Tuesday, August 4, 2020

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس يوسف جميل لغاري



وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس…!
يوسف جميل لغاري
حضرت انسان پاڻ سان گڏ زندگي جا هزارين روپ ۽ رنگ ڍنگ به کڻي هلندو آهي. ڪجھ ماڻهو دردن کان آشنا ٿيندي ئي انهن کي پنهنجي جهولي ۾ ڀرڻ کان انڪاري ٿي پوندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي قدر ۽ قيمت بنھ ٿوري وڃي بچندي آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ وري شاعر دردن کي دل سان قبولي انهن جي آجيان ڪندا آهن.

دردن کي پنهنجو ساٿي سمجهي ڪري انهن سان ناتو جوڙي وٺندا آهن. هر هڪ تخلقڪار وٽ دردن جي هڪ وڏي کاڻ سندس من اندر موجود هوندو آهي. دردن کي پنهنجي ميراث سمجهندي انهن کي ڪنهن ٻي در ڦٽو نه ڪندو آهي. عام رواجي ماڻهو دردن کان پري ڀڄڻ جي ڪندا آهن ۽ هن ڪيفيت کي ازيت پسند سمجهندا آهن.

پيڙاھ واري ڪيفيت سان هم ڪلام ٿيڻ کان پوءِ انهي ساڳي پيڙاھ کي لفظن جو هڪ نئو روپ ڏئي ڪري دنيا آڏو پيش ڪندا آهن ته جئين ٻيا انهن مان تجربو حاصل ڪري سگهن ۽ زندگي جي اڍنگي رويي تي ناراض نه ٿين ڇو ته ڏک، سک، نراسائي توڙي مايوسي هر جڳھ تي ساڳي روپ ۽ انداز ۾ موجود هوندا آهن. انهن کان ڪن لاٽار ڪرڻ مطلب پنهنجي پاڻ کان پنهنجو پاڻ کي پري ڪرڻ برابر آهي.

غلام حيدر گهايل لغاري ۽ زين کوسو طرفان مرتب ڪيل شاعري جو مجموعو وڻ وڻ منهنجان واس گذريل سال جي آخري مهيني ۾ ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ اُهي صنوبر جا وڻ شامل آهن جن جي تخيل جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو آهي. پنهنجي هڪ الڳ اهميت آهي. هن وقت پوري سنڌ اندر گڏيل شاعرن جا مجموعا ڇپجي ڪري سامهون اچن پيا جيڪو پڻ سٺو ۽ ڪارائتو عمل آهي.

ڇو ته پڙهندڙن کي هڪ ئي وقت ڪافي شاعرن جي شاعري پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ۽ سندس مطالعي جو هر پاسو پورو ٿي ٿو. پڙهندڙ جنهن مزاج ۽ ماحول جي شاعري پڙهڻ گهرندو آهي کيس انهي مزاج توڙي ماحول تي ڪو نه ڪو شعر ڪنهن نه ڪنهن شاعر جو لکيل ملي پوي ٿو ۽ سندس مطالعي جي اُڃ جهڪي ٿئي ٿي. 

اسان جي هنن ٻنهي دوستن پنهنجي نيڪ نيتي ۽ سچائي سان هن ڪتاب کي سهيڙي ڪري جهڙي نموني سنڌي ادب ۾ هڪ نئي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي انهي حساب سان سندن ڪوششن کي هزارين دفعا داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هي مجموعو مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اُداس لنڊ، زين کوسو ۽ گهايل لغاري جي شاعري تي مشتمل آهي. هي پنج شاعر هن ڪتاب کي پنجن گُلن جيان سينگاريو ۽ سنواريو ويٺا آهن.

ڪتاب جي مرتب ڪندڙ ٻنهي مانوران تخليقڪارن پنهنجي حصي جي شرڪت کي ڪتاب ۾ آخر تي رکيو آهي. هنن ٻنهي موتي مالها گڏ ڪندڙ خوبصورت انسانن جي اِها بهترين وصف ڏسڻ لاءِ ملي ٿي ته هنن ٻين شاعرن کي ڪتاب ۾ پهريان جڳھ ڏني آهي ۽ پاڻ ٻئي ڄڻا پنهنجي تخليق سان گڏ ڪتاب جي آخري صفحن تي نظر اچن ٿا. هن عمل مان سندن بردباري ۽ فراخ دلي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

شاعر هر اصول ۽ ضابطي کي پري رکي ڪري هن ڪائنات کي پنهنجي اک جي ڪئميرا سان جداگانه طريقي سان ڏسندو آهي. هر شاعر جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته سندس تخليق ٻين جي درد جي دوا ٿي پوي، ڪنهن لاءِ ڪو سڻائو ۽ سستو علاج ٿي پوي. ڪنهن مظلوم لاءِ ڀرجلو ثابت ٿي. هن ڪتاب منجھ سڪندر اداس لنڊ جا هي لفظ اِن ڪيفيت جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪن ٿا:

شاعري    اناج   ٿي   پوي
هي سکيو سماج ٿي پوي

شاعر پرواز ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن. هو سماج جا طبيب ۽ مستقبل جا معمار هوندا آهن. هنن جي خيالي اڏام کي ڪو پکي يا مصنوعي سائنسي ايجاد به مات نه ٿو ڏئي سگهي. ساڳي جاءِ تي وري ڪي شاعر پنهنجي دردن، پنهنجي ماروئن جي لاچاري ۽ بي وسي کي خدا جي در اڳيان ڪجھ هِن ريت پيش ڪندا آهن جهڙي ريت مير محرم لغاري پنهنجي شعر جي هڪ بند ۾ لکيو آهي:

تنهنجا مظلوم پِيڙجي ويندا
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين

اِهڙي ئي نموني وري ڪجھ شاعر پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري واري حالتن سان پاڻ جهڙيندا آهن. ڪنهن کي به ڪا ميار، ڪو ڏوراپو ڪونه ڏيندا آهن. ڀلي سندن اندر رتوڇاڻ لڳو پيو هجي. اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙهن پر ان جي باوجود هُو سڀني کي پنهنجي سورن کان آجو سمجهندا آهن. هو سمجهندا آهن ته درد به اسان جا ته انهن سان منهن منها به اسان کي اڪيلي سر ئي ڪرڻو آهي. زين کوسو جون هي سٽون اِن ڳالھ جو پڪو ثبوت آهن.

دل جو هلَڪو بار، ڪرڻ لئہ،
زين،   ٻه  ڳوڙها   هاري  ڇڏ

هَن بي حس سماج جو هر هڪ فرد مفادن جي نه کٽڻ واري ڄار ۾ جڪڙيو پيو آهي. جنهن جي ڪري انفراديت واري خول مان نڪري اجتماعيت واري خول ۾ اچڻ کان قاصر آهي. حساس مزاج رکندڙ ماڻهو به اڪثر اڪيلا ٿي ويندا آهن ۽ انهي اڪيلائي منجھ پوءِ وري ڪنهن اڻ ڏٺئي قوت کي ٿوري ٿڪي ميار به ڏئي وٺندا آهن. جئين خادم حسين جسڪاڻي پنهنجي شعر جي هن بند ۾ انهن ڪٺور انسانن کي ميار ڏي ٿو:

زماني جي هر هڪ ڪهاڻي ڏٺئي،
اسان جي نه اکين جو پاڻي ڏٺئي!

انسان سان گڏ ئي درد جو جنم ٿيو هو. درد نه هجي ها ته زندگي بي معنيٰ ۽ ٻُسي لڳي ها. انهي درد ئي زندگي کي اهميت بخشي آهي کيس جلا بخشي آهي. درد جو ناتو انسان سان ازلي آهي. هاڻ اِهو اسان تي دارو مدار رکي ٿو ته اسان دردن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ٿا. ان کي ڪهڙي شڪل ۽ صورت ۾ قبول ڪريون ٿا. کيس پنهنجي دل جي آڳر تي ڀليڪار چئون ٿا يا کيس پنهنجو دشمن سمجهي پنهنجي در تان ڌڪاريون ٿا.

حساس دل رکندڙ ماڻهون دردن کي خوش دلي سان قبول ڪنديون آهن ۽ انهي مان لطف اندوز ٿيندي انهي مان تجربو حاصل ڪن ٿا. ڪجھ شاعر، ليکڪ ۽ دانشور درد واري ڪيفيت ۾ به اميد جو نئو ڪرڻو تلاش ڪندا آهن جئين غلام حيدر گهايل لغاري پنهنجي شعر جي هن بند ۾ درد ۾ اُتساھ جو هڪ پهلو اجاگر ڪري ٿو:

درياھ  درد  جو هي  سيلاب  آڻيندو،
هِن ساھ کي ٻڏڻ جا امڪان ڪيترا!

هن ڪتاب منجھ هر هڪ شاعر پنهنجي شاعري کي سماج سان ڳنڍي اهو ثبوت ڏنو آهي ته واقعيٰ شاعر سماج جا سوشل سائنٽيسٽ هوندا آهن. سماج کان الڳ ٿي ڪري نه ئي تخليق جي ڪا اهميت رهندي آهي ۽ نه ئي وري تخليقڪار جي ڪا اهميت رهندي آهي. تاريخ انهن ئي فردن کي ياد ڪندي آهي جن جا سڀ سک ۽ آرائشون پنهنجي ئي وطن، ماڻهن ۽ انهي سان لاڳاپيل هر هڪ پهلو سان وابسطه هونديون آهن.

گڏيل شاعري جو هي مجموعو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇاپيو ويو آهي ۽ قيمت ٻه سئو چاليھ روپيا رکي وئي آهي. هي ڪتاب ڪاڇي جي ادبي ذوق رکندڙ سڀني فردن سميت پوري سنڌ جي شاعرن کي اِھڙي ته واس ڏيندو جو هن جي پڙهڻ کان پوءِ نئي ٽهي مان ڪافي شاعر پيدا ٿيندا ۽ پنهنجي تخليق سان مرجهايل وجودن کي تازگي بخشيندا.

يوسف جميل لغاري

https://laghariyousif.blogspot.com/2019/05/blog-post_10.html?m=1

وڻ وڻ منجهان واس اظهر امر













وڻ  وڻ منجهان واس پنجن شاعرن جو گڏيل ڪتاب !!
اظهر امر
مختلف وقتن تي سنڌ اندر گڏيل شاعري جا ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي رهيا آهن. انهي سلسلي ۾ سنڌ اندر تمام گهڻي تيزي پڻ آئي آهي. هن وقت تائين گڏيل شاعري جا ڪتاب ڪافي ڇپجي چُڪا آهن جن کي تمام گھڻي پذيرائي پڻ ملي چڪي آهي. هڪ ڪڙي مون پڻ تيار ڪئي هئي جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءِ جا سُٺا ۽ نوجوان سرجڻهار شامل هئا. اُهو ڪتاب ڪمپوز ٿيڻ لاء پڻ ويو هو پر ڪن سببن جي ڪري شايع نه ٿي سگھيو. هن وقت مان جنهن ڪتاب تي پنهنجو رايو لکي رهيو آهيان اُهو ڪتاب آهي ´وڻ وڻ منجهان واس` جيڪو تعلقي جوهي، ضلعي دادو جي ٻن سرجڻهارن مرتب ڪيو آهي. انهي ٻنهي جا نانء سُٺن شاعرن ۾ لکيا وڃن ٿا. هڪ گھايل لغاري۽ ٻيو زين کوسو جن هي پيارو گلدستو تيار ڪري اسان جي هٿن تائين پهچايو آهي جنهن منجهان اسان وقت بوقت واس وٺندا رهون ٿا. هي ڪتاب پنجن شاعرن جي خوبصورت شاعري تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ موجود شاعرن  جو تعلق جوهي تعلقي سان آهي. جن پنهنجي تخليقن سان هن ڪتاب کي هڪ گلدستي جيان سينگاريو آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪا خوشبو آهي سا هاڻي صدين تائين پنھنجو واس واسيندي رهندي.
جن شاعرن هن ڪتاب کي پنهنجي من ۾ متل مانڌاڻ کي ٺارڻ لاء تخليقن سان سهڻي نموني سينگاريو آهي انهن ۾ مير محرم لغاري، خادم جسڪاڻي، سڪندر اُداس لنڊ، زين کوسو ۽ گھايل لغاري شامل آهن.
مير محرم لغاري جنهن جو اصل نالو محرم لغاري آهي، سندس جنم 9 آڪٽوبر 1974 ۾ ڳوٺ ميان بخش لغاري تعلقه جوهي ۾ ٿيو. سندس ادبي لڏي ۾ اچڻ وارو سفر به چڱو خاصو پيو لڳي. پاڻ لکي ٿو منهنجو ادبي سفر 1989ع ۾ ٿيو. سندس مواد 1990 ۾ اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجڻ لڳو.
سندس شاعري مان چونڊ 

مينهن کي چئجو؛ هاڻ اچ به کڻي،
هوريان هوريان لڏي پيو پاڙو.

مير محرم لغاري جون اُهي سٽون ڪيڏيون نه جاندار آهن. مان سمجهان ٿو ته هن اُهي سٽون ڪاڇي واري علائقن ۾ نه پوندڙ برساتن سبب سرجيون هونديون. سندس اُهي سٽون منهنجو لبن تي بار بار اچن پيون مان سمجهي رهيو آهيان. اڪثر ڪري ڪاڇي ۽ ٿر جا ماڻهو برساتن جي انتظار ۾ هوندا آهن. جڏهن پاڻي ناهي هوندو، هو پنهنجو پوکيل پوک به مال کي کارائي ڇڏيندا آهن. مير جي هر شعر ۾ ڏڪاريل ڏيھ جو دائهون ڪثرت سان سمايل آهن.
هڪ ٻئي غزل ۾ چئي ٿو

تنهنجي پاڙي جي نانءُ تان صدقي،
“مير” ۽ “مير” جو سڄو پاڙو.
ٻي سٽ ۾ به ڪمال ڪيو اٿس! پرين جو پاڙو ڪنهن کي پيارو ناهي هوندو!  عاشق ته اڪثر ڪري پرين جي پاڙي جا هروڀرو به پيا چڪر لڳائيندا آهن ته شال ڪنهن ويلي پرين جو دردار نصيب ٿئي. پرين ته ڇا پر پرين جي پار کان ايندڙ هر ماڻهون تان پيا قربان ٿيندا آهن. مير ته چئي ٿو ته مان ته تنهنجي پاڙي تان صدقي پر منهنجو سڄو پاڙو تنهنجي نانءَ تان صدقي.
خادم  جسڪاڻي جو اصل نالو خادم حسين جسڪاڻي آهي سندس جنم 20 جولاءِ 1975ع تي جوهي شهر ۾ ٿيو. هن سنڌي ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس مواد سنڌ جي مختلف اخبارن رسالن جي زينت بڻيو.
 سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ:
مزدورن جو ڏينهن ملهايئي؟
جن کي مُيسر ڍئو ئي ڪونهي.
خادم! واھ واھ! ڪمال جو سٽون سرجيون اٿئي! جن تي توکي لفظن ۾ داد ڪيئن ڏيان؟ واقعي به انهي ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄ ڪلھ اسان جا ادارا پهرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهائن ٿا مگر انهن مزدورن کان ڪڏهن اها پڇا به ڪونه ڪن ته آيا اوهان جو گذر سفر ڪيئن پيو هلي. باقي خالي مزدورن جو ڏينهن ملهائڻ سان ڇا هڙ حاصل؟. انهي مزدورن ويچارن کي هڪ وقت جو ڍئو به ميسر ناهي هن مهانگائي جي دور ۾! پر ڇا ڪجي.

سور ڪهڙا ڀلا سلي “خادم”،
ڄڻ ته جيئري قبر ۾ رهندو آهي.

خادم کي سور گنج آهن جيڪي سور هو پنهنجي قلم ذريعي ڊائري تي اُتاريندو رهي ٿو. هو لکي ٿو ته مونکي سورن ساڻو ڪري ڇڏيو آهي، مان ڄڻ جيئري قبر ۾ آهيان.

اداس لنڊ  اداس جو اصل نالو سڪندر علي لنڊ آهي. سندس جنم پهرين جنوري 1973ع ڌاري ڳوٺ خان جي ڪُور ۾ ٿيو. اداس لکڻ جي شروعات 1995ع ۾ ڪئي. سندس مواد سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيو.
سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ:

تنهنجي پيار ۾ چرين جيان،
آڱريون  “اداس” ٿو ڳڻي.

اداس جيان هر عاشق چريو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سوچ ۾ ٻُڏي چرين جيان آڱريون ڳڻڻ شروع ڪندا آهن ته هاڻ ڇا ڪجي پرين ڪڏهن ٿو ديدار ڪرائي! اداس به ڪنهن جي پيار ۾ ڏينهن اڱرين تي ڳڻڻ جو اعتراف ڪري ٿو. سندس شاعري دل کي ڇهندڙ محسوس ٿي رهي آهي.
بس گھرڻ سان نه ملندي آزادي،
سر سان  ٻڌڻو  پيو  ڪفن آهي.
سندس غزل جون سٽون ڪيڏيون نه جذبات مان لکيل آهن. سندس خون ۾ جنون آهي. ديس جي آزادي لاء! هر وقت سر سان ڪفن ٻڌي هلڻ جو وچن پڻ ڪري رهيو آهي. سندس هنن سٽن مان شاعر جو جوش جذيو عيان آهي. آئون ساڻس سهمت آهيان. مان بار بار سندس اُهي سٽون لبن تي پُڪاريندو رهان ٿو.

زين کوسو جو اصل نالو زين العابدين کوسو آهي. سندس جنم 5 سيپٽمبر 1971ع ۾ ڳوٺ چينجاڻي ۾ ٿيو. زين لکڻ جي شروعات 87/1986ع کان ڪئي. هن وقت به سوشل ميڊيا تي مسلس. سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ ڪجي ٿي،
يادن کي ساري “زين” رنو آ،
موُثر تحريرون ۽ تنهائي.
زين به راقم الحروف جيان يادن جي ور چڙهي ويو آهي. تڏهن ته پنهنجي قلم سان پاڻ ئي پيار ۾ اعترافي سٽن ۾ پنهنجي ماضي جي يادن جو ذڪر ڪري سڄڻ کي ساريندي اکين مان لڙڪن جون قطارون لاڙي رهيو آهي. پنهنجي پريت کي ياد ڪري ڪري ڪيتريون ئي تحريرون لکي چُڪو. بس هاڻ هن وٽ تحريرون ۽ تنهائي باقي بچيا آهن.
منجھ حويلي سوچي سپنا،
ٻاهر   پهرا   خالي   خالي.
ڇا ته ڪمال جي بند سرجيو اٿس جيڪو بار بار پڙهڻ تي دل چوي ٿي. زين لکي ٿو حويلي اندر پهرن ۾ پوريل قيد گوري جي سوچن ۽ سپنن تي ڪنهنجو به وس نٿو هلي ۽ هوء پنهنجي پرين کي سپنن ۽ سوچن ۾ ساريندي رهي ٿي.
زين کوسو به نوجوان ٽھي جي سمورن شاعرن سان ڪلوڪلهي ۾ ملائي پنھنجي ادبي سفر کي روان دوان رکيو اچي. کيس ڪڏھن ڪڏھن منھنجو سوشل ميڊيا ذريعي رابطو ٿيندو رهندو آھي. زين تمام پيارو ماڻھو آھي. ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس جو مرتب پڻ آهي.
گهايل لغاري: گهايل لغاري جو اصل نالو غلام حيدر لغاري آھي. سندس جنم 15 نومبر 1976ع تي ڳوٺ بچل لغاري، تعلقه جوهي، ضلعي دادو ۾ ٿيو. گهايل لغاري جو ادبي سفر به پراڻو آھي. گهايل پاڻ لکي ٿو تي هن لکڻ جي شروعات 1990 ۾ ڪئي. انهي وقت کان هن وقت تائين جوڙ ڪبو ته ڪل 29 سال ٿيندا. مطلب ته گهايل کي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي 29 سال گذري چڪا آھن. هن وقت گهايل سان منھنجي سوشل ميڊيا جي معرفت واسطو ٿيو آھي. سندس شاعري توڙي سندس مرتب ڪيل گڏيل شاعري جي مجموعي کي پڙھي خوشي محسوس ڪري رهيو آھيان.
سندس شاعر مان ڪجھ چونڊ:
 يادن جو پڙلاءُ ڏئي ويو،
گهرو گهرو گهاءُ ڏئي ويو.
گهايل کي ايترا گهاءُ مليا آهن جو هن پنھنجو تخلص ئي گهايل رکي ڇڏيو. کيس يادن جو پڙلاءُ به گهرو گهاءُ ڏنو آھي. سندس شاعري ۾ درديلا احساس اوتيل آھن. سندس شاعري مان ائين محسوس ٿي رهيو آھي ته گهايل سدائين دردن جي گهيراءُ ۾ رهيو آھي.
 مان سدائين مست مست ٿو رهان،
  تنھنجي اک جي شراب خاني ۾.

گهايل پاڻ پنھنجي شاعري ۾ پنھنجي قلم سان جيڪو اعتراف ڪيو آھي اُھو ڪنھن کان لڪل ناهي. مان ساڻس جڏھن به مخاطب ٿيو آھيان ته هو مونکي مست الست ماڻھو ٿو لڳي. هو پنھنجي هنن سٽن ۾ پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي ڪھڙي نه ادا سان چوي ٿو ته آئون سدائين لاء تنھنجي خاطر مست رهان ٿو. سو به تنھنجي اک جي شراب خاني ۾! واھ واھ ڇا ته سندس تخليق ٿيل سٽون آھن!!
اڄ جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ کوڙ اھڙا ليکڪ جن گڏيل شاعري جا مجموعا آندا آھن انهن مجموعن کان پوء جيڪو احساس ميرل سهتي طرفان فيس بڪ تي تعارفي سلسلو هليو اُھو به انهي ساڳي سلسلي جي ڪڙي آھي. منھنجي مشاهد توڙي مطالعي موجب اُھو هن وقت جو رڪاڊ جوڙيندڙ ڪتاب آھي جنھن ۾ 300 شاعرن جي شاعري ۽ تعارف شامل آھي. خير سنڌي ادب ۾ هن وقت تائين گڏيل شاعري جي مجموعن جو به وڏو انگ شامل ٿي ويو آھي. انهي ساڳي سلسلي جي هي به هڪ ڪڙي ليکبي. هن ڪتاب جي خاص ڳالھ اُھا آھي ته هن ڪتاب جا مرتب ڪندڙ به ٻه شاعر آھن. هن ڪتاب جي ارپنا ڪاڇي جي سونهون ۽ سڃاڻپ طالب لغاري ۽ جاني اسحاق ملاح جي نانء ڪئي آھي ڪتاب "وڻ وڻ منجهان واس" جو مهاڳ سنڌ جي ناميواري شاعر علي دوست عاجز لکيو آھي اداري پاران ساجد سنڌي ڪتاب جو بيڪ پيج تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل لکيو آھي. هي گڏيل شاعري جو ڪتاب سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.

مان دل سان ٿورائتو آھيان Lajpatmazloom Lajpat
 هلال پاڪستان جي اڄوڪي اخبار ۾ شايع ٿيو آھي.

وڻ وڻ منجهان واس جو مختصر اڀياس بيوس سجاد گاڏهي



ڪتاب؛ “وڻ وڻ منجهان واس“ جو مختصر اڀياس.
تحرير/ بيوس سجاد گاڏهي.

وڻ وڻ منجهان واس پنج شاعرن تي مشتمل گڏيل شاعري جو ڪتاب آهي جيڪو سنڌ (ڪاڇي) جي خوبصورت شاعرن طالب لغاري ۽ جاني اسحاق ملاح کي ارپنا ڪيو ويو آهي. 
ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر علي دوست عاجز لکيو آهي  اداري پاران ساجد سنڌي جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا تاثرات پڻ ڪتاب کي ڀرپور حسناڪي بخشي آهي، 
سمبارا پبليڪيشن مان شايع ٿيندڙ هي شاعري جو ڪتاب  گهايل لغاري ۽ زين کوسو مرتب ڪيو آهي جيڪو 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 240 روپيہ رکي وئي آهي. 
ڪتاب ۾ شامل سڀئي ادبي دوست سينيئر ۽ برجستا تخليقڪار آهن سندن ادبي ابتدا تقريبن منهنجي (عمر) سن آهي، 
وڻ وڻ منجهان واس تمام پياري ۽ خوشبوءِ هاڻي نانءُ جي چونڊ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ واقعي ئي  مختلف وڻن (شاعرن) جو واس (شعري حسناڪي) جابجا پڙهندڙ جي من ۾ هڪ الڳ جهان جوڙي ٿو.
ڪتاب جو مهاڳ پڙهندي اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته علي دوست عاجز سهڻي تخليقڪار هجڻ سان گڏوگڏ ڪمال جو نثرنگار پڻ آهي.
 مهاڳ  (جوهي جا جر ڦُل) پڙهندي جن جملن منهنجي روح جي تارن کي ڇيڙيو اهي جملا اوهان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيان ٿو جيئن اوهان به انهن مان چس ۽ واس وٺو.

“سرنهن جي مند ۾ تلُورن جي تاڙ ۾ ويٺل عرب شهزادن جا خيما ائين کوڙجي ويندا آهن جهڙا مِنا ۾ مسافر حاجين جا تنبُو هجن“
“ماڻهو ۽ مال آهن پاڻيءَ سان، پکي ۽ پريت آهي وري ماڻهوءَ سان“
“جي ساھ سنگتياڻيءَ سان ٿو سونهين ته درياھ به پاڻيءَ سان ٿا ٺهن“ 
“ادب ۽ آرٽ جي اُڃ به عشق جي اُساٽ وانگر آهي جنهن مان پيتي نه ٿو ڍاپجي“ 
“ڪلا وارن جا وارث ڪلا وارا ئي هوندا آهن“ 
“ڪافي خوبصورت شاعر، شاعريءَ مان ايئن هٿ ڪڍي ٿا وڃن جيئن گهٽ ريج ۽ لاڳيتي برسات نه پوڻ جي ڪري ماڻهو پوکيل فصل مان هٿ ڪڍي ان کي مال کان ڀيلائي ڇڏيندا آهن“ 
“استاد چوندو هو پيار ۽ پيڙ هڪٻئي جا پاڙيسري آهن“ 
“ماڻهوءَ جو واس ڳالهين مان ايندو آهي“ 
“گڏيل مجموعن جو رواج هلندو ٿو اچي پڙهندڙ کي ورائٽي مليو وڃي، اهڙو مجموعو انگورن جي ڇُڳي وانگر هوندو آهي“ 
هاڻي پڙهندڙ ان مان خود اندازو لڳائن ته اهي جملا آهن يا ڍنڍ ۾ تڙڳندڙ نيرڳ...؟؟ 

هن ڪتاب جو پهريون شاعر آهي مير محرم لغاري 
مير محرم لغاري جو فڪر آسماني وسعتن کي ڇُهي ٿو سندس شاعري مان رابيلن جو هڳاءُ اچي ٿو سندس شاعري منهنجي نظرن اڳيان پهريون ڀيرو گذري آهي جنهن کي پڙهي مون کي ايئن لڳو ته “پاڻ ڄڻ شاعريءَ سان مسخري پيا ڪيون“  سندس  شاعري جا فني فڪري پاسا نهايت مضبوط آهن سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر هتي ڏيان ٿو خاص طور تي جن مون کي بيحد متاثر ڪيو.

ڪنڌ جيڪي سُتا نه ٻانهُن تي 
بار بُت جي مٿان اجايا آهن. ( ص 20)

تنهنجا مظلوم پيڙهجي ويندا 
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين  (ص 23) 

وار پيشاني تان واريو ڪجھ نه ڪجھ 
کاڄ تان ماکي اُٿاريو ڪجھ نه ڪجھ (ص 24) 

ڇاتيون ملڻ لئه آتيون جنهن دم ملي وڃن ٿيون 
چُڀندڙ اُڀار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور (ص 25) 

هُوءَ سينگارجي گهران نڪتي 
تير نڪتو ڪمان کان ٻاهر ( ص 28) 

روز آ ڌرتي، ٻولي، توڙي پاڻيءَ تي يلغار 
سنڌڙي تنهنجي آئيندي جا الڪا مارن ٿا (ص 30) 

تنهنجي حسين هاٺي جهڙو غزل لکان مان 
تخيل جي حد ختم، جت خيالن جي حد ختم (ص 31) 

ڏيھ جوڙيندڙ وڏو باذوق هو 
لاڙ، ڪاڇو وِچ، اُتر ٿر شاهڪار (ص 35) 

ڪاش! ڪنهن.کي سڃاڻون مرڻ کان اڳي 
لڙڪ معنيٰ ٿا رکن ڪِرڻ کان اڳي (ص 40)  

هن ڪتاب جو ٻيو شاعر آهي خادم جسڪاڻي
خادم جسڪاڻي. جي شاعري به سڀني وصفين سهڻي آهي
جنهن ۾ سُر سارنگ جا آلاپ به آهن ته نمن جي ڇانءُ جهڙو سُرور به آهي سندس شاعريءَ ۾ ڪاڇي جا منظر ائين اکين اڳيان ڦُٽي پون ٿا جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ ڪاڇي يا ٿر ۾ کُنڀُيون ڦُٽي پونديون آهن، سندس شاعري مان ڪجھ منهنجا پسنديده شعر

وار کليل هن رئو ئي ڪونهي 
ڇورِيءَ کي ڪو ڀئو ئي ڪونهي (ص 42) 

مزدورن جو ڏينهن ملهايُئي 
جن کي مُيسر ڍئو ئي ڪونهي (ص ساڳيو) 

بابو چئي ٿو شعر لکين ٿو ڪجھ احساس اٿئي؟ 
گهر جي ڇِت جون ڇيتون ڇيتون گارو ٿي ويو آ (ص 43) 

پنهنجي شوق خاطر ٻِي شادي ڪيُئي 
سمائي جا گهر ۾ نه نياڻي ڏٺئي (ص 44) 

پاڻ ڪاڇي جي ڄانڀي جيان هُون پرين 
ٿوري لفظن ۾ ان لئه هي ڪوڙاڻ آ (ص 45) 

ڳوٺ ۾ خوشبوءِ ويئي ڦهلجي 
هُن وڌو چولو سُڪڻ لئه تار تي (ص 46) 

ظاهر ۾ هُن ڀاڪر پاتو 
ڇا اندر جي مير ڇڏيندو؟ (ص 53) 

مون کي جنت ۾ ڪٿ مزو ايندو 
منهنجي ڪاڇي ۾ جي ڏُڪر هوندو (ص 57) 

هن ڪتاب جو ٽيون شاعر آهي اداس لنڊ 
سڪندر علي لنڊ جي لکڻ جو ڏانءُ به سادو سلوڻو ۽ من موهيندڙ آهي سندس لکڻيون عمر جي لاهن چاڙهن، تجربن ۽ مشاهدن سان ٽمٽار آهن سندس لکڻين ۾ مقناطيسي ڇِڪ آهي جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ قابو ڪري ٿي اداس لنڊ جي شاعري ۾ اداسي جا عڪس جهجهي تعداد ۾ ملن ٿا، سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر. 

مون رات ڏٺو خواب اهو آ ته سنائي! 
هُو سنڌ مان غيرن ۽ غدارن کي تڙي تو (ص 67)  

جو اثر آ قلم اسان جي ۾ 
سو اثر ناھ تنهنجي گوليءَ ۾ (ص 68) 

سال سارو ٻنيءَ ۾ لوڙيو ٿم 
ٻن مهينن جو آيو انَ آهي (ص 71) 

خوف دهشت جاڳي پيو ٿو من منجهان 
بُوءِ رت جي ٿي اچي روڊن منجهان (ص 72) 

پيار دولت جو محتاج ناهي اداس 
ڪنهن ته مُرلي کنئي بادشاهي ٿُڏي (ص73) 

جو وڻي سو ملي ائين ناهي 
سهڻو ماڻهو ته سڀ کي آ وڻندو (ص 76) 

گاج آئي وهي ڀريو منڇر 
ڪالھ خوش ڪيترو مهاڻو هو (ص 78) 

گلن کي چئو ٽڙڻ ڇڏين 
اگر ٽڙندا ته پيا پٽبا (ص 81) 

بُت ڏڪيو آ ڏسي اهو منظر 
هن جي ڇاتِي جڏهن ڇُلي آهي (ص 82) 

هُوءَ چِتائي ڀلا ڏسي ڇو ٿي 
ٿو لڳي ڇوڪري ڀُلي آهي (ص ساڳيو) 

هن ڪتاب جو چوٿون شاعر آهي زين کوسو (مرتب) 
زين کوسي کان سنڌ جو هر باشعور فرد چڱي ريت واقف آهي سندس شاعري سان گڏوگڏ  هن جو نثر به داد لائق آهي هي شاعر دوست محبتون ونڊيندڙ ۽ اعليٰ اوصاف رکندڙ سنڌ جي محبوب شخصيت آهي پاڻ فيسبڪ تي تقريبن گڏيل هوندا آهيون 
سندس شاعري مان ڪجھ شعرن جي چونڊ

وقت ڊُڪي ٿو، هر ڪو آ مشغول 
ڪنهن کي ناهي ڪنهن جو احساس (ص 90) 

منجھ حويلي سوچي سپنا 
ٻاهر پهرا خالي خالي (ص 92) 

روز مارُو ٿا مرن تو ڇا ڪيو 
بند ڪر پنهنجي لٻاڙي ڊاڙ کي ( ص 93) 

ڳاڙهن ڳلڙن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن 
جاڙن جبلن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن (ص 94) 

دل کي ايڏا درد نه ڏي تون 
دل آهي ڪو روھ ته ناهي (ص 99) 

ڪيسين سهندي سُور وڇوڙو 
جان اسان جي لوھ ته ناهي (ص ساڳيو) 

بک ۽ بدحالي منجھ مُئا 
پائي ڳچيءَ ۾ ٽوڙها ماڻهو (ص 101) 

ناري ڪائي پڪڙي ويئي پيار ڪندي 
ماڻهن جي سنگسار ڪرڻ کي ڇا چئجي؟ (ص 103) 

شيشي جهڙو صاف شفاف 
تنهنجو منهنجو پاڪ پيار (ص 104) 

هن ڪتاب جو آخري شاعر گهايل لغاري آهي (مرتب) 
غلام حيدر لغاري سنڌ جو سچيت قلمڪار آهي جنهن جي ادبي سرگرمين متحرڪ پڻي ۽ ادبي خدمتن کان ڪهڙو اڻاسي اڻ واقف هوندو؟
گهايل لغاري جي لکڻين جو پنهنجو منفرد لهجو/اسلوب آهي سندس فن ۽ فڪر تحسين جوڳو آهي پاڻ سهڻو نثر نويس پڻ آهي منهنجون ته ساڻس جيءُ جون جڙون آهن حاضر آهي سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر.

عشق مشتاق سونهن جو آهي 
عاشقن جون ڪٿائون اٿلايو (ص 108) 

احمقن پيار کان ڪري نفرت 
زندگين۾ نٿُور آندو آ (ص 111) 

پنهنجي خوابن جو موت ٿي پيو آ 
اڄ تڏهن سوڳوار ٿي پياسين (ص 113) 

جڏهن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين 
ڏنگيندي رهي هيڪلائي زمانا (ص 114) 

آسون ساڙي رک ڪيائون 
يارن جا ها لهجا ٽانڊا (ص 116) 

وڇوڙي ساھ ساڙيو آ 
جِئين سيءَ گاھ ساڙيو آ (ص 118) 

ملندين ته دوست پاڻ ئي محسوس تون ڪندين 
گهايل جي دل ۾ آهن ارمان ڪيترا (ص 119) 

مان پُڳس آسري صدارت جي 
ها مگر ميزبان مٽجي ويو (ص 125) 

حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين 
وفا جي اوساري ڪندو هل پرين (ص 127) 

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس ڪندي الاهي منظرن جو ڄڻ منهان ميل درشن نصيب ٿيو ڪٿي ڪاڇي جي ڏڪار جو ڏک منهنجي اندر ۾ وڍ وڌا ته ڪٿي وري ڪاڇيلڻ! جي حسن و ادا چنچل پڻي منهنجي جيءَ ۾ ڄڻ ته عجيب لياڪا پئي پاتا بحرحال هن تجزياتي تحرير ۾ مون صرف پڙهندڙ جي حيثيت سان (شاعري جو چس وٺڻ خاطر) هن ڪتاب کي ڪنهن ماء واري نگاھ سان ڏٺو ۽ پرکيو آهي هر انهي ٻاجهاري ماءُ وانگي جنهن کي پنهنجا ٻچا اپاهج هوندي به سون کان وڌيڪ ڀاسندا آهن البته هن ڪتاب ۾ الاهي جاين تي فني ڪوتاهيون درپيش آيون جن کي مون نظر انداز ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن تحرير ۾ تنقيدي پهلُو به شامل ڪجي ها ته هي تحرير طوالت جي تئو ۾ کامي وڃي ها ۽ پڙهندڙ ان مان بوريت جي بُوءِ سُنگهي ڦٽو ڪري ڇڏن ها، پر مون کي اها اميد آهي ته ان تي وقت جو ڪو ڏاهو نقاد ضرو قلم کڻي پنهنجو فرض پورو ڪندو.

وڻ وڻ منجهان واس تي هڪ نظر ثناء لهٻر



گڏيل شاعري جي مجموعو (وڻ وڻ منجهان واس )تي هڪ  نظر ....

   ثناء لهٻر 

                 ...تاريخ جو ورجاءُ ...

سائنس بقول ته هر انسان ڏسي ۽ سمجهي ٿو پر هر  انسان جي ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو طريقو مختلف آھي هڪ عام طور تي ڏسڻ ۽ سمجهڻ ھوندو آھي ته وري ٻيو ڏيک ڏيندڙ ڪردار  ۾ پاڻ کي فيل ڪري ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو طريقو هوندو آھي جنهن هن دنيا ۾ الائجي ته ڪيترا آرٽسٽ ,شاعر, ليکڪ پيدا ڪيا آھن ! ڇاڪاڻ جو اهي انسان جيڪي هر مظلوم ڪردار توڙي اعلي ڪردار ۾  پاڻ کي  محسوس ڪندا آهن سوئي قلم کڻڻ تي مجبور بڻجندا آهن  ڇو جو اهڙن انسانن کان ,ڪنهن خوشحال ديس جي ابهم نينگر جو پنڻ وارو ڪردار, ڪنهن عورت جو  معصوم ٻچڙن خاطر جسم وڪڻڻ وارو ڌنڌو ,ڪنهن قوم پرست شخص جي  چچريل لاش کي پسڻ وارو الميو هضم ٿي نه سگهندو آهي ,اهڙي طرح اهڙا شخص قلم کڻڻ تي مجبور بڻجندا آهن ۽ پنهنجي من جي دٻيل آوازن کي لکڻي ذريعي دنيا سامهون پيش ڪندا رهندا آهن ,ڪڏھن مجنو جي ڪردار ۾ ليلي جا عاشق ٿي ڀٽڪندا آهن ته ڪڏھن گداگر عورت جو روپ ڌاري در در رلندا آهن ته ڪڏھن شاھ جي بيتن جا پوئلڳ بڻجي مرليون وڄائيندا آھن مطلب ته هر اها شيء جنهن کي باهمي محسوس ڪندا آهن ان کي سفيد ڪاغذن مٿان چٽيندا رهندا آهن !پر سائنس جي برعڪس اهڙن شخصن لاء  مذھبي تصور اهو ٿو ڏنو وڃي ته هنن وٽ خدائي ڏات آ تڏھن ته  لکن ٿا جي اگر انهن وٽ الحامي (ڏات)شيء نه هجي  ها ته لکي نه سگهن ها پر ان ڳالھ کي آءُ بنھ به تسليم نٿو ڪريان !اهو نظريو انساني خيالاتن جي محنت کي ڏات جي مهر لڳائي رائگان ٿو بڻائي ۽ انهن جي تخيلي ڪاوشن کي جهٽ ۾ ٿو ٺڪرائي ڇڏي ! ڇو جو مان هڪ ننڍڙو قلمڪار هئڻ ناتي انهن جي ذھني تڙپ کي سمجهي سگهان ٿو ته ڪيئن راتين جو راتيون جاڳي  لکن ٿا ۽ انهن لکڻين جي ڪردارن ۾ در در ڀٽڪي اذيتون ڪيئن سهن ٿا ! تخليقون ايجاد ڪندڙ انسان ساگر جي ڪپ تي هوندي به آب چڪي لاء تڙپندا آھن ,۽ پل پل وطن توڙي سانگيئڙن جي دردن ۾ لڇندا آھن جنن جي صف ۾ جوهي جا به دوست  پڻ شامل آھن جيڪي وشال ننڊون ڦٽائي ديس جي دردن کان ويندي هر محڪوميت واري ڪردار ۾ تڙپيا آھن ۽ پنهنجي ذھني محنت جي نچوڙ منجهان اسان ۽ اوهان اڳيان هڪ معني خيز گڏيل شاعري جو نئون مجموعو وڻ وڻ منجهان واس وجود ۾ آندو اٿن ..
جنهن ۾ محبوبيت کان ويندي وطن تائين جو درد ڪنهن ناچڻي جيان رقص ڪندي نظر اچي ٿو! وڻ وڻ منجهان واس گڏيل شاعري جي  مجموعي جا مرتب محترم گهايل لغاري ۽ زين کوسو صاحب آھن جنن جوهي واري ادبي گلشن جي وکريل گلابن جي خوشبوئن کي سميٽي ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس ۾ محفوظ بڻايو آ جنهن تي زين کوسو صاحب ۽ محترم گهايل لغاري صاحب جس پڻ لهڻا ڇاڪاڻ جو اڄ جي دور ۾ ادبي گلشن جي وکريل گلابن واري خوشبو کي سميٽڻ ناممڪن آ جنهن کي زين کوسو ۽ گهايل لغاري صاحب ممڪن بڻائي ادبي گلشن کي سنوارڻ جو فرض ادا ڪيو آ ! وڻ وڻ منجهان واس مجموعي جو  پهريون نمبر شاعر مير محرم لغاري آھي جيڪو  تمام بهترين خيالاتن جو مالڪ پڻ  آ جنهن جي شاعري ۾ ڪماليت کان ويندي جديدت جو هنر سمايل نظري اچي ٿو ۽ لفظن کي جملن ۾ سهڻي طريقي سان پيش ڪرڻ جو ڏانء به ڄاڻي ٿو  پنهنجي هڪ غزل ۾ لکي ٿو ته 
                                                                                       
                 غم جي خمار ۾ آ ڪيڏو مٺو سرور    
                دکندڙ   آزار ۾ آ  ڪيڏو  مٺو  سرور  

دکندڙ آزار ۾ مٺو سرور محسوس ڪرڻ منهنجي نظر ۾  هر  انسان جي وس ۾ ناهي !ڪو ڪو محرم جھڙو انسان هوندو جيڪو دکندڙ درد ۾ سرور محسوس ڪندو هوندو باقي هر  انسان آزار کي آزار جي نگاهن سان ئي ڏسندو آ ۽ ٻي غزل جي هڪڙي بند ۾ محرم سائنسي اصول جي پوئلڳي ڪندي وراڻي ٿو ته 

         شاعري شوق ناهي پوري  ڪجي 
         ذھن  جي آ ولوڙ     ھي   ڪوتا

بلڪل انساني ذهن جي ولوڙ جو ئي نتيجو هوندو آ جنهن مجهان ڪوتا جنم وٺندي آ باقي ڏات نالي الحامي شيء آھي ڪون جنهن کي ڪوتا جو نالو ڏئي انسان جي خيالي ولوڙ کي رائگان ڪجي ! محرم  مٿي ٻن سٽن ۾ تمام سادي مفهوم سان سائنسي اصولن جي ادائگي ڪئي آ جنهن مان اهو ثابت ٿئي پيو ته مرحم نه رڳو هڪ سٺو شاعر آ بلڪي هو اڄ جي دور سان ٺھڪندڙ سائنسي اصولن جو پوئلڳ به پڻ آ..

          اسان ڪيئن مڃون سو مهذب پڻو 
         جڏھن تنهنجي هٿ ۾ خنجر ئي ته آ 

هن بند ۾ شاعر  ظالم شخص سان مخاطب ٿيندي چوي پيو ته اسين توکي عيبن کان پاڪ,خوش اخلاق وارو ڪيئن مڃيون جڏھن ته تنهنجي هٿ ۾ ظالم پڻي جي نشاندهي ڪندڙ خنجر پسڻ وٽان ملي ٿو بلڪل انسان جي سڃاڻپ ان جي روين منجهان ئي ٿيندي آ ۽ ان جي چال چلتن ۽ عادتن مان هن جو ڪردار پسي سگهجي ٿو اهڙي طرح محرم مٿيون سٽون لکڻ تي مجبور بڻيو ...۽ هن ڪتاب جو ٻيو نمبر شاعر خادم حسين جسڪاڻي آھي جنهن جي شاعري پڙھڻ بعد دلي داد ڏيڻ کان پاڻ روڪي نه سگهيم ۽ سوچڻ تي مجبور بڻيم ته آخر ڇاڪاڻ! سنڌ جا اهڙا بهترين شاعر دنيائي کاڻ ۾ دٻيا پيا آھن  جنن جي شاعري ۾ فنونيت ,بهترين ڪارگري ۽ سٺ پڻي جو هنر سمايل آ ,ڇو جو اهڙيون سڀئي خوبيون خادم حسين جي شاعري منجھ مونکي نظر آيون ۽ خادم جي شاعري پڙھڻ بعد منهنجي بي چين روح کي عجيب سڳنڌ محسوس ٿي ! گهڙي کن لاء اهو وساري ويٺم ته مان ڪو هن دنيا ۾ آھيان اها شاعر جي شاعري جي مقبوليت واري آخري حد چئبي جو پڙھندڙ ان جي شاعري ۾ اهڙي طرح غرق ٿي ٿا وڃن جو هنن کي دنيا جي ئي خبر نٿي رهي !جنهن جو اندازو خادم جي هن بند منجهان لڳائي سگهجي ٿو ! 

            مان ته گمنام   ڪائي قبر هان پرين
            مون تي گلڙا ڪو هاري ضروري نه آ  

ڪنهن گمنام قبر تي گلڙا نڇاور ڪرڻ ضروري نه هوندو آ ڇاڪاڻ جو گمنام قبر ان لاوارث شخص مثل هوندي آ جنهن جو هن دنيا ۾ ڪوئي ڌڻي نه هوندو آ ۽ اهو لاوارث شخص ماڻھن جي ميڙاڪن منجھ هوند به اڪيلو اڪيلو جيون بسر ڪندو رهندو آ ! ان جي هيڪلائي کي اچي ڪو شخص ڪنهن فٽ بال جيان ڪڪ لڳائي دور ڪري اهو ان لاء  ضروري نه آ ڇاڪاڻ جو اهو شخص احساس ڪمتري جهڙي وبا جي ورچڙهي ويندو آ جنهن جي ڪيفيت خادم حسين بهترين نموني بيان ڪئي آ !

        ظاهري تنهنجو پرين مونسان ملڻ 
        زلزلا   ذھنن    اندر   برپا    ڪندو 

هي هڪ سالم دماغ عشقيا جي منزل آ جتي عاشق پهچي اهو سڀ ڄاڻندو آ ته پرين جي ملڻ سان آسپاس جي ماحول ۾ ڪهڙا ڇنڊا پون ٿا ۽ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو ! جنهن تي خادم حسين  پهچندي ماڻھن جي ذھنن ۾ برپا ٿيندڙ زلزلا ڄاڻي ٿو ۽ انهن زلزلن کان پرين کي باخبر رکڻ لاء ڪجھ اهڙو لکڻ تي مجبور بڻجي ٿو ! 

  
      تنقيد    کوکلي  ۽   واڪا   وڏا   ڪرين 
      ڪهڙو مزو اچئي ٿو ڪنهن جي ٺٺول ۾ 

خادم حسين جسڪاڻي اڄ جي موجوده هلڪڙن نقادن کي هن بند ۾ چماٽ وهائي ڪڍي آ جي اگر اکر وارا هوندا ته خادم حسين جي هن ٻين بند مان سمجهي ويندا ۽ ڪنهن تي کوکلي ٺٺول ڪرڻ کان پاسو ڪندا ..! هن ڪتاب جو ٽيون نمبر شاعر سڪندر علي لنڊ آھي جنهن جي شاعري ۾ سنڌ جي دردن جا اولڙا پسڻ وٽان ملن ٿا , ۽ تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته جيڪي شخص پنهنجي ديس جي دردن جي نشاندهي ڪندا آهن اهوئي شخص امرتا ماڻيندا آھن بلڪل اهڙي ئي امرتا سڪندر لنڊ جي به لکڻين ۾  براجمان نظر اچي ٿي ,جيڪا سڪندر علي لنڊ کي هڪ الڳ مقام ۽ سڃاڻپ پڻ ڏياريندي ڇاڪاڻ جو سڪندر پنهنجي ڏانءُ جي آڌار تي ڌرتي جي دردن جي وڪالت ڪئي آ جنهن جو اندازو اوهين خود هن شعر منجهان لڳائي سگهو ٿا

           سنڌ خاطر جنگ جي ڪئي سون شروع
           گونجندا    نعرا  اسانجا    سن   منجهان

 سنڌ جي آزادي واري هٻڪار جو آغاز  سن جي سيد گهراڻي منجهان  ٿيو جنهن کي نروار ڪندي سڪندر لنڊ شايد هي شعر جوڙڻ تي اتاولو بڻيو ! انهيءُ غزل جو هڪ ٻي بند ۾ سنڌ جو الڪو ڪندي شاعر چوي ٿو ته 

             شال  مهڪي  سنڌ جو هر  هڪ چمن
            گل ڇڻي مرجهي نه ڪو گلشن منجهان

بيشڪ سچو ديس دوار اهو ڪڏھن به نه چاهيندو ته منهنجي وطن جي گلشن منجهان ڪو گل مرجهائجي ڇڻي وڃي ! ڇاڪاڻ جو هو مالهي جيان پنهنجي وطني گلشن جي حفاظت ڪرڻ چاهيندو آ اوهين پاڻ ئي ٻڌايو ته ڪو مالهي ڪڏھن اهو چاهيندو ته منهنجي گلشن منجهان گلڙا مرجهائجي سڳنڌيون وڃائي ويهن ,ڪڏھن به نه!  اهو انڪري ته  هو پنهنجي جان کان وڌ گلشن جي گلڙن کي چاهيندو آ ! سڪندر نه رڳو سنڌ جي وڪالت ڪئي آ پر  دوشيزائن جي به خوبصورت منظرن کي پنهنجي شاعري جو محور پڻ بڻايو اٿس جنهن جو ثبوت طور هيٺيون هڪ بند پيش ڪريان ٿو ..
   
              بت  ڏڪيو  آ ڏسي اهو  منظر 
              هن جي ڇاتي جڏھن ڇلي آھي 

شاعر سڪندر  هتي ڪماليات سان ٽمٽار جوڀن ڀري منظر جي عڪاسي ڪئي آ جنهن جو تصور ذھن ۾ آڻيندي الائي ته ڪهڙي دنيا ۾ ٿو پهچي وڃان ۽ اهو سوچڻ تي ٿو مجبور ٿيان ته ڪاش ڇلڪندڙ ڇاتي کي ڇهڻ جي تمنا پوري ٿي سگهي .هن ڪتاب جو ڇوٿون نمبر شاعر زين کوسو صاحب آھي جيڪو شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين نثرنويس به پڻ آ منهنجي نظر ۾ اهڙا ماڻھون آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا جيڪي شاعري کان ويندي نثر جو فن به ڄاڻڻ ٿا پر رڳو ڄاڻڻ نه پر انهي فن کي سٺي نموني سان نڀائڻ جو به هنر رکن ٿا ڇو جو مون زين کوسو جون ڪافي نثري تحريرون پڙھيون آھن جنهن ۾ بهترين منظر ڪشي, سٺي ڊائلاگ بازي, ۽ عالميت جهڙو ڏاءُ نظر ايندو آ  زين نه رڳو نثري صنف کي سٺي طرح نڀائڻ ڄاڻي ٿو پر شاعري کي به هڪ بهترين شاعر جيان ڪاغذن تي چٽڻ جو هنر رکي ٿو ! جنهن جو اندازو هن بند منجهان لڳائي سگهجي ٿو ..

                ڪيڏا طبقا ٿي ويا ماڻھن ۾ 
                ڪو  آ عام  ته ڪو  آ خاص 

هتي زين کوسو دنيائي چال چلتن جو پردو فاش ڪندي چوي ٿو ته ماڻھون ته سڀئي هڪ ئي مٽي منجهان جنميندڙ آھن پر تنهن هوند به ڪو عام آ ته ڪو خاص ,جنهن جو اشارو سرمائيداري نظام طرف وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو عام ۽ خاص ريتن جو بنياد اوائلي دور ۾ سرمائيداري نظام وڌو جيڪو اڳتي هلي دنيا ۾ وبا جيان پکڙجي ويو ۽ اڄڪلھ عروج تي آهي انهيء غزل جي ٻئي بند ۾ چوي ٿو ته 

           وقت ڊڪي  ٿو هر ڪو آ  مشغول 
          ڪنهن کي ناهي ڪنهن جو احساس

زين جون هي سٽون اڄوڪي دور سان ٺھڪندڙ حقيقتن جي عڪاسي آھن ڇوجو اڄ ڪلھ وقت جي ڊوڙ ۾ انسان هڪٻئي کان گوء کٽڻ جي لالچ ۾  اڳڀرو آ ۽ اهو احساس به وڃائي چڪو آ ته هن معاشري ۾ اسانجي پٺيان ڪو جڏو شخص به آھي جنهن کي منزل جي تڪميل تائين پهچائڻ جو اسانتي اولين فرض آ ! هي هڪ سٺي شاعر جي خوبي چئبي جو هو معاشري جي هر هڪ ڪوتاهي کي پنهنجي شاعري جي جيل خاني ۾ ڏوهاري طور قيد ڪندو رهندو آ جيڪا خوبي زين کوسو ۾ به موجود آ ڇاڪاڻ جو زين کوسو جي شاعري جو محور ئي معاشري سان لاڳاپيل خيالات آھن 

           اسانجو  خير  آھي  جي مئاسين 
          هجين سهڻا سدائين تون سلامت

زين کوسو کي نه رڳو پنهنجي ديس جو الڪو آ پر  سهڻن جي سلامتي جو به الڪو سرس اٿس جنهن جي خمار ۾ پنهنجو به خير نه ٿو گهري ۽ پاڻ کي جهٽ ۾ مرڻ واري منزل تائين پهچائڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري ! وڻ وڻ منجهان واس مجموعي جي آخري سڳنڌ گهايل غلام حيدر لغاري آھي جيڪو نالي جو نه رڳو سندن زندگي جو به گهايل پڻ آ ڇاڪاڻ جو گهايل منهنجو پيارو ۽ ويجهو ساٿي آھي جنهن جي زندگي ۾ دردن جي ڪرڻڻ کي تمام ويجهي کان محسوس ڪيو اٿم ايترو ئي نه گهايل هڪ بهادر ۽ همياليا جيڏو پختو جگر رکندڙ شخص آھي جنهن دردن کي مڙس ماڻھون جيان بيهي منهن پئي ڏنو آ ۽ ڏيندو پيو اچي اهو انڪري پيو چوان ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻين ڌرن ۾ تقسيم ٿيڻ بعد مخالف ڌر جيڪا خامخواھ تنقيد سائين گهايل جي شخصيت تي ڪئي ايتري شايد منافقن ۽ سنڌ دشمنن جنن ساس کي ٽوڙڻ ۾ دير ئي نه ڪئي انهن تي به نه ٿي هجي ! پر خير اها هڪ بيسود ريت آ جيڪا اڳتي هلي ازخود شرمسار ٿيندي ,۽ پنهنجي غلطين جو ضميري عدالت ۾ ازالو پڻ ڪندي ! گهايل ۾  سٺي شاعر  جي خوبي سان گڏ نقادي ڏانءُ به ساراھ جوڳو آ جنهن ڪافي اناري شاعرن کي ادبي گس طرف روان ڪيو آ ,محترم دوست گهايل لغاري پنهنجي هڪ غزل ۾ لکي ٿو ته .

             سونهن ڪيڏو سرور آندو آ 
            عشق  مون  ۾ شعور آندو آ 

هي جدت سان ٽمٽار ۽ نئون رخ ڏيکاريندڙ خيال آھن 
ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ هر شاعر سونهن ۽ عشق کي پنهنجي شاعري ۾  تباهي جو ڪارڻ پئي پيش ڪندا آيا آھن پر گهايل انهن جي بر عڪس سونهن کي سرور ۽ عشق کي شعور سان ڀيٽا ڏني اٿس جنهن منجهان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گهايل ٻين شاعرن کان مڙوئي مختلف سوچ رکندڙ شاعر آھي

          تاب تنهنجو نه ڪٿ وجهي ساڙي 
          ائين نه جلون جو سيڪ ڏي پيارا

اگر ڪو سونهن پرست حسن کي انهي نگاهن سان پسي ته گهايل جيان هي سڀ چوڻ تي مجبور بڻجي پوندو ,ڇاڪاڻ جو جلون جو تاب حسن پرست شخص کي ڪنهن شڪاري جي نڪتل ڪماڻ منجهان تير جيان لڳندا آھن 

          جڏھن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين 
          ڏنگيندي   رهي   هيڪلائي    زمانا 

هي هڪ مڃيل حيقت آ جنهن کي گهايل تمام سادڙن لفظ ۾ پيش ڪئي آ اڄ جي جدالي دور ۾ سچ چوڻ ڪنهن مهاپاپ کان ڪتمر ڪين آهي ۽  بقول گهايل جي ته جيڪو شخص دوستن کي سريعام سچ چئي ٿو اهو ئي هن زماني ۾ انبوھ هوند به هيڪلائي ڀريو جيون گهارڻ تي مجبور بڻجي ٿو ! سنڌي ادب ۾ وقت به وقت ڪافي سارا ڪتاب پبليشر ٿيندا رهيا آھن ۽ ٿيندا رهن ٿا پر جوهي جي دوستن جو هي وڻ وڻ منجهان واس ڪتابي روپ وارو سنڌي ادب کي ارپيل تحفو معياري ۽ معني خيز آ جيڪو اڳتي هلي تاريخ ۾ هڪ نمايا صنف اختيار ڪندو !ڇو جو تاريخ ورجاءُ ڪندي آ ۽ ان ورجاءُ ۾ ڪنهن جي به محنت  رائگان ناهي ٿيندي .!وڻ وڻ منجهان واس ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي بهترين نقاد علي دوست عاجز لکيو آ جنهن جي مطالعي ڪرڻ سان اهو معلوم ٿيم ته واقعي عاجز بهترين نقاد جي خوبي رکي ٿو ۽ بيڪ ٽائٽل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي سونهري اکرن سان چٽيل آ ڪتاب پبليشر ڪندڙ ادارو سمنبارا پبليشر نالي سان مشھور آ جنهن جو پنهنجي طرفان هڪ سٺي نموني سان نوٽ به لڳل آھي جنهن جي پڙھڻ بعد ائين محسوس ٿيم ڄڻ خيالن جي گلشن ۾ نوان تخيلن جا گونچ نسرڻ لڳا هجيم ....

Monday, August 3, 2020

سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سرريئلسٽڪ ناول___اڏوهي هوش محمد ڀٽي



سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سرريئلسٽڪ ناول___اڏوهي

هوش محمد ڀٽي

ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪا به تحريڪ ڌڙا ڌڙ ڪتاب نه ٿي آڻي سگهي! باقي ته سنڌي ادب ۾ ٻاهريان لاڙا ۽ تحريڪون دير سان پهچن ٿيون ۽ وڌن ٿا. سرريئلزم به هڪ اهڙي تحريڪ آهي. منهنجي خيال ۾ اخلاق انصاري انهن اديبن مان نه آهي جنهن شعوري طرح سان ڪوشش ڪري سرريئلزم تحت لکيو هجي. ڇو ته اڪبر لغاري، اخلاق انصاري جو ذڪر ئي نه ٿو ڪري صرف نسيم پارس گاد کي سررئيلسٽڪ ڪهاڻيڪار مڃي ٿو يا ڳڻيو اٿس.
 اڪبر لغاري لکي ٿو:
”سنڌي ادب ۾ ڪجهه اديبن سررئيلزم کي سمجهڻ کان سواءِ ئي پنهنجي لکڻين کي سررئيلسٽ قرار ڏئي ڇڏيو. ڪجهه اديبن شعوري ڪوشش ڪري، سررئيلسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر سنڌي ادب ۾ هي تحريڪ قدم ڄمائي نه سگهي آهي. تنهن هوندي به نسيم پارس گاد سٺيون سررئيلسٽ ڪهاڻيون لکيون آهن.“

منهنجي ڄاڻ موجب اخلاق انصاري کي سنڌ جو پهريون سررئيلسٽ ڪهاڻيڪار مڃيو وڃي ٿو. باقي شيخ اياز به ڪجهه سررئيلسٽڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. اخلاق انصاري جون ڪهاڻيون منهنجو اڄ جو موضوع نه آهن. آئون سندس Surrealistic ناول اڏوهي جو تنقيدي جائزو وٺندس.
اخلاق انصاري جي هن ناول کان اڳ ۾ ماڻڪ جي ناول ”رڃ ۽ پڙاڏا“ ۾ به ڪجهه سررئيلزم جا ڪجهه اشارا ۽ نشانيون آهن. سنڌي ادب جو مڪمل طرح سان پهريون سررئيلسٽ ناول اخلاق انصاري جو اڏوهي ناول آهي.

سررئيلزم کي سنڌي ۾ ماورائي تحريڪ يا رمزيت چئجي ٿو. هونئن ته ماورائيت جو اصطلاح گئلم اپولينيئرGuilaume Apollinaire استعمال ڪيو پر اينڊري برٽن 1924ع ۾ هن تحريڪ جو بنياد رکندڙ هو. اينڊري برٽن فرائيڊ کان گهڻو متاثر هو. سگمنڊ فرائيڊ انسان جي لاشعور ۾ موجود گوناگونيت، تخليقيت کي تحليل نفسي جي ذريعي ڳولڻ جو گس ڏنو. اينڊري برٽن انسان جي لاشعور ۽ تحت الشعور ۾ موجود مخفي بي شمار تخليقي ۽ تخيلاتي سگهه ۾ پختو ويساهه رکندڙ هو.

ماورائيت جو تعلق معروضيت سان نه پر انساني داخليت سان آهي. جنهن ۾ منجهه عقل ۽ دليل جي نه پر انسان جي تحت الشعور ۽ لاشعور ۾ لڪل ڇڙوڇڙ بنا ترتيب جي خيالن جو اظهار آهي. ان اظهار بيان جو ڪو قاعدو يا اصول طئي ٿيل نه آهي. سررئيلزم جديديت جي وڻ مان ڦٽل ٽاري آهي.
اڏوهي ناول ڪئمپس ناول آهي. ڇو ته اهو هڪ پروفيسر جو لکيل آهي. ڪئمپس ناول جي گهرج ۽ وصف به اهائي آهي ته يونيورسٽي جو ڪو ماڻهو جڏهن يونيورسٽي تي لکي ٿو ته ان کي ڪئمپس ناول چئبو. اڏوهي ناول جو مک ڪردار ورسٽي جو هڪ پروفيسر آهي. کيس زال ۽ ٻار آهن. ان سان پروفيسر جي محبوبه فوزيا جو به ڪردار آهي جا ساڻس يونيورسٽي ۾ پڙهي هئي. پروفيسر کي ٻه ڀائر آهن هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو.

ناول جو مک ڪردار نفيساتي خودڪاريت ذريعي جيڪي سوچون هو سوچي ٿو انهن جو اظهار بنا روڪ ٽوڪ جي ٿيندو رهي ٿو. انهي اظهار بيان ۾ ايتري ته تيز رواني آهي جو ڪٿي به ائين محسوس نه ٿو ٿئي ته اسين ناول پڙهي رهيا آهيون ائين ٿو لڳي اهو سڀ اسان سان ي رهيو آهي ذهن جي ان ولوڙ ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي.

ضمير متڪلم ۾ لکيل ناول کي پڙهندڙ اها ڳالهه وساري ويهندو آهي ته هو ناول ٿو پڙهي يا آتم ڪهاڻي. اورهان پاموڪ موجب: “اهي ناول کي آتم ڪٿا سمجهندا آهن، پوءِ ڀلي توهان انهن کي ياد ڏياريو ته اهي ناول پڙهي رهيا آهن. ڪي وري آتم ڪٿا کي ناول سمجهندا آهن. پوءِ ڇو نه کڻي بار بار آهن.”

“سررئيلزم هڪ خالص ۽ نفسياتي Automatism آهي. جنهن جو مطلب سوچ کي ائين بيان ڪجي، جئين اها ذهن ۾ اچي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي عقلي ۽ اخلاقي روڪ ٽوڪ نه هجي.”

ناول جي شروعات ائين ٿئي ٿي ته پروفيسر کي 20 هزارن جو چيڪ يونيورسٽي پاران ملي ٿو ۽ ان سان هن کي نفسياتي هيجان شروع ٿي وڃي ٿو ۽ هو سوچي سوچي الائي ڪٿي نڪري ٿو ته آخر اهو چيڪ کيس ڇو ڏنو ويو آهي.

چيڪ ملڻ بعد هو حد درجي جي پريشاني ۾ پئجي وڃي ٿو ته هاڻي اهو چيڪ هو ڪٿي لڪائي رکي ۽ اها ڳالهه هو زال يا ٻارن کي ٻڌائي يا نه ان تي هو دلگير ٿي پوي ٿو. هو پنهنجي منهن جو سوچيندو ۽ ڳالهائيندو رهي ٿو ان جو ڪينواس انتهائي ڪشادو آهي. وجود سان لاڳاپيل هڙئي شيون هن جي تحت الشعور منجهان نڪري اچن ٿيون. جيئن صفحي 26 تي هو Ecological Issue تي ڳالهائي ٿو: “ ۽ پاڻي به آهستي آهستي اڏامندو وڃي... ان پاڻي کي... روڪي نه ٿو سگهجي... ان جي روڪڻ سان هاڻي جهيڙا هلن ٿا... ها... وڏا ڊيم ئي اصل ۾ اسان جي موت جو ڪارڻ آهن. ڊيمن جي ڪري Eco System تباهه ٿيندو ۽ وڻ ٻيلا سڪي ويندا...”

مسئلو وري به چيڪ جو آهي هو سوچي ٿو ته ان کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايان يا ڦاڙي ڇڏيان يا هن کي ڦاسايو پيو وڃي.
ماورائيت جي بنيادي ڳالهه اها آهي ته تخليق مان زندگي جي مختلف حقيقتن جي واضع تصويرن بجاءِ ڌنڌلا، منجهيل ۽ اشارن سان ڀريل عڪس ظاهر ٿين ۽ ناول ۾ ليکڪ اهڙا ڪيترائي عڪس چٽيا آهن. جيئن:
“سوچ وڌڻ سان به عذاب وڌن ٿا... جيتري سوچ محدود، خواهشون به محدود. عذاب به محدود.” ص 33
“.... هن معاشري ۾ ماڻهن کي رڳو جيئري رهڻ جيتري ماني به ته نصيب نه ٿي ٿئي. پر ڪي وزن گهٽائن لاءِ گهٽ ٿا کائن، ڪي عورتون ڇاتي وڌائڻ لاءِ ڪريمون ٿيون استعمال ڪن، جن ۾ کير ئي نه هوندو آهي ۽ ڪي ڪي ته ٻارن کي کير پيارڻ لاءِ سڪل ٿڻن کي به ڏس سان ڏسن ٿيون. ڇاتيون سڪل... ٺوٺ...” ص_ 36

ناول ۾ احساسن جي مصوري ڪمال جي آهي ۽ انساني ذهني مونجهارن جو چٽ به چريو ڪري ٿو ڇڏي. ڊاڪٽر بشرا جي ڪردار جي جهلڪي ماري وجهي ٿي. ڊاڪٽر بشرا گائناڪالاجسٽ آهي. مڱيندي جي مري وڃڻ بعد شادي نه ڪري ٿي ۽ شادي جي تبليغ ڪندي رهي ٿي. هڪ لاوارث ڇوڪري پاليائين جيڪا ڀڄي شادي ڪري ڪورٽ ۾ بيان هن ريت ڏيئي ٿي: “مئڊم جي ماءُ جيتري عزت ڪريان ٿي پر سندس مرضي مطابق زندگي نه ٿي گذاري سگهان.” پوءِ ڊاڪٽرياڻي ٻليون پالي ٿي. هن ناول ۾ انساني مزاج ۽ سوچ جا اهڙا رنگ آهن. فرائيڊ چيو هو انسان ڪڏهن به ڪهڙو به ردعمل ڏيکاري سگهي ٿو اهو اوهان جي سوچ ۾ به نه هوندو ۽ ڊاڪٽرياڻي سان به ائين ٿيو.

“گڏهه سوئي گڏهه” مک ڪردار سوچي ٿو جڏهن اسڪول ۾ کيس اهو جملو چيو وڃي ٿو ساڳيو ئي جملو پڻهس گهر ۾ چوي ٿو.
پيڙائن کي ناول نگار عمده نموني سان چٽيو آهي. سورن جون سڀ صورتون هن ناول جي ورقن تي وکريون پيون آهن. پروفيسر جي زال جو جڏهن ٻار ضايع ٿي وڃي ٿو ته منظر متاثر ڪندڙ ۽ منجهائيندڙ آهي. هڪ ڳالهه جيڪا مون کي سمجهه ۾ به نه آئي. پروفيسر کي ڪتي جي چڪ جو ڀوء حاوي ٿئي ٿو ۽ هن کي ننڍپڻ ۾ ماسات کي لڳل ڪتي جي چڪ جو منظر ياد اچي ٿو. ان کي ليکڪ ڏاڍو ڀوائتو پيش ڪيو آهي. ڪتي جي چڪ واري مريض کي ڪراچي کڻي وڃن ٿا ۽ Isolation Room ۾ رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو ڪتي جو چڪ ان دور ۾ ايڏو وڏو مسئلو هجي.
ناول جا ڪجهه اهڙا مڪالما جيڪي هڪ الڳ دنيا ۽ حقيقي معنيٰ خيز منظرن سان ڀرپور آهن:
1. “سيٽلائيٽ چئنل ته ٻارن کان خوشيون ئي ڦري ورتيون آهن.” ص_66 

پر اڄ جي دور جو ٻار موبائيل تي فيس بوڪ، واٽس ايپ ۽ وڊيو گيم جي هڪ نه کٽندڙ جهان ۾ گم ٿي ويو آهي.
2. “مينهن پوندو هو ته ڪمري ۾ ٻرندڙ ميڻ بتين جي هلڪي روشني ۽ ڪارويڊور ۾ فلسطيني شاگردن جو نه سمجهه ۾ ايندڙ راڳ ۽ فرش تي لڳندڙ بوٽن مان نڪرندڙ آوازن جو رڌم...” ص_ 67
فلسطين جي شاگردن جو ذڪر پر اڄ جي دنيا ۾ ته ان جي نالي نشان کي ئي دنيا جي نقشي تان مٽايو ويو آهي.
3. “سوچي سوچي وزن ئي گهٽجي ويو آهي... ڳري ويو آهيان.” ص_68
فڪرات انسان جو رت چوسيندڙ هوندي آهي. اها هڪ فطري سائنسي حقيقت آهي. اخلاق سائين جي تخليقن اهڙا گهرا خيال اڪثر هوندا آهن.
“گڏ هلندي اوچتو هن هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏنو. بهار، سرءُ، سيارو، سارنگ ۽ سوين ستارا منهنجي اندر ۾ لهي پيا.” ص_ 69
ناول جي ٻوليءَ ۾ کنڊ جي چاسني جي مٺاڻ آهي. منظرن جا حقيقي عڪس آهن. جيڪي من موهيندڙ آهن. ناول مان هڪ منظر:
“الائي ڪيتريون شامون يونيورسٽي جي روڊن تي فوزيه موسمن ۾ سنبت هئي. وقت ۾ صبح هئي. سرهي شام هئي. تارن ڀري رات هئي. ڪينجهر ۾ لهر هئي. جهومندڙ ڏاڙهونءَ گل جي ٽاري هئي. هلڻ ۾ برکا هئي. کلڻ ۾ جانجهه هئي. سارنگيءَ جي تار هئي. شاعريءَ ۾ لطيف جي وائي هئي. يونيورسٽي جي Annual فنڪشن ۾ ... سڄي سڄي رات  راڳ ٻڌندي.... صبح جو ڳاڙهين اکين سان هڪ ٻئي کان موڪلايوسين...” ص_69
مٿيون سٽون پاڻ ئي ڳالهائي رهيون آهن. انهن جي تشريح اهي پاڻ ئي آهن. هڙو بنهه منفرد تعارف هيروئن جو مون اڳ منجهه ڪڏهن ڪنهن سنڌي ناول منجهه نه پڙهيو آهي.
“ڀل سماج هن کي سيکاري به پر... سياڻپ چريائپ ته تانئيڙي جي تند جهڙي سرحد ۾ ورهايل آهي.” ص_75
“حادثا هلن ٿا جوڙ، ڪٽ، ڪٽ، جوڙ، ضرب ونڊ ۽ ونڊ.... ضرب...مسلسل نه کٽندڙ آهي ته ڏک آهي.” ص_75
ناول نگار جي ڏاهپ ۽ گهري پروڙو Perception هن ناول جي هر صفحي تي پسي سگهجي ٿي. ناول ۾ ٻيون ته سڀ ڳالهيون ٺيڪ آهن پر ناول نگار عورتن جي معاملي ۾ ڪجهه سوايو ئي سخت ۽ ڪاوڙيل آهي. هو لکي ٿو ته:
“ڪنهن فيمنسٽ عورت جو ڪالم... ڪالم ۾ ڇا هوندو؟ مرد سوسائٽي خلاف بڪواز، بليڪ ميلنگ... عورتن جي آزاديءَ جي نالي ۾ ڪلچر کان بغاوت .... سماج کي ٽوڙڻ جي لاءِ دليل...!” ص_77
خبر ناهي ڪهڙي ڪلچر جي ناول نگار ڳالهه ڪري رهيو آهي. اسان وٽ جيڪو ڪلچر هلي ٿو ته ان ۾ ته عورت جي ڪا به انساني حيثيت ته آهي ئي نه. اتي اگر عورت ان ڪلچر کان بغاوت ڪري ٿي ته اهو ان جو حق آهي. 
ناول ۾ ليکڪ جو نقطه نظر عورت لاءِ گهڻو تنگ نظري تي مبني آهي. کيس عورت جي سگريٽ پيئڻ، گهمڻ ۽ فيشن ڪرڻ تي به اعتراض آهي. هي ڳالهه گهڻي نفرت يا عورتن کي گهٽ سمجهي ڪري لکيو ويو آهي.
“هن سوچيو، عورت ڀل پڙهي لکي ڪجهه به ٿئي پوءِ عورت ئي آهي.”

عورت هجڻ معنيٰ روايتي سوچ وانگر خراب ۽ ڪم عقلي مخلوق آهي. عورت ڪجهه ناهي مرد سڀ ڪجهه آهي.
ناول جئين ته وسيع ترين ڪينواس جو نانءُ آهي. ناول نگار هن ناول ۾ مختصر ئي پر هر اهم ڳالهه سندس اک ۾ اچي وئي آهي ۽ ان کي شاهي نموني پيش به ڪري ويو آهي. ڪارونجهر جا نظارا ۽ ڪولهين جي ڪسمپرسي حالن جو بهترين پيش منظر ليکڪ سامهون ڪيو آهي. ڪئپس ناولن ۾ هي ناول انتهائي ڪارائتو ناول آهي. جنهن جو موضوع، پلاٽ ۽ مڪالما اوچي خيالن سان سرشار ۽ زندگي جي گول گول ڦرندڙ آهن. يونيورسٽي جي سياست، شاگردن جا معاملا ۽ يونيورسٽي جي پلاٽن جي ڪاروبار ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ڪير ٿو ڪري. ليکڪ ان کي ڏيکاري ويو آهي.
پورفيسر جي روئيداد اڳتي هلندي هلي ٿي. پروفيسر بيمار ٿئي ٿو سندس گڙدا ڪم نٿا ڪن. شاگرد ۽ استاد ملي ڪري هن جي علاج جي لاءِ ڪوششون وٺن ٿا. ڪاميٽي ٺهي ٿي. ڊونر جي ڳولا ڪئي وڃي ٿي. سندس گڙدو ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو. بيماري ۾ اچي پور پچائي ٿو ته اگر پيسا مليا ته ڪيئن استعمال ڪندو. من ۾ لالچ اچيس ٿي. وڏن ماڻهن سان واسطو رکڻ جا ارادا ڪري ٿو. ننڍو ڀاءُ کيس بڪي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ته يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر جيڪو ناڪام عاشق آهي اهو هن کي گڙدو ڏيڻ لاءِ راضي ٿئي ٿو.
ناول جي ڪهاڻي آٽو فڪشن ۾ اڏامندي ٿي وڃي ۽ آئون اچي ان سوچ تي بيهي ٿو رهان.
“سوچيائين: ان جي زال، ڌيءُ ۽ ڀيڻ جي ارهن تي الائي ڪيتريون اکيون چنبڙيل هونديون...”ص_101
ڪردار جتي اهو سوچن ٿا اتي سنڌ جو المياتي نوحو به هنن جي سوچن جو محور هجي ٿو. ڪينجهر ڍنڍ، سنڌو درياهه، موهن جو دڙو، گورک هل جي تباهي جا سبب به هن ناول منجهه آهن. ناول جي هن مڪالمي جيان: “هاڻي رڳو مارڪيٽ آهي، ماڻهو ٽول آهي، جيترو سستو ملندو اوترو....” ص_115
ڪيڏو نه اثر انگيز خيال آهي. ماڻهو جي اهميت بابت! هي ناول Intellectual Approach سان هڪ اهڙي دنيا سامهون آڻي ٿو جيڪا ڄڻ ڪجهه ئي ناهي، سڀ فريب آهي. توهان ان ۾ بس هڪ پروزي جيان آهيون. جيڪو ڪڏهن به هٽي ويندو خراب ٿي پوندو ۽ ڪنهن کي ڪو فرق نه پوندو.
ناول جي پڄاڻي_ واقعي پڄاڻي هوندي آهي يا نئين ابتدا؟
ناول جي پڄاڻي سان ڪئين نيون آسون ۽ امنگ ٿا پيدا ٿين. يا اها حقيقت ۾ پڄاڻي هوندي آهي. ناول جو مک ڪردار پنهنجي ماحول، رشتن لڳ لاڳاپن کان بيزار ٿي پوي ٿو ۽ بي معنوعيت هن جي اندر ۾ ڪاهي پوي ٿي.
هو بنا ڪنهن مقصد جي پنهنجي زال کي پنهنجي ڀائٽي جي هٿان مارائي وجهي ٿو. جنهن زال سان هو پيار ڪري ٿو. ڀائٽي کي لالچ ڏئي ٿو ته پوليس کان پئسا ڏئي ڇڏرائيندس ۽ ان کي حادثي جي شڪل ڏيندا پر هو ائين نه ٿو ڪري. اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ به هن وٽ ڪنهن احساس يا پڇتاءُ جو ڪو خيال نه ٿو رهي. توڙي جو هو هرپل خيالن ۾ وڪوڙيل رهي ٿو.
ڪا به ڪهاڻي يا ناول تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي جڏهن ان جي پڄاڻي پراثر، شاندار ۽ حيران ڪندڙ هجي. هن ناول جي پڄاڻي حيران ڪندڙ ته آهي پر شاندار ناهي. جنهن ۾ ڪا نئين ابتدا ناهي.
اخلاق انصاري جو هي ناول رشتن جي کوکلائپ کي سهي نموني ظاهر ڪري ٿو. جنهن ۾ دنيا بي رحمي سان بنا ڪنهن ڊپ جي ائين ئي هلندي رهي ٿي ۽ ان ناول جي پڄاڻي جهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا. جن ۾ لاپرواهي جي هڪ بي انت لهر آهي جا کٽي نه ٿي. ڪو به اهو نه ٿو ڄاڻي ته ان سان اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟ انساني حياتي جي جستجو فطرت جي ڪاروهنوار اڳيان بي معنيٰ فضول لڳي ٿي ۽ انسان جيتامڙي جيان سوچيندو سوچيندو مري کپي وڃي ٿو. 
hosh6292@yahoo.com  email:

Sunday, August 2, 2020

محرومي اختر حفيظ



محرومي
اختر حفيظ
ماستر عليم پنهنجي مطالعي واري ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو. سندس ڪمري ۾ ڪتاب ترتيب سان رکيل هئا ۽ هيستائين هزارين ڪتاب پڙهي چڪو هو. هن سڄي ڄمار اڪيلائيءَ ۾ گذاري هئي. هن جي دوستي  ڪمري ۾ موجود ڪتابن ۽ انهن ٻارڙن سان هئي، جيڪي سندس پاڙي ۾ رهندا هئا. سندس ڪافي سال ٻارڙن کي اسڪول ۾ پڙهائيندي گذريا ۽ هاڻي پيري سندس جسم تي تڪڙيون وکون کڻي گذري رهي هئي، ڪجهه عرصو اڳ ئي هن اسڪول مان رٽائرمينٽ ورتي هئي کيس جيڪا رقم ملي اها هن هڪ فلاحي اداري ۾ جمع ڪرائي ڇڏي . سندس گذارو فقط پينشن تي هو جيڪا هن لاءِ ڪافي هئي. هو انهن پئسن مان ٻارڙن لاءِ رانديڪا ۽ شيون وٺندو هو. کيس جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن تي اعتبار هو ته اهي ٻار ئي هئا. هو چوندو هو ته سڄي ڪائنات جو حسن ٻار آهن. ٻارڙن سان ويجهڙائي جو سبب اهو به هو ته کيس ننڍپڻ ۾ ماءُ پيءُ جو پيار نه مليو. غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندي سندس مائٽ کيس هن جهان ۾ اڪيلو ڇڏي ويا هئا ۽ هن جو ننڍپڻ خاص ڪري ننڍي چاچي جي گهر ۾ گذريو هو، جتي سندس چاچيءَ جا رويا هن سان چڱا نه رهيا هئا ۽ نه وري هن جي سئوٽن کيس پنهنجو سمجهي جيءَ ۾ جاءِ ڏني هئي. هو ڌڪا ٿاٻا کائيندو نيٺ ماستر ٿي ويو. هن لاءِ سڀ کان وڏي محرومي ماءُ پيءُ جو اهو پيار هو جنهن لاءِ هو اڄ ڏينهن تائين سڪيو پئي.


هن کي سڄي دنيا منافقن جو ٽولو نظر ايندي هئي پر ٻار هن لاءِ هڪ سچي ۽ کري مخلوق هئا. هو روز ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائيندو ۽ انهن سان کيڏندو هو ۽ انهن ئي لمحن ۾ کيس هڪ عجيب مسرت ملندي هئي، ڇاڪاڻ ته سندس ننڍپڻ ۽ جواني تلخ تجربن جو طويل داستان هو. اصل ۾ هن کي پنهنجي ئي ننڍپڻ جي تلاش هئي، جيڪو معصوميت کانسواءِ ٻيو ڇا هو؟ هن لاءِ ٻار ڄڻ ته رانديڪا هئا جن سان هن جي دل پئي وندرندي هئي. جنهن ڏينهن ٻار ڪجهه دير ڪندا هئا ته کيس بيچيني ٿيڻ لڳندي هئي ۽ هو ڪتاب بند ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هلڻ لڳندو هو يا وري ڪمري جي در تي بيهي انهن جي راهه تڪيندو هو ۽ جڏهن رومي، عيني، غالب, علي ۽ حديقه هن وٽ پهچندا هئا ته چهري تي مرڪ وکري ايندي هيس ۽ کيس تسلي ٿيندي هئي. سندس ڪمري ۾ ڪيترائي رانديڪا رکيل هئا جن سان ٻار راند کيڏي وري اتي ئي رکي هليا ويندا هئا. هن جي ٻارن سان ايتري محبت هئي جو جيڪڏهن هن وٽ هڪ ويلو کائڻ جا پئسا هوندا هئا ۽ ٻار شيءِ لاءِ ضد ڪندا هئا ته هو اها رات بکئي پيٽ گذاريندو هو پر ڪڏهن به کيس بکئي پيٽ هجڻ جو احساس نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته ٻارڙن جو پيٽ ڀريل هوندو هو. ٻارڙن جي خواهشن جو احترام کيس سندن مائٽن کان به وڌيڪ هوندو هو. هن اڳيان ٻارڙن جي خواهش جو احترام دنيا جو سڀ کان مقدس ڪم هو.
جنهن ڏينهن ٻار هن وٽ ڪنهن سبب جي ڪري نه ايندا هئا ته هو پنهنجي ڪمري ۾ رهي نه سگهندو هو ۽ انهن جي گهر وڃي خبرچار لهندو هو. ٻارن سان ملڻ کان پهريائين هو شهر جي پراڻي چوڪ تي ڪبوترن کي داڻو ڏيڻ ويندو هو جتي ڪيترن ئي ورهين کان سوين ڪبوتر پنهنجي حياتيءَ  گذاري رهيا هئا. هن لاءِ ڪبوترن کي داڻو ڏيڻ ڄڻ ته فرض هو. هو جڏهن بينچ تي ويهي ڪبوترن کي داڻو ڏيندو هو ته سوين ڪبوتر هن جي چوڌاري گهيرو ڪري ويندا هئا ۽ هو آرام آرام سان انهن ڏانهن داڻو اڇلائيندو رهندو هو. انهي مهل هن جي اکين ۾ چمڪ ۽ خشڪ چپن تي مرڪ ظاهر ٿيندي هئي. رومي سندس پيٽ تي ويهي آکاڻي ٻڌائڻ جو ضد ڪندي هئي ۽ هو آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندو هو جنهن سان سڀني ٻارن جي چپن تي ماٺ جو تالو لڳي ويندو هو ۽ سڀئي اکيون ڦاڙي غور سان هن جي آکاڻي ٻڌندا هئا ۽ وري ننڍڙي رومي پنهنجي منهن ڀڳل ٽٽل آکاڻي ٻڌائڻ لڳندي هئي ته هو تعريف ڪندي ڪونه ٿڪبو هو. هن کي جيڪو ڪجهه نه ملي سگهيو اهو هن ٻارن کي ڏيڻ پئي چاهيو ڇو ته کيس خبر هئي ته هن جي وڇڙي ويل رشتن جي ڪري کيس نه ته پيار مليو ۽ نه وري ننڍي هوندي  واري ٻاراڻي زندگي. بس سندس چاچي جي گهر ۾ هن کي ڌڪار، نفرت ۽ موچڙن کانسواءِ هن جي حصي ۾ ڪجهه به نه اچي سگهيو . هن جي حصي جو پيار ته سندس مائٽن وٽ ئي رهجي ويو هو جنهن کي چاهيندي به هو حاصل نه ٿي ڪري سگهيو. ٻار سندس ڪمري ۾ شرارتون ڪندا، گوڙ، مستي ڪندا هئا پر هن جي چهري تي ڪڏهن به ڪاوڙ جي ريکا ظاهر نه ٿي پر ان وقت اهو سڄو شور هن کي زندگي جو حصو ۽ سندس وجود جي هجڻ جي علامت لڳندو هو.... انهي گوڙ واري ماحول دوران به هو پنهنجي ڪتاب پڙهڻ واري عمل کي جاري رکندو هو ڇو ته اهو هن جي ننڍڙي دنيا جو حصو ٿي چڪو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته قدرت کيس ماضي کي وسارڻ لاءِ انهن ٻارڙن جي سنگت ڏني آهي جنهن ۾ هو پاڻ کي مطمئن محسوس ڪندو هو.
پاڙي ۾ هر ماڻهو کي ماستر عليم جي ڪردار جي خبر هئي انهي ڪري ڪڏهن به ڪنهن ٻارڙن کي هن سان ملڻ کان نه روڪيو . هو پاڙي جي گهٽين ۾ پنهنجن ننڍڙن سنگتين سان هلندي نظر ايندو هو. هن کي اڪيلائي کان ڪڏهن به ڊپ نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته اڪيلائي ته سندس ڄمڻ وقت ئي هن جي وجود جو حصو ٿي چڪي هئي. اها اڪيلائي ته هئي جيڪا هن سان وفا ڪندي پئي آئي. هن اڪيلائي کي ڪڏهن بيوفا نه سڏيو. هن جي زندگي جي هڪ موڙ تي ڪجهه وقت لاءِ افشان هن جي همسفر ٿي پر پوءِ اها به کيس زندگي جي سفر ۾ اڪيلائي جي حوالي ڪري وئي. افشان پهرين ۽ آخري عورت هئي جنهن سان هن محبت ڪئي جيڪا کيس اڃا به هئي پر افشان جي خوابن ۾ شايد هاڻ هن لاءِ ڪا به جاءِ نه هئي. افشان هن کي انهي ڪري به ٺڪرايو هو جو هو هاءِ اسٽيٽس وارو ماڻهو نه هو. هن وٽ ايمانداري، سچائي ۽ ڪتاب کان وڏي ملڪيت ڪا به نه هئي. افشان جڏهن هن کي ڇڏيو هو ته هن کي انهي وقت ڪو به ڏک نه ٿيو ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته هو هن جي خوابن ۽ خواهشن کي پورو نه ٿو ڪري سگهي. انهي ڪري هن افشان جي زندگي جي ٻيڙيءَ کي هن جي ئي حوالي ڪري ڇڏيو هو. پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هو ڪنهن ٻي عورت جي دل ۾ نه ته ڪا جاءِ ڳوليندو ۽ نه وري ڪنهن عورت کي پنهنجين اکين ۾ پناهه ڏيندو. پوءِ به افشان جي ياد سندس ذهن تي ترندي هئي ته هن جو چهرو خوشگوار ٿي ويندو هو ۽ سندس ميز تي رکيل فريم ۾ افشان جي سجايل تصوير هر وقت کيس ڏسندي پئي هئي.
هو ڪتاب ۾ ئي ڌيان لڳائي پڙهي رهيو هو ته دروازي تي کڙڪو ٿيو ۽ سندس ذهن اڇل کائي دروازي جي آواز ڏانهن وري ويو. هن پنهنجي واچ ۾ وقت ڏٺو. هي وقت ٻارن جي اچڻ جو هو. هن در کوليو ته سڀئي دوست بيٺل هئا ۽ هنن هم آواز ٿي سلام ڪيو ۽ ڪمري ۾ داخل ٿيا. هن جي چهري تي خوشي جي لهر اڀرڻ لڳي.
توهين سڀ ڪيئن آهيو؟ هن پيار مان پڇيو
ٺيڪ آهيون. توهان ٺيڪ آهيو؟ سڀني ٻارن هم آواز ٿي ڳالهايو.
آئون به ٺيڪ آهيان. هن جواب ڏنو ۽ پنهنجي ميز جي خاني ۾ پيل چاڪليٽ ۽ ٽافيون کڻي ٻارن کي ورهائي ڏنيون. ٻار جڏهن به هن جي هٿن ۾ ٽافيون يا چاڪليٽ ڏسندا هئا ته سندن خوشي جي انتها نه رهندي هئي. انهي وقت ننڍڙي رومي سندس جهوليءَ ۾ اچي وئي ۽ هن جي مڇن کي پنهنجن ننڍڙين ۽ نازڪ آڱرين سان ڇهڻ لڳي. جنهن مان هو پاڻ به لطف اندوز ٿي رهيو هو.
چاچا! اڄ ڪهڙي آکاڻي ٻڌائيندا؟ غالب پڇيو.
اڄ هڪ خوبصورت پريءَ جي، جيڪا حديقه جهڙي آهي ۽ هڪ ديوَ جي جيڪو بلڪل علي  جهڙو آهي، انهي جي آکاڻي ٻڌائيندس. هن چيو.
نه چاچا نه. ديوَ مون جهڙو نه پر غالب جهڙو هوندو. علي ضد ڪري چوڻ لڳو. علي ۽ غالب وڙهڻ لڳا.
چڱو چڱو ٺيڪ آهي اوهين وڙهو نه. هن ٻنهي کي ڇڏايو. مون مذاق پئي ڪيو. ديوَ ٻارن جهڙو معصوم ٿورو ئي هوندو آهي، هاڻي ماٺ ڪريو بس آکاڻي شروع ٿيڻ واري آهي.
هن آکاڻي شروع ڪئي ۽ رومي هن جي مڇن تي آڱريون ڦيرڻ ڇڏي ڏنيون. سڀئي ٻار خاموش ٿي غور سان آکاڻي ٻُڌڻ لڳا. جڏهن آکاڻي ختم ٿي ته ٻارن جي وڃڻ جو وقت ٿي چڪو هو. هو سڀني ٻارن کي پنهنجي پنهنجي گهر ڇڏي آيو ۽ ڪجهه دير ڪتاب پڙهي سمهي رهيو.
ٻي ڏينهن جڏهن هو ڪبوترن کي داڻو ڏيئي پنهنجي گهر موٽي رهيو هو ته سڄي پاڙي ۾ ميڙ متل هو ۽ سڀئي پريشان نظر اچي رهيا هئا. هن جڏهن پڇا ڪئي ته خبر پيس ته سندس ننڍڙو دوست ڪافي دير کان اسڪول کان ناهي موٽيو. هن جي چهري تي پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي هو هڪدم سندس پيءُ وٽ ويو ۽ ان کان سڄي معاملي جي پڇا ڪئي ۽ کيس ٿاڻي تي رپورٽ لکرائڻ لاءِ چيائين. هو ٻئي ٿاڻي تي وڃي رپورٽ لکرائي آيا. انهي رات غالب جي ڪا به خبر نه پئي ۽ هن جي سڄي رات پريشاني ۾ گذري. پوليس ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي. ماستر عليم ۽ غالب جي پيءُ جي ڳڻتي وڌندي وئي. ان واقعي سبب ماڻهن ٻارن کي گهرن کان ٻاهر ڪڍڻ ڇڏي ڏنو. پوليس شروعاتي جاچ ۾ هن کان به ٻارڙن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ هن سڀ ڪجهه ٻڌايو. جيترا ڏينهن غالب غائب رهيو هو انهي جي سلامتي جي دعا گهرندو رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس دوست پوليس کي هٿ اچي ويو ۽ اهي ماڻهو به جهلجي پيا جن هن کي اغوا ڪيو هو. هو پنهنجي دوست جي گهر وڃي ان سان ملي آيو پر هاڻي ٻارن هن وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو هو. انهي ڏينهن جڏهن هو ڪمري ۾ ٻارن جو انتظار ڪري رهيو هو ٻارن دير ڪئي ۽ جڏهن سبب معلوم ڪرڻ لاءِ هنن جي گهر ويو ته خبر پئي ته کين مائٽن روڪي ڇڏيو آهي. هن کي جڏهن اها خبر پئي ته ڄڻ هن جو سڄو جهان وکري ويو. سندس وجود ڀور ڀور ٿيڻ لڳو. اصل ۾ غالب جي اغوا کانپوءِ ٻارن جا والدين ڪجهه گهٻرائجي ويا هئا ۽ انهي ڪري هنن کين روڪي ڇڏيو هو. پر هن جي ڄڻ دنيا ئي اجڙي وئي. هو پنهنجن انهن ئي پيرن سان ڪمري طرف وڌڻ لڳو جن سان ڪڏهن ڪي معصوم زندگيون قدم ملائي هلنديون هيون. ڪمرو کيس راڪاس جيان لڳو جيڪو ڄڻ کيس کائڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺو هو. هو پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي ڪتاب جا پنا اٿلائڻ لڳو، ڪمري جي خاموشي ڄڻ ته واڇون ٽيڙي چٻارا ڪڍي رهي هئي. هن ميز جو خانو کوليو جن ۾ چاڪليٽ ۽ ٽافيون پيل هيون پر هن کان وٺڻ وارا معصوم هٿ پري ٿي چڪا هئا. هن هڪ نظر رانديڪن تي وڌي جيڪي ٻارڙن کان سواءِ يتيم لڳي رهيا هئا. کيس اڄ پهريون دفعو ڪمرو، ڪمرو نه پر مرده خانو لڳي رهيو هو، جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ته ٻارڙن جا ٽهڪ گونجندا هئا انهن جي شرارتن ۽ گوڙ سان زندگي جو احساس هر پل هن کي جيئڻ جو اتساهه ڏيندو هو پر اڄ رڳو اتي سندس چوڌاري بي جان ديوارن ۽ پنهنجي ماٺ ۽ مايوسي ۾ ويڙهيل وجود کان سواءِ ڪجهه نه هو. کيس لڳو ته ڀتيون آهستي آهستي چئني پاسن کان هن ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ هو انهن ۾ چپجي مري ويندو.
هاڻ هن جو هر ڏينهن قيامت کان گهٽ نه هو، ڪبوترن کي داڻو وجهڻ وقت به اداسي ۽ مايوسي هن مٿان لامارا ڏيندي رهندي هئي. ڪبوترن جي چرپر، گاڏين جو گوڙ ۽ آواز به کيس زندگي جي علامت نه لڳندا هئا. بس کيس لڳندو هو ته ٻار سندس آسپاس هجن. ڪبوترن جي اکين کي ڏسندي هن کي سڀني ٻارڙن جون معصوم اکيون ياد اينديون هيون جن ۾ هن جو ننڍپڻ لڪل هو. هو انهن گهٽين مان لنگهندي وڏي حسرت سان ٻارڙن جي گهرن کي ڏسندو هو پر اتان ڪو به آواز يا نگاهه هن ڏانهن ڪا نه وڌندي هئي. هن کان سڀ ڪجهه ڦرجي چڪو هو. ٻارڙن کانسواءِ هن وٽ هو به ڇا...؟ سندس حياتي بي معنيٰ ٿي چڪي هئي. هو ٻارڙن جي ٻولين جو عادي ٿي چڪو هو جيستائين انهن جا ٽهڪ  ۽ گوڙ ڪو نه ٻڌندو هو ته هن کي نه ته سڪون ايندو هو ۽ نه وري ننڊ پنهنجا قدم هن جي نيڻن ڏانهن وڌائيندي هئي. ننڊ موڪلائي چڪي هيس. هر وقت ٻارن جي ياد، بيچيني، خاموشي ۽ ڪمري جي گهٽ ٻوسٽ کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو. ڪيترا ڏينهن ٿي چڪا هئا ٻارڙن جو آواز هن جي ڪنن تائين نه پهتو هو بلڪل بيوس ۽ لاچار ٿي چڪو هو. هو ڪمري ۾ نظرون ائين ڦيرائيندو هو، ڄڻ ٻارڙن کي سندس نظرون ڳولينديون هجن پر اتي کيس ڪجهه به نه ملندو هو. هو وري انهن جي مائٽن وٽ ويو پر هر ڪوشش ناڪام ٿي. هن جي پيڙا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي. هن کان هن جا رانديڪا کسجي چڪا هئا پر ڪنهن مهل خيال ايندو هئس ته شايد در وڄي ۽ سڀئي ٻار ويٺل هجن. هن کي شام واري وقت روز در وڄندي محسوس ٿيندو هو ۽ هو ڊوڙي در کوليندو هو پر کيس ڪو به نظر نه ايندو هو.
اڄ شام جو ساڳيو وقت هو جنهن وقت ٻارڙا هن وٽ ايندا هئا. پاڙي جي مسجد جو لائوڊ وڳو. مولوي اعلان ڪيو. “حضرات هڪ ضروري اعلان ٻڌندا. ماستر عليم اڄ شام جو گذاري ويو آهي، اوهان سڀني کي گذارش آهي ته سندس جنازي نماز ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪري ثواب دارين حاصل ڪندا.” ماستر عليم جي موت جي خبر سڄي پاڙي ٻڌي، انهن ٻارن به جيڪي هن لاءِ ڪل ڪائنات هئا. جنازي نماز ٿي چڪي هئي. ماڻهن کيس ڪلهو ڏنو... ۽ ٻارڙا ٻئي ڏينهن پنهنجن مائٽن سان سندس آخري آرام گاهه تي پهتا. انهي ماڻهوءَ جي قبر تي گل نڇاور ڪرڻ لڳا جنهن پنهنجي ننڍپڻ کي انهن ٻارڙن ۾ پئي ڳوليو جيڪي زمانو هن کان ڦري ويو هو.

ڪهاڻي والار اختر حفيظ



اختر حفيظ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، نقاد آهي. 
هن جي ڪهاڻيون سچ تہ پنهنجي الڳ حثيت رکن ٿيون. جڏهن هڪ پلاٽ ۽ موضوع تي هتي روز ڪهاڻي لکجي پئي اتي اختر حفيظ الڳ موضوعن جي چونڊ ڪري انهن تي لکي ٿو، هزار داستان ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي ”آڪسيجن“ جيڪا پنهنجي نوعيت جي الڳ ڪهاڻي هئي ۽ اڄ وري هي ڪهاڻي والار پنهنجي الگ حثيت رکي ٿي 
اڄ اختر حفيظ جي ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿي اميد تہ پسند ايندي

ڪهاڻي- والار
اختر حفيظ

اڃا سج ڪونه اڀريو هو، آئون پاڻيءَ جي واري تان موٽي رهيو هئس، منهنجي ڪجهه ايڪڙ زمين آهي، جنهن جو هارپو به آئون پاڻ ڪندو آهيان، پاڻيءَ جي واري لاءِ مون کي صبح سوير سج اڀرڻ کان اڳ ئي اٿڻو پوندو آهي. هڪ صبح جنهن تي مون سان عجيب لقاءُ ٿيو، اهو هڪ عام رواجي صبح هو، آئون جيئن ٻنا ۽ شاخون ٽپندو، گهر ڏانهن ويندڙ پيچري تي پهتس ته پريان گپ ۾ ڪا اڀريل شيءِ نظر آئي، ائين ته منهنجا انيڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌل آهن جن ۾ ڪڏهن ڪنهن همراهه کي واٽ ويندي ڪا بوتل نظر ايندي آهي، جڏهن اهو همراهه ان بوتل کي کڻي کوليندو آهي ته ان مان هڪ جِن نڪرندو آهي ۽ ان همراهه کي رات پيٽ ۾ مالا مال ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن منهنجي نظر گپ ۾ پيل ان اڀريل شيءِ ڏانهن وئي ته ذهن ۾ پهريون خيال انهن ڏندڪٿائي قصن جو آيو ۽ ڀانيم اجهو منهنجي تقدير به بوتل جو ڍڪ لاهڻ سان بدلجي وئي، ساڳي ئي وقت من اندر اهو خوف به ٿيڻ لڳو ته ڪٿي ان ۾ ڪو شيطاني جِن بند ٿيل نه هجي. ان هوندي به منهنجو تجسس وڌڻ لڳو، ڪجهه گهڙيون بيهي ان مٽيءَ ۾ اڀريل شيءِ کي تڪڻ لڳس، اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته اڳيان وڌي ان اڀريل شيءِ کي کڻي وٺان يا نه..... جڏهن دماغ فيصلي ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ويو ته مون دل جي ڳالهه ٻڌندي ان اڀريل شيءِ ڏانهن وک وڌائي، سمورو جسم ڏڪڻ لڳو. 
نيٺ ان اڀريل شيءِ وٽ اچي پهتس، منهنجي حيرت جي ڪابه حد نه رهي، اکين تي اصل ويساهه ئي نه آيو، سمجهي ويس هن جنم ۾ منهنجي حياتيءَ ۾ ڪوبه جادوئي بدلا نه ايندو ۽ منهنجا انيڪ نسل اها ئي ساڳي ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا، مون کي گپ ۾ ٻڏل هڪ ڪاري رنگ جو بوٽ نظر آيو، تڪڙ ۾ اهو بوٽ ڇڪي ڪڍي ورتم، اهو سخت ۽ دٻدٻي وارو لڳو. مون پنهنجي پيرن ۾ پاتل جتيءَ کي ڏٺو جيڪا آخري پساهن ۾ هئي. ويتر عجب ان ڳالهه تي لڳم ته بوٽ جو رڳو هڪ پادر هٿ آيو، سو به ساڄي پاسي وارو، گپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي کاٻي پير واري پادر کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيم پر هن جوڙي جو ٻيو پادر نظر نه آيو. مون ويتر تجسس مان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، هڪ ديويءَ جي وڻ جي هيٺان نهاريم، اتي به اهو نه هو. وري ٿورو پريان نهاريم جتي کليل ميدان هو سج جي روشني ۾ ڪجهه نظر آيو. آئون اڳيان وڌي ويس، هي بوٽ جو ٻيو پادر هو، جنهن کي مون ڳوليو پئي. آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿي ويس. واهه جو ڪم ٿي ويو. مون ٻئي بوٽ کڻي ورتا. پر اهي بوٽ عام بوٽن کان ڪجهه الڳ هئا، ڊگها ۽ مضبوط ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ان هوندي به انهن جي حالت بنهه خراب هئي. ٻنهي ۾ هنڌان هنڌان سوراخ هئا. مٿيون حصو به رڳڙيل هو ۽ اهي مٽيءَ ۾ صفا لٿ پت لڳا پيا هئا. اندران گپ ڀريل هئي. مٿئين پٻن وٽان جتي ڪاري چمڪدار چتي لڳل هئي، اتان هاڻ اڇاڻ به ظاهر پئي ٿي. اهي وزن ۾ به ڳرا هئا. هڪ بوٽ جي ڏوري به نه هئي ۽ ٻئي جي به ڇڳل هئي. پر مون ههڙا بوٽ اڳ ڪڏهن نه ڏٺا هئا. مون سوچيو ته اهي بوٽ موچيءَ کان مرمت ڪرائي آئون پائيندس.
مون بوٽ هٿيڪا ڪري ڪلهي تي رکيا، ان مهل احساس ٿيو ڄڻ ڪنهن ڪلهي تي جبل جيڏو بار رکي ڇڏيو هجي ۽ پنهنجو رستو وٺي گهر موٽي آيس. بوٽن کي اڱڻ ۾ رکيم. پر مون سوچيو ته هن حالت ۾ جيڪڏهن موچيءَ کي ڏيندس ته هو انهن جي مرمت ئي متان صحيح نموني نه ڪري، ان ڪري انهن بوٽن جي صفائي ضروري هئي. سو مون پهرين ته تري اندر ڀريل گپ ڪڍي، ان کان پوءِ پاڻيءَ سان ڌوئي، ٻنهي بوٽن کي صاف ڪيم. هاڻي بوٽ ڪجهه ڏسڻ جهڙا ٿي ويا. بوٽ مون سڪڻ لاءِ اس ۾ رکي ڇڏيا. ايتري دير ۾ مون چانهه سان ماني کائي نيرن ڪئي. اس ۾ سُڪڻ کان پوءِ بوٽ وڌيڪ سخت پئي لڳا. مون وري انهن کي جانچيو. ٻنهي بوٽن جون کڙيون ۽ ترا به گسيل هئا. ائين پئي لڳو ته اهي جنهن به پاتا هئا، ان ماڻهو جام پنڌ ڪيو هو يا اهو متان ڊوڙيو هجي. 
پر مون کي اهي مرمت ڪرائي پائڻا هئا. آئون بوٽ کڻي ڳوٺ واري موچي رب ڏني ڏانهن هليو ويس. هو هر قسم جا جوتا مرمت ڪري ويندو آهي. هن کي اها به خبر هوندي آهي ته ڪهڙو بوٽ ڪير پائيندو آهي. هو جوتن جي دائي آهي. گهران نڪري آئون موچي رب ڏني ڏانهن هليو ويس. هو بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺ جتيون ڳنڍڻ ۾لڳو پيو هو.
ڪهڙا حال آهن،.......؟“ هن جتي ڳنڍندي ئي مون کان پڇيو.
” هاري جا حال ڪهڙا هوندا آهن رب ڏنا. ساڳيا ئي آهن.“ مون جواب ڏنو.
” اڙي ميان هي اهڙا سخت بوٽ تو وٽ ڪٿان آيا، اهي بوٽ عام ماڻهن لاءِ عذاب مثل هوندا آهن؟“ رب ڏني تجسس ۾ سخت بوٽن کي ڏسندي پڇيو.
”اڙي رب ڏنا ڳالهه نه پڇ صبح دڳ تان لنگهيس پئي جو گپ ۾ انهن بوٽن تي نظر پئي، مون به کڻي ڪلهي تي رکيا، اڃا به ڪلهي تي ڄڻ ڪنهن بار جو احساس پيو ٿئي.“ مون بوٽ کيس ڏيندي چيو.
رب ڏني بوٽ وٺي، انهن کي چڱي ريت جاچيو. ٻنهي هٿن سان بوٽ جي چمڙي کي دٻائي ڏٺائين، انهن ۾ ٿيل سوراخن ۾آڱر وجهي اندازو لڳائين ته ڪيترا ويڪرا آهن.
” ته توکي خبر ڪانهي ته هي ڪهڙا بوٽ آهن؟“ رب ڏني مون ڏانهن نهاريندي پڇيو.
مون ڪنڌ نهڪار ۾ لوڏيو.
” چريا هي لانگ بوٽ آهن، جيڪي فوجي پائيندا آهن، ڏسين نٿو ڪيڏا مضبوط آهن. جنگ وڙهندڙ سپاهي پائيندا آهن. بوٽن جي حالت کي ڏسي ته لڳي ٿو، ڪنهن شڪست کاڌل فوجي جا آهن، پر هي توکي ڪٿان هٿ آيا؟“ هن مون کي بوٽن جي باري ۾ سمجهائيندي پڇيو.
”تون ڇڏ ان ڳالهه کي، مون کي اهي پائڻ جهڙا ڪري ڏي.“
”ها ٺيڪ آهي، ٿي ويندا ۽ هن ۾ ڏوريون به لڳنديون، توکي ٺاهي ٿو ڏيان، پر مون کي لڳي ٿو تون انهن بوٽن جي ڪري ڏچي ۾ پئجي ويندين.“ هن بوٽن جي مرمت ڪرڻ شروع ڪئي. ڪجهه دير ۾ هن بوٽن کي چتيون هنيون، سلائي ڪيائين، ڪوڪا هڻي، بوٽ جو ترو وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيائين ۽ نيون ڏوريون به وجهي ڏنائين. پالش ڪري هن بوٽن کي چمڪائي ڇڏيو.هان هي وٺ، هاڻي.“ هن مون بوٽ مون ڏانهن وڌائيندي چيو.
آئون بوٽ ڏسي حيران ٿي ويس، لڳو ئي ڪونه پئي ته ڪو هي اهي بوٽ آهن، جيڪي ڪجهه دير اڳ ۾ مون کي بنهه خراب حالت ۾ مليا هئا. بوٽن جي چمڪ ڏسي منهنجي اکين ۾ چمڪ وري آئي. اهي هاڻ صفا نوان پئي لڳا. 
” يار واهه جو ڪم ٿي ويو، پر توسان وهنوار فصل لهڻ کان پوءِ ڪندس، هاڻي هلان ٿو.“
آئون رب ڏني کان موڪلي آيس. مون کي خوشي هئي ته مون وٽ هاڻي پنهنجي ڇڳل جتي بدران اهڙا ته مضبوط بوٽ هئا، جيڪي هاڻ نوان پئي لڳا ۽ انهن کي پائڻ لاءِ آئون بي چين هئس. مون پهرين هڪ پير بوٽ ۾ وڌو. ڪجهه عجيب محسوس ٿيو، منهجو پير ان بوٽ ۾ اچي ته ويو پر اوپرو اوپرو لڳي رهيو هو. بوٽ جي سختيءَ کي آئون محسوس پئي ڪري سگهيس. پر بوٽ مون کي پورو هو. مون ڏوري ڪسي مضبوطي سان ٻڌي ڇڏي. وري ٻئي پير ۾ ٻيو بوٽ پاتم ته اهو به پورو ٿي ويو ۽ ان جي ڏوري ڇڪي ٻڌي ڇڏيم. جڏهن آئون اهي بوٽ پائي هلڻ لڳس ته جام ڳرا محسوس ٿيا، ائين لڳو پيرن سان ڳرا زنجير ٻڌجي ويا هجن. آئون پنهنجي ئي اڱڻ ۾ بوٽ پائي هلڻ لڳس. آهستي آهستي مون کي لڳو ته اهي بوٽ پائي آئون هلي سگهان ٿو. مون فيصلو ڪيو ته هاڻي جڏهن به پاڻيءَ جي واري تي ويندس ته اهي بوٽ پائيندس.
ٻئي ڏينهن صبح جو وري منهنجي پاڻيءَ جو وارو هو، آئون صبح سوير اٿيس، مون کي ان ڳالهه جي خوشي هئي ته اڄ مون وٽ اهڙا بوٽ آهن، جيڪي پائي آئون ٻنيءَ ۾، گاهن واري رستي توڙي گپ مان مزي سان هلي سگهندس. مون جيئن ئي بوٽ پاتا ته مون کي محسوس ٿيو ته اهي بوٽ ڪالهه کان ڪجهه ويڪرا پيا لڳن. پر هونئن به جوتو پير ۾ پائڻ کان پوءِ کلندو آهي. آئون بوٽ پائي ٻنيءَ ڏانهن هليو ويس. مون مزي سان ڪم ڪيو ۽ بوٽ کي ڪا پرواهه ئي ڪانه هئي. آئون به زوري گپ واري پاسي کان هلڻ لڳس ۽ جاچيندو ويس ته ان جا نشان ڪيئن ٿا ٺهن. جوتو گپ ۾ ڀرجي ويو پر پيرن تائين نه پاڻي ويو ۽ نه ئي گپ جو اثر ٿيو. آئون ڪم ڪار ڪري موٽي آيس. مون بوٽ کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ اس ۾ سڪائڻ لاءِ رکيم. ائين آئون ٻني ٻاري جي ڪم لاءِ توڙي ڪيڏانهن وڃڻ وقت به اهي ئي بوٽ پائيندو هئس.
هڪ ڏينهن مون کي ٻنيءَ مان گاهه ڪرڻو هو. مون وري اهي بوٽ پاتا، پر هن ڀيري مون کي لڳو ته بوٽ منهنجي پير کان وڏا ٿي ويا آهن. آئون جڏهن اهي پائي هلڻ لڳس ته منهنجي کڙي مٿي کڄي ٿي وئي. مون کي مزو نه پئي آيو. پر مون ڀانيو ته اهو منهنجو وهم آهي. ٻئي ڏينهن به مون سان ائين ئي ٿيو. هن ڀيري بوٽ اڃا به مون کي وڏا محسوس ٿيڻ لڳا.
مون جوتا لاٿا، ٻنهي کي هڪ پاسي رکي انهن جي سامهون پٻن ڀر ويهي رهيس. اها عجيب ڳالهه هئي ته جيڪي بوٽ مون کي پورا هئا، اهي هاڻ ڪيئن پورا نه پئي آيا. انهن بوٽن ۾ ڪو ته راز هو، انهن ۾ ڪا ته طلسماتي طاقت هئي جو رات پيٽ ۾ وڏا ٿيندا پئي ويا، ذهن ۾ عجيب خيال اچڻ لڳا ۽ هاڻي اهي خيال وهم ۽ وسوسن ۾ بدلجڻ لڳا. مون بوٽ کي اڱڻ ۾ ئي رکي ڇڏيو. جڏهن آئون صبح جو اٿيس ۽ پير بوٽ ۾ وڌم ته حيران ٿي ويس. هاڻ منهنجا پير بوٽن جي ماپ کان بنهه ننڍڙا لڳي رهيا هئا. مون پنهنجن پيرن کي غور سان جاچيو، ڪٿي منهنجا پير ننڍڙا ته ڪونه ٿي ويا هئا. مون اٿي بيهي ٻئي پير گڏائي ڏٺا. منهنجا پير ته سالن کان ايترا هئا جيترا هينئر نظر پئي آيا. منهنجي پيرن ۽ بوٽ وارو مسئلو مون کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو. ڪٿي اهو منهنجو وهم ته ڪونه هو. پوءِ مون کي هڪ اٽڪل آئي. ڇو نه بوٽ هڪ گول دائري ۾ رکي ڇڏيان ۽ ٻئي ڏينهن ڏسان ته اهي ان دائري کان ٻاهر ته نه پيا نڪرن. مون ائين ئي ڪيو، بوٽن کي رکي انهن جي چوڌاري هڪ گول دائرو پائي ڇڏيم. مون کي وهم ختم ڪرڻو هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن آئون ننڊ مان اٿيس ۽ اڱڻ تي گول دائري ۾رکيل بوٽن جي جاچ لهڻ لاءِ ويس ته اهي بوٽ هر پاسي کان دائري کان ٻاهر هئا ۽ منهنجو ڪڍيل دائرو انهن بوٽن هيٺ اچي ويو هو. اهي بوٽ هئا يا ڪا غيبات؟ ائين بوٽ پنهنجو پاڻ ڪيئن ٿا وڏا ٿي سگهن، اهي ته بي جان هوندا آهن. پر هي ڪي جادو وارا بوٽ ته نه هئا. منهنجي ذهن ۾ ڪئين سوال ڦرڻ لڳا. 
آئون پٻن ڀر ويهي انهن بوٽن کي نهارڻ لڳس، انهن مان هڪ کي هٿ ۾ کنيم، اهو مون کي اڳ کان وڌيڪ وزني لڳو. مون ٻيو بوٽ کنيو ته اهو به مون کي ساڳي وزن جيترو لڳو. ان هوندي به دل چيو ته هڪ ڀيرو وري بوٽ پائي ڏسان، مون وري بوٽ پاتا، هاڻ اهي منهنجي پير کان گهڻا وڏا ٿي ويا هئا. هاڻ اهي بوٽ منهنجي ڪم جا نه رهيا هئا. مون کي خيال آيو ته متان بوٽن جو چمڙو ڪو اهڙو هجي، جيڪو کلاسو ٿيندو ٿو وڃي. مون انهن بوٽن کي اتي ئي رهڻ ڏنو ۽ پنهنجي ڇڳل جتي پائي ڪم ڪار ڪرڻ لڳس. ڪجهه ڏينهن ٿي ويا مون انهن بوٽن جو خيال ئي نه ڪيو ۽ نه ئي انهن ڏانهن نهاريم. 
هڪ شام جڏهن آئون ڪم ڪار لاهي گهر موٽيس ته اهي بوٽ اڃا به وڏا نظر اچي رهيا هئا. انهن جو ٽنگين کي ڍڪيندڙ حصو به وڏو ٿي ويو هو. مون انهن بوٽن کي پنهنجي ٽنگ سان گڏائي ڏٺو ته اهي ڊگها ۽ ويڪرا ٿي ويا هئا، انهن جو ٽنگين کي ڍڪيندڙ حصو ذري گهٽ منهنجي گوڏي کي ٿي لڳو. آئون وائڙو ٿي ويس. هي شڪست کاڌل بوٽ، ٽٽل ڦاٽل ۽ ڇڳل جوتا، جن کي مون سهڻو ڪرايو ته جيئن آئون پائي سگهان. اهي هاڻ پنهنجي منهن وڏا ڪيئن ٿي رهيا هئا. پر هنن جوتن مون کي ڪو نقصان نٿي رسايو. بس جنهن جاءِ تي هئا، اتي کي نظر ايندا هئا. پوءِ خيال آيو ته ڀلي اهي اُس ۾ سڙن ۽ ڪمزور ٿين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن جوتن جي ماپ ۾اڃا به ڦيرو اچي ويو. اهي هاڻ اڳ کان به وڌيڪ وڏا پئي لڳا. هاڻ اهي منهنجي چيلهه تائين پهچي ويا هئا. مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو ته اهي جوتا مون لاءِ ڪا مصيبت نه آڻين. مون سوچيو ته انهن کي هتان کڻي اتي ئي اڇلائي اچان جتان مون کي لڌا هئا. 
جوتن کي هڪ ڪٽي ۾ وڌم، ڪلهي تي کڻي، انهن کي اتي ئي اڇلائي آيس، جتان مون اهي کنيا هئا. پر جڏهن به آئون رات جو پاڻيءَ جي واري تي ويندو هئس ته مون کي ڪجهه عجيب آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، اهي جوتن جي حرڪت جا آواز هوندا هئا، بلڪل اهڙا ئي آواز جيئن فوجي هلندا آهن، زور زور سان بوٽ کي زمين سان ٽڪرائيندا، اڳيان وڌندا ويندا آهن. خبر ناهي ڇو اهي جوتا منهنجي ذهن تي سوار ٿي ويا.
هڪ رات مون کي خيال آيو ڇو نه ان جاءِ تي وري وڃان، جتي مون اهي جوتا اڇلايا هئا. مون کي ڊپ به لڳو پئي، آئون سچ پچ ڊنل هئس. پر دل جهلي وري به ان جاءِ ڏانهن آهستي آهستي وکون کڻندو ويس. هڪ وڻ جي اوٽ وٺي بيٺس، چانڊوڪي رات هئي، سوجهرو گهڻو هو. مون انهن جوتن ڏانهن نهار ڪئي، منهنجي دل ڏڪي وئي، دل جو ڌڙڪو وڌي ويو ۽ اکين ۾ ڊپ لهي آيو. مون ڏٺو اهي بوٽ هيترن ڏينهن ۾ جام وڏا ٿي ويا هئا، بلڪل قدآور بوٽ. ڪنهن ماڻهو جيڏا بوٽ. مون کي لڳو اهي هاڻي ڪنهن فوجي وانگر هلندا هلندا مون تائين پهچندا ۽ مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندا. مون اتان پير ڊاهڻ جي ڪئي ۽ وٺي ڀڳس، ڊپ وچان منهنجي دل ذري گهٽ سيني مان ٻاهر پئي نڪتي. پوءِ آئون ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان پاسي نه ويس پر ساڳيا آواز منهنجي ڪنن تائين پهچندا رهندا هئا. 
مون کي رب ڏني ٻڌايو هو ته اهي ڪنهن جنگ هارايل فوجي جا بوٽ ٿا لڳن پر هاڻ اهي بوٽ ڇا ٿا چاهين. انهن بوٽن جي مرضي ڪهڙي هئي ۽ انهن جي وڏو ٿيڻ جو ڪهڙُو سبب هو. جيڪڏهن آئون اها ڳالهه ڪنهن سان ڪريان ها ته اهو مون کي چريو ئي سمجهي ها يا مون کي ڪو وڏو وهمي چوي ها، ان ڪري ڪنهن سان به سلي نه سگهيس. 
ڪجهه مهينن کان پوءِ منهنجو فصل تيار ٿي ويو، مون کي اهو لڻڻو هو. آئون صبح سوير گهران نڪري ٻني ٻاري ڏانهن ويس. ساڳيو پيچرو وٺي آئون ٻنيءَ ڏانهن وڃي رهيو هئس جو  پريشان ٿي ويس. مون کي پنهنجين اکين تي ويساهه ڪين پئي آيو، جيڪو نظارو منهنجين اکين ڏٺو، ڪجهه پلن لاءِ ته لڳو اهو خواب آهي. پر اهو منظر سچ هو. اهي بوٽ، جن کي مون ٺهرائي تيار ڪرايو هو، جن کي ڏسڻ لائق بڻايو هو ۽ جن جي ڇنڊ ڦوڪ پيو ڪندو هئس، اهي هاڻ ايترا وڏا ٿي ويا هئا، ايترا وڏا جو اهي اجگر بوٽ منهنجي تيار فصل جي مٿان پنهنجو قبضو ڄمائي چڪا هئا، مون کان منهنجي زمين کسجي لانگ بوٽن هيٺ اچي وئي.

غزل يادن جو پڙلاء ڏئي ويو گهايل لغاري



غزل 

يادن جو پڙلاءُ ڏئي ويو,
گهرو گهرو گهاءُ ڏئي ويو,

ڪير چئي ٿو, آٿت ڏئي ويو,
هو ت رڳي پڇتاءُ ڏئي ويو,

اڻ ميو مون پيار گهريو پر,
دردن جو هو داءُ ڏئي ويو,

"هاڻ نه وربو, آنءُ وڃان ٿو",
ڪهڙو ڏس سواءُ ڏئي ويو,

اڳيئي سڪ ٿي سينو ساڙيو,
ويتر تن ۾ تاءُ ڏئي ويو,

پاڻ سڃاڻو, پنهنجي ٻاريو,
"گھايل" هي ورجاءُ ڏئي ويو.

شاعر : گهايل لغاري 
ڪتاب : وڻ وڻ منجھان واس
صفحو نمبر 109
سنگت روح رهاڻ 
چونڊ غلام حيدر عمران