Monday, August 10, 2020

هن چيو تون لکين ڪو پڙهي ڪونہ ٿو مون چيو ڇا ڪيان من مڃي ڪونہ ٿو کيمن يو مولاڻي

                      
                                       غزل

هن چيو تون لکين ڪو پڙهي ڪونہ ٿو
مون چيو ڇا ڪيان من مڃي ڪونہ ٿو

ڪوششون سڀ ڪري هاڻي ٿڪجڻ لڳو
در نصيبن جو ٻوُٽيل کُلي ڪونہ ٿو.

ڏينهن سج ساڻ رُلندي گذاري وريو
واءُ گهر ۾ اچي پڻ ٺري ڪونہ ٿو.

ڀاڪرن موڪلائيندي بيحد رُنو
لڙڪ هڪ ٻئي جا پر ڪو اُگهي ڪونہ ٿو.

ٻار مون ۾ هو سو ٿو لڳي ويو مري
ڪو کلونو ڏسڻ سان کِلي ڪونہ ٿو.

جي ندي آهين مون سان ملڻ اچ ڀلي
سمنڊ ڪنهن سان بہ گڏجڻ وڃي ڪونہ ٿو.

مؤج مستيون اڌارا وٺي پيو ونڊي
سوُر دل جا تہ ڪوئي سلي ڪونہ ٿو.

تو تہ ڌرتي کنئي گهر مان پنهنجا ڪڍي
سک تڏهن غير مان پَلُ ملي ڪونہ ٿو.


بقلم: کيمن يوُ موُلاڻي

No comments: