Wednesday, August 19, 2020

ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“ امر لغاري


ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“
امر لغاري

سنڌ ۾ ماحولياتي حوالي سان تمام ٿورڙا نالا اهڙا آھن، جن ماحوليات جھڙي وڏي تناظر واري موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ انتھائي شاندار لکيو آھي. انهن نالن منجهان ناصر علي پنھور پڻ هڪ آهي. هو ماحولياتي حوالي سان نه فقط هڪ ماهر پروفيشنل آهي، پر گڏو گڏ ماحولياتي مينيجمينٽ توڙي صحافت جهڙن شعبن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪندو پيو اچي. انهي سڃاڻپ هيٺ هن گهڻو ڪجهه پڻ لکيو آهي. ناصر جو سڀ کان اهم ڪم قلم ذريعي ماحولياتي سجاڳي پکيڙڻ، پائدار ترقيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ، عالمي ماحولياتي تبديلين بابت خبردار ڪرڻ، آب هوا جي تبديلي، سنڌو درياهه ۽ ان جي وهڪرن، ڊئمن، بئراجن، پاڻيءَ جي ڍنڍن، درياهه جي ڇوڙ واري علائقي ڊيلٽا توڙي انهن تي انحصار ڪندڙ جهنگلي جيوت، زراعت ۽ عام آدم بابت ماڻهن کي معلومات ڏيڻ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ هن جو جيڪو نئون ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، تنهن ۾ پڻ انهن ئي مسئلن کي سائنسي، سماجي ۽ تاريخي ڄاڻ جي حوالن سان اجاگر ڪيو ويو آهي.

سنڌو درياهه ۽ ان جي ماحولياتي مسئلن بابت مضمونن جي هن ڪتاب ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي ماحول جو گھڻ رخو مشاھدو بيان ڪندي ناصر انھن سڀني پاسن تي قلم کنيو آھي، جيڪي اسان جي ھن خطي جي ماحولياتي ثقافت جوڙين ٿا. ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ کي معلومات توڙي موضوعن جي حوالي سان ڇهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي جو عنوان آهي ”سنڌو درياهه، ڊيلٽا ۽ ڊئم“. هن حصي ۾ ڪل يارنهن مضمون ڏنل آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي صحت، ان سان لاڳاپيل سياسي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلن، وهڪرن، ڊيلٽا جي مستقبل، ماحول دشمن رٿائن، سامونڊي چاڙهه وغيره بابت آهن. جيڪڏهن هنن مضمونن جو تت ڪڍجي ته ليکڪ جي ان ڳالهه سان سهمت ٿيڻو ٿو پوي ته ”نديون ئي ڌرتيءَ جي گولي کي جيئرو رکن ٿيون“. ليکڪ مطابق جيئن ته انساني تهذيبن جي تاريخ درياهن سان ڳنڍيل آهي، ۽ دنيا جي قديم تهذيبن درياهن جي ڪنارن تي جنم ورتو، ان ڪري تهذيبن جو درياهن سان جذباتي رشتو آهي. درياهه انسان لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي سان گڏ روزگار جي وسيلن، آمدرفت ۽ زراعت لاءِ نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. جيئرا درياهه ڌرتيءَ جي جياپي، زمينن لاءِ لٽ، تعميراتي سامان، تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏ ثقافتي ۽ روحاني طور ماڻهن کي سگهه بخشين ٿا. درياهه جا زنده وهڪرا ٻوڏن ۽ ڏڪارن جي اثرن کي گهٽائن ٿا، ٻيلن جي واڌ، ماهيگيري ۽ ماحولياتي نظامن کي برقرار رکن ٿا. ليکڪ اسان کي اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته هن وقت جتي دنيا ڀر جا درياهه پاڻي کڻڻ، ماحولياتي گدلاڻ ۽ وهڪرن جي رخ موڙڻ جهڙن دٻائن جو شڪار آهن، اتي سنڌو درياهه پڻ جياپي جي جنگ وڙهندي آخري پساهن ۾ آهي، جنهن جا مکيه سبب انساني آبادي جو وڌڻ، زرعي زمينن جو وڌيڪ آباد ٿيڻ سان گڏ ڊئمن جو اڏجڻ ۽ موسمي تبديليون آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو پڻ اسان جي ملڪ جي فائدي ۾ ناهي رهيو، نتيجي ۾ پاڻيءَ جي ملڪي ضرورتن جو سڄو وزن سنڌو نديءَ مٿان اچي ڪڙڪيو آهي. جيئن ته پاڻيءَ کي سمنڊ تائين پهچڻ نٿو ڏنو وڃي، ان ڪري ڊيلٽا ۽ ان جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، ۽ سمنڊ جون ارهه زورايون وڌي تباهيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن.
ڪتاب جو ٻيو حصو ”موسمي تبديليون، ماحول ۽ فطري وسيلا“ جي عنوان سان آهي، جنهن سان لاڳاپيل ارڙهن ليک شامل ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن جو تناظر جيتوڻيڪ موسمي تبديلين جا ماحول ۽ معيشت تي اثر ئي آهي، پر ان جو دائرو ساري دنيا کان ٿيندو اسان جي ملڪ ۽ سنڌ تائين پهچي ٿو. موسمون ڇو ته ڌرتيءَ جي گولي سان تعلق رکن ٿيون انڪري انهن ۾ فطري توڙي هٿراڌو تبديليون دنيا سان گڏ اسان تي پڻ اثر انداز ٿين ٿيون. جنهنڪري، سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان جي معيشت يعني روزگار جي وسيلن ۽ اسان جي فطري وسيلن (يعني مستقبل جي وسيلن) کي پهچي ٿو. موسمي تبديلين ۾ جتي ليکڪ گرميءَ جي پد ۾ اضافي جو ذڪر ڪري ٿو اتي برساتن ۾ ڪمي، ڏڪار، موسم جي شدد ۽ سامونڊي طوفانن جي پڻ ڳالهه ڪري ٿو. بقول ليکڪ جي ته موسمي تبديلين جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪار سنڌ صوبو ٿئي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي پنجاب ٿئي ٿو. موسمي تبديلين جو سڌو سئون شڪار ماڻهو ٿين ٿا. کين خوراڪ جي ڪمي، لڏ پلاڻ، بيمارين، ڊگهي عرصي تائين زندگيءَ جي سهولتن کان محروم ٿي وڃڻ، مال جي مري وڃڻ ۽ ٻين انيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري هو سنڌ جي پاليسي ساز ادارن ۽ حڪومت کي صلاح ڏئي ٿو ته سرڪار کي سنجيده ٿي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ موسمي تبديلين کي ترجيحي بنياد تي پنهنجي ايجنڊا تي رکڻ گهرجي.
ڪتاب جو ٽيون حصو ”پاڻي“ جي عنوان سان آهي. هن حصي هيٺ ڪل نوَ ليک شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڻيءَ کي زندگيءَ جي بنيادي نعمت طور ڏٺو ويو آهي. گڏو گڏ پاڻيءَ جي کاپي، پاڻيءَ جي وسيلن ۽ ذريعن بابت بحث ڪيو ويو آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته تازو ”پاڪستان ڪائونسل آف رسرچ ان واٽر رسورسز“ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي 84 سيڪڙو آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ادارن جي ناقص منصوبه بندي ۽ بدانتظامي آهي. جيتوڻيڪ ماحولياتي گدلاڻ، گٽرن جو دريائن ۾ ڇوڙ، زير زمين پاڻيءَ جو ڪڙو هجڻ ۽ ان ۾ سنکيي جي موجودگي پڻ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي مسئلن ۾ شامل آهي، پر سڀ کان اهم مسئلو پاڻي هوندي ان کي صاف ڪري ماڻهوءَ تائين پهچائڻ واري رٿابندي آهي، جيڪا وقت جي حاڪمن جي ترجيحات ۾ شامل ناهي. سنڌ پڇڙيءَ ۾ هئڻ ڪري ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي. سڄي ملڪ جي گٽرن ۽ ٻئي ڪني فضلي جو نيڳال پڻ سنڌو درياهه ذريعي سنڌ ۾ ٿئي ٿو. پر جيئن ته هڪ پاسي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وارو نظام پراڻو ۽ ناڪارا آهي، ۽ ٻئي پاسي انساني آبادي توڙي شهرن جي تڪڙي واڌ ۽ وڏين عمارتن جي تعميرات ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جنهنڪري پاڻيءَ کي صاف ڪري هر جاءِ تي پهچائڻ واري منصوبه بندي نه هئڻ ڪري انساني آبادي مختلف بيمارين جو شڪار آهي، جن ۾ ڪالرا، پيٽ جون بيماريون ۽ سائي وغيره شامل آهن. ليکڪ پاڻيءَ جي ذخيرن کي صاف رکڻ، انهن تائين تازو پاڻي پهچائڻ، ادارن مان ڪرپشن، اقراپروري، سياسي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام کي نئون ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.
ڪتاب جي چوٿين حصي کي ”ڍنڍون، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلا“ جو عنوان ڏنو ويو آهي. هن حصي ۾ ڪل چوڏهن ليک شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي ڍنڍن، انهن جي ماحول، اهميت، فطري سونهن، آبي جهنگلي جيوت ۽ انهن جي بقا بابت آهن. ليکڪ هنن مضمونن ۾ سنڌ جي آبي خطن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ڍنڍون قدرتي آفتن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جهڙوڪ: ٻوڏون، ڏڪار ۽ سامونڊي طوفان. ڍنڍون فطري طور شديد برساتن ۽ ٻوڏن جي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.“ ليکڪ جو چوڻ آهي ته ڍنڍون فطرت جون سپر مارڪيٽون آهن. ”ڌرتيءَ جي فطري توازن کي برقرار رکڻ ۽ انساني ترقيءَ لاءِ ڍنڍن جي فطري حسن کي برقرار رکڻ لازمي آهي. ڍنڍون نه رڳو پاڻيءَ کي صاف شفاف رکن ٿيون، پر جر جي سطح کي به برقرار رکن ٿيون.“ ص ـــ173. ليکڪ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته ڍنڍون هڪ پاسي انسان کي خوراڪ مهيا ڪن ٿيون، ته ٻئي پاسي ساحلي علائقن کي سامونڊي چاڙهه کان محفوظ رکن ٿيون ۽ موسمي تبديلين جي اثرن کي پڻ گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڍنڍن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته درياهن جي وهڪرن جو بچاءُ ڪيو وڃي، صنعتن جي گدلي ۽ زهريلي پاڻيءَ کي ڍنڍن ۾ پوڻ کان روڪيو وڃي ۽ انهن کي سُڪائي زرعي زمينن طر استعمال ڪرڻ کان قانوني طور بچايو وڃي.
ڪتاب جو پنجون حصو ”ٻوڏون، ڏڪار ۽ زلزلا“ جي عنوان سان آهي. هن حصي ۾ سورهن ليک شامل ڪيا ويا آهن. جيئن عنوان مان ئي ظاهر آهي ته هن حصي ۾ ليکڪ قدرتي آفتن، انهن کان بڇاءُ لاءِ رٿابندي ۽ انهن جي اثرن بابت بحث ڪيو آهي. جن قدرتي آفتن جو ليکڪ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي تن ۾ زلزلا، برساتون، ٻوڏون، ڏڪار، طوفان ۽ سونامي شامل آهن. هنن مضمونن ۾ گذريل ٽيهن سالن دوران آيل زلزلن، برساتي ٻوڏن، سامونڊي طوفانن ۽ ڏڪارن جو نه فقط تفصيل بيان ڪيو ويو آهي پر انهن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جا به انگ اکر ڏنا ويا آهن. ٻڌايو ويو آهن ته ڪيئن انهن سنڌ جي سرزمين تي تباهي مچائي، ۽ ڪيئن اڳواٽ رٿابندي نه هئڻ ڪري ماڻهن کي وڌيڪ نقصان کڻڻو پيو. ناصر پنهور هنن مضمونن ۾ ٿر، ڪاڇي، ساحلي پٽي، درياهه، بلوچستان، نيپال کان ويندي بنگال ۽ جاپان تائين آيل آفتن جا پيرا کنيا آهن، ۽ انهن جي سنڌ تي پوندڙ اثرن تي سائنسي انداز سان تجزيو ڪيو آهي.
ڪتاب جي ڇهين ۽ آخري حصي جو عنوان ”پائدار ترقي“ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪل ٻارنهن مضمون ڏنل آهن. هيءُ حصو مجموعي طور انهن سمورن وسيلن جي سائنسي طريقي سان توڙي ڏاهپ ڀريي استعمال بابت آهي، جن جو اسان هن جائزي ۾ اڳ ذڪر ڪري آيا آهيون، يا جن جي غلط ۽ بي جا استعمال جي ڪري ملڪ قدرتي آفتن کان ويندي هٿراڌو آفتن جو شڪار ٿين ٿا. پائدار ترقي لاءِ ليکڪ جو چوڻ آهي ته جمهوري نظام جون پاڙون عام ماڻهوءَ تائين هجڻ ضروري آهن. اهو تڏهن ٿي سگهندو ”جڏهن حڪومتون سول سوسائٽي کي ڪم ڪرڻ لاءِ مناسب ماحول مهيا ڪنديون ۽ سماج جي پٺتي پيل طبقن جي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ ادارتي پليٽفارم مهيا ڪنديون.اها خود مختياري تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن غربت کي گهٽائڻ لاءِ اهڙي معاشي ترقي ٿئي جنهن ۾ سڀئي ماڻهو شامل هجن ۽ روزگار پيدا ٿئي.“ هن جو چوڻ آهي ته معاشي ترقي جا فائدا پهچائڻ ۾ جتي هڪڙي رڪاوٽ هتان جو هاڻوڪو نظام ( جيڪو نا اهل ۽ ڪرپٽ) آهي، جنهن ۾ اهي فائدا مخصوص ماڻهن تائين محدود آهن، ۽ ٻي رڪاوٽ موسمي تبديليون بنجن ٿيون، جن جا اثر غريبن تي وڌيڪ نمايان آهن. انڪري پائدار ترقيءَ لاءِ حقيقي عوامي جمهوري نظام ضروري آهي، گڏو گڏ موسمن جي تبديلين جي اثرن آڏو صف بندي پڻ ضروري آهي، جيڪا قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال (يعني مناسب استعمال)، صحيح رٿابندي ۽ صحيح منصوبه بنديءَ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.
هن ڪتاب جي هڪ خاص ڳالهه ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو لکيل مهاڳ پڻ آهي. ميڊم انتهائي شاندار نموني تحقيقي انداز سان هن ڪتاب جي ماحولياتي ۽ تاريخي اهميت بيان ڪئي آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”هيءُ ڪتاب ڇو اهم آهي؟“ ۽ ”ان کي ڇو پڙهڻ کپي؟“ جنهن جو جواب به پاڻ ئي ڏئي ٿي: ”درياهه جا سوڙها ٿيندڙ وهڪرا، گرمين ۾ ريگستان جو ڏيک ڏيندڙ سڪل درياهه. آبپاشيءَ جي مقصدن لاءِ ٺاهيل ڊئم ڄڻ ته درياهه جي وهڪرن سان هٿ چراند آهي. ماحولياتي نظام جي تباهي ڪهڙن سببن ڪري ٿي آهي؟ ۽ ان ۾ اسان جو پنهنجو ڪيترو هٿ آهي؟ ٻيلن جي واڍي ڪنهن ڪئي ۽ ان کي روڪيو ڇو نه ويو.“
مجموعي طور هي ڪتاب اسان جي ملڪ، خاص ڪري سنڌ جي ماحولياتي اثاثن کي محفوظ ڪرڻ، انهن جي مناسب استعمال، ۽ کين درپيش خطرن ۽ مسئلن کان آگاهه ڪري ٿو. ان سان گڏو گڏ هيءُ هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي، جو انگن اکرن ساڻ پنهنجي فطري وسيلن جي معاشي ۽ ماحولياتي دولت ۽ فطري حسن جي بچاءُ جو ڪيس پڻ پيش ڪري ٿو.

 

No comments: