Saturday, August 15, 2020

اسين_تُنهنجي_جيون_جو_ٻارڻ_آهيون آصف ڪلهوڙو

 


اسين_تُنهنجي_جيون_جو_ٻارڻ_آهيون !!!


وشال سڙڪ جي گدلي فُٽ پاٿ تي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ماءُ ۽ سندس جا ٽي ٻارڙا، جيون جي گذرندڙ هر گهڙيَ ۽ ڏينهن کي پِني ساهن ۾ ساه وجهي، چنگهندڙ جيون کي نوبنو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن!


اهڙا هڪ نه هزار قصا آهن، جيڪي مٽيءَ ۾ ڀڀوت جيون کي اُجرو ڪرڻ جي سوچ کان آجا آهن. ان لاءِ جو سندن جو جيون اجرو ٿيڻ جي منزل کان ڪوهين ڏور آهي، ان لاءِ جو جتي مانيءَ ڳڀو ملڻ ئي محال هجي؛ پوءِ اتي اجرڻ جو ڏانءُ ڪٿان هٿ ايندو!


ڀوڳ چرچا، سياسي تذڪرا، آزاديءَ جا خواب، نظريئن جي ڀرمار، شعوري اوسر، ولولو ۽ انقلاب؛ هي سڀ ڳالهيون بي معنٰي آهن. درد کي بي درد چوڻ ته سولو آهي پر ان جو درمان ڏاڍو ڏُکيو آهي!


ها!!! هُو ته رت چوسين پيا ۽ چوسيندا رهندا، سندن جي جيون جو ٻارڻ رتُ جي چُوس ئي آهي!


هر گهڙي ۽ هر پهر هٿ ٽنگيل! ڪجهه ڏيو ته پيٽ جهڙي جيئري دوزخ ۾ وجهي ان جي آڳ اُجهايان!


ڀلا ان کان وڌ ڪهڙي سزا ۽ جزا، جتي ڄمندي ئي آويءَ جي منهن ڏسڻو پوي ۽عمر ساري ان ۾ پچڻو پوي!


ماڻهو مال ميڙي ثواب ٿا ڪمائين، سُکائن ۽ باسن وسيلي محبوب ٿا ريجهائن. اسين آهيون جو رت جو ريج ڏئي اوهان جون پوکون ۽ پکا ٿا اڏيون!!!


اخلاقيات جا درس به اسان لاءِ ۽ قانون جا ڪاپاري هٿ ڪڙول به اسان جي نٻل ٻانهن ۾!!!


تاريخ ۾ درج قصا، جن ۾ به ذڪر آهي، ڄوءرن جو جن رت چوسڻ جي ريت کي، نت نوان رنگ ڏئي؛ ڪوس ڪيو آهي!!!


هن دور ۾ به گهڻيون ئي ڳالهيون پڙهون ۽ ٻُڌون ٿا، سڀ هوائن ۾ هلايل تيرن جيان پنهنجو پاڻ ۾ چُڀندي سهون ٿا!!!


انصاف جي ساهمي ۽ پٽي ٻڌل ديوي، مذهبي فلسفا ۽ رواداريءَ جا درس، وردين جا واسينگ وراڪا، سياسي شُعليبازيون ۽ حِرفتون، پيٽ ۾ ڏاڙهيءَ وارا ڏاها ۽ تصوراتي دنيا جا اڙٻنگ جوڌا !!!


هي دنيا به ڪنهن بلڊ بينڪ جيان ٿي وئي آهي، جتي انساني رتُ بوتلن ۾ رکيو ويو آهي کپڻ لاءِ !!!


سڀ ڪجهه تباه ڪرڻ ۽ ٿيڻ جو عمل جاري آهي ۽ اسين پنهنجي واري جي انتظار ۾ آهيون !!!


#آصف_ڪلهوڙو !!!

No comments: