بعد ۾ ماهوار ‘هلچل’ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1989ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو کيس روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. ان کان سواءِ روزاني ‘مومل’ ڪراچي، ساڻيهه ڊائجسٽ، پارس، روزاني خلق، هفتيوار اعلان حق ۽ ٻين ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
شمشير، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنيادي ميمبر، روشن تارا اسڪولن جو پهريون ائڊمنسٽريٽر، ۽ سگا پاران نڪرندڙ رسالي ‘حياتي’ جو ايڊيٽر، پاڪستان رائيٽر گلڊ جو باني ميمبر، ورڪرس يونين حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري، اولهه پاڪستان ليبر فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جو ميمبر، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل جو ميمبر، پريس ڪلب ڪراچيءَ جو ميمبر، ايوان صحافت بدين جو تاحيات اعزازي ميمبر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) انسان ڪامل (شخصيتون: 1953ع)، (2) ڪاروان ڪربلا (تاريخ: 1954ع)، (3) پورس جا هاٿي (ڪهاڻيون: 1958ع)، (4) تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب: 1961ع)، (5) لاٽ (شاعري: 1962)، (6) تاريخ سنڌ: ڪلهوڙا دور (ٻه جلد: ترجمو: 1963ع)، (6) سوکڙي (ترتيب: سنڌي شعبي جو مخزن: 1964ع)، (7) آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو: 1963ع)، (8)بهترين سنڌي ادب (افسانا: 1669ع)، (9) سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر (1964ع)،(10) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، (11) ڪاڪ محل (ڊرامو: 1988)، (11) تاريخ جو ڪچرو (1995ع)، (12) سجاڳ سانگهڙ (گزيٽيئر: ترتيب)، (13) Flame & Flute (انور پيرزادي سان گڏ: انگريزي ۾ شاهه لطيف بابت سهيڙيل: 2003ع)، (14) پيار جا نو گيت (جرمن شاعريءَ جو منظوم ترجمو)، (15) Sindh Update (2003)، (16) روشن تارا، (17) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (2012) وغيره قابل ذڪر آهن.
شمشير الحيدريءَ کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾: پي ٽي وي اوارڊ (چار ڀيرا)، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل جا ٻه مڃتا اوارڊ، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران مڃتا شيلڊ، مارئي دهلي مڃتا اوارڊ، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، ڪراچي پريس ڪلب پاران مڃتا اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ طرفان گولڊن جوبلي شيلڊ ۽ لائيف اچيومينٽ اوارڊ، سنڌ اسيمبليءَ طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ شيلڊ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ طرفان مڃتا شيلڊ، ثقافت کاتي سنڌ طرفان مڃتا شيلڊ، سنڌ اطلاعات کاتي طرفان مڃتا اوارڊ، ماهوار نئين زندگيءَ طرفان مڃتا اوارڊ، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان مڃتا شيلڊ، شاهه لطيف اوارڊ (2012)، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان مڃتا اوارڊ، سنڌ مدرسي طرفان مڃتا اوارڊ، ايراني ڪلچرل سينٽر اينڊ اڪيڊميءَ طرفان مڃتا اوارڊ ۽ پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ سميت ڪيترائي اوارڊ شامل آهن.
شمشير الحيدريءَ، زندگيءَ جي آخر ۾ بينائي ختم ٿي وئي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ساڻس ادبي ميڙاڪو مچايو ويو.
هن 10 آگسٽ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ڪراچيءَ جي تاريخي قبرستان چوڪنڊيءَ ۾ تاجل بيوس جي قبر جي ڀر ۾ ڪئي وئي. سندس وفات بعد مختلف شخصيتن جي مضمونن ۽ مقالن تي لکيل ڪتاب، سندس فرزند زهير حسين حيدريءَ ‘موليٰ تي ننگ’ (2012) ۽ مهرالنساءِ لاڙڪ ‘شمشيرالحيدري: فن ۽ شخصيت’ (2013) نالي سان ترتيب ڏنا آهن. ان کان سواءِ ٽماهي مهراڻ رسالي جو ‘شمشيرالحيدري نمبر’ پڻ 2013ع ۾ شايع ٿيو.

واويلا وڻڪارَ، وڻجارن واٽ ۾ شيخ اياز

 

واويلا وڻڪارَ، 

وڻجارن واٽ ۾

 ڏنو سِرُ ڏاتار. 


واويلا وڻڪارَ

رات  بُري ڀنڀورَ مان 

هوَت هليا هالارَ


 واويلا وڻڪار، 

ماڻهو تنهنجي موت تي

 رُنا زارون زار


واويلا وڻڪارَ 

تو پاتا تقدير جا

هَسَ گچيءَ ۾ هارَ


واويلا وڻڪارَ ، 

اڄ ڪلهه تنهنجي نانوَ سان 

ٻانهيارين کي ٻارَ


شيخ اياز


10 آگسٽ 1959 کان 7 اپريل 2012 تائين سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ آخري ساهه تائين سامراجي قوتن سان وڙهاند ڪندڙ شهيد سنڌوديش سائين بشير خان قريشي جي جدوجهد کي سرخ سلام