غزل
دوست ۽ دوستي کي ڳوليان پيو
هڪ امر عاشقي کي ڳوليان پيو
رات ڪاري ۽ گهُپّ اونداهي
مان فقط روشني کي ڳوليان پيو
موت جهڙي ڇو ماٺ آ چوڏس
مان هتي زندگي کي ڳوليان پيو
روز اغوا رڳو ڦرون ڌاڙا
امن ۽ شانتي کي ڳوليان پيو
هر طرف ڏک ئي ڏک آ دنيا ۾
ڪٿ خوشي آ خوشي کي ڳوليان پيو
ڇڙوڇڙ ۽ جدا جدا سڀ ڪو
آءُ ايڪي ٻڌي کي ڳوليان پيو
تنها همدرد ۽ سفر رڃ جو
ساٿ ۽ آدمي کي ڳوليان پيو
همدرد اوڏ
No comments:
Post a Comment