Wednesday, July 29, 2020

حليم بروهي




بروهي عبدالحليم
بروهي، عبدالحليم: سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري مزاح نگار ۽ ليکڪ جو ادبي نالو حليم بروهي ۽ سندس شهرت جو ڪارڻ سندس منفرد قسم جي مزاح نگاري آهي. دلچسپ ۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ وڏن سنجيده قسم جي معاملن ۽ مسئلن ڏانهن چڀندڙ لفظن ۽ خوبصورت انداز ۾ ڌيان ڇڪرائڻ جي غير معمولي ڏات ۽ ڏانءُ رکندڙ، سنڌ جو هي اڪيلو ۽ انوکو مزاح نگار، 6 آگسٽ 1936ع ۾، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. اِي (آنرز) ۽ ايل. ايل. بي هئي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رٽائرڊ چيف اڪائونٽنٽ هو. حليم بروهي مزاح نگار سان گڏ شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو. سندس هيل تائين ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:
( 1) هٽلر جي ڪهاڻي (سوانح؛ 1972ع)، (2) هٽلر لکيو (1972ع)، (3) اوڙاهه (ناول؛ 1975ع)، (4) حليم شو (مزاحيات؛ 1983ع)، (5) جيڪي مون لکيو (ڪالم ۽ مضمون: 2002ع)، (6) Solo Decayed (1967)، (7) Roman Sindhi Script، (8) Seeds Columns، (9) Nothing is Piculiar، (10) Nothing in Earnest.
حليم بروهي سنڌي ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ جي حامي هو، جنهن لاءِ سندس خاص نقطئه نظر هو، جيڪو ڪافي سالن کان بحث هيٺ رهندو پيو اچي. ان کان سواءِ سندس سوين ليک سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هو حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين توڙي جو عمر ۽ صحت جي اعتبار کان ڪمزور ۽ ضعيف ٿي چڪو هو، پر ساڳيءَ سگهه سان لڳاتار لکندو رهيو. سندس ڪالم روزانه ڪاوش ۾ هڪ عرصي کان لڳاتار ڇپجندا رهن ٿا. سنڌ جي هن عظيم شخصيت 28 جولاءِ 2010ع تي وفات ڪئي .

سنگت روح رهاڻ طرفان سندس ورسي تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%B1%D9%88%D9%87%D9%8A%20%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D8%AD%D9%84%D9%8A%D9%85

No comments: