Saturday, August 8, 2020

ڪڪرن ۽ درياءِ جي ديس جو فرق خالد ڪنڀار


 ڪڪرن ۽ درياءِ جي ديس جو فرق

 
خالد ڪنڀار
انهي ڏينهن هو ڊگهي کجي جي وڻ هيٺان بيٺو هو. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر هلي رهيا هئا. اتي ئي پاسي ۾ هن جي کجي جي چاڙهي جي چيل ۾ چمند ٻڌ پيو هو. اهو چاڙهو کجي تي چڙهڻ لاءِ واجهائي رهيو هو. انهي چاڙهي جون اکيون وري کجي جي چوٽي ۾ بيٺل پڪل کجين جي جهڳٽي ۾ هيون. هو چاڙهي مان اکيون ڪڍي هر  هر آسمان جي ڪارن ڪڪرن ۾ گهوري رهيو هو . هڪ نظر ڪارن ڪڪرن ۾ هئس تـ ٻي نظر وري چيل ۾ چمند ٻڌي بيٺل چاڙهي ۾ هئي. هن جون اکيون آسمان ۾ ڪارن ڪڪرن جي وچيان سج جي ٻرندڙ گولي کي ڳولي رهيون هيون. هن جي دل چاهيو پئي تـ ڪٿان نـ ڪٿان ڪري سج نڪري اچي ۽ ڪڪر ڪنهن ٻي ديس ڏانهن هليا وڃن. منهنجي دل چاهيو پئي تـ هي دل ئي دل ۾ دعاءِ گهري تـ ڪڪر ٿر هليا وڃن .هن جي انهي کجين جي باغ ۾ زمين کجين سان پيلي لڳي پئي هئي. هڪ هڪ کجي جي داڻي ۾ هن جو پوري  سال جو انتظار پيو هو.هلڪڙي هلڪي برسات جو ڦوهارو هن کي سال پٺتي ڌڪي سگهيو ٿي.انهي مهل اسين ٻئي هڪ ٻي جي ايترو ويجهو هوندي بـ ڪيترو نـ پرتي هئاسين.
جيڏي مهل هن چاڙهي ۽ ڪڪرن مان اک ڪڍي مون ڏانهن ڏٺو تـ آئون انهي مهل تصور ۾ ڪنهن ڀٽ تي ويٺو هئس. منهنجون اکيون  آسمان ۾ ڪڪر ڳولي رهيون هيون.منهنجون اکيون هڪڙي ٿرئي جون اکيون هيون جيڪي ڪڪرن جو انتظار ڪنديون آهن. هن جون اکيون وري اتر سنڌ ۾ درياءِ جي ڪناري تي ويٺل هڪڙي درياءِ جي ماڻهو جون اکيون هيون. اسان ٻنهي جي اکين ۾ اهو فرق هو .هن جون اکيون وهندڙ پاڻي ڏسي خوش ٿينديون آهن.دل خوشي مان ڌڙڪندي آهي منهنجون اکيون وري ڪارا ڪڪر ۽ جهڙ ڏسي خوش ٿينديون آهن . جنهن مهل اسان جون اکيون هڪ ٻي سان ڳالهائي رهيو هيون تـ هن جون اکيون صاف اڇيون ۽ منهنجون اکيون ڪارن ڪڪرن سان ڀريل هيون. انهي مهل منهنجي ذهن ۾ اسان ٻنهي جي اکين جو فرق ڏسي اهو ململ جو اڇو پٽڪو ٻڌي هلندڙ وڏين اکين وارو ٿريو ياد اچي ويو جيڪو سدائين بئراج کي درياءِ جو ديس ۽ ڀٽن کي ڪڪرن جو ديس سڏيندو هو. هن کي خبر هئي تـ ڪڪر ۽ درياءِ جي ديس جو اهو فرق فطري هو.جيڪو هميشـ رهڻو هو.
انهي ئي مهل منهنجي اکين اڳيان سائين ابراهيم کرل جي ناول ”کجين جي ديس جا ماڻهو“  جا ڪردار هڪ هڪ ٿي اکين اڳيان ڦرڻ لڳا ۽ انهن ڪردارن جون ڪيفيتون مونکي محسوس ٿيڻ لڳيون. انهي ناول کي پڙهي ئي اتر سنڌ جي هن موسم ۾ ڊگهين کجين کي سمجهي سگهجي ٿو . جنهن ۾ کجي جو وڻ لڳائڻ کان وٺي فصل لهڻ تائين سڀني مرحلن تي تفصيل سان لکيل آهي. کجين کي نر ڪيئن ڏجي چاڙهو کجي تي ڪيئن چڙهندو آهي. کجي تي بيٺي بيٺي اتي ئي چاڙهو پاڻي ڪيئن پيئندو آهي. اصيل ۽ ڪربلائي کجي کان ويندي کجي جي سڀني قسمن جا تفصيل هن ناول ۾ آهن. ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۽ بلوچستان کان ايندڙ مزدورن جو ذڪر به آهي جڏهن اهي مزدور ايندا آهن ته سرن جا ڪانا ٺڪا ڏئي ڪيئن ٽٽي پوندا آهن.وڏا وڏا ساه کڄندا آهن. ڪنن جي پاپڙين جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.نئيون محبتون کجين جي باغن ۾ کجين جيئان پچنديون آهن .هن ناول ۾ وچ وچ ۾ سنڌي چوڻي جو استعمال به سائين ڪريو وڃي. منڊي ۽ دلال وارو سڄو پاسو به هن ناول ۾ آهي. هن ناول جا بادشاهزادي جهڙا ڪردار واقعي واڻين کي سچا پچا دلال ڪريو ڇڏين . انهي ناول جا ڪي ڪي جملا تـ اهڙا آهن ”
غيرت ۽ عزت کجي جي فصل جيئا ن ننگي ٿيندي آهي
کجيون به ڌئيرن وانگر سامائبيون آهن
هر ماءِ ڌيءِ جي اولاد کانسواءِ اڪيلي هوندي آهي
ڌئيرون به کجين جون جهتون آهن جيڪي ماءِ کان جدا ٿي نئين زمين ۾ وڌنديون آهن ۽ زمينون آباد ڪنديون آهن
کجين کي به جگر ٿين بابا
چاڙهو اهو ڀلو جيڪو کجي جي نبض تي هٿ رکيو اچي.
کجي کي نر هميشه سج نڪرڻ کان پوءِ ڏنو ويندو آهي.
جيڪا نر جو واس ئي نه وٺندي ته ڦر ڪيئن ڏيندي
هن ڀاڪر ۾ ڀري زور ڏنو ته لعل چيس سوٽ آهيان نه ڇڏ
گندي هڪ ٽنگ گهڻا ان بچي ته ڪيئن بچي
اونهي چله جي باهي ناهي اپڻندي
جنهن کي کجين جي ديس جي محبتن ۽ کجين کي سمجهڻون آهي انهي کي اهو ناول ضرور پڙهڻ کپجي. تڏهن ئي ڊگهن وڻن ۽ ڊگهڻ وڻن جي ديس جي ماڻهن سان ڪيل محبت سمجه ۾ ايندي . رات جي اونده ۾ پڙ ڏانهن وڌندڙ وکون ۽ اوچتو ڪنهن جي لوڙهي ڏانهن محبت مان کڄندڙ اکيون هن ناول ۾ آهن .
..
خير هن وقت هڪڙي پاسي کجين جي ديس خيرپور جا ماڻهو برسات جي ڇنڊ نـ ڪرڻ لئـ دعاءِ پيا گهرن تـ ٻي پاسي ٿر جي ڀٽن تي وري برسات ۽ ڪارن ڪڪرن جو انتظار ٿي رهيو آهي. ٻنهي جون اکيون آسمان ۾ آهن. اتر سنڌ ۾ برساتن ۽ واپارين جي ڪري کجين جي فصل ۾ هتان جي آبادگارن جي دل ڀڳي پئي آهي. اڄ بـ الاهي ڪيترن ڏينهن کان خيرپور جي کجور منڊي  واپاري قتل ٿي وڃڻ جي ڪري بند آهي ۽ آبادگار ڀوڳي رهيا آهن.
ٻي پاسي گذريل هڪ ٻن ڏهاڪن کان ٿر ۾ آيل سياسي سماجي ۽ انفراسٽرڪچر جي تبديل ٿر جي سڄي نفسيات ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي. اڳي ٿر ۾ مينهن پوندا هئا تـ ماڻهو واٽهڙن کان پڇندو هو ڏي خبر تنهنجي پاسي جي برسات ڪيئن آهي . تڏهن واٽهڙو هڪڙي پير تي بيه ٻيو پير پنهنجي ٽنگ تي رکي لٺ جي ٽيڪ تي چهرو آڻي چوندو هو اسان جي ڳوٺ جي ترائي ۾ هيترن ڏينهن يا مهينن جو پاڻي آهي. هاڻ تـ هتان ڇنڊ ڪري ٿي هتان ٽانڪين ۽ پکالن سان وڏيون وڏيون ترايون هڪ هڪ ڏينهن ۾ پوريون ٿيو وڃن پاڻي وڃي گهرن جي ٽانڪن ۾ گڏ ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو تـ گهر جي اڱڻ جو پاڻي ترائي تائين پهچڻ ئي نٿا ڏين . اتي ئي ٽانڪو ٺهيو پيو آهي. پرسات جي ٻي ڏينهن ئي سيم ۾ ايترو پاڻي نٿو بچي جو کڻي ڪو پکي چهنب ٻوڙي يا کڻي ڪو جهنگلي جانور پنهنجا اوسا چپ پلر سان پسائي.” پلر تـ اسان جي ٻڪن مان ئي ڪري ويو آهي“. جهنگلي جيوت تـ اڃي جي اڃي آهي پوءِ چونٿا تـ مور ٿا مرن ڳيرا ٿا مرن رڙو رڙ . ٿر هاڻ صابرين ٿر ناهي رڙيون ڪندڙ ٿر آهي. ڪيهو ڪيه آهي. ٻي پاسي ٿرين ۾ هٻڇ بـ ايتري اچي پئي آهي جو . هوڏانهن ڇنڊ ڪري هوڏانهن ڪهاڙي جو ڌڪ سڌو وڻ ۾ هر سال الاهي ڪيتري زمين پوکڻ لاءِ وڌائيندا رهن ٿا. حالت اها آهي جو گذريل ڏهاڪي کان تـ ٿر ۾ ڀٽن پوکڻ جو رواج بـ وڌيو آهي. اوهان کي ننگر ويندي رستي تي ڪيتريون ئي ڀٽون پوکيل ملنديون. سو هڪڙو وڻ تـ ڪوئلي وارن ناهن ڇڏيا ٻيا ٿرين پاڻ وڍي پٽ ڪيا آهن. هجڻ تـ هيئن گهرجي جو هن موسم ۾ ٿر ۾ وڻ لڳايا وڃن. ٿر جا ڪيترائي وڻ آهن جيڪي هڪڙي برسات تي ٿي سگهن ٿا. جنهن ۾ ٿوهر گگر سرنگهو پر لڳائڻ جو رواج ٿر ۾ آهي ڪونـ وڍڻ جو رواج وڏو آهي. هي موسم وڻ وڍجڻ جي موسم آهي . هي ئي اها موسم آهي جنهن ۾ ٿر ۾ ٻنين جي سيڙهن ۽ سنڌن تان وڌ ۾ وڌ جهيڙا ٿيندا آهن . وڪيلن جي ڪمائي جي سيزن آهي . ٿر ۾ مسلسل ميڊيا ۽ اين جي او هڪڙو اهڙو ٿر گڏيل طور تي متعارف ڪرايو آهي. جنهن تعارف ٿر جي سموري جي سموري نفسيات تبديل ڪري ڇڏي آهي. شايد هي اهو ٿر ناهي جيڪو سوشل ميڊيا ۽ دڪاندار اين جي اوز کان اڳ ۾ هو . هي شايد ڪو ٻيو ٿر آهي. اسان کي اها ڳالهـ مڃڻي پوندي تـ اسان پنهنجو ٿر وڃائي چڪا آهيون. ۽ اهو ٿر اسان کي هاڻ وري ڪڏهن بـ ڪونـ ملندو. اهو ٿر ڏسڻ لاءِ هاڻ اکيون ۽ دل سڪي وئي آهي. انهي تي وري ڪو اينٿرو پالاجي جو ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو . يا ڪٿي اهين تـ ڪونهي دنيا جي سڀني صحرائن  جي ماڻهن جي نفسيات اها ئي هوندي آهي. ٿر ۾ وڌندڙ ذات برادري واري نفسيات مذهب واري نفسيات ڪٿان آئي آهي. هي اهو ٿر ناهي جيڪو ڪتابن ۾ لکيل آهي. هن ٿر کي وري ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي .


No comments: