Saturday, September 19, 2020

ميڊم نيتا لالواڻي جو تعارف ۽ شاعري (Madam Neeta Lalwani)

 



شاعره,فنڪاره


اصل نالو :نيتا لالواڻي 

ادبي نالو: نيتا لالواڻي

والد : ڄاڃي مل لالواڻي 

ڄم جو هنڌ: الهاسنگر انڊيا

تعليم: انٽر HSC ڊي ايڊ 

ڊپلوما ان ايجوڪيشن 

ڪرت : ٽيچر

لکڻ جي شروعات: (2014) کان

لکيل صنفون : غزل نظم گيت هائيڪو رچنائون 

چپيل مواد : اخبارن رسالن ۾ "هندواسي","سنڌو"سپون"ڪونج"سنڌو مشعال"۽ "سنڌيا" ڪراچي مان نڪرنڙ ماهوار ۾ چپيل آ 

ساهيٿڪ کيتر: All India Radio Mumbai آل انڊيا ريڊيو ۾ ڪويتا پاٽ ۾ 5 ڀيرا حصو ورتو آ


سندس شاعري مان


غزل

 

ڇو دل تون مون کان لڪائين ٿي 

بس غم کائي غم کائين ٿي,


تون راز سليندي هئينءّ اڳ ۾ ,

سي راز ب مونکان لڪائين ٿي,


ڇو راز ن سڀ ٿي سلين مونسان,

ڇا پنهنجو ن مونکي ڀائين ٿي,


پرواھ ن تو لئه جن کي ذري,

ڇو تن سان وقت وڃائين ٿي,


 هر ڳالھ تي ڪن لاٽار ڪري,

ڇو پنهنجي فقط هلائين ٿي,


رهين ٻڏتر ۾ ڇو ٿي "نيتا",

ڇونه دل تي حڪم هلائين ٿي,


ڇو دل تون مون کان لڪائين ٿي,

بس غم کائي غم کائين ٿي. 


صنم ڪيستائين ?


ڪيان ڪلپنا مان 

ڪيان ڪيستائين

پڇان ٿي مان توکان

ڇا سچ پچ تون آهين?


اچي وڃ تون سامهون 

ت توکي پسان مان 

پو تقدير پنهنجيءّ 

تي خوش ٿي نچان مان 


جي چاهين ملڻ تون 

اچي ملُ تون مونسان 

اچي اوّر تون ڀي 

صنم حال دل جا 


رهي ڪين سگهندس 

بنا صنم تنهنجي 

ن سامهون جي ايندين

ڪندس ڇا ڀلا مان 


ڪندي ڪلپنائون 

به "نيتا" سدائين 

نه ايندين تون سامهون 

صنم ڪيستائين ?













No comments: