Monday, July 27, 2020

تنھنجون يادون اچن پيون جيئن بوندون لڳن پيون خيال کتري



وائي 

تنھنجون يادون اچن پيون
.................. جيئن بوندون لڳن پيون

نيڻ راھون تڪين پيا
۽ رڳون سڀ وڄن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

آس دل جي وڌي وئي
سمنڊ ڇوليون ڇُلن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

حسرتون بيخوديءَ وچان
ناچ ۾ ڄڻ نچن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

ڀوڳ ناھي ھي عشق آ
من مرادون جلن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

آسمان کي بہ آ تڙپ
مثل لڙڪن وسن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

دير جيئن پئي خيال ٿي
تشنگيون پڻ وڌن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون
2020ـ7ـ25

خيال کتري

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=2645465869011607&id=2280538722170992

No comments: