Saturday, August 1, 2020

ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي



ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي: مشهور اديب، سچو سناتني، صوفي ۽ ٿياسافسٽ، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، 1885ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ انگريزي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، کيس برهمو سماج، سناتن ڌرم، اسلام ۽ ٿياسافيءَ جي وڏي ڄاڻ هئي. سنڌ جي صوفياڻي ڪلچر جو عملي نمونو ۽ انسان دوست شخص هو. ڪجهه وقـت ’گـلـراج‘ جـي تخـلـص سـان شـاعـري بـه ڪيائين. 1914ع ۾ لالچند امرڏني مل سان گڏجي ’سنڌي ساهت سوسائٽي‘ قائم ڪيائين، جيڪا پوءِ اين. ايڇ. پنجابيءَ خريد ڪئي. 1917ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ نئشنل ڪاليج قائم ٿيو ته ان ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. 1918ع ڌاري ايني بيسنت جي ’هوم رول تحريڪ‘ جو ميمبر ٿيو ۽ سياسي طرح سرگرم ٿيو. سندس ئي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ’بيسنت هال‘ جو بنياد پيو، جنهن جو افتتاح ايني بيسنت خود ڪيو هو. هوم رول تحريڪ جي سلسلي ۾ ڄيٺمل پرسرام هڪ روزاني سنڌي اخبار ’هند واسي‘ جاري ڪئي، ڪجهه وقت کان پوءِ ساڳيءَ اخبار جو نالو بدلائي ’ڀارت واسي‘ رکيائين ۽ ڪيترا ڪتاب ڇپرايائين.
ڄيٺمل پرسرام جي ايڊيٽريءَ جو انقلابي دور ’ڀارت واسي‘ اخبار کان شروع ٿئي ٿو، هن اخبار کي ’رولٽ ائڪٽ‘ خلاف عوامي تحريڪ طور استعمال ڪيو، جڏهن 3 مارچ 1919ع تي چاندني چوڪ دهليءَ ۾، انگريزن جي لاڳو ڪيل ’رولٽ ائڪٽ‘ جي خلاف هزارين ماڻهن جو جلوس نڪتو ته ان تي سرڪار فائرنگ ڪرائي، جنهن ۾ ڪيترائي احتجاجي مارجي ويا ۽ سون جي تعداد ۾ زخمي ٿيا. ڄيٺمل پرسرام به ان واقعي جي خلاف پنهنجي اخبار هند واسيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکيو ۽ ان عنوان طور شاهه لطيف جو هيٺيون بيت لکيائين:
اڳـيـان اڏيـن وٽ، پوين سر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻَ ڀانين گهٽ،
مَٿاَ مَهايِن جا، پِئا نه پَسين پَٽِ،
ڪلاڙڪي هَٽِ، ڪَسَڻ جو ڪوپُ وهي.
( سر ڪلياڻ، بيت 23، صفحو 150، بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش)
سندس ايڊيٽوريل، عنوان واري شعر سميت ترجمو ٿي، جڏهن اُن وقت حيدرآباد، سنڌ جي ائڊيشنل مئجسٽريٽ ايڇ. ٽي. سورلي وٽ پهتو، هن ڄيٺمل پرسرام تي بغاوت ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جو مقدمو درج ڪري، کيس ٻه سال جيل جي سزا ڏئي ڇڏي ۽ اخبار به بند ڪئي وئي. جيل ۾ ڄيٺمل پرسرام ’ترنگ جو تيرٿ‘ نالي جيل ڊائري لکي، ۽ اها سنڌيءَ ۾ پهرين ڇپيل جيل ڊائري آهي.
تاريخ جو عجيب اتفاق آهي ته ان کان پوءِ ايڇ. ٽي. سورلي، ڄيٺمل پرسرام جي ايڊيٽوريل جي عنوان واري شاعر شاهه لطيف کان ايڏو تـه متاثر ٿيو، جو هن اڳتي هلي 1938ع ۾ شاهه لطيف تي تحقيقي مقالو ‘Shah Abdul Latif of Bhit: His Poetry, Life and Times’ لکيو، جيڪو شاهه جي شاعريءَ ۽ دؤر تي شاهڪار ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو، ’ڀٽ جو شاهه‘ عنوان سان عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 1992ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جڏهن ته هن ڪتاب جو اردو ترجمو به ٿيو آهي.
ڄيٺمل پرسرام ’ڀارت واسي‘ اخبار بند ٿيڻ کان پوءِ ’سنڌ واسي‘ اخبار جاري ڪئي. 1922ع ۾ ’نئين سنڌي لائبرري‘ ۽ ’سستو عمدو ساهت مالها‘ نالي سان ڪتابي سلسلا شروع ڪيائين.
ڄيٺمل پرسرام 1924ع ڌاري حيدرآباد مان هڪ ماهوار ادبي رسالو ’روح رهاڻ‘ جاري ڪيو، جنهن 1944ع تائين سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. هن رسالي جو مقصد ٿياسافيءَ ۽ تصوف جي پيغام کي عام ڪرڻ هو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي تي هڪ تنقيدي ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ ’گربخشاڻيءَ تي شاهه جا بيت گم ڪرڻ‘ بابت تنقيد ٿيل هئي. 1947ع ۾ ’روح رهاڻ‘ جي ساڳئي نالي سان ڪراچيءَ مان رسالو جاري ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ’پرڪاش‘ ۽ ’سنڌ هيرالڊ‘ اخبارون جاري ڪيائين. حيدرآباد ۾ دلپت صوفيءَ جي آستاني تي هر ڇنڇر رات، صوفي راڳ جي مجلس ٿيندي هئي، جتي ڄيٺمل پرسرام حاضري ڏيندو هو.
ڄيٺمل پرسرام سياست ۾ ترقي پسند خيالن جو حامي هو. هن 1930ع ۾، ميرپورخاص ۾ سائين جي. ايم. سيد سان گڏجي ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ جو بنياد وڌو ۽ 1938ع ۾ ’پيپلز پارٽيءَ‘ قائم ڪرڻ ۾ به سائين. جي. ايم. سيد سان گڏ رهيو. 1939ع ۾ جڏهن مسجد منزل گاهه واقعي ۾ هندو مسلم فساد ٿيا ته ڄيٺمل پرسرام، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ ۽ جي. ايم. سيد سان گڏجي بيان ڪڍيو، جنهن ۾ سنڌ جي صوفي روايتن جي پوئلڳ سنڌين کي مذهب جي نالي تي اشتعال ۾ اچڻ کان روڪيو ويو هو. هي پهريون شخص هو، جنهن سوشلزم تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب ’سوشئلزم‘ (ساميه واد) لکيو. ان کان سواءِ سناتن ڌرم، تصوف ۽ ويدانت تي ڪيترا ڪتاب لکيائين.
ڄيٺمل پرسرام جي ڪتابن جو ڪجهه تفصيل ڏجي ٿو:
(1) سـنـاتـن ڌرم، (2) صـوفـي مـت، (3) سـک پنـٿ، (4) اپـنـشـد گيان، (5) آنـنـد درٻار، (6) وديا گُرو، (7) ترنگ جو تيرٿ (جيل ڊائري)، (8) سنڌي سـاهـت جـو خـزانـو (1924ع)، (9) مـيـران ٻائـي، (10) شـاهه جـون آکاڻيـون، (11) پرلوڪ مان پيغام، (12) ڀڳوت گيتا (ايني بيسنت جو ترجمو)، (13) ٻڏل ٻيڙي، (14) مـونـا وانـا، (15) ٻـال هـتيـا، (16) گال بـلاس، (17) سـڌيـون ۽ چـڪـر، (18) ستگر جي چرنن ۾، (19) راج گيان'>ڀڳوت گيتا ۽ راج گيان، (20) چمڙا پوش جون آکاڻيـون (1932)، (21) سدا چار (ليلارام پريمچند سان گڏ لکيل)، (22) سونو گڏهه، (23) ڀائي ڪلاچند، (24) مارگ جوتي ۽ ڪرم، (25) يوگ جي سمجهاڻي، (26) پورب جوتي، (27) صوفي سڳورا، (28) پيغمبر اسلام، (29) موت هڪ بهانو، (30) فلاسافي ڇا آهي، (31) هئمليٽ (ترجمو)، (32) سچل سرمست، (33) طـوفـان (تـرجـمـو)، (34) سـوشـلـزم (سـامـيه واد)، (35) حسابي حساب، (36) فائوسٽ (ترجمو)، (37) ايمرسن، (38) سنڌي سونهارا، (39) جڳت جا نيتائو، (40) سوراج ساگر، (41) هند ۽ سنڌ جا سنت، (42) موت ته آهي ئي ڪونه، (43) Sindh & its Sufis، (44) Shakespeare Through Indian Eye.
’سنڌي ساهت جو خزانو‘ (شاهه جو رسالو) دراصل سندس اخبار ’ڀارت واسي‘ ۾ قسطوار تنقيدي مضمونن جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڄيٺمل پرسرام، شاهه جي رسالي بابت، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي تنقيد ڪئي آهي.
هن لائق شخص، 6 جولاءِ 1948ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.
ڄيٺمل پرسرام جي ياد ۾ ’ڄيٺمل پرسرام ساهتيه سرجڻ سمتي‘ نالي ممبئيءَ ۾ هڪ ادارو موتيرام رامواڻيءَ ۽ ڄيٺمل پرسرام جي خاندان وارن گڏجي قائم ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ڄيٺمل پرسرام جو لکيل ادب ڇپائڻ لاءِ آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي برک دانشور محمد ابراهيم جويي کي 1991ع ڌاري بمبئيءَ گهرايو ويو ته جيئن ڄيٺمل پرسرام جي قلمي پورهيي تي خاص نظر وجهي. موتيرام رامواڻيءَ هن اداري پاران، ڄيٺمل پرسرام جا ڪتاب: (1) نانڪ يوسف، (2) ڄيٺمل پرسرام ۽ سندس چونڊ لکيتون، (3) ساهتي رهاڻ (شاهه ڪريم بلڙيءَ واري بابت شاهڪار مقالو ۽ ستن ادبي ڪتابن تي تنقيد: 1991ع)، (4) Shakespeare Through India Eye ڇپجي چڪا آهن.

http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%DA%84%D9%8A%D9%BA%D9%85%D9%84%20%D9%BE%D8%B1%D8%B3%D8%B1%D8%A7%D9%85%20%DA%AF%D9%84%D8%B1%D8%A7%D8%AC%D8%A7%DA%BB%D9%8A

Friday, July 31, 2020

سندري اتمچنداڻي



سندري اتمچنداڻي

اتمچنداڻي سندري: سنڌ ۽ هند جي اوچي معيار ۽ پد جي ليکڪائن ۾ سندري اتمچنداڻيءَ جو نالو ڳڻيو وڃي ٿو. سندس پورو نالو سندري آسنداس اُتمچنداڻي آهي. هن 28 سيپٽمبر 1924ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ ڪار آهي، پر شاعر پڻ آهي. هوءَ ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج آرٽسٽ به رهي آهي. گذريل ساٺيڪو سالن کان ادب جي ميدان ۾ سرگرم آهي. نامور دانشور ۽ اديب اي. جي. اُتم جي گهر واري آهي. هن پرائمري تعليم شو قيرام چانڊومل ميونسپل اسڪول حيدرآباد مان ورتي ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول مان 18 ورهين جي ڄمار ۾، 1942ع ۾ ڪيائين. ذهين هئڻ ڪري بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهي، اُتان انٽر سائنس ڪيائين، پر ڪراچيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا نه ملڻ ڪري، پڙهائي اڌ ۾ ڇڏيائين. ڪجهه مهينن بعد سندس مڱڻو اي. جي. اتم سان ٿيو، جنهن کيس پڙهڻ لاءِ همٿايو، پر انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج نه هو، ان ڪري لاچار پڙهائي جاري رکڻ لاءِ ساڌو واسواڻيءَ جي ميران ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. ان ريت هن بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي جو امتحان 1949ع ۾ پاس ڪيو، ورهاڱي بعد ڪيترن سالن پڄاڻان ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ جو اثر قبوليائين ۽ ماسترياڻي بنجڻ جو شوق جاڳيس. تعليمي اڀياس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لئبريرين طور ۽ ڪجهه وقت ماسترياڻيءَ طور خدمت سرانجام ڏنائين. هن آفيس ۾ ڪلارڪي به ڪئي ۽ بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرر طور رٽائر ڪيائين.
سندريءَ کي ننڍي هوندي کان ڪتابن سان گهري دلچسپي هئي، ڀارت ۽ يورپ جي ڪن اديبن جو مٿس اثر پيو. ڪراچيءَ ۾ عورتن جي مخزن ”ساٿي“ جي ڪجهه وقت ايڊيٽر رهي ۽ ان دوران هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري، ان مخزن ۾ ڇپايائين. هن کي اٿندي ئي ادبي ماحول مليو، ترقي پسند ويچارن ڏانهن مائل ٿي، سندس پهرين تحرير ”منهنجي ڌيءَ“ هئي، جيڪا 47-1946ع ڌاري ”ساٿي“ مخزن ۾ شايع ٿيو.
1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) برپا ٿي ته ان جي هفتيوار ڪلاسن ۾ شرڪت ڪيائين. هن ٻاهرئين ادب مان ڪيتريون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ۽ طبعزاد ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيائين. اُتم جي رسالي ”نئين دنيا“ کان سواءِ هندو واسي، مارئي، سنگيتا، هلچل، الڪا ۽ ٻين رسالن ۾ سندس لکڻيون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون ۽ آهستي آهستي مقبوليت حاصل ڪيائين. ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريمچند، يشپال، شيڪسپيئر، هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هار ڊي ۽ اوهينري ۽ ٻين ليکڪن جو مٿس گهرو اثر پيو.
سندس ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ، جيوني، سفرنامي جي صنفن لکڻ سان گڏ شاعري ڪئي، سندس ڪهاڻين جا هيٺيان مجموعا ڇپيل آهن.
(1). ”اڇا وار ڳاڙها گل“ (1965ع)، (2). ”تو جنين جي تات“ (1970ع)، (3). ”ڀوري“ (1979ع)، (4). ٻنڌن “ (1982ع)، (5). ”وڇوڙو“ (1985ع)، (6). ”يگانتر“ (1989ع)، (7). کيڙيل ڌرتي“ (1992ع)، (8). ”مرڪ تي منع“ (1992ع)، (9). ”آتم وشواس“ (1999ع)، (10). ”نخريليون“ (2001ع).
سندس ٻه اهم ناول (1). ڪرندڙ ديوارون (1953ع) ۽ (2). پريت پراڻي ريت نرالي (1986ع) ڇپيل آهن، جن کيس وڏي مقبوليت ڏني. هن اصلوڪا ناول لکڻ سان گڏ ڪجهه ناول ترجمو به ڪيا. جهڙوڪ: ٽٽل ساز (مئڪسم گورڪي: 1956ع)، پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون (ڪرشنچندر: 1956ع)، هڪ سسئي سؤ سور (امرتا پريتم) ۽ ملايالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول جو ترجمو: ”ساگر جي سنتان“.
سندريءَ جي مضمونن جو ڳٽڪو ”ڀارت روس ٻه ٻانهن ٻيلي“ (1975ع) ۾ ڇپيو. سندس ناٽڪن ”’املهه ماڻڪن جو واپار“ ۽ ”ساهيڙي“ وڏي مڃتا ماڻي. سندس ناٽڪن جو ڪتاب ”سنڌو“ 2000ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس ڏهه ناٽڪ آهن.
سندريءَ شاعري به ڪئي آهي ۽ منظوم ترجما به ڪيا آهن. 95 روسي شاعرن جي ترجمو ڪيل شاعري ”امن سڏي پيو“ (1965ع) نالي سان شايع ٿي، جنهن تي کيس 1966ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو انعام ۽ ڏهه هزار رپيا مليا. سندس طبعزاد شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”هڳاءُ“ (جولاءِ 1993ع) ۽ ”ڏات بڻي لات“ (مارچ: 2004ع) ڇپيل آهن، جن ۾ سندس آزاد ۽ پابند شاعري شامل آهي. هن جو مارڪسوادي ويچار ڌارا هيٺ روسي ادب مان چونڊ ادب ”شولو خوف جي جهلڪ“ عنوان سان 1975ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ ليونڊ بريز نيف جون يادگيريون، ٽن ڪتابڙن جي صورت ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. ”ملايازيمليا“ (1978ع)، ”نئون جنم“ (1978ع) ۽ ”ڪنواري ڌرتي“ (1979ع). هن ڪتاب تي کيس ٻيو ڀيرو سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ (1979ع) ۽ گڏوگڏ 14 ڏينهن جو روس جو مهماني دورو نصيب ٿيو، ان دوري بعد هن ”نئين سڀيتا جو درشن“ (1980ع) عنوان سان روس جو سفرنامو ڇپايو، کيس ڪهاڻي چٽاڀيٽي ۾ 1952ع ۾ ”ممتا“ ڪهاڻي لاءِ، 1954ع ۾ ”ڪوشان“ ڪهاڻي لاءِ ۽ مکيه ڪهاڻيڪارن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ 1960ع ۾ ”وڇوڙو“ ڪهاڻي تي 1981ع ۾ ”ڀوري“ ڪهاڻي، ڪتاب تي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي پاران انعام مليل آهن. ”وڇوڙو“ ڪتاب ساهت اڪادمي (ڏهه هزار رپيا) انعام، 1985ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا مبمئيءَ پاران (ڏهه هزار رپيا) انعام، سنڌي پنچائت فيڊريشن پاران انعام (1985ع) ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي پاران ”گوڙو پراسڪار“ انعام (هڪ لک رپيا روڪ) مليو. هن وقت سندري اُتمچنداڻي ماهيم بمبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.

حوالو

http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AA%D9%85%DA%86%D9%86%D8%AF%D8%A7%DA%BB%D9%8A%20%D8%B3%D9%86%D8%AF%D8%B1%D9%8A

غزل ھي دؤر آهي دؤر وڏي انتشار جو امين اڏيرائي




غزل

ھي   دؤر   آهي   دؤر   وڏي  انتشار  جو
هِت  روز  خون  ٿئي  ٿو  پيو  اعتبار جو

افلاس روح كي بہ ٿو زخمي ڪريو ڇڏي
ماريو  وجھي  ٿو هاڻ تہ غم روزگار جو

آ   موت   ڀي   قبول  اگرچہ اچي   وڃي
ڏاڍو   ڏکیو   آ   مرحلو  ھي  انتظار  جو

تنھنجو  خیال  ذھن  جی  پنڊال  ۾ اچي
رتبو  وڌائی  ٿو  وڃي  مون  گنھگار جو

آلاڻ ھئي اكين ۾ ڇو هر شخص جي امين 
قصومون ڇیڙیوھو فقط پنهنجي پیار جو

                     امین اُڏیرائي

Wednesday, July 29, 2020

طنز ۽ مزاح ڪي اهم نقطا حليم بروهي




طنز ۽ مزاح
ڪي اهم نقطا
حليم بروهي

فائل ٽن قسمن جا آهن. هڪڙا جيڪي مٿي صاحب ڏي اماڻبا آهن، ٻيا جيڪي هيٺين آفيسن ڏي اماڻبا آهن ۽ ٽيان جيڪي تيستائين لڪائي رکبا آهن، جيستائين اهڙو گوڙ ٿئي جو پاڻهي سمجهه ۾ اچي ته هنن کي ڇا ڪرڻو هو.
جيڪو فائل صاحب وٽان بنان صحيح جي موٽي اچي تنهن کي واپس صاحب ڏي موڪلجي. جي وري بنا صحيح جي موٽي اچي ته وري صاحب ڏي واپس موڪلجي. ايئن اوهان به وندريل رهندا ۽ صاحب به وندريل رهندو.
جيڪي فائل هيٺين آفيس مان اچن تن ۾ ذرڙي ۽ معمولي به غلطي هجي ته هڪدم اها غلطي صاحب کي ڏيکارجي ته ڏسو هي اوهانجن هيٺين آفيسرن جا ڪرتوت آهن. ايئن اوهان سرخرو ٿيندا، اوهان جي اهميت وڌندي، ۽ وڏي ڳالهه ته پٽيوالا اوهان کان ڊڄندا.جيڪو ماڻهو اوهان کي نه وڻندو هجي، تنهن جي اچڻ جو اطلاع صاحب کي ان وقت ڏجي جنهن وقت صاحب ڏهن ٻين ماڻهن سان مختلف ڪمن جي باري ۾ مشغول هجي!

حليم بروهي




بروهي عبدالحليم
بروهي، عبدالحليم: سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري مزاح نگار ۽ ليکڪ جو ادبي نالو حليم بروهي ۽ سندس شهرت جو ڪارڻ سندس منفرد قسم جي مزاح نگاري آهي. دلچسپ ۽ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ وڏن سنجيده قسم جي معاملن ۽ مسئلن ڏانهن چڀندڙ لفظن ۽ خوبصورت انداز ۾ ڌيان ڇڪرائڻ جي غير معمولي ڏات ۽ ڏانءُ رکندڙ، سنڌ جو هي اڪيلو ۽ انوکو مزاح نگار، 6 آگسٽ 1936ع ۾، حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. اِي (آنرز) ۽ ايل. ايل. بي هئي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رٽائرڊ چيف اڪائونٽنٽ هو. حليم بروهي مزاح نگار سان گڏ شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو. سندس هيل تائين ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:
( 1) هٽلر جي ڪهاڻي (سوانح؛ 1972ع)، (2) هٽلر لکيو (1972ع)، (3) اوڙاهه (ناول؛ 1975ع)، (4) حليم شو (مزاحيات؛ 1983ع)، (5) جيڪي مون لکيو (ڪالم ۽ مضمون: 2002ع)، (6) Solo Decayed (1967)، (7) Roman Sindhi Script، (8) Seeds Columns، (9) Nothing is Piculiar، (10) Nothing in Earnest.
حليم بروهي سنڌي ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ جي حامي هو، جنهن لاءِ سندس خاص نقطئه نظر هو، جيڪو ڪافي سالن کان بحث هيٺ رهندو پيو اچي. ان کان سواءِ سندس سوين ليک سنڌي ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هو حياتيءَ جي آخري گهڙين تائين توڙي جو عمر ۽ صحت جي اعتبار کان ڪمزور ۽ ضعيف ٿي چڪو هو، پر ساڳيءَ سگهه سان لڳاتار لکندو رهيو. سندس ڪالم روزانه ڪاوش ۾ هڪ عرصي کان لڳاتار ڇپجندا رهن ٿا. سنڌ جي هن عظيم شخصيت 28 جولاءِ 2010ع تي وفات ڪئي .

سنگت روح رهاڻ طرفان سندس ورسي تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%B1%D9%88%D9%87%D9%8A%20%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D8%AD%D9%84%D9%8A%D9%85

ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو! گوبند مينگهواڙ حليم بروهي







ڀري بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو!
گوبند مينگهواڙ

اڄ ان ماڻهو کي وڇڙئي ڀريا ٽي سال ٿيا آهن جنهن پنهنجي مُني صدي جيتري حياتي گوتم جي اڪيلائي جيان گذاري هئي. هُو، جنهن کي عطائين سان ڀريل هن سماج ۽ ادب جي ذري ذري تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. هُو، جيڪو سنڌ ۾ هڪ عرصي تائين (سينيٽي) جو نمائنده آواز هو تنهن لاءِ ڪرشن کٽواڻي چيو هو ته”هر سنڌي ماڻهو کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو هُن سان ضرور ملڻ کپي“ ۽ جنهن لاءِ نڀور جوانيءَ ۾ جهان ڇڏي ويل سنڌ جي انتهائي ذهين ليکڪ گنهور جتوئي لکيو هو ته ”هيءَ حياتي جنهن ۾ وڇوڙا آهن، اڪيلائيون آهن ۽ دوست نما دشمن آهن ان ۾ هُن جهڙي جينيس جو هئڻ جيئڻ لاءِ وڏي وٿ آهي“ ۽ جيڪو سڄي ڄمار قرت العين حيدر جي ان وصف تي پورو لٿو هو ته ”اديب هميشه مس فٽ هوندو آهي“ ۽ جنهن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي لاءِ لکيو هو ته”جيتوڻيڪ منهنجي ۽  ڪينيڊا جي جڳ مشهور مزاحيه ليکڪ اسٽيفن ليڪاڪ جي دور ۾ لڳ ڀڳ 40 ورهين جو فرق آهي پر زندگيءَ اسان ٻنهي کي هڪجهڙو ۽ هڪ جيترو خوار خراب ڪيو“. ۽ جنهن مرڻ کان گهڻو اڳ ۾ چيو هو ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي هيءَ اکر لکيا وڃن جيڪو شايد هن جو سڀ کان بهترين تعارف پڻ آهي؛

Jack of all trades,
Man, Animal, Legend
Abdul Haleem Brohi.

                                         سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي هڪ جيتري دسترس رکندڙ هن من موجي ليکاري جي 1936 کان 2010  تائين جي ڊگهي عرصي تي ڦهليل زندگيءَ جي ڪهاڻي سندس لکڻين جيان ئي نرالي آهي. حليم بروهي جي سنڌ ۾ نمايان سڃاڻپ توڻي جو هڪ مزاحيه ليکڪ جي هئي  پر سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ هُن جيتري سنجيدگي هُن کان پوءِ ورلي ئي نظر اچي ٿي.  هُن جا مُخالف سندس ان سڃاڻپ جي حساب سان کيس ”مشڪرو“ سڏيندا هئا، پر هن جو مزاح ۽ حياتي پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڪاميڊي ۽ ٽريجڊي جو خوبصورت سنگم هئڻ ڪري ڪنهن مزاحيه ليکڪ جي ان ڳالھ تي پورا ٿي لٿا ته ”منهنجو مزاح مڪئي جي سنگن جيان آهي جن کي جيئن سيڪ اچي ٿو ته اهي ڦُلا بڻجن ٿا“.  پر حليم کي گهڻو سيڪ سندس سيريس ڪم جي عيوض آيو ۽ دنيا جي هر مزاحيه ليکڪ جي شڪايت جي ابتڙ هو شايد ان قسم جو اڪيلو ليکڪ هو جنهن کي هن جي همعصرن نه رڳو سيريس ورتو پر ساڻس آخر تائين وير به  جاري رکندا آيا. هو پاڻ چوندو هو ته منهنجو مزاحيه ليکڪ وارو پاسو حالتن جي پيداوار آهي. 70 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ جي ڳچيءَ مان ون يونٽ وارو طوق تازو ٽٽو هو ۽ سنڌ جو قومپرست لڏو ملڪ جي ”ائيڊيالاجي“ واري خيال کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي قديم تهذيبي ورثي کي اُجاگر ڪرڻ واري مهم تي لٿل هو ته حليم پنهنجي پهرين ”بغاوت“ ڪندي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب تي بنھ غيرجانبدار انداز سان لکي سنڌ جي ”سڄاڻ ڌرين“ کي ڪاوڙائي وڌو هو. گهڻو پوءِ ”حليم بروهي ريويوز“ جي سري سان ڪتابي شڪل ۾ آيل سندس اهي مضمون اڄ به سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ جاگرافي جواڻ ڌريو تجزيو آهن. پنهنجي نالي جي معني جي ابتڙ حليم پنهنجي زندگي ۽ لکڻين ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان رعايت نه ڪئي ۽ آخر تائين پنهنجو هڪ باغي ليکڪ وارو اميج برقرار رکيو.
                                     ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل تاريخ کي سچ جي ساهمي ۾ رکي ادبي دنيا جي بُتن کي ڀور ڀور ڪندڙ، ڪاوش جي هن صفحي تي ورهين تائين تواتر سان ڀرپور مزاحيه ڪالم لکندڙ ۽ سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ هئڻ کان وٺي سنڌ جي ادبي لڏي جي ”پرسونا نان گريٽا“ هئڻ تائين حليم جي سڃاڻپ جا سوين حوالا هئا جن کي هن پاڻ به گهڻو انجوائي ڪيو. هو واقعي ئي هر فن مولا هو. هڪ بهترين ناول، ڪيترائي شاندار افسانا ۽ ٻولي، ساهت، تاريخ ۽ جاگرافي تي ڪيل هن جو (ايڪسٽينسو) ڪم ڏسي حيرت ٿئي ٿي. حيرت ته هاڻي انٽرنيٽ ۽ موبائل ۾ رومن سنڌيءَ ۾خوشي ۽ آساني سان پنهنجو ڪاروهنوار هلائيندڙن تي به ٿئي ٿي جن حليم کي حياتيءَ ۾ ڪٿان جو نه ڇڏيو هو. ڪنهن به قسم جي نظرياتي ڇاپ کان آجي ۽ هڪ مڪمل ماڊرنسٽ سوچ واري قلمڪار هئڻ جي ناتي هن سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ سماج جي انهن سڀني لاڙن کي شدت سان رد ڪيو جن موجب اسان جهڙو ”باڪمال“ دنيا ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي! هن جو سڄو سيريس توڻي مزاح وارو لٽريچر حقيقتن سان روشنائي ۽ انهن ڏانهن فراخدليءَ سان هٿ وڌائڻ جي دعوت آهي. هاڻ ته سوشل ميڊيا جو زمانو آهي جتي هر ماڻهو جي هر نئين ڳالھ، هر نئين خيال تائين نه رڳو رسائي آهي پر هر ماڻهو کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو به حق حاصل آهي ۽ جتي ان ڳالھ جي آجيان ڪرڻ وارا به ڪجھ ملي ئي وڃن ٿا پر حليم پنهنجي عمر جو هڪ وڏو حصو ان دور جي ٻولي ۽ ادب جي ”ٽارزنن“ کي منهن ڏيندي اهڙي اڪيلائي ۾ گذاريو جڏهن ڪجھ ”سر ڦرين“ نوجوانن کان سواءِ ڪير سندس ڳالھ کي سيڪنڊ ڪرڻ وارو نه هو. گهڻو پوءِ جڏهن موسمون مهربان ٿيون ته هُن لکيو؛  ”هڪ زماني ۾ مون کي ڌڪاريندڙ لکين سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، جيڪي هاڻي گهٽجي هزارن ۾ ٿيا آهن. مون کي ذاتي طرح ڌڪارڻ لاءِ ماڻهن وٽ هزارين ذاتي سبب آهن پر منهنجي ڪنهن به ڪيل ڪم کان نفرت ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪڙي فرد وٽ به ڪو غير ذاتي سبب ناهي. ڪنهن ڏينهن مان اوهان کي چوندس ته ٿورو ماٺ ڪريو ته مان سمهي وٺان ۽ پاسو ورائي مري ويندس.“ حليم بروهي مري ويو پر سنڌي ادب ۽ تاريخ نويسي ۾ جنهن عقليت پسندي لاءِ هن اڪيلي سر جهيڙيو هو تنهن جا اولڙا اسان کي هاڻ هتي هُتي نظر اچي ٿا وڃن.
                                     سدائين مُخالف هوا جي سامهون بيٺل حليم جي زندگيءَ ۾ به اهو سڀ ڪجھ هو جيڪو هر جينيس ۽ وکري ماڻهو جو مُقدر بڻايو ويندو آهي پر انهن سڀني ڏکيائين، پيڙائن ۽ ڌڪار باوجود هُن ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ مثالي مستقل مزاجيءَ سان سنڌي ساهت جي کيتر ۾ جديد لاڙن کي متعارف ڪرائيندي ان کي دنيا سان هم آهنگي جي دڳ تي آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. اهو وقت پري ڪونهي جڏهن سنڌ پنهنجي هن ”سودائي“ پٽ جي ڪم تي ناز ڪندي.
                                      پنهنجي حياتي مرضي موجب ۽ هڪ وڏي سيليبريشن سان گذاريندڙِ حليم پنهنجي موت کي انتهائي لو پروفائل ۾ رکڻ جي تاڪيد ڪئي هُئي ۽ اطمنان جي ڳالھ آهي ته  ان ئي ڪيفيت ۾ هن جي ورسي جا ڏينهن ايندا ۽ گذرندا ٿا وڃن. هُن جيان ئي سڄي ڄمار مس فٽ رهندڙ دهلي درٻار جي شاعر مرزا نوشا جون سٽون هن مُنفرد انسان ۽ يگاني ليکاري جي حياتي جو خوبصورت احاطو ڪن ٿيون؛
نه جانون نيڪ هون يا بد هون، پر صحبت مخالف هي،
جو گُل هون تو صحرا مين، جو خس هون تو گُلشن مين. 
sagargovind@yahoo.com

حليم بروهي جي ياد ۾ 2013ع ۾ لکيل]
سنگت روح رهاڻ حليم بروهي جي ورسي تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

Tuesday, July 28, 2020

غزل سدائين رهي ٿو اهو ياد ماڻهو ڪري جو وڃي ٿو دليون شاد ماڻهو همدرد اوڏ



غزل

سدائين    رهي   ٿو    اهو    ياد    ماڻهو
ڪري  جو  وڃي  ٿو  دليون  شاد  ماڻهو

ڀلا ڪيئن وسري منجهان دل جي نڪري
زماني   کان   دل   ۾   جو    آباد    ماڻهو

اڃان   تائين    آهي   غلاميء   ۾    ڦاٿل
ڪڏهن   نيٺ   ٿيندو   هي   آزاد   ماڻهو

عدالت   ۾   اونده   ۽   جرڳي   ۾   انڌير
ڪري   ڀي   ڪٿي   نيٺ   فرياد   ماڻهو

جياري   ٿو    همدرد   جيڪو   ٻين   کي 
سو   جيئرو   رهي   ٿو   مرڻ   بعد ماڻهو

همدرد اوڏ

غزل دوست ۽ دوستي کي ڳوليان پيو هڪ امر عاشقي کي ڳوليان پيو همدرد اوڏ


غزل

دوست  ۽  دوستي  کي   ڳوليان   پيو
هڪ   امر   عاشقي  کي  ڳوليان   پيو

رات     ڪاري     ۽     گهُپّ    اونداهي
مان  فقط  روشني  کي  ڳوليان   پيو

موت   جهڙي    ڇو   ماٺ    آ   چوڏس
مان  هتي  زندگي   کي   ڳوليان   پيو

روز      اغوا       رڳو       ڦرون     ڌاڙا
امن   ۽    شانتي  کي     ڳوليان    پيو

هر  طرف   ڏک   ئي   ڏک  آ    دنيا   ۾
ڪٿ خوشي آ خوشي کي ڳوليان پيو

ڇڙوڇڙ    ۽    جدا   جدا    سڀ    ڪو
آءُ    ايڪي   ٻڌي    کي   ڳوليان    پيو

تنها     همدرد     ۽     سفر     رڃ    جو
ساٿ   ۽    آدمي    کي    ڳوليان    پيو

همدرد اوڏ

غزل چنڊ ڀلو آ ، سِجُ ڀلو آ فطرت جو ھر ، ٻِجُ ڀلو آ نديم ڪوثر




غزل

چنڊ  ڀلو   آ ،  سِجُ    ڀلو آ
فطرت جو  ھر ، ٻِجُ   ڀلو آ

سوچ ڀلي آ ، پوک  ڀلي   آ
ماڻھو موتي ،  نِجُ   ڀلو   آ

محبت ۾ تون ميڻ ڀلي ٿي
ميڻ بتي جيان   ، رِجُ ڀلو آ

محفل جي تون وچ ۾  ويهي
ڪو بہ نہ  ،طعنو ، ڏج ڀلو آ

دنيا پاڻھي ،  جنت    ٿيندي
تون بس ، ڪوثر   ٿج ڀلو آ

نديم ڪوثر


غزل ڪچو - گهر - بارشون - ڪيڏيون هوا - جون - سازشون - ڪيڏيون نديم ڪوثر



غزل

ڪچو - گهر - بارشون -  ڪيڏيون
هوا - جون - سازشون -  ڪيڏيون

اسان -   لاء   -   اولڙا    -   ڪيڏا
اسان - لاء - آرسيون -   ڪيڏيون

سُڃي - جو - ڪير - ڪونهي  ڪو
سکيئي جون وارثيون - ڪيڏيون

حياتي -   ۾   -     ڌڪا     -   ٿاٻا
قبر - تي - ڪاوشون -   ڪيڏيون

اسان -  کي -  عشق -     سيکاريو
رکي -  ٿو -  فارسيون - ڪيڏيون.

نديم ڪوثر

غزل هر وقتُ وساري ڇڏ، هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ وفا ناٿن شاهي




غزل
  
هر وقتُ    وساري ڇڏ،
هڪ ”حال“ سڌاري ڇڏ

يا مون کي سنواري ڇڏ،
يا     پاڻ  به   کاري ڇڏ.

زنده جي  رهڻ   چاهين،
هر موت   کي  ماري ڇڏ.

ٻيڙي نه هان ، ماڻهو هان،
ڪنهن هڪڙي ڪناري ڇڏ.

مان    ڄاڻ   ملڻ   آيس،
ڪُتن   کي   سمهاري ڇڏ.

پڃرن   کي  ڀڃي  ڀوري،
ساسين   کي اڏاري ڇڏ
ٽي حرف  ’وفا‘   جا ٿئي،
دل    ساڻ   اچاري    ڇڏ.

وفا ناٿن شاهي

غزل پيار مان ٿيون ڏسن، آرسيءَ جون اکيون. گهورَ تو تان ٿين، آرسيءَ جون اکيون. اصغر شر




غزل

پيار مان ٿيون ڏسن، آرسيءَ جون اکيون. 
گهورَ تو تان ٿين، آرسيءَ جون اکيون. 

ناز نخرا ڪرين، چپ ٽِڪُنڊا ڪرين!
ڪاش..! مونکي هجن، آرسيءَ جون اکيون. 

ڪيئن تنهنجي مٿان، مون جيان هُو مرن؟
دل نٿيون جو رکن، آرسيءَ جون اکيون. 

تون عصر جو سجي بس هلي ٿي وڃين،
جاڳنديون ئي رهن، آرسيءَ جون اکيون. 

چپَ چپن تي رکي، آڇِ امرتُ اِڙي!
ٿي امر جيئن وڃن، آرسيءَ جون اکيون. 

هوءَ ڪري هيکلو، گهر، وئي پرڻجي،
سانوڻيءَ جان وسن، آرسيءَ جون اکيون. 

آئيني ۾ هڻي اک ڏِسين پاڻ کي،
داد توکي ڏين، آرسيءَ جون اکيون.

اصغر شر

https://www.facebook.com/2280538722170992/posts/2645929942298533/

Monday, July 27, 2020

ڏس ھوا ڪيڏي شبنمي آھي پيار تنھنجي جي بس ڪمي آھي خيال کتري



غزل 

ڏس ھوا ڪيڏي شبنمي آھي
پيار تنھنجي جي بس ڪمي آھي

ھر گهڙي روئي زندگي پئي ٿي
ڪا خوشي ڪونهي نج غمي آھي

ٿيو جوا جيون آ کٽڻ پويان
زندگي ھر جا ٿي رمي آھي

ڪٿ عبادت ڪا بندگي پنھنجي
عاجزيءَ سان دل ڪٿ نمي آھي

ويس ظاھر ۾ آ ڀلو بيحد
پر اندر سارو ٿيو ذمي آھي

ظلم جي ڪونهي انتھا ڪا ٿي
ڄڻ ٿيڻ ڪاري لئہ ڄمي آھي

زندگي ھر پل درد ۾ گهاريو
ڪٿ سڙي آھي ڪٿ کمي آھي

غم سوا کتري ھڪ بہ ناھي پل
دل سڄي دردن ۾ ٿمي آھي

2020ـ7ـ25
خيال کتري

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=2645472049010989&id=2280538722170992

غزل معشوقن جيان ڪڪرن ڪارَ ڪئي دل جهوري مگر ڪٿ وسڪارَ ڪئي خيال کتري




غزل

معشوقن جيان ڪڪرن ڪارَ ڪئي
دل جهوري مگر ڪٿ وسڪارَ ڪئي

کيوڻ جا رڳو تجلا ئي ڏٺا
۽ اک ٻوٽ ٿي بجلي ڌارَ ڪئي

ٽھڪي رت پيو ۽ بت پيو سڙي
اھڙي اڄ تہ  آ گرمي مارَ ڪئي

آرھڙ جا لھن ڪي بت تان نشان
رُت سانوڻ سندو نخرا تارَ ڪئي

ويري تہ نہ ھئين تو پو ڇو ڀلا
ٿي دشمن جيان ھر ھر وارَ ڪئي

ناھي اڄ چمن ۾ چاھت ذري
خوش ڪنھن کي ڪرڻ لئہ مھڪارَ ڪئي

کتري ڏس گگن اڄ ڪارو اڇو
ڪنھن لئہ آسمان ھي سينگارَ ڪئي

خيال کتري

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=2645467722344755&id=2280538722170992


تنھنجون يادون اچن پيون جيئن بوندون لڳن پيون خيال کتري



وائي 

تنھنجون يادون اچن پيون
.................. جيئن بوندون لڳن پيون

نيڻ راھون تڪين پيا
۽ رڳون سڀ وڄن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

آس دل جي وڌي وئي
سمنڊ ڇوليون ڇُلن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

حسرتون بيخوديءَ وچان
ناچ ۾ ڄڻ نچن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

ڀوڳ ناھي ھي عشق آ
من مرادون جلن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

آسمان کي بہ آ تڙپ
مثل لڙڪن وسن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون

دير جيئن پئي خيال ٿي
تشنگيون پڻ وڌن پيون
...................جيئن بوندون لڳن پيون
2020ـ7ـ25

خيال کتري

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=2645465869011607&id=2280538722170992

Sunday, July 26, 2020

ڪافي ستاويهين ء رمضان ,هٿ کڻان ٿو تو در, گنهگار بدڪار هان, بخش مدايون ۽ مر, ممتاز مصطفي دوست



ڪافي 

ستاويهين ء رمضان ,هٿ کڻان ٿو  تو در,
گنهگار  بدڪار هان, بخش مدايون ۽ مر,
صغير ڪبير گناه سان, ڀريل جهولي گر,
شعور جڏھن کان آيو,ڄاڻي نه ڪيو قهر,
نه ڪنهنکي ايذايو, ها مڃي ٿو بشر,
فرشتو  مان به ناهيان, جو نه هجي درد ثمر,
غفلت انس کان ٿيندي,آدم هوا تخم زر,
خواهشون دل ذهن ۾,شيطان آ هر  هر,
پيٽ ۽ ٻچن قوت لئي, مليون ٺوڪر در در,
 پر تنهنجي تخليق هان,آياسين تو امر,
سجدو توکي ٿو ڪريان,توکان طلب گهر,
ٺڪر ڀور مٽي جو هان, ويندس خاڪ  ڀر ڀر,
نه حورن نه گلمان کان,جهڪان پيشاني ڀر,
ڪارڻ محمد ڪارڻي,رک  رحم جي ته نظر,
توکي نه پرواه آ ,بي پرواه پرور,
رات خلقي نجات جي,ڳاڙيان ڳوڙھا ڳر,
مڙئي بخش  مدايون,قسم ليلت القدر,
" دوست" مخدوم در تي, ڀري ڀري  پيو قبر,
گل ۽ ميوو خلق جو,روح پرواز تو در,

ممتاز مصطفي دوست

تو بنایو آهي اسان کي دیوانو ھاڻ نہ ڪر پرين ڪو تون بھانو ماجد ڪاڪا




غزل

تو   بنایو  آهي   اسان   کي    دیوانو 
ھاڻ نہ ڪر  پرين  ڪو  تون    بھانو

تون   مٺا    پيار   جي   انتھا    ڪر
ڀل   ته  ڏسي    ھي    سارو    زمانو

نوان   خواب  ڏي   نئي    آرزو    ڏي 
ڀر   تون   ھن  دل  جو  خالي   خانو

ھڪ  ئي   سفر   جا   مسافر    ھون
نه ئي تون بيگانو  نه ئي مان بيگانو

اچ   ته  ڪريون    روز      ملاقاتون 
رھي   عشق   پنھنجو    تازو   توانو

آ  سڃا تو  مون به  اھو ته عشق   آ  
ٿي  دل   منھنجي   تنھنجو   نشانو

            ماجد علي ڪاڪا






Saturday, July 25, 2020

غزل ماڻھون ڪٿي ها بدليا ماڻھن مزاج بدليو ريتون وڻن ڪٿي پيون مون ڀي رواج بدليو ناچيز قريشي




غزل 

ماڻھون ڪٿي ها بدليا ماڻھن مزاج بدليو
ريتون وڻن ڪٿي پيون مون ڀي رواج بدليو 

چُونري   وٽو  رلي ۽  مسلو ڇڏي  هتي  آ 
قرضي ٿي  قوم ڌيء جو ، ڏاهن به ڏاج بدليو

اڄ ڀي ته ڪونج ڪاري اڄ ڀي ته کوڙ ڀوپا
او ڙي جديد دنيا  ڇا ۾ ؟ سماج بدليو 

ڪيڏا وجهو ٿا ڪنڪر   ھڙئي حلال ميرو 
ماڻھون ڏسي چئو ٿا ،اڄ جو اناج  بدليو 

جهونا ڪوي جڏهن کان، ساڳو حڪيم آھي 
ويا هِن مريض وڌندا  اهڙو علاج بدليو 

ناچيز روز شامون ، اعليٰ انعام  ان کي
جيڪو سفارشي هو تنهن لئه خراج بدليو 

ناچيز قريشي

Friday, July 24, 2020

کجين جي ديس جا ماڻهو هڪ تشڪيلي ناول اڪبر لغاري



کجين جي ديس جا ماڻهو
هڪ تشڪيلي ناول
اڪبر لغاري

ابراهيم کرل جو ناول، ”کجين جي ديس جا ماڻهو“ جيئن نالي مان ظاهر آهي، کجيون پيدا ڪندڙ علائقي سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ هڪ طرف کجين بابت هر قسم جي معلومات آهي ته ٻئي طرف کجين جي آبادگارن، مزدورن، منڊي جي واپارين ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي اميدن، امنگن ۽ مسئلن بابت هڪ شاندار اندروني ڪهاڻي آهي. 
آمن ۽ عمر ٻه ڀائر آهن. عمر وٽ کجين جو ننڍو باغ آهي ۽ کيس لال نالي هڪ ڌي آهي. آمن واڍڪو  ڪم ڪري ٿو ۽ کيس نبن نالي هڪ پٽ آهي. نبن ۽ لال جي شادي ٿي وڃي ٿي ۽ عمر پنهنجو باغ نبن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. عمر وٽ کجين بابت هر قسم جي ڄاڻ آهي، کيس کجين جو اينسائڪلوپيڊيا چئي سگهجي ٿو. تر جا ماڻهو عمر کان مشورا وٺندا رهن ٿا ۽ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر خصوصي طور عمر کي پاڻ وٽ گھرائي، کجين بابت سندس ليڪچرز ڪرائي ٿو.
هن ناول جو مک ڪردار  نبن اسڪول ۾ ته نه پڙهيو هو پر پنهنجي پيءُ کان واڍڪو ڪم خوب سکي چڪو هو. جڏهن هر طرف ٻيلن ۽ ڳوٺن مان وڻ تيزي سان وڍجڻ شروع ٿيا ته هي ٻيئي پيءُ پٽ ذري گھٽ بيروزگار ٿي ويا، پر جڏهن نبن جي شادي کان پوءِ ، عمر پنهنجو باغ هن جي حوالي ڪيو ته نبن هڪ سيکڙاٽ بيکر يا آبادگار بنجي پيو جتان پوءِ  ڪيترين ئي ڪهاڻين جنم ورتو.  
کجين جي ڪم ۾ چاڙهو جي خاص اهميت آهي جيڪو کجين تي چڙهي وڃي انهن کي نر به ڏي ٿو، خراب ٿيل ڦر به ڇاڻي ٿو ۽ آخر ۾ فصل تيار ٿيڻ مهل ان جي ڪٽائي به ڪري ٿو. نبن وٽ لعل نالي هڪ چاڙهو ورهين کان ڪم ڪري ٿو ۽ سندس زال گلان وري هن جي گهر ۾ ماني پچائڻ جو ڪم ڪري ٿي. گلان ڪافي خوبصورت عورت آهي جنهن ڏانهن نبن ڇڪجي ٿو وڃي ۽ ساڻس ناجائز لاڳاپا ٿي وڃن ٿا.    
نبن جو چاچو عمر، ورهين کان وٺي کجورمنڊي جي واپاري   / دلال سيٺ سيتل داس کان وياج تي پئسا وٺي ٿو جيڪي هو فصل مان چڪائيندو رهي ٿو. سيٺ سيتل جو ڀاڻيجو گرمک نبن سان دوستي ڪري ٿو ۽ کيس شراب ۽ شباب ڏانهن راغب ڪري ٿو. نيٺ هڪ ڏينهن هڪ اخلاق باخته عورت بادشاه زادي جي ذريعي کيس هن ڪم ۾ ملوث ڪريو وجھي. بادشاه زادي پوءِ  نبن کي بليڪ ميل ڪري پئسا ٿي ڇڏائي. فصل تيار ٿيندو آهي ته هڪ زوردار برسات پوندي آهي ۽ سڀني جي اميدن تي پاڻي ڦرڻ لڳندو آهي. سيٺ سيتل به نبن جي ناتجربيڪاري مان خوب فائدو وٺندو آهي. 
هڪ سيمينار ۾ عمر دلالن جي استحالي هٿڪنڊن تان پردو کڻندو آهي ته سيٺ سيتل مڇرجي پوندو آهي ۽ عمر کي گھٽ وڌ ڳالهائيڻ سان گڏ نبن سان بيواجبيون ڪرڻ شروع ٿو ڪري جنهن تي نبن کيس ڇڏي مال ٻئي دلال وٽ کڻي وڃي ٿو. برسات سبب صورتحال خراب ٿيل هوندي آهي پر نبن وڏي مڙسي ۽ حڪمت عملي سان مال بچائي به ٿو ۽ سٺو اگھ وٺڻ ۾ ڪامياب به ٿئي ٿو. عمر ۾ وڏي تبديلي ٿي اچي ۽ هو لال سان به ناجائز تعلقات ختم ٿو ڪري،  پنهنجي زال، پيءُ، چاچي، ماءُ ۽ گهر کي اوليت ٿو ڏي.ڪله جو اٽي راند کيڏندڙ لاابالي ڇوڪرو، اڄ جو ڪامياب بيکر/ آبادگار بنجي ٿو وڃي.
فاضل مصنف جنهن طريقي سان مک ڪردار کي ناول ۾ پيش ڪيو آهي، اهڙي قسم جي ناولن کي، ” تشڪيلي ناول“ (Bildungsroman) چيو وڃي ٿو. هي جرمن ٻولي جو اصطلاح آهي جيڪو ٻن لفظن تي ٻڌل آهي: Bildungs معنا تشڪيل،roman معنا ناول. انگريزن به هن اصطلاح کي جيئن جو تيئن رکيو آهي. (هن جي معنا سنڌي ۽ اردو ۾ ڪا به نٿي ملي تنهنڪري مون اصطلاح جي اشتقاق کي مدِ نظر رکندي، سنڌي ۾ نئون اصطلاح،”تشڪيلي ناول“ متعارف ڪرايو آهي.) تشڪيلي ناول ۾ مک ڪردار جي اخلاقي، نفسياتي ۽ سماجي ارتقا ٿيندي آهي. مک ڪردار، ٻاراڻي وحي کان شروع ٿي جواني تائين اچي ٿو.
نبن پنهنجي ٻاراڻي وحي ۾ هڪ اڍنگو ۽ ڇيڳرو ٻار هو جنهن کي پڙهڻ سان ڪا دلچسپي نه هئي. سڄو  ڏينهن گوڏ گنجي پايو پيو اٽي ڏڪر راند کيڏندو هو يا رلندو هو. هر ڪو کيس ڇڙٻون ڏيندو ۽ ٽوڪيندو هو. وڏو ٿي شادي کان پوءِ  به اخلاقي طور هو پست ئي رهيو. هڪ  طرف پنهنجي گھر ۾ ڪم ڪندڙ گلان سان ناجائز تعلقات قائم ڪيائين ته ٻئي طرف گرمکداس جي اوطاق تي به اهڙو ئي ڪم ڪيائين پر آخرڪار هو ايترو سڌري ويو جو سندس پيءُ آمن چيس” تون هاڻي وڏو ٿي ويو آهين“ 
نبن جي تبديلي (Transformation) لاءِ  ٻن عنصرن پنهنجو رول ادا ڪيو. ڊان برائون چيو آهي ته، مک ڪردار جي ارتقا جو سبب ۽ سندس شخصيت جو تعين، سندس خلاف منفي قوتون ئي ڪنديون آهن. ڏاڍي نفاست سان، فاضل مصنف نبن جي زندگي ۾ ٻه ڪرائيسز داخل ڪيا ۽ سندس ٽڪراءُ سماج ۽ فطرت سان ڪرايو. جڏهن برسات ٿي ۽ ائين لڳو ته  سڀ ڪجه لڙهي ختم ٿي ويندو ته نبن گھڻو ڪجه سوچڻ تي مجبور ٿي ويو. سندس چاچي جو مغموم چهرو، مزدورن جي موت جهڙي خاموشي ۽ اداسي ۽ سندس گهر وارن جي ٽٽندڙ خوابن جي فڪر، نبن کي تبديلي جي سفر تي گامزن ڪيو. ٻيو ته هن سماج طرفان پاڻ سان ٿيندڙ ڏاڍايون ڀوڳيون. بادشاهزادي جي طرفان بليڪ ميلنگ، ان تي گرمکداس طرفان مجرمانه سرد مهري، کجور منڊي جي دلال طرفان تور توڻي اگھ ۾ گھوٻيون، آبادگارن سان منافقانه ۽ تذليل آميز رويو، سندن طرفان وياج خوري ۽ استحصال وغيره به نبن جي ارتقا جا سبب بنيا. ڌڪ کائي نبن پاڻ سنڀاليو ۽ پير پختا ڪرڻ کان پوءِ  پاڻ سان لاڳاپيل سڀني ماڻهن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو. 
فاضل مصنف ٻولي ڏاڍي سٺي استعمال ڪئي آهي ۽ محاورن جو خوب برجستو ۽ مهلائتو استعمال ڪيو آهي.. وسي ته سڀ ڪجه کسي....گندي هڪ ٽنگ گھڻا، ان بچي ته ڪيئن بچي... هيرالي جي هير، ٽنگ ڀڄيس ته به نه رهي... ڏئي ها پليتي کي باه، اٿاري ها ويٺل ماکي...او هيل ڪيا ٿئي ڪڻا، آئيندي ڪجانءِ  گھڻا...باقي جي مڪڙي ئي خالي هوندي ته تئونر ۾ ڇا پوندو...وغيره
سڄي ناول ۾ عمر جي واتان هر وقت کجين بابت معلومات جو سلسلو جاري هوندو آهي، چاهي اها ڪچهري هجي، سيمينار يا ڊپٽي ڪمشنر طرفان رکايل ليڪچر.عمر جي ڳالهائڻ جو انداز ڪنهن پروفيسر جهڙو آهي جيڪو ڪجه عجيب لڳي ٿو. هتي ٿورو وڌيڪ علاقائي لهجو هجي ها ته بهتر. جيئن غزل ۾‌ نصيحت ۽ تبليغ جي انداز کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي تيئن ناول ۾ وري ليڪچر ۽ معلومات جي ڀرمار جي حوصله افزائي نه ڪئي ويندي آهي. هن ناول ۾ ذري گھٽ چاليھ سيڪڙو صرف معلومات آهي، جيڪا آهي ته ڏاڍي مفيد پر ناول جي جماليات تي ڪاري ضرب آهي. ضروري معلومات هجڻ انتهائي ضروري آهي جيڪا ڏھ کان پندرنهن سيڪڙو تائين هجي ته ڪافي آهي. هي ناول پڙهندي ڪيئي دفعا خيال آيو ته هي ڪو تحقيقي مقالو آهي. ناول ۾ ڳاله کي ڪنهن ڪردار يا بيان ڪندڙ جي واتان چورائڻ جي بجاءِ ، ڪردارن جي عمل مان ظاهر ڪجي ته بهتر.
”کجين جي ديس جا ماڻهو“   سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. ابراهيم کرل کي مبارڪون.

Mumtaz Mustafa Dost and Ghulam Hyder Imran



Mumtaz Mustafa Dost and Ghulam Hyder Imran 

Saturday, April 20, 2019

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان




سنڌي ادبي سنگت سنڌ
 سنگت روح رهاڻ
سلسلو نمبر 73
چونڊ غلام حيدر عمران


فنڪار
استاد الھ ڏنو نوناري
شاعر
مير نواز علي ناز
ٻول
 تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان

هلو سنڀالي سنڀالي لتاڙجي ن وڃو





 سنڌي ادبي سنگت سنڌ
 سنگت روح رهاڻ
سلسلو نمبر 72
چونڊ غلام حيدر عمران

فنڪار
سڄڻ سنڌي
ٻول
 هلو سنڀالي سنڀالي لتاڙجي ن وڃو

اسان حال دل جو اوهان سان ٿا پچاريون








 سنڌي ادبي سنگت سنڌ
 سنگت روح رهاڻ
سلسلو نمبر71
چونڊ غلام حيدر عمران

فنڪار
 وحيد علي
شاعر
 مرتضي ڏاڏاهي
ٻول
 اسان حال دل جو اوهان سان ٿا پچاريون

منهنجا سپرين توکان






 سنڌي ادبي سنگت سنڌ
 سنگت روح رهاڻ
سلسلو نمبر 70
چونڊ غلام حيدر عمران

فنڪار
 لتا مگيش
ٻول
منهنجا سپرين توکان

سنگت روح رهاڻ طرفان سندس ڪلام هلائي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا ۽ سندس صحت جي لاء دعاگون آهيو
ن.

هو جمالو






 سنڌي ادبي سنگت سنڌ
 سنگت روح رهاڻ
سلسلو نمبر 69
چونڊ غلام حيدر عمران

فنڪار
 احمد مغل ۽ ثمينہ ڪنول
ٻول
هو جمالو

پوري دنيا ۾ سنڌ جي ثقافت جي اجاڪرڻ جي لاءِ پوري دنيا ۾ ھو جمالو ڪلام ڳايو ويو آھي.
پاران سنگت روح رھاڻ

بي درد زمانا ڇا هي ڪيو منهنجو يار





 سنڌي ادبي سنگت سنڌ
 سنگت روح رهاڻ
سلسلو نمبر 68
چونڊ غلام حيدر عمران

فنڪار
فوٽو زرداري
ٻول
بي درد زمانا ڇا هي ڪيو منهنجو يار