غزل
ڏس تہ ميوي سان جو ڀريل آھي
وڻ اهو ڪيترو جهڪيل آهي
منهنجو سو ڀي سبق پڙهيل آهي
جو اڃا ڪين ڪي لکيل آهي
ڇا ٻُڌايان ھي بیوسي یارو!
مون کي ڄڻ ڏاج ۾ مليل آھي
هُن چیو ھو تہ موٽي ايندس مان
اڄ بہ ھن دل جو در کلیل آھي
ھِن ڪروناجي مرض کي جو امين
ڀوڳ سمجهي ٿو سو ڀليل آهي
امین اُڏيرائي
ڪتاب”گم ٿيل خواب“
No comments:
Post a Comment