Tuesday, August 4, 2020

وڻ وڻ منجهان واس جو مختصر اڀياس بيوس سجاد گاڏهي



ڪتاب؛ “وڻ وڻ منجهان واس“ جو مختصر اڀياس.
تحرير/ بيوس سجاد گاڏهي.

وڻ وڻ منجهان واس پنج شاعرن تي مشتمل گڏيل شاعري جو ڪتاب آهي جيڪو سنڌ (ڪاڇي) جي خوبصورت شاعرن طالب لغاري ۽ جاني اسحاق ملاح کي ارپنا ڪيو ويو آهي. 
ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر علي دوست عاجز لکيو آهي  اداري پاران ساجد سنڌي جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا تاثرات پڻ ڪتاب کي ڀرپور حسناڪي بخشي آهي، 
سمبارا پبليڪيشن مان شايع ٿيندڙ هي شاعري جو ڪتاب  گهايل لغاري ۽ زين کوسو مرتب ڪيو آهي جيڪو 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 240 روپيہ رکي وئي آهي. 
ڪتاب ۾ شامل سڀئي ادبي دوست سينيئر ۽ برجستا تخليقڪار آهن سندن ادبي ابتدا تقريبن منهنجي (عمر) سن آهي، 
وڻ وڻ منجهان واس تمام پياري ۽ خوشبوءِ هاڻي نانءُ جي چونڊ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ واقعي ئي  مختلف وڻن (شاعرن) جو واس (شعري حسناڪي) جابجا پڙهندڙ جي من ۾ هڪ الڳ جهان جوڙي ٿو.
ڪتاب جو مهاڳ پڙهندي اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته علي دوست عاجز سهڻي تخليقڪار هجڻ سان گڏوگڏ ڪمال جو نثرنگار پڻ آهي.
 مهاڳ  (جوهي جا جر ڦُل) پڙهندي جن جملن منهنجي روح جي تارن کي ڇيڙيو اهي جملا اوهان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيان ٿو جيئن اوهان به انهن مان چس ۽ واس وٺو.

“سرنهن جي مند ۾ تلُورن جي تاڙ ۾ ويٺل عرب شهزادن جا خيما ائين کوڙجي ويندا آهن جهڙا مِنا ۾ مسافر حاجين جا تنبُو هجن“
“ماڻهو ۽ مال آهن پاڻيءَ سان، پکي ۽ پريت آهي وري ماڻهوءَ سان“
“جي ساھ سنگتياڻيءَ سان ٿو سونهين ته درياھ به پاڻيءَ سان ٿا ٺهن“ 
“ادب ۽ آرٽ جي اُڃ به عشق جي اُساٽ وانگر آهي جنهن مان پيتي نه ٿو ڍاپجي“ 
“ڪلا وارن جا وارث ڪلا وارا ئي هوندا آهن“ 
“ڪافي خوبصورت شاعر، شاعريءَ مان ايئن هٿ ڪڍي ٿا وڃن جيئن گهٽ ريج ۽ لاڳيتي برسات نه پوڻ جي ڪري ماڻهو پوکيل فصل مان هٿ ڪڍي ان کي مال کان ڀيلائي ڇڏيندا آهن“ 
“استاد چوندو هو پيار ۽ پيڙ هڪٻئي جا پاڙيسري آهن“ 
“ماڻهوءَ جو واس ڳالهين مان ايندو آهي“ 
“گڏيل مجموعن جو رواج هلندو ٿو اچي پڙهندڙ کي ورائٽي مليو وڃي، اهڙو مجموعو انگورن جي ڇُڳي وانگر هوندو آهي“ 
هاڻي پڙهندڙ ان مان خود اندازو لڳائن ته اهي جملا آهن يا ڍنڍ ۾ تڙڳندڙ نيرڳ...؟؟ 

هن ڪتاب جو پهريون شاعر آهي مير محرم لغاري 
مير محرم لغاري جو فڪر آسماني وسعتن کي ڇُهي ٿو سندس شاعري مان رابيلن جو هڳاءُ اچي ٿو سندس شاعري منهنجي نظرن اڳيان پهريون ڀيرو گذري آهي جنهن کي پڙهي مون کي ايئن لڳو ته “پاڻ ڄڻ شاعريءَ سان مسخري پيا ڪيون“  سندس  شاعري جا فني فڪري پاسا نهايت مضبوط آهن سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر هتي ڏيان ٿو خاص طور تي جن مون کي بيحد متاثر ڪيو.

ڪنڌ جيڪي سُتا نه ٻانهُن تي 
بار بُت جي مٿان اجايا آهن. ( ص 20)

تنهنجا مظلوم پيڙهجي ويندا 
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين  (ص 23) 

وار پيشاني تان واريو ڪجھ نه ڪجھ 
کاڄ تان ماکي اُٿاريو ڪجھ نه ڪجھ (ص 24) 

ڇاتيون ملڻ لئه آتيون جنهن دم ملي وڃن ٿيون 
چُڀندڙ اُڀار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور (ص 25) 

هُوءَ سينگارجي گهران نڪتي 
تير نڪتو ڪمان کان ٻاهر ( ص 28) 

روز آ ڌرتي، ٻولي، توڙي پاڻيءَ تي يلغار 
سنڌڙي تنهنجي آئيندي جا الڪا مارن ٿا (ص 30) 

تنهنجي حسين هاٺي جهڙو غزل لکان مان 
تخيل جي حد ختم، جت خيالن جي حد ختم (ص 31) 

ڏيھ جوڙيندڙ وڏو باذوق هو 
لاڙ، ڪاڇو وِچ، اُتر ٿر شاهڪار (ص 35) 

ڪاش! ڪنهن.کي سڃاڻون مرڻ کان اڳي 
لڙڪ معنيٰ ٿا رکن ڪِرڻ کان اڳي (ص 40)  

هن ڪتاب جو ٻيو شاعر آهي خادم جسڪاڻي
خادم جسڪاڻي. جي شاعري به سڀني وصفين سهڻي آهي
جنهن ۾ سُر سارنگ جا آلاپ به آهن ته نمن جي ڇانءُ جهڙو سُرور به آهي سندس شاعريءَ ۾ ڪاڇي جا منظر ائين اکين اڳيان ڦُٽي پون ٿا جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ ڪاڇي يا ٿر ۾ کُنڀُيون ڦُٽي پونديون آهن، سندس شاعري مان ڪجھ منهنجا پسنديده شعر

وار کليل هن رئو ئي ڪونهي 
ڇورِيءَ کي ڪو ڀئو ئي ڪونهي (ص 42) 

مزدورن جو ڏينهن ملهايُئي 
جن کي مُيسر ڍئو ئي ڪونهي (ص ساڳيو) 

بابو چئي ٿو شعر لکين ٿو ڪجھ احساس اٿئي؟ 
گهر جي ڇِت جون ڇيتون ڇيتون گارو ٿي ويو آ (ص 43) 

پنهنجي شوق خاطر ٻِي شادي ڪيُئي 
سمائي جا گهر ۾ نه نياڻي ڏٺئي (ص 44) 

پاڻ ڪاڇي جي ڄانڀي جيان هُون پرين 
ٿوري لفظن ۾ ان لئه هي ڪوڙاڻ آ (ص 45) 

ڳوٺ ۾ خوشبوءِ ويئي ڦهلجي 
هُن وڌو چولو سُڪڻ لئه تار تي (ص 46) 

ظاهر ۾ هُن ڀاڪر پاتو 
ڇا اندر جي مير ڇڏيندو؟ (ص 53) 

مون کي جنت ۾ ڪٿ مزو ايندو 
منهنجي ڪاڇي ۾ جي ڏُڪر هوندو (ص 57) 

هن ڪتاب جو ٽيون شاعر آهي اداس لنڊ 
سڪندر علي لنڊ جي لکڻ جو ڏانءُ به سادو سلوڻو ۽ من موهيندڙ آهي سندس لکڻيون عمر جي لاهن چاڙهن، تجربن ۽ مشاهدن سان ٽمٽار آهن سندس لکڻين ۾ مقناطيسي ڇِڪ آهي جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ قابو ڪري ٿي اداس لنڊ جي شاعري ۾ اداسي جا عڪس جهجهي تعداد ۾ ملن ٿا، سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر. 

مون رات ڏٺو خواب اهو آ ته سنائي! 
هُو سنڌ مان غيرن ۽ غدارن کي تڙي تو (ص 67)  

جو اثر آ قلم اسان جي ۾ 
سو اثر ناھ تنهنجي گوليءَ ۾ (ص 68) 

سال سارو ٻنيءَ ۾ لوڙيو ٿم 
ٻن مهينن جو آيو انَ آهي (ص 71) 

خوف دهشت جاڳي پيو ٿو من منجهان 
بُوءِ رت جي ٿي اچي روڊن منجهان (ص 72) 

پيار دولت جو محتاج ناهي اداس 
ڪنهن ته مُرلي کنئي بادشاهي ٿُڏي (ص73) 

جو وڻي سو ملي ائين ناهي 
سهڻو ماڻهو ته سڀ کي آ وڻندو (ص 76) 

گاج آئي وهي ڀريو منڇر 
ڪالھ خوش ڪيترو مهاڻو هو (ص 78) 

گلن کي چئو ٽڙڻ ڇڏين 
اگر ٽڙندا ته پيا پٽبا (ص 81) 

بُت ڏڪيو آ ڏسي اهو منظر 
هن جي ڇاتِي جڏهن ڇُلي آهي (ص 82) 

هُوءَ چِتائي ڀلا ڏسي ڇو ٿي 
ٿو لڳي ڇوڪري ڀُلي آهي (ص ساڳيو) 

هن ڪتاب جو چوٿون شاعر آهي زين کوسو (مرتب) 
زين کوسي کان سنڌ جو هر باشعور فرد چڱي ريت واقف آهي سندس شاعري سان گڏوگڏ  هن جو نثر به داد لائق آهي هي شاعر دوست محبتون ونڊيندڙ ۽ اعليٰ اوصاف رکندڙ سنڌ جي محبوب شخصيت آهي پاڻ فيسبڪ تي تقريبن گڏيل هوندا آهيون 
سندس شاعري مان ڪجھ شعرن جي چونڊ

وقت ڊُڪي ٿو، هر ڪو آ مشغول 
ڪنهن کي ناهي ڪنهن جو احساس (ص 90) 

منجھ حويلي سوچي سپنا 
ٻاهر پهرا خالي خالي (ص 92) 

روز مارُو ٿا مرن تو ڇا ڪيو 
بند ڪر پنهنجي لٻاڙي ڊاڙ کي ( ص 93) 

ڳاڙهن ڳلڙن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن 
جاڙن جبلن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن (ص 94) 

دل کي ايڏا درد نه ڏي تون 
دل آهي ڪو روھ ته ناهي (ص 99) 

ڪيسين سهندي سُور وڇوڙو 
جان اسان جي لوھ ته ناهي (ص ساڳيو) 

بک ۽ بدحالي منجھ مُئا 
پائي ڳچيءَ ۾ ٽوڙها ماڻهو (ص 101) 

ناري ڪائي پڪڙي ويئي پيار ڪندي 
ماڻهن جي سنگسار ڪرڻ کي ڇا چئجي؟ (ص 103) 

شيشي جهڙو صاف شفاف 
تنهنجو منهنجو پاڪ پيار (ص 104) 

هن ڪتاب جو آخري شاعر گهايل لغاري آهي (مرتب) 
غلام حيدر لغاري سنڌ جو سچيت قلمڪار آهي جنهن جي ادبي سرگرمين متحرڪ پڻي ۽ ادبي خدمتن کان ڪهڙو اڻاسي اڻ واقف هوندو؟
گهايل لغاري جي لکڻين جو پنهنجو منفرد لهجو/اسلوب آهي سندس فن ۽ فڪر تحسين جوڳو آهي پاڻ سهڻو نثر نويس پڻ آهي منهنجون ته ساڻس جيءُ جون جڙون آهن حاضر آهي سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر.

عشق مشتاق سونهن جو آهي 
عاشقن جون ڪٿائون اٿلايو (ص 108) 

احمقن پيار کان ڪري نفرت 
زندگين۾ نٿُور آندو آ (ص 111) 

پنهنجي خوابن جو موت ٿي پيو آ 
اڄ تڏهن سوڳوار ٿي پياسين (ص 113) 

جڏهن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين 
ڏنگيندي رهي هيڪلائي زمانا (ص 114) 

آسون ساڙي رک ڪيائون 
يارن جا ها لهجا ٽانڊا (ص 116) 

وڇوڙي ساھ ساڙيو آ 
جِئين سيءَ گاھ ساڙيو آ (ص 118) 

ملندين ته دوست پاڻ ئي محسوس تون ڪندين 
گهايل جي دل ۾ آهن ارمان ڪيترا (ص 119) 

مان پُڳس آسري صدارت جي 
ها مگر ميزبان مٽجي ويو (ص 125) 

حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين 
وفا جي اوساري ڪندو هل پرين (ص 127) 

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس ڪندي الاهي منظرن جو ڄڻ منهان ميل درشن نصيب ٿيو ڪٿي ڪاڇي جي ڏڪار جو ڏک منهنجي اندر ۾ وڍ وڌا ته ڪٿي وري ڪاڇيلڻ! جي حسن و ادا چنچل پڻي منهنجي جيءَ ۾ ڄڻ ته عجيب لياڪا پئي پاتا بحرحال هن تجزياتي تحرير ۾ مون صرف پڙهندڙ جي حيثيت سان (شاعري جو چس وٺڻ خاطر) هن ڪتاب کي ڪنهن ماء واري نگاھ سان ڏٺو ۽ پرکيو آهي هر انهي ٻاجهاري ماءُ وانگي جنهن کي پنهنجا ٻچا اپاهج هوندي به سون کان وڌيڪ ڀاسندا آهن البته هن ڪتاب ۾ الاهي جاين تي فني ڪوتاهيون درپيش آيون جن کي مون نظر انداز ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن تحرير ۾ تنقيدي پهلُو به شامل ڪجي ها ته هي تحرير طوالت جي تئو ۾ کامي وڃي ها ۽ پڙهندڙ ان مان بوريت جي بُوءِ سُنگهي ڦٽو ڪري ڇڏن ها، پر مون کي اها اميد آهي ته ان تي وقت جو ڪو ڏاهو نقاد ضرو قلم کڻي پنهنجو فرض پورو ڪندو.

No comments: