Sunday, August 23, 2020

پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو رکيل مورائي




پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو
رکيل مورائي

جيئڻ ڪهڙين به حالتن ۾ جيئڻ آهي جيڪڏهن حالتون موت کان ڪنهن به طرح نراليون آهن ته! ڪجهه به نئون لکڻ نئون جيئڻ ئي ته آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نئون/جديد ادب ڏيندڙ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ننڍي دائري ۾ ڪوتاڪار اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکڻ ائين آهي.
اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي لکندي هڪ ڳالهه ته کٽڪي ٿي ته نئين/جديد ادب جي تشريح يا تعارف اسان وٽ مڪمل طرح نه ٿي سگهيو آهي. سبب اهو آهي جو ان طرف اسان جو ويچار يا رخ ٺيڪ طرح سان ويو ئي نه آهي. اڄ تائين جيڪو به ڪجهه ان سلسلي ۾ لکيو ويو آهي اهو بنهه گهٽ آهي ۽ ان ڪري ان ۾ نئين/جديد ادب جي چٽائي نه ڪئي وئي آهي، جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي اهي سڀ ڪوششون ئي آهن. ڪامياب/ناڪامياب.
اتي منهنجو خيال اهو آهي ته اهڙو جذبو به ڪن ٿورن نقادن/لکندڙن کي ٿي سگهي ٿو. ان هوندي به هڪ نقاد لاءِ، جڏهن هو اڄ جي ادب تي لکڻ جي جوابداري کڻي ٿو ته، يا ادب تي لکڻ وقت اُن مان ” اڄ جي ادب“ جون وصفون ڳولي ٿو، يا انهن کان وصف جي تقاضا ڪري ٿو، تڏهن مختصر ئي سهي، کيس اهو ٻڌائڻ لازمي بڻجي پوي ٿو ته هُو هٿ ۾ کنيل تخليق تي تنقيد ڪندي، نه صرف جدت طرف پنهنجو رخ ٻڌائيندو هلي پر اهو به ضرور ٻڌائي ته جدت پاڻ ڇا آهي ۽ هن ليکڪ لاءِ ڇا آهي. جنهن تي لکيو پيو وڃي، ڇو ته ڏٺو اهو ويو آهي ته ڪنهن به ليکڪ (هتي اخلاق انصاري صاحب جي جدت جي پس منظر ۾) جي داخليت تائين پهچ خارجيت معرفت ئي ٿيندي آهي، ڪي ليکڪ ٻيءَ طرح به سوچيندا هوندا يا سوچيندا آهن.
منهنجو چوڻ اِهو آهي ته ڪنهن به سچ تائين پهچ ادب جي شروعات کان ٻن پهلن کان رهي آهي، هڪ تخليقڪار جي ۽ ٻي ويچارڪ جي، خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته هڪ ئي وقت اخلاق انصاري صاحب ۾ مٿيان ٻئي شخص موجود رهيا آهن.
سندس تازو ڪهاڻي ڪتاب ”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ ان ڳالهه جو جيئرو ثبوت آهي. جنهن ۾ تخليقڪار به موجود آهي ته ويچارڪ/سوچيندڙ به! ۽ ادب انهن ٻن جي موجودگيءَ ۾ ئي اوسر ڪندو آهي، جيڪا سنڌي ادب جو نصيب بڻيل آهي. صنف ڪهڙي به هجي ان تي لکڻ الڳ آهي، جيئن هن وقت منهنجو لکڻ ڪهاڻيءَ تي آهي، سو به اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻيءَ تي، ڪهاڻيءَ جي حسب نسب تي لکڻ هن وقت اجايو.
ڪيئن به سنڌي اصلوڪي ڪهاڻيءَ پنهنجي جنم کان اڄ تائين، جنم ڏينهن ٻڌائڻ کان سواءِ جيڪو سفر ڪيو آهي، اهو ساراهڻ جهڙو ته آهي ئي پر ڪٿي ڪٿي اهو سنڌي ادب کي فخر ڏياريندڙ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب جو ناول بنهه غريب آهي.
اخلاق انصاري صاحب هڪ عدد ناول به لکيو آهي پر سندس ڪهاڻيءَ مجموعي سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختلف چهرن کان پنهنجو چهرو الڳ ظاهر ڪيو آهي، جيڪو ڏسڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو، خاص طور سندس نئون آيل ڪتاب ” مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ پنهنجي نالي مان ئي ظاهر ڪري رهيو آهي ته هن ڪتاب جون ڪهاڻيون ”من ڇيد“ واريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ليکڪ جي سڃاڻپ به آهن سندس سموري ادب ۾!
اخلاق انصاري صاحب سنڌيءَ جو اهو ليکڪ آهي جنهن جون ڪهاڻيون شخص جي آس پاس هجڻ باوجود شخص جي آر پار جو چهرو وڌيڪ ڏيکارينديون آهن، هت مان مغربي ادبي ڌارائن توڻي تنقيدي ڌارائن جو بار هنن ڪهاڻين تي وجهي انهن جي اصلوڪي بيهڪ توڙي سونهن سميت احساس توڻي اظهار کي ڇيهو نٿو رسائڻ چاهيان ٻيءَ طرح دنيا جي مڙني ٻولين جو ادب، دنيا جي ٻين مڙني ٻولين تي پنهنجو اثر ڇڏيندو آيو آهي، جنهن جي اپٽار ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي!
اخلاق انصاري صاحب جون هن ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون نئين صديءَ ۾ پنهنجي اهڙي تازگي کڻي آيون آهن جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ماڻي به سگهجي ٿو ته ڀوڳي به سگهجي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته محسوس ڪيل کي ماڻي يا ڀوڳي ته سگهبو آهي پر ان سڀ کي اظهارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي، شايد مون سان به ائين ٿي رهيو آهي، تنهن هوندي به هيءُ چوڻ مون لاءِ وڌيڪ ٺيڪ آهي جو چوان/لکان ته هيءُ ڪهاڻيون باوجود پنهنجي دائري ۾ زمان ۽ مڪان جون لڪيرون رکندي، پنهنجي احساس ۽ اظهار ۾ ايتريون ويڪريون/ سگهاريون آهن جو اهي ڪنهن به وقت پڙهجن، پنهنجو احساس تازو رکنديون، اهو سڀ ڪهاڻيڪار جو ڪمال هوندو آهي ۽ ائين هر ڪهاڻيڪار وٽ اهو ڪمال نجو هوندو آهي، جيڪو سندس ادبي ميراث هوندو آهي، جيڪا کانئس ڪو به کسي نه سگهندو آهي.
”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ جو سفر ٻاهر کان اندر ڏانهن آهي. جيڪو ٿورن ليکڪن وٽ هوندو آهي، انهن ٿورن (جيڪي سنڌيءَ ۾ لکن ٿا) مان هڪ نالو اخلاق انصاري آهي، کانئس پوءِ واري نسل ۾ شايد هڪ کان وڌيڪ نالا اڀري اچن!
ڪيئن به سندس ڪهاڻين کي جيئن مون محسوس ڪيو آهي، مون کي اهو ئي لکڻو آهي، سڀني سَهمتين ۽ اَسهمتين سميت.
هن ڪتاب اچڻ کان اڳ گهڻي ساراهه ماڻڻ جو اعزاز رکندڙ ڪهاڻي ”ظفر اقبال وري پناهه ڳولي ٿو“ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي آهي. ياد رهي ته هيءَ ڪهاڻي ٻاهر جي پناهه جو احساس به کڻي آئي آهي ته اندر ۾ پناهه ڳولڻ جو احساس به کڻي آئي آهي. ڪتاب جي پهرئين ڪهاڻي اهو ٻڌائڻ لاءِ گهڻي آهي ته شخص جيڪو اندر اندر اڪيلو هوندو آهي، اهو ٻاهر ٻاهر وڌيڪ اڪيلائيءَ کان پناهه گهرندو آهي، هيءَ ڪهاڻي اهڙي شخص جو بيمثال اظهار آهي.
اسين سڀ جيڪي ماضيءَ ۾ جيئون ٿا، حال جي حقيقت سامهون اچڻ کان لنوايون ٿا، ڇو ته ان کان ڊڄون ٿا، ان ڪري اسان پنهنجي اڄ جي ادب سان به مُنهان مُنهن نه آهيون، پاڻ سان به نه آهيون، ان جي ڪن ڇانَو وارن پاسن ۾ پناهه ڳولهيون ٿا، زندگيءَ جو نجي سَچُ اظهارڻ جي قوت نٿا رکون، جنهن سبب شخص جو احساس به شخص لاءِ هڪ اذيت بڻجي پوي ٿو، جڏهن هُو سچ پچ اهو محسوس ڪري ته هو پنهنجو سمورو ڪارج ”نالي کان سواءِ“ ائين وڃائي ويٺو آهي جيئن اليڪسي (L) ايل جيڪو فقط پنهنجو نالو ٻڌي پنهنجو رد عمل ڏيکاري ٿو، ٻيءَ طرح هو ڪجهه به نه آهي. يا هن جهان جو نه آهي. هن احساس واري ڪهاڻي سنڌي سماج (جيڪو سماج جديديت جي دٻاءَ هيٺ ته آهي، پاڻ ۾ جديد نه آهي) کي ڏيئي، اخلاق انصاري صاحب مجموعي طور سنڌي ڪهاڻيءَ جو نڪ مٿي ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جي وڏي حصي جو نڪ پيٽ تائين ڏسي ٿو، ان کان اڳتي شخص جي اڪيلائي آهي. جيڪا هڪ انبوهه ۾ وڃائجي وئي آهي. جنهن کي بهرحال ڪهاڻيءَ معرفت ڳولڻو آهي. هيءَ دنيا جي ادب کي ڏيکارڻ جهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن جو عنوان آهي ”اوپرو“.
”زندگي ڪجهه به نه...!“ جي نالي واري ڪهاڻي ماضيءَ کان حال ڇڏي/وساري، مستقبل ۾ ٽپو نه ڏيئي سگهڻ جي درد پالڻ واري اهڙي شخص جي آس پاس آهي جيڪو ماضيءَ جون اهڙيون يادون سانڍي ٿو جيڪي کيس سهارو نٿيون ڏيئي سگهن جنهن وقت هو دل جي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل آهي ۽ اڪيلو آهي ۽ ان سمنڊ ۾ ٻڏل آهي، جنهن لاءِ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پيرا ڏني وئي آهي.
”سمنڊ آڻجانءِ!
ڪيئَن آڻيندس!
پوءِ پڇين ڇو ٿو؟ هاڻ هُن جي اکين ۾ سمنڊ هو، هوءَ سمنڊ کڻي منهنجي ڪمير ۾ آئي هئي“ الميو اهو آهي ته هو انهن اکين جي سمنڊ ۾ به ٻڏي نه سگهيو هئو، جيترو اڪيلائيءَ ۾ ٻڏو هُئوشايد!
سوچڻو ان تي آهي ته زندگي ڇا آهي؟ زندگي ته هئي ۽ رهڻي آهي فقط زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڪجهه به نه آهي، جنهن کي عُمر چئجي ٿو.
سمجهي سگهجي ٿو ته ” پڇاڙ ڪن قدمن جو ٿڪ“ وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيندو آهي. اڄ جي شخص کي زندگيءَ الڳ الڳ حوالن ۾ ڪيترو ٿڪايو آهي، هيءَ ڪهاڻي ان شخص جي ڪٿا آهي، جيڪا سندس بدلجندڙ ويچارن کي سهيڙڻ نٿي ڏئي ۽ هن جو ننڍڙو سفر کيس مختلف حوالن ۾ ڪيترو پيڙي رهيو آهي، شخص جيڪو پنهنجي اندر ۾ پيڙت آهي، ڇاڪاڻ ته هو شگر جو مريض به آهي ته دل جو مريض به. هيءَ سندس نجي پيڙا آهي جنهن کان ڪو به ٻيو واقف نه آهي ۽ کيس عام اڳيان اظهارڻ به غير مناسب ٿو لڳي! پنهنجو درد!
ڪهاڻيءَ جي فريم ۾ اهو اظهار آرٽ جو هڪ ننڍڙو فنپارو ٿي ظاهر ٿيو آهي. شخصي پيڙا ٻاهران گهمندڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو درد آهي، اهو هُو ئي ڄاڻي سگهي ٿو، هيءُ درد ڪو انبوهه جو يا جلوس جو درد نه آهي، جو تماشي جو گمان ٿئي.
ائين اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻي ”سوڙهي ڪُنڊ جو دائرو“ ۾ هڪ اهڙو اڻ ڄاتو خوف آهي، جيڪو خود اذيت ڏيندڙ آهي شخصي طور! اهو خوف وارو عمل ٻين جي زندگين کي تباهه ڪرڻ سبب، خوشي ڏيندڙ آهي، هڪ شخص لاءِ! جڏهن ته مجموعي طور خوفائتو آهي. روئڻ ۽ پريشان ٿيڻ جو ناٽڪ نگيٽيو هجي توڻي پازيٽيو جيڪو هڪ شخص لاءِ آهي. اهڙو ڪو به ناٽڪ خود غرضي آهي! ۽ هيءَ ڪهاڻي ان خود غرضيءَ تي آهي هڪ ماٺيڻي چوٽ!
”سَڃ“ ڪهاڻيءَ جي زليخان جي ” ديد ته نه هئي تير هُئو جنهن اندر زخمي ڪري ڇڏيس“ ٽيهارو سال آڳاٽو سنڌ جو سماج ۽ ان جا ڪردار کڻي آيل هيءَ ڪهاڻي پنهنجي فني بيهڪ ۾ نه رڳو نئين آهي پر ليکڪ جي مزاج موجب آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار جو ٻاهر کان اندر ڏانهن اچڻ آهي. جنهن جهڙن ڪردار لاءِ ائين سوچڻ ئي مشڪل هوندو آهي. ڳوٺاڻي ڪاٽڪو زندگيءَ جو احساس ۽ مزاج رکندڙ ڪردار جڏهن پنهنجي ڪنهن عمل تي پڇتائي ٿو ته ان کان اڳ پڇتاءَ سبب. هڪ اهڙي سزا ڀوڳي ٿو جيڪا اصل ۾ سزا ئي هوندي آهي. هڪ اندر جي ۽ ٻي ٻاهر جي ۽ جڏهن ٻئي سزائون ڪاٽي ختم ڪري ٿو ته اها دنيا جي مٽجي وڃي ٿي جنهن ۾ ڪردار رمضان رهندڙ هُئو. اهو نئين ٿيل ترقيءَ جو راز هُئو.
بُونساءِ ڪهاڻي/پلاٽ ليس، اڪيلائيءَ ۾ ويچارن جي ڊوڙ، ذهن تي گهڻ پاسائون دٻاءُ! بي يقيني، رشتن تان ويساهه کڄڻ، اندر جي ڀڃ ڊاهه، جديد دنيا جي کوکلائپ سبب شخص جو پاڻ کان فرار، اهي اڄ جي نامراد دور جي، شخص جي آس پاس کان آرپار تائين جون پيڙائون آهن، جيڪي ٻاهرئين سڀُ ڪجهه هجڻ باوجود، اندر ئي اندر ڪجهه به نه هجڻ سبب ڀوڳي ٿو، پوءِ به جيئي ٿو. دراصل هيءُ اڄ جي دور جو انسان آهي، جيڪو جيئڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي ڪنهن به نالي ۽ سڃاڻپ کان سواءِ!
هن ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي ”معافي“ نالي واري آهي. ننڍن لفظن/ جملن/سٽن ۾ وڏي ڪهاڻي، ضرور پڙهڻ گهرجي! ڏند ڪٿا/لوڪ ڪهاڻيءَ جهڙو موضوع کڻي ايندڙ هن جديد ڪهاڻيءَ پنهنجي اندر گهڻي گهڻي وڏي ٽرئجڊي سانڍي رکي آهي ۽ اخلاق انصاري صاحب جنهن فنڪاريءَ سان هن موضوع کي ڪهاڻيءَ ۾ اُڻيو آهي اها اڄ جي ماڊرن ڪلاسڪ آهي.
بنا ڪنهن آواز جي، بنا ڪنهن واڪي جي، گوڙ شور جي پنهنجي ماٺ ۾ هڪ بارودي باهه جو تاءُ رکڻ واري هي ڪهاڻي، جيتري شانت سڀاءَ، سيتل/نرم لهجي ۾ اظهاري وئي آهي، ان لاءِ ڪنهن به ليکڪ جو ٻاٻُرن ٽانڊن تان گذرڻ بنهه ضروري آهي ۽ جيڪو ليکڪ اهڙو تجربو نٿو رکي ان لاءِ هن ڪهاڻيءَ جهڙي ڪهاڻي لکڻ ناممڪن ڀل نه هُجي، اوکي اوس آهي. منهنجي اندر جي شخص کان هيءَ ڪهاڻي وسرڻ جهڙي نه آهي، شايد سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ کان به هيءَ ڪهاڻي نه وسري سگهي، ان سڀ تعريفي لکڻ لاءِ معافي، سائين معافي!
”هارايل عُمر جا آخري پل“ ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ائين ٿئي ٿو ته، جديد سماج اڏڻ جي نالي، ڪٽنبن، رشتن ٽٽڻ کان پوءِ جڏهن تڪڙو ئي تڪڙو ”ڪالهه“، ”سڀاڻي“ ۾ بدلجي وڃي ٿو ته ”اڄ“ پنهنجي سموري معنيٰ وڃائي ويهي ٿو يا ڪيتريون ئي معنائون جوڙي وڃي ٿو؟ ماڻهو/شخص وقت کان تڪڙو اڳتي ڊوڙي نڪرڻ جي گوءِ ۾ آهي، هو اُهو نٿو سمجهڻ چاهي ته وقت کان ڪنهن به طرح کٽي نه سگهندو ۽ شڪست کائيندو، جيئن ڪهاڻيءَ ۾ ”بابا“ ڪردار کاڌي آهي پر اها فطري ڪيتري آهي، ويچارڻو اهو آهي.
”نه سمجهڻ جو ڏک“ ڪهاڻيءَ کي جيئن مون سمجهيو آهي، اهو هيئَن آهي ته، هن ڪهاڻيءَ ۾ قدرن جي بدلجڻ/مٽجڻ جو الميو آهي. ماڻهو جڏهن ڪجهه به سمجهائي سگهڻ جي قوت گهٽائي ٿو ته اڪيلو ٿي وڃي ٿو، ڇو ته سمجهائڻُ ۽ سمجهڻُ ٻن شخصن يا ان کان وڌيڪ شخصن جي وچ ۾ هوندو آهي. ٻن نسلن جو نه سمجهائي سگهڻ ۽ نه سمجهي سگهڻ حالتن/قدرن جو بدلجن آهي، جنهن بدلجڻ ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو آهي. ڀل اهي پٽ ۽ پيءُ جي وچ جا ناتا رشتا ئي ڇو نه هجن. اخلاق انصاريءَ جي هيءَ ڪهاڻي، پيڙهي وڇوٽيءَ جي احساس کي ڪهاڻي جي سطح تي وڌيڪ اڀاري سگهي آهي.
”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ ڪهاڻي ڪتاب جي نالي واري ڪهاڻي آهي، ان کي مان نالي سان ذڪر هيٺ آڻي گهڻو تفصيل سان لکڻ چاهيندي به مضمون وڌڻ جي خوف سبب مختصر ڪري پاڻ کي هلڪو ڪريان ٿو سک ماڻيان ٿو، هن ڪهاڻيءَ تي لکڻ اڪيلائيءَ جي سمنڊ ۾ پاڻ کي ڳولڻ آهي ماڻهو جيئن سوچيندو آهي، اهو فقط سوچڻ ئي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سچ جي اسپيڊ گهڻي گهڻي تيز هوندي آهي، جيتري اندر جي ڪائنات وڏي آهي ايتري سوچ جي اسپيڊ وڏي آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهڙي ئي سوچ جو سفر آهي، جيڪو ڪٿان کان ڪٿي ٿو پهچي، اهو سڀ شخص جي ڊوڙ کان ٻاهر آهي. ان لاءِ ليکڪ جو اهو جملو ڪافي آهي ” الائي ڪيتريون دانهون لڪل هونديون آهن، هزارين دانهون، هزارين ماڻهن جي اندر ۾ دفن هونديون آهن.“
۽ سچ پچ اهي دفن ئي ٺيڪ آهن، ڇو ته هر دانهن کي پنهنجا سبب هوندا آهن سببن تي جيترو ويچاربو، ويچار اوترو ڊگهو ٿيندو ويندو ۽ سوچيل جڏهن اظهار پائيندو ته کلڻ حاب ڪندو! ڇاڪاڻ ته اهو ڪنهن جو نه هوندو آهي يا ڪنهن جو هوندو آهي، ڇو ته نه هاٿيءَ جي ڪنن مان ڪيلي جا پن ٺهندا ۽ نه ڪيلي جي پنن مان هاٿيءَ جا ڪن ٺهي سگهندا. ها! اهو سچ آهي ته، ڪن سهي جڳهين تي غلط ماڻهو ويٺل هوندا آهن ۽ ڪن غلط جڳهين تي سهي ماڻهو ويٺل ٿي سگهن ٿا. اندر جي سچ طور مڇيءَ جي ٻچڙن سان همدردي هوندي به انهن جي پڪڙيندڙن جي شڪايت نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي کين روڪي سگهجي ٿو ۽ انت يا چرين جي اسپتال جو هڪ بيڊ يا آرٿوپيڊڪ وارڊ جي داخلا ۽ مسلسل اڪيلائي.
هيءَ سڀ ويچارڪ شخص جي ڀوڳنا آهن، جيڪا اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻيءَ ۾ آهي، جنهن کي ليکڪ ادب جي هڪ ڌارا سيريلزم جي ڌارا ڪوٺي ٿو. پر جيڪڏهن سچ پچ صرف ويچاريل، سائنس جي سهوليت سان لکت ۾ اچي وڃي ته پوءِ پڪ اهو ٻاهر جو سچ به هوندو اُهو ڪنهن ڌارا جو محتاج ڪٿي هوندو؟
ائين هي ڪنهن به ڌارا جي دائري کان ويڪري ڪهاڻي آهي، ان جي پڄاڻي به احساساتي سطح تي ايتري ويڪري آهي. ”مان اڄ مري ويو آهيان، دعا لاءِ هٿ کڻڻ جي ضرورت نه آهي“ شخص جو الميو ۽ سندس اندر اڪيلائي ڪيتري وڏي آهي رڳو سوچي ئي سگهجي ٿو. باقي ٻين پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي راءِ لاءِ ڇڏيان ٿو. ڇاڪاڻ ته اها خود ليکڪ اخلاق انصاري ۽ شخص اخلاق انصاريءَ جي سڃاڻپ جو حوالو به آهي.
ائين ”پن ڇڻ ۾ ٽڙيل گل“ ڪهاڻي، دنيا جي هاڻوڪي وبا جي مايوس ۽ اُداس ڏينهن تي لکيل هڪ پرُاميد ڪهاڻي آهي. جيڪا هڪ پالتو ڪتي جي سفر ڪٿا کي کڻي لکي وئي آهي. هنن ڏينهن ۾ دنيا اندر لکيو ويندڙ ادب جي هيءَ وڏي ڪهاڻي آهي جيڪا ننڍي ٻوليءَ ۾ لکي وئي آهي. هيءُ ڪهاڻي جڏهن به پاڻ جهڙي وڏي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ته وڏو اعزاز/مرتبو ماڻيندي موضوع جي حوالي سان ۽ اسلوب جي حوالي سان به! هن ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار جيڪ جي نالي سان آهي، مجموعي طور اخلاق انصاري صاحب جي اڪثر ڪهاڻين ۾ پوئين عمر جي اڪيلائيءَ جو خوف گهڻو آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.
”مڙهيل عذاب ۾ گذاريل گهڙيون“ هڪ اهڙي شخص جي وارتا آهي جيڪو سامهون فليٽ ۾ رهندڙن پاڙيسرين جي مڙهيل اذيت کان بچڻ چاهيندي به بچي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ هي پل ئي آهن جن جو عذاب ڪهاڻي ۾ آندل آهي پر انهن جي اذيت کي ڪهاڻيڪارُ/فنڪارُ ڪيئن ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو ۽ اظهاري ٿو اهو پڙهڻ وٽان آهي ۽ ان کان پوءِ ڀوڳڻ وٽان آهي.
”پوءِ“ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه به تڪڙو ڪرڻ/چوڻ جو رد عمل، جيڪو شخص کي پيڙت ڪري ٿو، هيءَ ڪهاڻي ان شخص جي پيڙا جي آهي. تڪڙو ڪجهه مناسب/غير مناسب چوڻ جي پڇتاءَ جو احساس کڻي هڪ شخص جنهن پيڙا مان گذري ٿو ان احساس جو لاجواب اظهار آهي هن ڪهاڻيءَ ۾. هو هڪ شخص ٻن عورتن مان، جن ۾ هڪ عورت سندس زال پڻ آهي، ڪنهن سان به پنهنجو سچ نٿو اظهاري سگهي، نتيجي ۾ هڪ پيڙا آهي جيڪا ڪن ڏينهن لاءِ ڀوڳڻي پويس ٿي. جيئڻو جو اٿس.
”مئل من-اوندهه انڌوڪارُ“ هيءَ ڪهاڻي سريلنڪا ۾ آيل ٻن گهمندڙن (عورت ۽ مرد) جي ملاقات ۾ ڪيل اڪيلائيءَ جون، سياسي، ادبي، انقلابي، فلاسافي تي ٻڌل ڳالهيون آهن جيڪي مقانيت کان اڀري عالميت تي رسڻيون آهن پر هر شخص وٽ پنهنجن هيروز لاءِ ڪي خاص عقيدا آهن، مڃتائون آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو ڪامپرومائز ڪرڻ لاءِ هو تيار نه آهن. پر سندن خيال ۽ جاچنائون ڪجهه ٻڌل ۽ ڪجهه پڙهيل محسوس ڪري سگهجن ٿيون، هيءَ ڪهاڻي به ڪنهن مڪان تي ضرور آهي پر هوءَ. زمان کان مٿانهين آهي دنيا جي وڏين ڪهاڻين سان برميچڻ جهڙي آهي پر آهي ته سنڌيءَ ۾. فخر ته ٿيندو ئي هڪ سنڌي پڙهندڙ ۽ لکندڙ جي ناتي!
۽ پوءِ ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي” ويران رستا، سوڙهيون گهٽيون“ آهي، هيءَ هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ پنهنجا خواب آهن، اميدون آهن، آسائون آهن ۽ اهي سڀ تڏهن پورا ٿيڻا آهن جڏهن هو پنهنجي ننڍڙي نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيندو ۽ کيس جي پي فنڊ جا پيسا ملندا ۽ جڏهن اهي کيس ملن ٿا ته هو پاڻ کي اهڙي هرڻيءَ جي روپ ۾ ٿو ڏسي جنهن کي چيرڻ ڦاڙڻ وارن جو هڪ چڱو خاصو انگ سندس چوڌاري موجود آهي ۽ هو بيوسيءَ جي حالت ۾ آهي. هيءَ تمثيلي ڪهاڻي آهي، جنهن جي پڄاڻي هرڻيءَ جي موت تي ٿئي ٿي جنهن کي ماريندڙ ته شينهن ئي آهي، پر جنهن جو ماس چئني طرفن کان ڳجهون پٽي رهيون آهن، پٽ تي سندس هڏائي رهيل آهن جيڪي ان شخص جي علامت آهن جنهن پنهنجا سمورا سک پنهنجي پڇاڙيءَ ۾ ملندڙ پونجيءَ سان واڳي ڇڏيا هئا، پر هن کي خبر نه هئي ته ان پونجي کي ڪي ڳجهون هن کان اڳ ئي ورهائي کائڻ چاهين ٿيون انت ڪنهن رستي تي پيل ڪي هڏا جن جي ڪا به حاصلات نه. اهڙين ئي حالتن ۾ ماڻهو پاڻ کي تحفظ ڏيڻ چاهيندو آهي، جيڪو به هڪ لمحي جو احساس ئي هوندو آهي، هيءَ ڪهاڻي اهڙي آهي جنهن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ”مان پاڻ کي ڳولهڻ نڪتو آهيان“ خواهش به آهي، اميد به آهي ته اسين سڀ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهون. مون کي ايترو ئي چوڻو آهي ۽ بس!

17 جولاءِ 2020ع جو صبح
ڪراچي

 

No comments: