Sunday, August 16, 2020

ڇا ڪاڇي ۾ مصوري ٿيندي آهي ممتاز مصطفي دوست ( اقتباس : ' وڻ وڻ منجهان واس" گڏيل شاعري )

 

ڇا ڪاڇي ۾ مصوري ٿيندي آهي
ممتاز مصطفي دوست
( اقتباس : ' وڻ وڻ منجهان واس" گڏيل شاعري )
کيرڪر(کير ٿر) جي ڪڇ ڪاڇي وچ ۾ ، جوهي مون کي درياه جي ڪنڌي ڀر "ڪراڙ " وانگي لڳندي آھي. فطرتي خلقڻھار، جو مصور به آ، مون ان مصور جي ڪاڇي متعلق مصوري جي جهلڪ ، ڪاڇيلڻ جي جهوپڙي ۾ ڏٺي،جهوپڙي اندر ڪاڇيلڻ جي ڪتاب پڙهندي وقت ڏٺي ،جهريل جهوپڙي مٿان سنهڙي برسات پئي رهي هئي ۽ ھو بي خوف ڪتاب جا پنا پڙھي ورائي رهي هئي ۽ جهوپڙي مان ست رنگي انڊلٺ،  آسمان طرف وڃي رهي هئي,مون کي ان وقت پڪ ٿي ته قدرت سادگين تي ساه ڇو ڏيندو آھي؟ 
ڪاڇي جي برپٽ سحره ۾ هڪ اڌ وڻ تي پکين جي آکيرن ڏي واپسي واري وراڻ ،جانورن جي اڌ ڊئو ۽ اڌ بک دوران ورندڙ ٽلين جي ٽار سا ن وٿاڻڻ ڏي وراڻ ۽  ورندڙ ڪاڇيلي جي  مٿي تي هڪ ويلي جي هڙ سان گڏ سندس ساٿ ۾ هلندڙ پاڇو شام لهڻي ڌاري قدرت جي رنگن ڪارسازين وانگي ايئن پر اميد نظر ايندو آهي .سندس اکيون ڀٽائي جو آسا پڙهنديون وينديون آهن ۽ اکين جي ڌارا ۾ وڳند جو سرمو گرمي وگهي ٽمي ڳڙندو رهندو آهي پر هو نه ٿڪو آهي نه زندگي مان مايوس.برپٽ ۾ لڳندڙ لکون،تيز هوائون واري جي ڀٽن ۾ پاڻ مرادو جڙندڙ مرد عورت جي ڄانڄن سميت اٺن جي ڪرهيون ڪاهيلڻيون ٿي  20 کان 25 فوٽن جيڏيون اوچيون ڊرنگ بند جو ويس پهرينديون آهن .انهن بندن تي ڪا شاعراڻي دل ڪاڇي جي سج جي آخري لالاڻ جي نظارن کي نظري اک جي ڪماليت سان اکين جي مصوري ۾ لفظن  جا بند هن طرح ٻڏي ٿو جتي ان قدرت جي مصوري تي پرسڪون نظر ايندو آھي 
کير ٿر تي سج لهڻ کان اڳي
ڊرنگ تان چو ڦير منظر شاهڪار ( مير محرم )
هي پٽ آباد ڪرڻ يا هنن برپٽ بيابانن , جابلو ڪنڌين جي سوڳ وسوڳ جي قدامتن ۾ نپجندڙ زندگين ۽ حياتين جي پرگهور لهڻ خلقڻھار مصور جي ذمري ۾ ايئن اچن ٿا جيئن صفا مروا جي وچ ۾ ڊوڙندڙ بيبي حاجره جي معصوم ٻار حضرت اسماعيل جي پرگهور ,,,,يا ڪعبي جي امر ازم ۾ اڳ ئي پيدا ڪيل خدا جي گهر جي پرگهور لهڻ لئي نقشن جون ليڪون تڪبنديون .
جي ايئن نه هجي ها ته عظيم مصور پنهنجي مصوري ۾ جوڙيندڙ ڪڪرن کي مستقل گهر ڏئي ڇڏي ها  ۽ خدا وشواس ڏيڻ لئي ڪڪرن جا قسم ئي نه کڻي ها,
يقينن ڪڪر بي گهر آھن,ڪڪرن ۾ بي وفائي به  ناهي,هو هوائن جي آڌار هلي ان هنڌ وسندا آھن جنهن وٽ پاڻي لپ جيئڻ ڪاڻ به مشڪل ملندي آھي,جتان جي زمين جي لڪل نباتات سليقو رکندي به پاڻي ڦڙي لئي انتظار ڪندي آھي,ها انهن ئي پٽن تي ئي ته نبي پيدا ٿيندا آھن ,حسناڪن انهن پٽن تي جنم ورتو آھي,سونهن سر بازار وڪامڻ نه چاهيندي به چاهت اڳيان بي وس ٿي پوندي آھي ,ماڻھن جي خريدار منڊي اتي جنم ٿي وٺي ۽ ھجرت به انهن پٽن مان ٿيندي آھي,لڏپلاڻ دوران دردن جا ديرا ڪنهن جي ماپڻ ۾ نه ايندا آھن,اهي سڀ حسناڪين جا منظر فنون لطيفه دل رکندڙ جهٽڻ ۾ ڪيڏي ميناڪاري رکندا آھن,پنهنجي حواسن کي تيز ڌارائن سان ايئن تکو ڪندا آھن جيئن موريا ڪٽ کي سراڻ تي لاهڻ لاء,
قدرت جي ڪارسازي ۾ ڪاڇو کيرڪر(کيرٿر) ،پهاڙ،آبشار،نئي،نباتات،سحره جوپٽ،رات جو چنڊ چانڊوڪي تي هرڻ جو ڀڄڻ،مست ٿيڻ،پاڻي جو کڏن ۾ پاڻ مرادو گڏجڻ جا نظارا پاڻ مرادو جڙييل آهن.ڪاڇي جي نازڪ مزاج رکندڙ،نفيسا فن رکندڙ جو يقينن ڪال ڪونه هوندو پر منهنجي مجبوري ۾ شاعرن جي گڏيل گيلري نما ڪتاب ۾ ڪجهه جهلڪن جون سٽون موجود آهن جيڪي لفظن جي مصوري جو فن رکن ٿا
فنون لطيفه ۾ هڪ شاعر وٽ حواسن کان سواء توڙي جو ڪجهه ڪونهي پر هو حواسن کان اجتمائي زندگي جي عڪسن ۾ نه رڳو پاڻ پر انهن پٽن جي زبان ,انهن پٽن جي درد فراق جون آھون,لڏ پلاڻ دوران بک بدحالي ۽ خالي پٽ گهر ڇڏڻ تي روئڻ ,حڪومت جي بي وسي يا حڪومت تي فرض بنائڻ لاء رڳو پوڙھي عورت جيان ڀتين تي ڇيڻا ٺاهي بجو هڻڻ سان بس نه ڪندا آھن پر آئينده جي خبرواري لئي پنهنجن ڇهن ئي حواسن وسيلي سوچ يعني ٽين اک جو فيصلو به ٻڌائيندا آھن ,اهي عڪس ملاحظا ۽ توجه طلب آھن

ماڪ جي صورت ۾ ڳلڙن تان,
لڙڪ ڳڙي پيا پره ڦٽي جو (زين کوسو )
**
قبي تي نه بيهي سگهي پئي هودڙي,
جهليندي ٿڪم عشق کان دل اياڻي ( مير محرم)
**
تنهنجو سفر پاڻي کانپوء واڻ وٽڻ تائين,
او ڪاڇائڻ تنهنجا مڳلي دهڪا مارن ٿا (مير محرم )
**
مينهن کي چئو هاڻ اچ به کڻي,
هوريان هوريان لڏي پيو پاڙو  ( مير محرم)
**
ماء کي ٻار کان ڇنو رسمن,
ٻار گهڻو ئي چنبڙيو چولي ۾, ( اداس لنڊ)
**
ڪٺي ڪانو ٿيا ها,وڏو گوڙ ٿيو هو,
نه خصلت ۾ بنجي سگهيا ڪنگ ماڻھو,,(خادم جسڪاڻي )
**
سک پهاڙ تي سمهي پيو آ,
ڏيهه ۾ جنجال جي ٽڪ ٽڪ (گهايل لغاري)
مٿين شعرن ۾ صنعت بلاغت جي موجودگي نظر اچي ٿي,ته ڪٿي ڇهين حس جي حساسيت موجود آھي,ته ڪٿي بصري عڪس جهٽيل آھن,ڪٿي ٻن حواسن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو مرڪب اڻ کٽ مدي تائين گونجن ٿا,ته ڪٿي فنون لطيفه دل شاعراڻي مصور ٿي ان اڳڙين جي آڌار تي جڙيل هودڙي جا قبي تي بي وسي سبب سهاري لئي هٿ جهليندي ٿڪجن نٿا,ته ڪٿي واڻ وٽيندڙ ڪاڇيلڻ جي مڳلي تي دهڪن دوران جاڙي دنيا جي مصوري روپ سان گڏ لڏڻ ۽ موسيقي جا رائم ردم مسلسل ڪنن ۾ گونجڻ جا مصوري عڪس ايئن ٻرن ٿا جيئن ٻن ڪڪرن جي ٽڪرڻ وقت موسيقي آلاپ يا جبل مٿي ٻه ٽاڪرو ٻڪرين جي ٽڪرڻ وقت اٿندڙ تپش,

اهو ڪيڏو نه سچ آھي وسي ته ڪاڇو نه ته پياسو ئي پياسو,واقعي وسڻ سان پٽن جي سينن ۾ دفن ٿيل نباتات جي سليقيدار ٻجن مان حيرت انگيز سلا ڦٽي ڌرتي کي سرسبز چادر اوڍيندا آھن,پاڻي تي زندگي گهاريندڙ ماڻھن جي زندگي جا غم پاڻ مرادو پاسي ٿي خوشي جا ويس نغما ,ملڻ جا گيت ۽ ڪاڇي جي حسن وجمال کي جرڪائي وجهندا آھن,کير ڪر جي ڪنڌي هوا سان ڦولارن کي جهومائي وجهندي آھي,جهوپڙي جي ڇانوري ۾ پلجندڙ جواني هجي ، ٿلهي تي بيهي پاڻ سنواري يا ڦولارن وچ ۾ ڄانڀي جا گل پٽي گلن واري ڇوڪري بنجي آئينده جا آرس يينگهي ۾ ڇڏي,ان جا اولڙا عڪس هڪ شاعر جي قلم ۾ لفظن جا رومانس ڀري ٿو,شاعر ڏسڻي بصري عڪس سان پرزوق قرار جا رنگ ڀري هڪ فطرتي عڪس نگاري جي ڪيترو ته قريب وڃي ٿو جو ڪاڇو ڪاڇيلڻ جي وادي گاج ,نئي سوا سان گڏ شاعري آبشار ٿي پوي ٿي,مصوري ڪاڇي جي گيلري, 
ساوڪ سڄو, پٽوڙو,سرهي هوا ۽ تون مان,
ڄانڀي ڦولار ۾ آ ڪيڏو مٺو سرور ( مير محرم )
يا
تون جو ڦولار پويان ڦٽين ٿي پره,
روپ ڪيڏو نه پيارو وٺين ٿي پره (مير محرم)
**
تڏھن ڪشمير ٿي پوندو آ ڪاڇو وهي برسات ۾ نئي سوا جي هتي (اداس لنڊ )
**
سانوڻي ۾ برش ٻوڙي سونهن سان, پينگهه جوڙي ٿو مصور شاهڪار(مير محرم )


No comments: