Tuesday, August 11, 2020

(مختصر ڪهاڻي) وچن امر جليل

 
            (مختصر ڪهاڻي)

وچن 
امر جليل 
جڏهن حال اونداهو هوندو آهي، تڏهن ماضيءَ جي ڪنهن ياد جي روشنيءَ سان حال کي روشن ڪبو آهي! هيءَ ماضي قريب جي ڳالهه نه آهي. هيءَ ماضي بعيد جي ڳالهه آهي. هيءَ ان ماضي بعيد جي ڳالهه آهي، جڏهن اسان جي گفتگو زمان ۽ مڪان جي پابندين جي محتاج نه هوندي هئي. تڏهن افق محض نظر جو دوکو نه هوندو هو. افق جي ٻئي پار تي ڌرتي ۽ آسمان پاڻ ۾ ملندا هئا. سچ پچ ملندا هئا. تڏهن، اهو شهر آباد هوندو هو، جنهن و نالو اڄوڪي دور ۾ ماڻهن موهن جو دڙو رکيو آهي. 
سنڌوءَ چيو، ”اڄ زندگيءَ جي مام متعلق ڳالهائينداسين.“ 
چيم، ”تون منهنجي زندگي آهين، مان تنهنجي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان.“ 
سنڌوءَ پڇيو، ”ايئن ڇو آهي، جو تو پنهنجي زندگي مون سان وابسته ڪري ڇڏي آهي.“ 
مون سنڌوءَ ڏانهن نهاريو. هوءَ مون عظمت ۾ آسمان کان اوچي نظر آئي. هن جو حسن ڪنهن به تشبيهه جو محتاج نه آهي. سندس سونهن ڪنهن ڀيٽ جي ڪاٿي کان بلند آهي. هوءَ ايتري قدر ته دلنشين ۽ بينظير آهي، جو جملن جي جوڙجڪ ۽ لفظن جي بيهڪ هن جي ابديت آڏو بي معنيٰ آهي. هوءَ احساس آهي يا منهنجي احساس جو لازمي عنصر آهي. هن مون کي محسوس ڪيو آهي.  پنهنجي وجود جي اندر ۽ پنهنجي وجود کان ٻاهر. اسان جي پراسرار محبت اظهار جي محتاج نه آهي. 
ان دفعي ڳالهين ۾ ويٺاسين ته هن مون کان پڇيو، ”ايئن ڇو آهي. جو تون پنهنجي زندگي مون سان وابسته ڪري ڇڏي آهي.“ 
چيم، ”تنهنجي سوال جو بيحد ننڍڙو جواب مون  وٽ آهي.“ 
پڇيائين، ”ڪهڙو؟“ 
چيم، ”محبت جي تاريخ ۾ مان تنهنجي حوالي سان ياد ڪيو ويندس.“ 
هوءَ خاموش رهي. 
مون چيو، ”جڏهن به انوکي، نرالي ۽ پراسرار محبت جي ڳالهه نڪرندي، ماڻهو تنهنجي ۽ منهنجي محبت جو ذڪر ڪندا.“ 
هوءَ منهنجي پاسي مان اٿي ويئي. ٻه چار وکون کڻي بيهي رهي ۽ پولار ۾ نهارڻ لڳي. مان سندس پاسي کان وڃي بيٺس. پڇيم، ”ڇا پيئي سوچين سنڌو؟“ 
منهن ورائي مون ڏاهن ڏٺائين ۽ چيائين ”ايڏي وڏي دعويٰ جو مطلب سمجهين ٿو؟“ 
چيم، ”ها، پنهنجي دعويٰ جو مطلب سمجهي سگهان ٿو. پنهنجي دعويٰ جو مفهوم به سمجهي سگهان ٿو.“ 
پڇيائين، ”نباهي سگهندين؟“
سندس عميق اکين ۾ ڏسندي چيم، ”تنهنجي محبت ۾ مان جڏهن فنا جي درجي تي پهچندس ۽ موهن جو دڙو ٿي پوندس، تڏهن ماڻهو منهنجن کنڊرن مان تنهنجي ياد جا آثار ڳولي ڪڍندا.“ 
مون اڪثر سنڌوءَ لاءِ پنهنجي محبت جي باري ۾ سوچيو آهي. مون کي پنهنجي محبت جو ڪو انت نظر نه آيو آهي. مون کي پنهنجي محبت جو ڪو حل سمجهه ۾ نه آيو آهي. بس، هڪ احساس آهي جيڪو صدين کان منهنجي ساهه ۾ سمايل آهي. هر جنم ۾ اهو احساس منهنجي وجود سان شامل رهيو آهي. هر جنم ۾ مون کيس چاهيو آهي. هر جنم ۾ مون کيس وڃايو آهي. 
مون سنڌوءَ کي چيو، ”ڪنهن جنم ۾ مان ليکڪ ٿي پيدا ٿيندس. اخبار لاءِ ڪالم لکندس. رسالن لاءِ افسانا لکندس. منهنجين تحريرن ۾ ڳالهه ٻئي ڪنهن جي هوندي، پر اصل ۾ ذڪر توسان منهنجي محبت جو هوندو.
محبت جو وچن پاڙڻ لاءِ مان موٽي آيو آهيان.

No comments: