Saturday, August 15, 2020

سانت آصف ڪلهوڙو


سانت !!!


اِش اِش اِش، هڪ ڊگهي سانت ۽ خاموشيءَ جي ور چڙهيل زبانون، لرزن پيون. جن جي ٿڙڪڻ جو احساس به جي چپن تائين پهتو ته سي چپ ڪپجي سگهجن ٿا!


اُهي سندس جا آخري لفظ هُئا ۽ پوءِ خبر ناهي ته هو غُفا ۾ گم ٿي ويو يا هُن کي آسمان ڳهي ويو هو!


ٻُڌو آهي ته هُو هڪ رات جو، جيڪا هر رات جيان هُئي! پنهنجو ڪتاب کڻي نڪتو هو، جنهن ۾ لکيل هو ته آزاد انسان کي پر نه هوندا آهن!


۽ ان ۾ لکيل هو ته عام انسان ئي اصل ۾ سچو پچو انسان هوندو آهي. جيڪو فقط تازي ۽ صاف هوا ۾ ساه کڻي جيئڻ چاهيندو آهي. پنهنجي جيون جي هر پل کي ساه کڻندي ڏسڻ چاهيندو آهي!


ان ڪتاب ۾ لکيل ڳالهيون بلڪل سوليون هيون، پر سولي ۽ سهنجي ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت هُئي. جنهن کي هو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جا جتن ڪندو هو!


عقلي سفر جي شروعاتي ڏيهاڙن کان ويندي اڄ تائين جي عملي دور تائين جي هر پني کي هن غور سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي!


جنهن ۾ هُن کي هر هنڌ اها شاهدي ملي هُئي ته آزاد هوا ۾ ساه کڻڻ ۽ آزادي ماڻڻ سان ئي اونده جي قيد مان آزاد ٿي سگهجي ٿو ۽ جهان کي واڌايون ڏئي سگهجن ٿيون!


پر هر گهٽي ۽ گهيڙ تي ڇپ هنيون ويٺل شڪاري، ڪتاب جي انهن پنن ۽ پڙهندڙ کي چيرڻ جي جيڪا سٽ سٽيون ويٺو هو؛ تنهن هُن تي شڪاري باز جيان لامارو ڏنو ۽ کيس کي اُڏائي ڪنهن اونداهي ڏانهن کڻي ويو!


بس هوا ۾ ڪتاب جا پنا به اُڏامي پنو پنو ٿي ويا ۽ انهن جي پنن وکري وڃڻ کانپوءِ؛ ماحول کي هڪ ڊگهي سانت ڳهي وئي!!!


آصف ڪلهوڙو !!!

 

1 comment:

Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ said...

آصف ڪلهوڙو هڪ بهترين ادب دوست آهي سندس صحت ۽ همت لاء دعاگو آهيون