Saturday, August 8, 2020

لطيفي لات : پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي لَڳو ڪِنءَ لَطِيفُ چَي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ پِرِين ڏَيکارَي پاڻُ، خوشِ ڪَرَي وِئا خُوابَ ۾

 


لطيفي لات :


پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي

لَڳو ڪِنءَ لَطِيفُ چَي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ

پِرِين ڏَيکارَي پاڻُ، خوشِ ڪَرَي وِئا خُوابَ ۾


سُرُ بَرِ وو سِنڌِي


پَرَ وَسِ = پرائي وس، ٻئي جي هَٿِ

ٿِيُمِ = ٿيو

پِراڻُ = ساھ, دل

ڪِنءَ = ڪيئن

ڇَپَرُ = جبل، جبل جيڏو غم

ڇاتِيءَ ساڻُ = ڇاتيءَ تي برداشت ڪيو ويٺي آهيان

وِئا = ويا


بيت جو پس منظر


~ هي ساھ ۽ دل پرائي وس آهي، پرين بہ منهنجي وس ۾ ناهي.

~ هي جبل منهنجي ڇاتيءَ مٿان ڪيئن اچي ڪريو آهي.

~ محبوب پاڻ ڏيکاري خواب ۾، خوش ڪري هليا ويا.


سمجهاڻي


هي دل جون ڪيفيتون بہ عجيب آهن، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾. هونئن هجڻ ايئين گهرجي ها تہ دل ماڻهونءَ جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ هجي ها پر هتي ڳالھ ابتي آهي.

دل ۽ ساھ ماڻهونءَ جَي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ نہ پر ماڻهو پاڻ هنن ٻنهي جَي اڳيان بيوس، لاچار ۽ مجبور آهي. وري مٿان ظلم اهيو آهي تہ پرين بہ پنهنجي وسَ ۽ مرضيءَ جا مالڪ آهن.

سڄي دنيا جا ظلم، ستم، ڏاڍ ۽ جبر تہ ماڻهون سهي ويندو پر محبوب جَي جدائيءَ جو جبل جيڏو غم برداشت ٿي سگهي سو ممڪن ئي ناهي.

هر ڏينهن هر رات ۽ هر پل محبوب جون راهون تڪيندي، اوجاڳا ۽ انتظار ڪندي گذري ٿو. پر هن سڪ جي سڪايل دل کي محبوب ملي سو مشڪل آهي.

پرين تہ ڪڏهن ڪڏهن اوجاڳيل اکين ۾ خواب بڻجي گهڙي پل لاءِ پاڻ پسائن ٿا ۽ خوش سمجهي هليا وڃن ٿا.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

No comments: