Saturday, August 15, 2020

چاچا_مُنهنجي_ڪهاڻي_لِک آصف ڪلهوڙو

 

چاچا_مُنهنجي_ڪهاڻي_لِک !!!


هينانءۡ ڏاريندڙ گُهپ اونداهيءَ ۾ ڪنهن جي ڊوڙندڙ قدمن جو آواز ڪنن تي پيو۽ گهر ڏانهن وڌندڙ قدم رُڪجي ويا. قدمن جو آواز ويجهو ٿيندو ويو تان جو سهڪندڙ ساهن جو آواز به ڪنن تي پيو ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻار دانهن ڪري چيو ”چاچا مُنهنجي ڪهاڻي لک.“


موبائل جي جهيڻي روشنيءَ سان سندس جي چهري کي تڪيندي، پُڇيومانس تو تي ڪهڙي ڪهاڻي لکان؟


وراڻيائين؛ منهنجي جهيريل وجود جي ٽُڪرن تي! جنهن ۾ تون لِک ته جيئڻ جي مجال واري خطا جا مون ڪئي آهي، سا ڏاڍي ايذائيندڙ آهي چاچا!


چاچا مان ساه ۽ ساعتون کپائي، مانيءَ ڳڀو ميڙيندو آهيان ۽ اُن ڳڀي جي ڳولا ۾ مون پنهنجو پاڻ کي چيڀاٽجندي ڏٺو ۽ سَٺو آهي!


۽ چاچا منهنجي گهر جو هر ڀاتي پوءِ به بُکن ۾ پاه آهي! چاچا مون ٻُڌو آهي هتي کوڙ سارا مُعتبر آهن؛ جيڪي اونداهيءَ ۾ گهيريل وجودن کي روشنيءَ جي نرواڻ سان نوازيندا آهن. ٻيو اهو به ته شايد هُو لفظن سان مانيءَ ڳڀا تخليق ڪندا آهن ۽ ها بُک ڀڄائيندا آهن!


ٻيو اهو به ٻُڌو ته اڄ ڪلهه ليکڪ ۽ شاعر حُسن، شراب ۽ عورت جو ذڪر به نه ڪندا آهن پنهنجن لکڻين ۾. صرف ۽ صرف مون جهڙن غريبن تي لکندا ۽ لوچيندا آهن! 


سو چاچا توکي پنهنجي مُرشد جو واسطو اٿي، مُنهنجي لاءِ ڪُجهه لک، ته جيئن مان هن گُهپ اونداه مان نڪري سگهان. ۽ ها چاچا مان هر رات اهڙن ليکارين پويان ڊوڙي ٿڪجي پيو آهيان، پر مون لاءِ ڪوئي نٿو لکي مان ڪنهن کان خيرات صفا نٿو گُهران چاچا!


ها پر اهو ضرور ٿو چوان ته هيڪر مون لاءِ لِک!


بس هيڪر مون لاءِ لِک!


مون لاءِ لِک!


لِک!


اونداهيءَ ۾ اوچتي ماٺ ٿي ويئي!


ڪنن تي ساڳيو ڊوڙڻ جو آواز پيو ۽ پري ٿيندو ويو! گُهپ اونداهيءَ ۾ گُم ٿي ويو، جنهن چيو ”چاچا مُنهنجي ڪهاڻي لِک!“


ـ مان ڪُجهه به نه ڪُڇي سگهيس، بس اونداهيءَ ۾ اونده کي گهوريندو رهيس!


۽ ڪنن ۾ ڪيئي آواز ٻُڌڻ ۾ ايندا رهيا! 


اسين شُهرت جا بُکيا ۽ شعور کان عاري وُجودن جو بار گهليندا گُهمندا ٿا وتون!


بس فقط جيئون پيا لفظن جي اوٽ ۾ ۽ ماڻهن جي ڏُکن ۽ ڏوجهرن کي نپوڙي پنهنجا پنا ڪارا ڪري، واه واه جو ليبل پيا لڳايون پنهنجون پاڻ تي!


#آصف_ڪلهوڙو

No comments: