Saturday, August 15, 2020

چُلبُل_پانڊي آصف ڪلهوڙو

 

چُلبُل_پانڊي !!!


ٻالڪ منڊلي روز ساڳيون رانديون کيڏي کيڏي مانڌي ٿي پئي هُئي ۽ اُٻاڻڪا نم جي وڻ هيٺان ويٺا هُئا. تان جو کيمون کيچلي کي دماغ ۾ هڪ کيچل سُجهي؟


نڪ ۾ آڱر گُهمائيندي اُڀ ڏاريندڙ رڙ ڪيائين ”نه ويندين دسي وجهندوسانءِ ڌوڙ “! 


يڪدم سڄي منڊليءَ جو ڌيان کيمون کيچلي ڏانهن ٿي ويو ۽ هڪ آواز ٿي سڀني چيس، خير ته آهي توکي ڪهڙي ڏينڀونءَ ڏنگيو جو ٻاگهو ڦاڙي رڙ ڪئي اٿي؟


سو کيموءَ به نه ڪئي هم نه تم سڀني کي چيائين ”چُلبُل پانڊي“ واري راند ٿا کيڏون ۽ ان ۾ چُلبُل پانڊي پوليس وارو نه هوندو؟ 


ان تي سڀني پُڇيس ته پوءِ چُلبُل پانڊي ڇا هوندو يا ڪهڙو وري نئون ڌنڌو سنڀاليندو؟


کيمونءَ وراڻيو چُلبُل پانڊي استاد هوندو ۽ پنهنجو پُراڻي ڪِرت واري ريت کي نڀائيندو ۽ اسان کي پڙهائيندو!


هيڪر ته سڀني کي حيرت لڳي، پر پوءِ به سبني هائوڪر ڪئي ۽ ناٽڪ منڊلي مچائي وئي. جنهن ۾ کيمونءَ ٿيو اُستاد چُلبُل پانڊي ۽ ٻيا سارا سنگتي ٿيا سندس جا شاگرد!!


ڪلاس روم جو منظرـ


سُس پُس جاري آهي، ڪنهن جو ڪهڙو قصو ته وري ڪنهن جا ڪنهن جي ڄُنڊن ۾ هٿ. ڪو سبق ياد ڪرڻ ۾ ته ڪو وري اکين جو پِچيون ڪڍڻ ۾!


تان جو در تي سوٽيءِ جي زيپٽ جو وسڪارو ٿيو ۽ سائين چُلبُل پانڊي ڪمري ۾ پنهنجي هيبتناڪ انٽري ڏني!


سُس پُس، قصا، ڄُنڊن ۾ هٿ، سبق پڙهڻ جو آواز ۽ پچين وارين اکين ۾ پيل آڱر؛ جتي هُئا اُتي بيهجي ويا!


ٻه چُست شاگرد ترت وڃي سائينءَ جي ڪُرسيءَ جي ويجهو پُهتا، ڪرسيءَ کي تڪڙو ڇنڊڪو اچي ويو. سائين جن پنهنجو پاڻ سٽيو ۽ گهڙي کن لئه خالي خالي نظرن سان ڪلاس کي تڪيندو رهيو!


سامت ۾ اچڻ کانپوءِ هٿ جي اشاري سان چُست شاگردن کي اشارو ڪيائين، پنهنجي ماڳ ڏانهن وڃڻ جو ۽ هينانءُ ڏاريندڙ انداز ۾ چيائين ”سبق ڪنهن جو ڪنهن جو ڪچو آهي، سي اُٿي بيهن؟“


سبق ڪچي هُئڻ واري ڪابينا ڪنبندي ڪنبندي اُٿي بيٺي ۽ سائين چُلبُل هوا ۾ سوٽي گُهمائيندي اچي سندن جي پاسي ۾ ٿي بيٺو. بنا ڪنهن آڏي پُڇا جي سائينءَ جي سوٽي هوا کي چيريندي هٿن تي جهنگلي رقص ڪرڻ لڳي ۽ ڪنن ۾ ”شيدي باشا همباشا جا آواز ايندا رهيا!“


ڪلاس جي باضابطه شروعات جو آغاز ٿي ويو، سبق پڪي واري ڪابينا واري واري سان صديون پراڻي ريت نڀائيندا ويا ۽ پنهنجو پاڻ سٽيندا ويا!


سائين چُلبُل سندن جي ساراه ڪئي!


ان کانپوءِ مور ڏانهن گهوري ڏٺائين، مور سمجهي ويو! ڪتاب سميت اچي سائين جي ڀر ۾ بيٺو ۽ نئون سبق پڙهڻ لڳو. سبق پڙهي ان کانپوءِ بورڊ تي ڏکين لفظن جي معنٰي لکيائين ۽ سوالن واري مشق ٻُڌائي وڃي پنهنجي بئنچ ڀيڙو ٿيو!


ان کانپوءِ سائين چُلبُل اٿيو، ڪپڙا ڇنڊيائين ۽ روز وارو داٻو ڏيندي چيائين ته ”سڀاڻي جنهن جو سبق ڪچو هوندو سو سوٽيءَ جو سينگار ٿيندو.“


سائين ڪمري مان نڪري ويو!


سُس پُس، قصا، ڄُنڊن ۾ هٿ، سبق پڙهڻ جو آواز ۽ پچين وارين اکين ۾ پيل آڱر؛ وري ٻيهر پنهنجي نئين انداز ۾ حرڪت ۾ اچي ويا!


#آصف_ڪلهوڙو !!!

No comments: