Sunday, August 9, 2020

سوجهرن جا سفير بلوچ صحبت علي



 نشتر ناٿن شاهي


غزل

موت ٿو الري اچي اي زندگي،
جبر ٿو در تي نچي اي زندگي.
جيئن ڦڪيون، ڦيڻا ۽ مرهم ٿا ٿين
سور ٿو ويتر وڌي اي زندگي.
پيا منجهي واٽهڙو وچ رستي ۾ سڀ،
ٿاٻا سونهون ٿو ڏئي اي زندگي.
شام دروازي تي دستڪ ٿي ڏئي،
صبح ٿو ننڊون ڪري اي زندگي.
ٿي خزان قاهر گلن تي الامان!
وئي بهار آهي لڏي اي زندگي.
کنوڻين شاخن تي باهيون ٻاريون،
آشيانو ٿو جلي اي زندگي.
محفلن تي منڊڪو چاڙهي ويو،
ساز ٿو ٻاڙو وڃي اي زندگي.
پير ۽ هٿ جي ٻجهن پرواهه ناهي،
دل جي ڌرڪن تي ٻجهي اي زندگي.
سور جي هڪڙو هجي، دارون ڪجي،
هڪ وڃي ٻيو ٿو اچي اي زندگي.
همٿن جي پرک گيدي ڪن پيا،
سون ٿو لوهر ڪٽي اي زندگي.
ڏوهه ڪهڙو ڏيون فقيرن جي مٿان،
دان داتا ٿو گهري اي زندگي.
هڏ بلالي پيڙ جي گهاڻي ۾ پيو،
ڏوهه ٿو منهنجو ڏڪي اي زندگي.
دل جي ڌڙڪن کي جو ٿو قابو ڪيان،
تانگهه ٿي بڙڇيون هڻي اي زندگي.
موت کي پئي موت، جو اڻ موٽ آ،
تنهنجو ”نشتر“ ڇا ڪري اي زندگي.
 

BRIEF INTRODUCTION
نشتر ناٿن شاهي

پورو نالو: غازي خان لغاري
ادبي نالو: نشتر ناٿن شاهي
ولديت: بالو خان لغاري
جنم تاريخ: 15 مارچ 1929ع
جنم هنڌ: وليج گهارو، تعلقو خيرپورناٿن شاهه، ضلعو دادو، 1948ع کان بحيثيت شاعر ۽ اديب.
تعليم: M.A (سنڌي)
پيشو: رٽائرڊ استاد
رڪنيت: بزم طالب المولا خيرپورناٿن شاهه ۽ جميعت الشعرا سنڌ جو جنرل سيڪريٽري
اڻڇپيل ڪتاب: گهڻي تعداد ۾ (يعني تقريبن 10/12 ڪتابن جيتري شاعري، هر صنف تي طبع آزمائي ٿيل)
موجوده پتو: قاضي پاڙو خيرپورناٿن شاهه، ضلعو دادو، سنڌ

سوال: نشتر صاحب! ادب سان عشق جي ابتدا ڪيئن ٿي؟
جواب: اهو 1940ع جو خوبصورت سال هو. مان تڏهن جواني جي سرحدن ۾ پير پائي چڪو هئس، جواني جا ڏينهن ڏاڍا خوبصورت ۽ رنگين هئا، نئين جواني هئي، نئون عشق هو ۽ رت هو. عشق جي نانگ تي پير پئجي ويو ۽ مان ڏنگجي پيس. حساس طبع سبب ادب ڏانهن لاڙو ٿيو.
سوال: توهان شاعر ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪنهن کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي؟
جواب: لطف علي چانڊيو اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. هو ڏاڍو ذهين سگهڙ هو ۽ مان سندس فن ۽ فڪر کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ هو ئي اهو شخص هو جنهن مون کي شاعري ڏي رجحان ڏياريو. جڏهن ته مون فني سکيا ان وقت جي عالم، اديب شاعر، مولوي عبدالله ”اثر“ لاڙڪاڻوي کان ورتي جيڪو غزل جو بهترين شاعر تسليم ڪيو ويندو هو ۽ 1948ع کان هڪ پختي شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ سڃاپجڻ لڳس.
سوال: اوهان ڪهڙي صنف ۾ گهڻو لکيو آهي؟
جواب: جيئن ته منهنجو عشق شروع کان ئي غزل لکڻ سان رهيو. ان ڪري غزل ئي منهنجي پسنديده صنف آهي، ڇو ته غزل ۾ ئي ماڻهو پنهنجي جذبن جو ڀرپور نموني سان کُلي اظهار ڪري سگهي ٿو. غزل منهنجي جان ۽ آن آهي.
سوال: شاعري کي اوهان ڇا سمجهندا آهيو؟
جواب: ادا شاعري زندگي جو عڪس آهي، جيڪڏهن انسان کي انسانن سان پريم، پيار جي دعوايٰ کي صحيح ۽ سچو ڪرڻو آهي ته علم ۽ ادب سان هن کي لڳاءُ رکڻو پوندو، ڇو ته ادب زندگي آهي. شاعري ته اسان جي روح جي رڙ آهي.
سوال: جيئن ته اوهان غزل جي هڪ تاريخ آهيو ۽ غزل جي ميدان کي وسيع بنائڻ ۽ غزل جي ارتقا ۾ اوهان جو وڏو هٿ آهي. اوهان ٻڌايو ته غزل ڪهڙن تاريخي مرحلن مان گذريو آهي ۽ ان کي مقبول صنف بنائڻ ۾ اوهان جو ڪهڙيون ڪوششون رهيون آهن؟
جواب: بلوچ صاحب، جيئن ته غزل جي باري ۾ مون اڳ ۾ ٻڌايو آهي ته منهنجي سڃاڻپ ئي غزل آهي، غزل جي صنف جيئن ته ايران کان ٿيندي اسان جي سنڌ تائين پهتي.
انهن ڏينهن ۾ جمعيت الشعراءِ پنهنجي جوڀن ۾ هئي غزل کي اڀارڻ ۽ ان جي اوسر لاءِ طرحون ڏنيون وينديون هيون. طرحي مشاعره ڪرايا ويندا هئا. اهوئي سبب آهي جو اسان جو پيدا ڪيل ماحول اڄ به غزل تي حاوي آهي ۽اسان غزل کي عام ماڻهن تائين پهچايو. ادبي مشاعرن ۾ غزل جي اوليت ۽ افاديت تي ڳالهايو ويندو هو. اهڙا مشاعرا ۽ ادبي محفلون غزل جي شاعرن لاءِ تربيت گاهون هيون. غزل جي اصلاح ۽ ان تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري شاعر کي اڃا به غزل سان پيار لاءِ اتساهيو ويو هو.
اسان وٽ گڏيل مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ اردو، سنڌي، بلوچي زبان جا شاعر حصو وٺندا هئا، انهن ۾ استاد شاعر به نظر ايندا هئا، جيڪي غزل تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي غزل جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪندا هئا، اڄ جيڪڏهن ڪو نوجوان يا ڪو سينيئر اديب غزل تي رڳو لکي ٿو ته مان چوندس ته اها جمعيت الشعراء جي ئي پليٽ فارم تان سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو. ۽ اهوئي سبب آهي جو جمعيت الشعراءُ سنڌي غزل جي اوسر ۾ اهم ۽ ڀرپور ڪردار اداڪيو.
سوال: اوهان سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
جواب: ادبي کيتر ۾ سنگت پنهنجي جاءِ تي سٺو ڪم ڪري ٿي. پر جيئن ته ادبي سنگت هينئر ڪن گروهن جي ور چڙهيل آهي. جيڪي هڪ هٽي ڪيو ويٺا آهن، سنڌي اديب ۽ ادب جي ڪابه سار نٿا لهن، بس نالي ۾ پورا آهن، تنهن ڪري اسان جي ادبي کيتر جي انهن دوستن کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا! اهڙي خول مان نڪري اچو. سنڌي ادب جي خدمت انهي ۾ ناهي ته اوهان فقط پنهنجي پذيرائي ڪيو ۽ ٻي ڪنهن اهڙي غريب شاعر تي اوهان جي اک ئي نه ٻڏي. جنهن پنهنجي سڄي زندگي ادبي خدمتن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري بسر ڪري ڇڏي هجي.
اسان وٽ جڏهن به دوست آيا آهن ته اسان ته هر وقت تعاون لاءِ تيار هوندا آهيون، جيڪي به فرمائيندا آهن قبول ڪندا آهيون.
سوال: اوهان جي دور جي ادبي محفلن ۽ هاڻوڪي دور جي ادبي محفلن ۾ اوهان کي ڪهڙو فرق نمايان ٿو نظر اچي؟
جواب: اسان جي دور جي ادبي محفلن جي ڳالهه ڪيان ته جڏهن مشاعرو شروع ٿيندو هو ته پنڊال ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. هر شاعر کي غور ۽ توجهه سان ٻڌو ويندو هو ۽ دل کولي داد ڏنو ويندو هو. پر افسوس! مون کي معاف ڪجو ته اڄ ائين ناهي، اڄ جي محفلن ۾ بيجا تنقيد ڪئي ٿي وڃي. جنهن کي مهمان ڪري آندو ٿو وڃي، ان جو ئي پٽڪو لاٿو وڃي ٿو. داد ڏيڻ ته شاعر کي پري جي ڳالهه ٿي، مورڳو ئي ان تي گند اڇليو ٿو وڃي، هوٽنگ ڪري، هوڪرا، ڪوڪون ڪري محفل جي ماحول کي بي مزو ٿو ڪيو وڃي. اڄ جي ادبي محفل اسان جي دور جي ادبي محفل کان ڪنهن به صورت ۾ بهتر ناهي. ادب جي آڙ ۾ بي ادبي وارو ماحول آهي. ڇڇورائپ آهي. بزرگ اديبن کي انهن جي ادبي پورهئي جي مڃتا ته نه ٿا ڏين پر الٽو انهن جي توهين ڪن ٿا. دل آزاري ڪن ٿا. معاف ڪجو منهنجو لهجو شڪايتي ٿيندو ٿو وڃي، پر صحبت صاحب اها حقيقت آهي.
سوال: نشتر صاحب جيئن ته غزل اسان وٽ تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکجندو رهي ٿو. پر ان سان نڀاءُ تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي، اوهان جي نظر م غزل سان سٺو نڀاءُ ڪرڻ وارا ڪهڙا شاعر آهن، ڇا انهن جا ڪي نالا ٻڌائي سگهو ٿا ؟
جواب: سائين منهنجا، اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته اسان جو شاعر غزل جي ڪري مشهورٿيو آهي، ڇو ته هو غزل گهڻو ٿو لکي، ان ۾ سينئر اديب هجي يا اوهان جي نوجوان ٽهي جو ڪو شاعر هجي.
جيئن ته اڳ جي شاعرن جي کيپ ۾، شيخ اياز، حاجي محمود، خادم، مولوي عبدالله اثر لاڙڪاڻوي، عبدالله عبد ”خواب“، اظهر گيلاني، عبد عاقلي، مظفر حسين جوش هي اهي شاعر هئا جن تمام سٺو غزل لکيو. جيڪو اڄ به اسان جي دلين تي حڪمراني ٿو ڪري. موجوده دور ۾ وري، نثار بزمي، مقصود گل، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، سٺي غزل جي سڃاڻپ آهن، اصل ۾ غزل جي صنف کي جنهن توجهه، جنهن گهرجن جي ضرورت هئي، سا هن کي موجوده وقت جي شاعرکان نه ملي سگهي آهي حالانڪه غزل جي عظمت هينئر به عروج تي پهتل آهي، پر اها عظمت به پراڻن شاعرن جي صحبت ۾ رهي نون شاعرن برقرار رکي آهي.
سوال: اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان ڪهڙن ادبي شخصيتن کان متاثر آهيو؟
جواب: سائين، مان جن دوستن کان متاثر آهيان، انهن ۾، عبدالله اثر، علي محمد مجروح، سرشار عقيلي، عبدالڪريم گدائي، طالب الموليٰ، عبد عاقلي، زيب عاقلي، حاجي محمود خادم، گل حسن گل، جمع خان غريب، ضياءُ الدين بلبل، حافظ محمد احسن چنا، حاجن شاهه هم وطن سيتائي، غلام محمد گرامي، اظهر گيلاني، عطا در حامي، شيخ اياز، نياز همايوني، امداد حسيني، شمشير حيدري، استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، اسان انهن دوستن کان، انهن جي لکڻين کان، انهن جي روين ۽ محبتن کان متاثر ٿياسين، ڇو ته اهو هر دوست، اديب عزت ۽ محبت جي لائق آهي، جيڪو هن ڌرتي لاءِ ڪم ڪري ٿو. جيڪو هن ديس لاءِ لکي ٿو، ادب جي افاديت سمجهي ٿو ۽ ان جي مقصد سان سچو آهي.
سوال: موجوده دور ۾ اوهان جمعيت الشعراء جا سيڪريٽري به آهيو، اوهان اهو ٻڌايو ته جمعيت الشعراء تنظيم جا ٿڌي ٿي وڃڻ جا ڪهڙا سبب آهن. جيئن ته جمعيت الشعراء سنڌ ۾ اوهان جون ادبي خدمتون ماضي ۾ نمايان رهيون آهن. سنڌ جي نالي واري ادبي جماعت موجوده وقت بنهه خاموش آهي ۽ ان جا ڪهڙا اسباب آهن، اوهان وٽ ڪي تجويزون آهن، هن تنظيم کي وري نئين سر جاڳائڻ لاءِ؟
جواب: ادا سائين، جمعيت الشعراء هينئر جتي پهتي آهي. ان جا ڪي خاص سبب ته ڪونهن پر حقيقت کان منهن موڙڻ به منافقي چئبي سچ ته اهو آهي ته اسان جي اديب ۾ جڏهن انائيت جا خڳا عنصر داخل ٿي ويا ۽ هو پاڻ کي جڏهن افلاطون سمجهڻ لڳو ۽ هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ سا به بي جا، انهن نتيجن جي ڪري ئي اهي ادبي سرگرميون گهٽجنديون ويون، ڄنڊا پٽ وڌي وئي. ۽ هڪٻئي لاءِ عزت ۽ احترام گهٽجي ويا، جڏهن اديب ادب سان پيار ڪرڻ وارا ئي ادب جو دامن ڇڏي ڏين ته باقي ڇا بچيو. اسان پوءِ ڀلا قوم کي ڪهڙو پيغام ڏئي سگهون ٿا، سو باهمي رسا ڪشين سبب جمعيت الشعراء کي وڏو ڌڪ پهتو.
مون تنظيم جي سلسلي ۾ تنظيم جي صدر اظهر گيلاني صاحب سان ملاقات ڪئي، ۽ ڪيترائي ڀيرا لکپڙهه به ڪئي. پروري به جڏهن سرد مهري جو سلسلو ساڳيو ئي رهيو ته مون اهو به چيو ته مون کان استيفعيٰ وٺو. اهڙي صورتحال ۾ مان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، مان ان کي فعال بنائڻ لاءِ رڙيون ڪندو رهيس. پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. باقي تنظيم کي وري فعال بنائڻ لاءِ ڪيترائي پروپوزل ضرور آهن، پر ان تي جيسين عمل نه ٿيندو تيسين خالي حوال ڪٽڻ مان ڪجهه به نه ورندو، پراڻا اديب ڪناره ڪش ٿي ويا آهن، نوان جمعيت جي نالي کان ڇرڪن ٿا.
سوال: توهان جيئن ته عروض جي سٺي ڄاڻ رکو ٿا ۽ عروض تي شاعري ڪيو ٿا ان ڪري علم عروض جي اهميت تي ٿوري روشني وجهو؟
جواب: عروض نه هجي ته توهان جي شاعري جا پير ئي نه بيهن ها ۽ ٺڪا اچي هيٺ ڦهڪو ڪري ها، علم عروض ئي ته آهي جنهن جي ڪري اسان جي شاعري دائم ۽ قائم آهي، جيڪڏهن اهو فن ۽ علم اسان پنهنجي نئين نسل کي نه ارپينداسين ته واقعي مستقبل ۾ اسان جي ادب جي ڪابه تاريخ نه رهندي، عروض جي اهميت توهان کي اياز جي غزل ۾ ڏسڻ ۾ ايندي. تنوير جي غزل ۾، امداد حسيني جي شاعري ۾ به. جنهن به عروض جي پيروي ڪئي آهي. اچو ته نه صرف پنهنجي نئين ٽهي کي پيغام ڏيون ته اهي خيال سان گڏ فن ۽ فڪر به سکن ۽شاعري کي شاعري سمجهي ڪن.
سوال: ڇا توهان نثري نظم کي شاعري ۾ جاءِ ڏيو ٿا؟
جواب: ادا، هاڻي هڪڙي ڳالهه ته واضع آ ته، نثر الڳ شيءِ آهي ۽ نظم ٻي ڳالهه آهي، نثر ۾ نه ڪو وزن آ، نه ئي بحر آ، جڏهن ته وري نظم ۾ وزن به آ، ته بحر به آهي، ته قافيو ۽ رديف به، ان ڪري منهنجي خيال ۾ ته شاعري اها آهي، جيڪا ڳائي سگهجي ۽ ان موجب نثر کي ته نٿو ڳائي سگهجي.
سوال: سائين هينئر ته نثري نظم به ڳائجي پيو ٿو ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه شاعرن جو نثري نظم پڻ ڳايو ويو آهي؟
جواب: ان سلسلي ۾ مون کي ڪابه خبر ناهي، پر جيڪڏهن اڄ جو نوجوان ڀرپور نثري نظم لکي ٿو ۽ هن وٽ خيال به سٺا آهن ۽ هو پنهنجي فڪر جي گهرائي سان لکي ٿو ته پوءِ ڀلي ان ۾ کڻي ڪو ننڍو شاعر هجي يا ڪو وڏو، مون لاءِ ته هر شاعر اکين جو نور آ، پر نثري نظم ڳائڻ جي شي ناهي، ائين ته هر نثري ٽڪرو سُر سان پڙهي سگهجي ٿو.
سوال: تنقيد ڇا آهي ۽ تنقيد جو معيار ڇا هئڻ گهرجي؟
جواب: تنقيد ڇنڊڇاڻ آهي، غور و فڪر آهي، ڪنهن جي تخليق کي پروڙڻ آهي، اسان وٽ سٺا نقاد آهن، بشرطيڪ اهي اکين تان تعصب جي عينڪ لاهي تنقيد ڪن، پر اسان وٽ تنقيد جو مطلب ته ڪنهن جو پٽڪو لاهڻ آهي، نه تنقيد برائي اصلاح هوندي آهي.
عرض ته تنقيد جا ٻه قسم آهن.
1. تنقيد براءِ تنقيد:
هن تنقيد جي قسم کي تنقيد جي زمري ۾ نٿو آڻي سگهجي.
2. تنقيد براءِ اصلاح:
اصل شيءِ اها ئي آهي ته تنقيد ڪرڻ وقت نقاد ذاتي ڳالهين کان هٽي ڪري، تخليقار جي فن ۽ فڪر تي ڇنڊڇاڻ ڪري، پر اسان وٽ ته ان جي ابتڙ آهي، اهي نقاد هينئر آهن ئي ڪونه، جيڪي آهن اهي دوستيون نڀائي رهيا آهن ۽ هونئن به جنهن تي تنقيد براءِ اصلاح ٿئي ٿي ته ان کي صبر ڪرڻ گهرجي، ڪاوڙ ۽ رنج کين نه نٿو سونهين.
سوال: اوهان جي شاعري ۾ فارسي جو اثر گهڻو رهيو آهي، اڄ به اوهان جي غزل ۾ فارسي جي جهلڪ ڪافي حد تائين نظر اچي ٿي، جڏهن ته اڄ جو سنڌي غزل هينئر فارسي اثر کان مڪمل طور الڳ ۽ آزاد ٿي چڪو آهي؟
جواب: ائين ناهي، فارسي ٻولي جو وڏو پيرڊ آهي، اسان جي تاريخ ۾ فارسي ٻولي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيئن ته اسان جو ان دور جي فارسي اديبن سان، جنهن جي غزل ۾ فارسي جو رنگ هو، ويجهڙائپ رهي آهي، ان ڪري ظاهر آهي، ڪٿي ڪٿي ڪا هلڪي جهلڪ نظر به ايندي هوندي، پر مان ته پوري ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ته پنهنجي غزل کي فارسي رنگ کان آزاد ڪيان، مان فارسي ٻولي جو ڪو عالم ته ناهيان، پر تنهن هوندي به اهڙن دوستن جي صحبت ۾ رهندو آيو آهيان، جيڪي فارسي جا معلم آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا فارسي جا عالم آهن، جنجي سنڌي شاعري ۾ تر جيتري به فارسي ٻولي جو دخل ناهي، بشير سيتائي جيڪو فارسي ٻولي جي چڱي ڄاڻ رکي ٿو، مان ڪڏهن ڪڏهن فارسي لفظن ۾ اصطلاحن ۾ ۽ گرامر ۾ منجهندو آهيان ته بشير صاحب کان پڇي وٺندو آهيان، باقي فارسي جو اثر هينئر منهنجي شاعري ۾ تمام گهٽ آهي.
سوال: اوهان جي ڪا خواهش ڪا تمنا؟
جواب: سائين، مان ٻهراڙي جو هڪ سادڙو ماڻهو آهيان منهنجون ڪهڙيون خواهشون ٿي سگهن ٿيون، بس هينئر ته زندگي کي ماڻي چڪا آهيون، ٻه ٽي شاديون ٿيل آهن، ٻار ٻچا به پنهنجن ٻارن ٻچن وارا ٿي ويا آهن سڀ خواب حسرتون بس تڪيمل تي پهچي چڪيون آهن. پوءِ به پنهنجي هڪڙي ننڍڙي خواهش آهي ته پنهنجي ئي حياتي ۾ پنهنجي شاعري جا مجموعا ڇپيل ڏسڻ چاهيان ٿو، منهنجي زندگي جو اثاثو منهنجي شاعري آهي، اها بچي وئي ته ڄڻ مان بچي ويندس. ان سلسلي ۾ ڪو ادارو يا ڪو دوست خلوص سان سهڪار ڪري ته ان جو ٿورائتو رهندس، باقي ڪنهن جي اڳيان ڪشڪول ڪونه کڻندس. ڇو ته خوددار رهيو آهيان.
سوال: ديس واسين لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: اچو ته سنڌي ادب کي سگهارون بنايون، سنڌي اخبارون ۽ رسالا خريد ڪري پنهنجي ادب کي رچ “Rich” بنايون، ان ۾ ئي اسان جي بقا آهي.

بلوچ صحبت علي 

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=819

بلوچ صحبت جي شاعري


وفا جا جذيرا

نه تاريخ پنهنجي ڪا ٺاهي سگهون ٿا،
سرِ عام توکي نه چاهي سگهون ٿا،
کلون ٿا، ملون ٿا، سدا خلوتن ۾،
ڀلا ڪيئن توکي ٽاهي سگهون ٿا.

اُها رِيت ساڳي، ۽ ويراڳ ساڳيا،
محبت جا جاني، اُهي ماڳ ساڳيا،
گهٽي گهر اوهان جو، هيو تر اوهان جو،
هيو ڀاڪرن جو، وري ڀر اوهان جو،
اهي قرب تنهنجا ۽ ٿورا اسان کان،
نه وسري سگهن ٿا، نه لاهي سگهون ٿا.

وفا جا جزيرا اورانگهي وياسين،
۽ صحرا سِڪ جا به جهاڳي وياسين،
پٿون پير ٿي پيا، تڏهن به هلياسين،
محبت جي منزل ڏي رڙهندا وياسين،
اهي قرب تنهنجا سهي ڀي وڃون پر،
دغا جا هي ديرا نه ڳاهي سگهون ٿا.

نگاهن ۾ توکي سمائي صدين کان،
گلابن ۾ هر هر لڪائي ڇڏيون ٿا،
حياتي سموري کي گروي رکي هت،
اسين درد جا ڊوز کائي ڇڏيون ٿا،
جت پاڻ ’صحبت‘ هئا سجده ڪياسين،
اها من جي مسجد نه ڊاهي سگهون ٿا.

سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي
سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي

سـڀـاڻـي ڪـنـهـن ڏٺـي آهـي،
اٿـئـي اچـڻـو تـــــه اچ هــاڻــي،
مــتـان مــنـهـنـجــي قـبـر تــــي پــــو،
تــــوکـي اچــڻـو پــوي *ڇــاڻــي.

اوهــــان جـــي يـــاد ايــنــدي آ،
جــڏهــن ڀــي رات ٿــيــنــدي آ،
ائــيــن ٿــا نــيــڻ هــي بــرســن،
جــيـئن بــرســات ٿـيـنـدي آ،
کــڻـي واپــس وري وڃــجــان،
گـهــڙي کــن رونــقــون آڻــي.
اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

تــنـهـنـجـي ڪــائـي خـبـر نــاهـي،
تــنـهـنـجـي پــاڙي گــذر نــاهـي،
نــه ئــي ڪــو ڏس پــتـو آهــي،
کــٽـو ڪــاٿـي ســفر نــاهـي،
اســان جــو روح ٿــو هــر هــر،
مــٺـي تــوڏي پــيـو تـــاڻـي.
اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

جــڏهـن تــوکـان پــري ٿــيـنـدس،
قــسـم تــنـهـنـجـو مـــري ويــنـدس،
پـئـي دُنــيـا پــڪـاريــنـدي،
مــگـر تــوڏي وري ايــنـديـس،
هــجـي پــل دار تــي ســرڙو،
هــجـي گــردن ڀــلـي گـهــاڻـي.
اٿـــئــي اچــڻــو ته اچ هـــاڻـــي.

* ڇاڻو (شاعر جي ڳوٺ جو نالو (ڇاڻو شاهه آباد)
بلوچ صحبت علي 
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

غزل

نه ڪا چاندني آ، اسان جي نگر ۾،
نه ئي روشني آ، اسان جي نگر ۾.

هي ويران ڳليون، اسان جي شهر جون،
نه ڪا زندگي آ، اسان جي نگر ۾ .

اداسي اسان جي اندر ۾ آ ڇا جي،
نه ڪا شاعري آ، اسان جي نگر ۾.

ها ڀٽڪي ويا هون وفائن کي ڳولهي،
نه ڪا رهبري آ، اسان جي نگر ۾.

عبادت امن جي ڪيون ٿا گهرن ۾،
نه ڪا دشمني آ، اسان جي نگر ۾.

بلوچ صحبت علي 
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

غزل

تنهنجا نيڻ ڪٽورا ساجن،
منهنجو من آ صحرا صحرا.

ڏات اسان جي ڏاڍي اوکي،
زخم اسان جا گهرا گهرا.

پورن ماسي ۾ ڪيئن ملبو،
چنڊ جا توتي پهرا پهرا.

موئن جا آثار لڳن ٿا،
مسڪينن جا چهرا چهرا.

سُتل سور جاڳائي ويڙا،
ڪنهن جي بين جا لهرا لهرا

تون ته هئين نازن جي پاليل،
برهه ۾ پنهنجا بهرا بهرا.

هڪڙي ڊگهيءَ جاڳ پڄاڻان،
نيڻ هي ”صحبت“ ڳهرا ڳهرا

بلوچ صحبت علي 

https://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=838#43869

 

Saturday, August 8, 2020

لطيفي لات : پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي لَڳو ڪِنءَ لَطِيفُ چَي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ پِرِين ڏَيکارَي پاڻُ، خوشِ ڪَرَي وِئا خُوابَ ۾

 


لطيفي لات :


پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي

لَڳو ڪِنءَ لَطِيفُ چَي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ

پِرِين ڏَيکارَي پاڻُ، خوشِ ڪَرَي وِئا خُوابَ ۾


سُرُ بَرِ وو سِنڌِي


پَرَ وَسِ = پرائي وس، ٻئي جي هَٿِ

ٿِيُمِ = ٿيو

پِراڻُ = ساھ, دل

ڪِنءَ = ڪيئن

ڇَپَرُ = جبل، جبل جيڏو غم

ڇاتِيءَ ساڻُ = ڇاتيءَ تي برداشت ڪيو ويٺي آهيان

وِئا = ويا


بيت جو پس منظر


~ هي ساھ ۽ دل پرائي وس آهي، پرين بہ منهنجي وس ۾ ناهي.

~ هي جبل منهنجي ڇاتيءَ مٿان ڪيئن اچي ڪريو آهي.

~ محبوب پاڻ ڏيکاري خواب ۾، خوش ڪري هليا ويا.


سمجهاڻي


هي دل جون ڪيفيتون بہ عجيب آهن، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾. هونئن هجڻ ايئين گهرجي ها تہ دل ماڻهونءَ جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ هجي ها پر هتي ڳالھ ابتي آهي.

دل ۽ ساھ ماڻهونءَ جَي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ نہ پر ماڻهو پاڻ هنن ٻنهي جَي اڳيان بيوس، لاچار ۽ مجبور آهي. وري مٿان ظلم اهيو آهي تہ پرين بہ پنهنجي وسَ ۽ مرضيءَ جا مالڪ آهن.

سڄي دنيا جا ظلم، ستم، ڏاڍ ۽ جبر تہ ماڻهون سهي ويندو پر محبوب جَي جدائيءَ جو جبل جيڏو غم برداشت ٿي سگهي سو ممڪن ئي ناهي.

هر ڏينهن هر رات ۽ هر پل محبوب جون راهون تڪيندي، اوجاڳا ۽ انتظار ڪندي گذري ٿو. پر هن سڪ جي سڪايل دل کي محبوب ملي سو مشڪل آهي.

پرين تہ ڪڏهن ڪڏهن اوجاڳيل اکين ۾ خواب بڻجي گهڙي پل لاءِ پاڻ پسائن ٿا ۽ خوش سمجهي هليا وڃن ٿا.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

8 آگسٽ تي علي بابا جي چوٿين ورسي آهي ورسي مناسبت سان ھي مقالو پيش ڪجي ٿو اي سنڌ جا علي! مير سردار چنڙ

 


8 آگسٽ تي علي بابا جي چوٿين ورسي آهي 

ورسي مناسبت سان ھي مقالو پيش ڪجي ٿو

اي سنڌ جا علي!


مير سردار چنڙ 


سنڌ ۾ ادبي هيرن جي ڪا کوٽ ناهي سنڌ ۾ سوين ستار اڀريل آهن اڄ به جڳمڳ آهن جن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي انهن مان سنڌوءُ جو سڪيلڌو علي پڻ هڪ آهي . علي بابا 1945ع ڌاري نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ) ۾  محمد رمضان رند جي گھر جنم ورتو سندس نالو علي محمد رکيو ويو ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي علي بابا جي روپ ۾ عالمي  ليول تي ڪهاڻيڪار ٿي سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو .

علي بابا جا وڏا اصل بلوچستان جا  هئا جيڪي بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهائش پذير ٿيا  علي بابا جو  پيءُ محمد رمضان بلوچ ريلوي ۾ شنٽنگ  پائلٽ هو جيڪو  ڪوٽڙي لڏي آيو عليءَ پرائمري تعليم  نانگو لائن ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ شيردل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي جڏهن ميٽرڪ جا امتحان ٿي رهيا هئا ته عليءَ هڪ ڇوڪري کي ڀوندو (بجو) ڏنو ته کيس هڪ استاد امتحان سينٽر مان ڪڍي ڇڏيو پوءِ وري هن اسڪول جو منهن نه ڏٺو ۽ ميٽرڪ ۾ فيل ٿي پيو.

علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرٿي ٿيو جتي ست سال نوڪري ڪيائين بعد ۾ ڪپڙي جي مل ۾ اسٽنٽ ميئنيجر طور ڪم ڪيائين  1965ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيائين .

علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو هئائين جنهن جو ذڪر ”سنڌ باد جوسفر“ ۾ ڪندي چوي ٿو ته  مون تمام  ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ان وهيءَ ۾ مون اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئي هئس.

اهڙي طرح علي ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو لاڳاتار سلسلو هلائيندي 1965ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي ميگزين ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي ۽ رسالي جي آخر تائين شايع ٿيندو رهيو

علي بابا پنهنجي قلم کي سچي ۽ نيڪ نيتي سان هلايو هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو هن سدائين سخت پورهيئي سان لکيو نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو سنڌو درياءُ ڪارونجھر جبل ٻيڙي مهاڻا ۽ تاريخ هئي

علي بابا جو هڪ عظيم خواب هو ته سنڌو درياءُ کي ماضي  واري موجن ۾ ڏسان ان جي چوڌاري وڻ ٻيلا  ڏسان سنڌ ۾ پاڪ پويتر پاڻي ڏسان نه ڪي  پنجاب جي فيڪٽرين جو  ڪيميائي پاڻي ۽ سکر حيدرآباد تائين جي گٽرن جو پاڻي ڏسان علي بابا سنڌو کي ٻيهر موجن ۾ ڏسڻ چاهي پيو .

علي پنهنجي جيون ۾ 300 کان مٿي ڪهاڻيون ريڊيو  ڊارما لکيا علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضع هئا هن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺ تي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين  جي زندگين جا داستان سنڌو درياءُ رني ڪوٽ ڪارونجھر جبل جا عڪس پسمنظر موجود آهن علي بابا جي ڪهاڻي جي موضوع حوالي سان مدد علي سنڌي پنهنجي مضمون ” ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي “ ۾ لکي ٿو ته ”علي بابا جڏهن ڪهاڻيون لکڻ  شروع ڪيون تڏهن سنڌي ڪهاڻي جو اهم دور هو پر اسان جي ليکڪن جي ڪهاڻين جا گھڻو ڪري موضوع وڏيري ۽ هاري تائين محدود هوندا هئا جيتوڻيڪ حفيظ شيخ حميد سنڌي غلام نبي مغل نسيم کرل نوان موضوع آندا هئا پر علي بابا اهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن سڀ کان پهرين قومي ڪهاڻين جو آغاز ڪيو اها ڳاله 1960ع جي آهي .

علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو هر وقت پيو لکندو هو سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي شاعراڻي ڪهاڻي جو فن به علي بابا لکڻ ڄاڻي سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي اهن گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ طرف چڪڻ ڄاڻيندا آهن ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن سنڌو کان ويندي ڪارونجهر ڪينجھر رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصلي حيثيت سان ڏيکاريو آهي علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان  آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيو سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن علي بابا ، چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي ، اسان ماڻهو ، علي بابا جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا پي ٽي وي تي ڪيترائي ڊارما لکيا  100 کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجهه دياهه ۽ ٻيا مشهور  ٿيا 

دنگي منجهه درياءُ

دُنگي منجهه درياءُ علي بابا جو هيءُ  هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙ کي ڏندين اڱريون وجهي ڇڏيون هيون سڀ ان ڳالهه تي حيران هئا ته علي بابا سنڌي ادب ۾ اهڙو ڊارمو ڪيئن  سرجي سگھي ٿو 1976ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ شهر جي عالمي  ميلي  ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي 79 ملڪن حصو ورتو هو ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو هن ڊارمي ۾ سنڌو درياءُ جي جي جيون کي شاندار نموني سان پيش ڪيو ويو هو مهاڻن جي زندگي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ٻولي تي اعلي طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي هن ڊارمي ۾ ٻولي جي حوالي سان به بهترين ڪيو آ سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀايو ٺيٺ سنڌي استمعال ڪئي آهي پهاڪا پن شامل آهن هن ڊارمي جا ٽي مرڪزي ڪردار شامل آهن ڍانڍي (مڙس)  ڏاڻو  (زال)  ساماڻو (پٽ ) علي بابا ٽنهي سان برابر انصاف ڪيو آهي انهن ٽنهي مان ڌاڻو  تيز عورت جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊارمي جو ڪجه منظر هيٺ پيش ڪجن ٿا

”ڍانڍي ڄار سولو ڪري سرهه سڌو ڪري ٿو. ٻيڙِ درياهه ۾ چير وجھندي،هوائن جي زور تي ڪنهن طرف وڌندي ٿي نظر اچي ڪئمرا ڌاڻو کي ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ليٽنڊي ٿي ڏيکاري اوچتو ڌاڻو جو پٽُ ننڊ مان ڇرڪ ڀري روئڻ ٿو لڳي .

ٻار : آن آن....موندو ڦوتنو....  آن... آن... آن.... مونديو ڦتو

(هيج مان)

ڌاڻو : الي الي توندو ڦوتنو خواب لڌو اٿئي ماٿلي ڪري س،هي پئُه لطيف جو آيو ڪيِن آيو پوءِ پانجي پت کي گالو گالو ڦوتنو وٿي ڏينديس ۽ رنگ برنگي ڳانو ڳچيءَ ۾ پائيندين نه. هان وٺ ويبي“

***

”؟ڍانڍي : رن، منڇر مان لڏيئي، ڪينجهر مان لڏايئي، هاڻ درياهه شاهه تان به ٿي تڙائين ڇا؟

ڌاڻو : ڇو، وات ڇو بند ڪريان ؟ درياهه بادشاهه جي دُن ۾ ايتريوم مڇيون به ڪون هونديون جيتريون منهنجي پيٽ ۾ گاريون_ او....  ڪوٽڙي واري پل تان بيهنديساءِ

(منشي کي نهاري نماڻيءَ مان)

ڍانڍي : صائين، دل ۾ مَ ڪجان هيءَ ٿوري واترادي آهي

(ڪجهه جھيڻو ٻوليندي ٿهمَر سان)

ڌاڻو : ڇو ؟ آئون وڏي واترادي آهيان ڏيڍ هزار گاريون برزبان ياد اٿم .

هي سين نمبر ون 1 مان ڪجهه ڊائلاگ کنيل آهن“

علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدابهار گيت لکيو جيڪو جيڪي زرينه بلوچ جي آواز  ۾ رڪارڊ ڪرايو جهڙو سدابهار گيت تهڙو ئي سدا بهار آواز هو هي گيت درياه جي درد تي سمايل گيت آهي جنهن ۾ علي درياهه جو درد پيش ڪري ٿو جنهن جو سٽون هن ريت آهن

اسين ماڻهو لاڙ جا

درياهه جي پڇاڙ جا

اُترڙو ٿو لڳي

اُترڙو ٿو لڳي الا

واسڙو لڳي

جھڙيل جھوپڙا پنهنجا

هانوَ به هڄيل پنهنجا

تو بن منهنجو ڙي راڻل

روحَڙو نه لڳي

اسين ماڻهو لاڙ جا

درياهه جي پڇاڙ جا

اُترڙو ٿو لڳي


تو سين منهنجا جھيڙا

توسين منهنجا ميڙا

توکي ڏسيو ڙي راڻل

ساهڙو ٿو کڄي

ساهڙو ٿو کڄي ڙي الا

اسين ماڻهو لاڙ جا


سنڌ باد جو سفر

علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي هن ناول جي اها خوبي آهي ته علي بابا هن ناول ۾ ڪٿي به رت ناهي وهايو هن ناول اندر سنڌباد نالي هڪ ڇوڪري کي سنڌ ملڪ جي سيلاني (سفير) طور پيش ڪيو آهي جيڪو ٻيڙي ذريعي درياءُ بادشاه جو سير ڪري ٿو هن ناول ۾ ۾ درياءُ ۽ ڪارونجهر جي ڪور جي آسپاس جا ڪجهه منظر پيش آهن ناول ۾ موجود سڀ ڪردار گوڪل گوڪان هوٿل پري ديو ۽ مهاڻو هن سڀني ڪردارن سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ لکيا آهن جيتوڻيڪ هي ناول اڻپورو هوندي به اڻپورت  جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي علي بابا جي هن ناول ۾ علي بابا جو قلم ڪٿي ڪٿي وزنائتا لفظ کڻي آيو آهي ته ڪٿي تمام سادا سولا لفظ لکيا آهن ڪاش اڄ علي بابا زنده هجي هان ته اسان کي هن ناول جو ٻيو حصو به پڙهڻ لاءِ ملي هان.

علي بابا ڏک وچان مهاڳ ۾ لکي ٿو ته : ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته آئون ان تي آزاد ٿي لکان هان ۽ آرٽسٽ کان پنهنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺهرائي ناول “ سهڻي نموني ڏيان هان ته ناول وڏيڪ اثرائتو ٿئي هان.

موهن جو دڙو

علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي علي بابا جو هي ناول موهن جو دڙو تمام سٺي حيثيت رکندڙ ناول آهي هن ناول ۾ به علي بابا سٺو نڀايو آهي هن ناول شاهڪار ناول 2 حصن ۾ اچڻو هو پر 2 حصو اڌورو رهجي ويو ۽ علي به ڪوهين ڏور هليو ويو باقي پهرين حصي جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن.

هن ناول جون ڪجهه قسطون 1968ع واري دور ۾  حميد سنڌي جي ميگزين ” روح رهاڻ “ جي آخري پرچن ۾ شايع ٿيون هيون ”روح رهاڻ“ تي بندش کان پوءِ بقايا  قسطون شمشير الحيدري جي ميگزين ” نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيون  هن ناول بابت مدد علي سنڏي لکي ٿو ته ” تمام گھٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته جڏهن علي بابا پنهنجو اهو شاندار ناول لکي رهيو هو ته ان وقت هن اکين سان موهن جو دڙو گھمي به نه ڏٺو هو . پر هن ناول ۾ جيڪا هن منظر ڪشي ڪئي آهي يا هن ۾ مطالعي ۽ ابزرويشن جو جيترو تعلق آهي اهو سندس اعليٰ ذهن جو اظهار آهي ”سنبارا“ لفظ به اسان علي بابا جي واتان ٻڌي ۽ ناول ۾ پڙهي پوءِ واقف ٿياسين“

مدد علي سنڌي جي هن راءِ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهو ٿس ته علي بابا ڪيترو نه ذهين هو هن پورو تجربو مشاهدو گھر ويٺي ڪتابن مان ڪيو ۽ اهڙو شاندار ناول لکي تاريخ رقم ڪيائين .

علي بابا 1983ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ڪرايو ان کان علاوه 1984ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا 1990ع ۾ موهن جو دڙو ناول 1993سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ 1996 ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا. 

علي بابا کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا تي سگا سنڌ هڪ هزار روڪ ۽ ايوارڊ ڏنو  سنڌ الاجي پاران ساڳي ئي ڪتاب تي ايوارڊ سان نوازيو  شاهه لطيف ڊوامئٽڪ سوسائٽي پاران گولڊ ۽ حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو 

سنڌو جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار  8 آگسٽ 2016 سومر جي ڏينهن 71 سال 7 مهينا گذاري هميشه لاءِ  سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو   علي بابا جي وفات کان پوءِ  سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽري جو نالو مٽائي علي بابا گورنميٽ ڪاليج رکيو ويو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا  افسوس! اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇو هان ته شايد علي اسان کي گھڻو ڪجهه اڃا ڏئي وڃي هان پر ڏئي به ڇو  هان ؟ جيڪو علي بابا اسان کي ڏئي ويو ان بدلي ۾ کيس اسان ڇا ڏنو آهي ؟ دُنگي مجهه درياهه  جهڙو ڊرامو  يا موهن جو دڙو جهڙو ناول ڪنهن ٻئي ادب اردو يا انگلش ۾ لکجي ها ته ان ليکڪ کي  ڇا ڇا ملي ها توهان سوچي به نٿا سگو پر هن ليکڪ کي ايترا پئسا نه مليا جو هو پنهنجي مرضي مطابق هڪ ڪتاب ڇپرائي سگهي   بس هن جو ڏوهه اهو هو ته هي هڪ غريب سنڌي هو ۽ ڪنهن ادبي ٽولي جو ساٿي نه هو نه وٽس ڪو عهدو هو . علي اسان جي دل ۾ اڄ اسان جي دلين ۾ ميسارجڻ لڳو آ.

احمد شاڪر مضمون ”سنڌوءُ جي سير ۽ علي بابا“ ۾ لکي ٿو ته 

جيئن سنڌ ۽ سنڌو علي کان دور ٿيند ا پيا وڃن ايئن علي اسان توهان کان دور ٿيندو پيو وڃي _ اسان جڏهن ابتا پيرا کڻنداسين ته علي اسان کان نه پر اسان علي کان ڏور ٿي پيا وڃون  . آئون علي بابا جي نانءُ هي سٽون ڪندس

ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون 

ملني ڪي نهين ناياب هم 

تعبير هي جس ڪي حسرتون و غم 

اي هم نفس وه خواب هي هم 


  حوالا 

هڪ نظر هيڏانهن به : احمد شاڪر 

موهن جو دڙو : علي بابا

سنڌ باد جو سفر : علي بابا

سنڌي ادب : يوسف سنڌي 

ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي : مدد علي سنڌي

ڪڪرن ۽ درياءِ جي ديس جو فرق خالد ڪنڀار


 ڪڪرن ۽ درياءِ جي ديس جو فرق

 
خالد ڪنڀار
انهي ڏينهن هو ڊگهي کجي جي وڻ هيٺان بيٺو هو. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر هلي رهيا هئا. اتي ئي پاسي ۾ هن جي کجي جي چاڙهي جي چيل ۾ چمند ٻڌ پيو هو. اهو چاڙهو کجي تي چڙهڻ لاءِ واجهائي رهيو هو. انهي چاڙهي جون اکيون وري کجي جي چوٽي ۾ بيٺل پڪل کجين جي جهڳٽي ۾ هيون. هو چاڙهي مان اکيون ڪڍي هر  هر آسمان جي ڪارن ڪڪرن ۾ گهوري رهيو هو . هڪ نظر ڪارن ڪڪرن ۾ هئس تـ ٻي نظر وري چيل ۾ چمند ٻڌي بيٺل چاڙهي ۾ هئي. هن جون اکيون آسمان ۾ ڪارن ڪڪرن جي وچيان سج جي ٻرندڙ گولي کي ڳولي رهيون هيون. هن جي دل چاهيو پئي تـ ڪٿان نـ ڪٿان ڪري سج نڪري اچي ۽ ڪڪر ڪنهن ٻي ديس ڏانهن هليا وڃن. منهنجي دل چاهيو پئي تـ هي دل ئي دل ۾ دعاءِ گهري تـ ڪڪر ٿر هليا وڃن .هن جي انهي کجين جي باغ ۾ زمين کجين سان پيلي لڳي پئي هئي. هڪ هڪ کجي جي داڻي ۾ هن جو پوري  سال جو انتظار پيو هو.هلڪڙي هلڪي برسات جو ڦوهارو هن کي سال پٺتي ڌڪي سگهيو ٿي.انهي مهل اسين ٻئي هڪ ٻي جي ايترو ويجهو هوندي بـ ڪيترو نـ پرتي هئاسين.
جيڏي مهل هن چاڙهي ۽ ڪڪرن مان اک ڪڍي مون ڏانهن ڏٺو تـ آئون انهي مهل تصور ۾ ڪنهن ڀٽ تي ويٺو هئس. منهنجون اکيون  آسمان ۾ ڪڪر ڳولي رهيون هيون.منهنجون اکيون هڪڙي ٿرئي جون اکيون هيون جيڪي ڪڪرن جو انتظار ڪنديون آهن. هن جون اکيون وري اتر سنڌ ۾ درياءِ جي ڪناري تي ويٺل هڪڙي درياءِ جي ماڻهو جون اکيون هيون. اسان ٻنهي جي اکين ۾ اهو فرق هو .هن جون اکيون وهندڙ پاڻي ڏسي خوش ٿينديون آهن.دل خوشي مان ڌڙڪندي آهي منهنجون اکيون وري ڪارا ڪڪر ۽ جهڙ ڏسي خوش ٿينديون آهن . جنهن مهل اسان جون اکيون هڪ ٻي سان ڳالهائي رهيو هيون تـ هن جون اکيون صاف اڇيون ۽ منهنجون اکيون ڪارن ڪڪرن سان ڀريل هيون. انهي مهل منهنجي ذهن ۾ اسان ٻنهي جي اکين جو فرق ڏسي اهو ململ جو اڇو پٽڪو ٻڌي هلندڙ وڏين اکين وارو ٿريو ياد اچي ويو جيڪو سدائين بئراج کي درياءِ جو ديس ۽ ڀٽن کي ڪڪرن جو ديس سڏيندو هو. هن کي خبر هئي تـ ڪڪر ۽ درياءِ جي ديس جو اهو فرق فطري هو.جيڪو هميشـ رهڻو هو.
انهي ئي مهل منهنجي اکين اڳيان سائين ابراهيم کرل جي ناول ”کجين جي ديس جا ماڻهو“  جا ڪردار هڪ هڪ ٿي اکين اڳيان ڦرڻ لڳا ۽ انهن ڪردارن جون ڪيفيتون مونکي محسوس ٿيڻ لڳيون. انهي ناول کي پڙهي ئي اتر سنڌ جي هن موسم ۾ ڊگهين کجين کي سمجهي سگهجي ٿو . جنهن ۾ کجي جو وڻ لڳائڻ کان وٺي فصل لهڻ تائين سڀني مرحلن تي تفصيل سان لکيل آهي. کجين کي نر ڪيئن ڏجي چاڙهو کجي تي ڪيئن چڙهندو آهي. کجي تي بيٺي بيٺي اتي ئي چاڙهو پاڻي ڪيئن پيئندو آهي. اصيل ۽ ڪربلائي کجي کان ويندي کجي جي سڀني قسمن جا تفصيل هن ناول ۾ آهن. ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۽ بلوچستان کان ايندڙ مزدورن جو ذڪر به آهي جڏهن اهي مزدور ايندا آهن ته سرن جا ڪانا ٺڪا ڏئي ڪيئن ٽٽي پوندا آهن.وڏا وڏا ساه کڄندا آهن. ڪنن جي پاپڙين جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي.نئيون محبتون کجين جي باغن ۾ کجين جيئان پچنديون آهن .هن ناول ۾ وچ وچ ۾ سنڌي چوڻي جو استعمال به سائين ڪريو وڃي. منڊي ۽ دلال وارو سڄو پاسو به هن ناول ۾ آهي. هن ناول جا بادشاهزادي جهڙا ڪردار واقعي واڻين کي سچا پچا دلال ڪريو ڇڏين . انهي ناول جا ڪي ڪي جملا تـ اهڙا آهن ”
غيرت ۽ عزت کجي جي فصل جيئا ن ننگي ٿيندي آهي
کجيون به ڌئيرن وانگر سامائبيون آهن
هر ماءِ ڌيءِ جي اولاد کانسواءِ اڪيلي هوندي آهي
ڌئيرون به کجين جون جهتون آهن جيڪي ماءِ کان جدا ٿي نئين زمين ۾ وڌنديون آهن ۽ زمينون آباد ڪنديون آهن
کجين کي به جگر ٿين بابا
چاڙهو اهو ڀلو جيڪو کجي جي نبض تي هٿ رکيو اچي.
کجي کي نر هميشه سج نڪرڻ کان پوءِ ڏنو ويندو آهي.
جيڪا نر جو واس ئي نه وٺندي ته ڦر ڪيئن ڏيندي
هن ڀاڪر ۾ ڀري زور ڏنو ته لعل چيس سوٽ آهيان نه ڇڏ
گندي هڪ ٽنگ گهڻا ان بچي ته ڪيئن بچي
اونهي چله جي باهي ناهي اپڻندي
جنهن کي کجين جي ديس جي محبتن ۽ کجين کي سمجهڻون آهي انهي کي اهو ناول ضرور پڙهڻ کپجي. تڏهن ئي ڊگهن وڻن ۽ ڊگهڻ وڻن جي ديس جي ماڻهن سان ڪيل محبت سمجه ۾ ايندي . رات جي اونده ۾ پڙ ڏانهن وڌندڙ وکون ۽ اوچتو ڪنهن جي لوڙهي ڏانهن محبت مان کڄندڙ اکيون هن ناول ۾ آهن .
..
خير هن وقت هڪڙي پاسي کجين جي ديس خيرپور جا ماڻهو برسات جي ڇنڊ نـ ڪرڻ لئـ دعاءِ پيا گهرن تـ ٻي پاسي ٿر جي ڀٽن تي وري برسات ۽ ڪارن ڪڪرن جو انتظار ٿي رهيو آهي. ٻنهي جون اکيون آسمان ۾ آهن. اتر سنڌ ۾ برساتن ۽ واپارين جي ڪري کجين جي فصل ۾ هتان جي آبادگارن جي دل ڀڳي پئي آهي. اڄ بـ الاهي ڪيترن ڏينهن کان خيرپور جي کجور منڊي  واپاري قتل ٿي وڃڻ جي ڪري بند آهي ۽ آبادگار ڀوڳي رهيا آهن.
ٻي پاسي گذريل هڪ ٻن ڏهاڪن کان ٿر ۾ آيل سياسي سماجي ۽ انفراسٽرڪچر جي تبديل ٿر جي سڄي نفسيات ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي. اڳي ٿر ۾ مينهن پوندا هئا تـ ماڻهو واٽهڙن کان پڇندو هو ڏي خبر تنهنجي پاسي جي برسات ڪيئن آهي . تڏهن واٽهڙو هڪڙي پير تي بيه ٻيو پير پنهنجي ٽنگ تي رکي لٺ جي ٽيڪ تي چهرو آڻي چوندو هو اسان جي ڳوٺ جي ترائي ۾ هيترن ڏينهن يا مهينن جو پاڻي آهي. هاڻ تـ هتان ڇنڊ ڪري ٿي هتان ٽانڪين ۽ پکالن سان وڏيون وڏيون ترايون هڪ هڪ ڏينهن ۾ پوريون ٿيو وڃن پاڻي وڃي گهرن جي ٽانڪن ۾ گڏ ٿئي ٿو. گهڻا ماڻهو تـ گهر جي اڱڻ جو پاڻي ترائي تائين پهچڻ ئي نٿا ڏين . اتي ئي ٽانڪو ٺهيو پيو آهي. پرسات جي ٻي ڏينهن ئي سيم ۾ ايترو پاڻي نٿو بچي جو کڻي ڪو پکي چهنب ٻوڙي يا کڻي ڪو جهنگلي جانور پنهنجا اوسا چپ پلر سان پسائي.” پلر تـ اسان جي ٻڪن مان ئي ڪري ويو آهي“. جهنگلي جيوت تـ اڃي جي اڃي آهي پوءِ چونٿا تـ مور ٿا مرن ڳيرا ٿا مرن رڙو رڙ . ٿر هاڻ صابرين ٿر ناهي رڙيون ڪندڙ ٿر آهي. ڪيهو ڪيه آهي. ٻي پاسي ٿرين ۾ هٻڇ بـ ايتري اچي پئي آهي جو . هوڏانهن ڇنڊ ڪري هوڏانهن ڪهاڙي جو ڌڪ سڌو وڻ ۾ هر سال الاهي ڪيتري زمين پوکڻ لاءِ وڌائيندا رهن ٿا. حالت اها آهي جو گذريل ڏهاڪي کان تـ ٿر ۾ ڀٽن پوکڻ جو رواج بـ وڌيو آهي. اوهان کي ننگر ويندي رستي تي ڪيتريون ئي ڀٽون پوکيل ملنديون. سو هڪڙو وڻ تـ ڪوئلي وارن ناهن ڇڏيا ٻيا ٿرين پاڻ وڍي پٽ ڪيا آهن. هجڻ تـ هيئن گهرجي جو هن موسم ۾ ٿر ۾ وڻ لڳايا وڃن. ٿر جا ڪيترائي وڻ آهن جيڪي هڪڙي برسات تي ٿي سگهن ٿا. جنهن ۾ ٿوهر گگر سرنگهو پر لڳائڻ جو رواج ٿر ۾ آهي ڪونـ وڍڻ جو رواج وڏو آهي. هي موسم وڻ وڍجڻ جي موسم آهي . هي ئي اها موسم آهي جنهن ۾ ٿر ۾ ٻنين جي سيڙهن ۽ سنڌن تان وڌ ۾ وڌ جهيڙا ٿيندا آهن . وڪيلن جي ڪمائي جي سيزن آهي . ٿر ۾ مسلسل ميڊيا ۽ اين جي او هڪڙو اهڙو ٿر گڏيل طور تي متعارف ڪرايو آهي. جنهن تعارف ٿر جي سموري جي سموري نفسيات تبديل ڪري ڇڏي آهي. شايد هي اهو ٿر ناهي جيڪو سوشل ميڊيا ۽ دڪاندار اين جي اوز کان اڳ ۾ هو . هي شايد ڪو ٻيو ٿر آهي. اسان کي اها ڳالهـ مڃڻي پوندي تـ اسان پنهنجو ٿر وڃائي چڪا آهيون. ۽ اهو ٿر اسان کي هاڻ وري ڪڏهن بـ ڪونـ ملندو. اهو ٿر ڏسڻ لاءِ هاڻ اکيون ۽ دل سڪي وئي آهي. انهي تي وري ڪو اينٿرو پالاجي جو ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو . يا ڪٿي اهين تـ ڪونهي دنيا جي سڀني صحرائن  جي ماڻهن جي نفسيات اها ئي هوندي آهي. ٿر ۾ وڌندڙ ذات برادري واري نفسيات مذهب واري نفسيات ڪٿان آئي آهي. هي اهو ٿر ناهي جيڪو ڪتابن ۾ لکيل آهي. هن ٿر کي وري ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي .


وائي لوڪ هٿن ۾ ڀالا، نيڻ رهيا هي آلا ماٺ ۾ سور پچايا مون، محبوب ڦل

 

وائي           

لوڪ  هٿن  ۾  ڀالا،
                           نيڻ رهيا هي آلا
ماٺ ۾ سور پچايا مون،
ھاء  چپن  تي  تالا
                           نيڻ رهيا هي آلا
عشق جو هي ثمر آھي،
پير  پٿون ۽ ڇالا
                           نيڻ رهيا هي آلا
رات سان جهيڙيان ويٺو،
ٿيندا   نيٺ  اجالا
                            نيڻ رهيا هي آلا
درد جو سمنڊ ڇلي پئٿو،
هر پل هيء جهڙالا
                             نيڻ رهيا هي آلا
مولا،  سنڌ،  سکي،  آدم،
منهنجي عشق جا نالا
                            نيڻ رهيا هي آلا

محبوب ڦل

وڃايل وقت جون چٿرون امداد سهتو

 

وڃايل وقت جون چٿرون

ٽنگين ٿيون روز سوليءَ تي

اڌوري عشق جو عالم

انڌي ڏي چنڊ جو تصور

اسانجي خيال جي دنيا

چڙهيل جيئن ديڳ ڪا دم تي

جيئڻ جو ڍنگ ڳولهيندي

ٿيون ٿا سمنڊ ۽ صحرا

لڳون ٿا حق بخشايل

پيا هون قيد قُلفن ۾

حياتي هول* جو ماتم

اسان تنها ڪيو آهي

کڻي ڪو خوف جنمن کان

لڳون ٿا بت ڪو مقدس

حياتي هي ڀلا ڇاهي؟

پڇاڻو ننڊ تائين آ

اسان کان حال ڪيو هر هر

جنوني جوش کي روڪي

لتاڙي آس ٻِيڙي جيئن

صدين جي بي سڪوني کي

ڪٽيون ٿا ٽهڪ ڏيئي جاڙا

اجايون حاصلاتون سڀ

بنا تو ڪم ڪهڙي جون

ٽنگين ٿيون روز سوليءَ تي

وڃايل وقت جون چٿرون!!

وڃايل وقت جون چٿرون!!


ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

*نفسا نفسي...


امداد سهتو

غزل شاعــري آ شينهن جي سـواري جِيان! بيوس سجاد گاڏهي

 


غزل

شاعــري  آ  شينهن  جي  سـواري جِيان! 
ڪـي   پٽاٽا   تـــــورڻـا   نــاهــن  مِيان! 

ڪيتريون بُوندون اچن ٿيون ڊوڙنديون 
بادلـــن  کـي  جـيئن  ٿـــو  ڌُوڻـو  ڏِيان! 

اُڀّ تـي  آهي  ٽنگيل  ڪنهن  وقت کان 
چنڊ  جـو  اڄ  مان  رسو  ٿـو  ڇوڙِيان! 

ڀـل  وسامي  دِيپ،  منهنجي  ديـد  جو  
سـونهن  آڏو  مان  اگـر  وحـشي  ٿِيان! 

ساھ  ٿــڌڙا  هئا  فــرشـتن  پئي  ڀــريا 
جـيئن  جـانـا  جي  انگِي  پيو  کوليان!

ڏات   آ   ”سجــّاد“   هـي  عــزّت  ڏنــي 
جاتي  ڪاٿي  منهنجي ٿئي  ٿي  آجِيان!

بيوس سجاد گاڏهي

Tuesday, August 4, 2020

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس يوسف جميل لغاري



وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس…!
يوسف جميل لغاري
حضرت انسان پاڻ سان گڏ زندگي جا هزارين روپ ۽ رنگ ڍنگ به کڻي هلندو آهي. ڪجھ ماڻهو دردن کان آشنا ٿيندي ئي انهن کي پنهنجي جهولي ۾ ڀرڻ کان انڪاري ٿي پوندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي قدر ۽ قيمت بنھ ٿوري وڃي بچندي آهي. انهي جي ڀيٽ ۾ وري شاعر دردن کي دل سان قبولي انهن جي آجيان ڪندا آهن.

دردن کي پنهنجو ساٿي سمجهي ڪري انهن سان ناتو جوڙي وٺندا آهن. هر هڪ تخلقڪار وٽ دردن جي هڪ وڏي کاڻ سندس من اندر موجود هوندو آهي. دردن کي پنهنجي ميراث سمجهندي انهن کي ڪنهن ٻي در ڦٽو نه ڪندو آهي. عام رواجي ماڻهو دردن کان پري ڀڄڻ جي ڪندا آهن ۽ هن ڪيفيت کي ازيت پسند سمجهندا آهن.

پيڙاھ واري ڪيفيت سان هم ڪلام ٿيڻ کان پوءِ انهي ساڳي پيڙاھ کي لفظن جو هڪ نئو روپ ڏئي ڪري دنيا آڏو پيش ڪندا آهن ته جئين ٻيا انهن مان تجربو حاصل ڪري سگهن ۽ زندگي جي اڍنگي رويي تي ناراض نه ٿين ڇو ته ڏک، سک، نراسائي توڙي مايوسي هر جڳھ تي ساڳي روپ ۽ انداز ۾ موجود هوندا آهن. انهن کان ڪن لاٽار ڪرڻ مطلب پنهنجي پاڻ کان پنهنجو پاڻ کي پري ڪرڻ برابر آهي.

غلام حيدر گهايل لغاري ۽ زين کوسو طرفان مرتب ڪيل شاعري جو مجموعو وڻ وڻ منهنجان واس گذريل سال جي آخري مهيني ۾ ڇپائي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ اُهي صنوبر جا وڻ شامل آهن جن جي تخيل جي پنهنجي هڪ الڳ خوشبو آهي. پنهنجي هڪ الڳ اهميت آهي. هن وقت پوري سنڌ اندر گڏيل شاعرن جا مجموعا ڇپجي ڪري سامهون اچن پيا جيڪو پڻ سٺو ۽ ڪارائتو عمل آهي.

ڇو ته پڙهندڙن کي هڪ ئي وقت ڪافي شاعرن جي شاعري پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ۽ سندس مطالعي جو هر پاسو پورو ٿي ٿو. پڙهندڙ جنهن مزاج ۽ ماحول جي شاعري پڙهڻ گهرندو آهي کيس انهي مزاج توڙي ماحول تي ڪو نه ڪو شعر ڪنهن نه ڪنهن شاعر جو لکيل ملي پوي ٿو ۽ سندس مطالعي جي اُڃ جهڪي ٿئي ٿي. 

اسان جي هنن ٻنهي دوستن پنهنجي نيڪ نيتي ۽ سچائي سان هن ڪتاب کي سهيڙي ڪري جهڙي نموني سنڌي ادب ۾ هڪ نئي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي انهي حساب سان سندن ڪوششن کي هزارين دفعا داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هي مجموعو مير محرم لغاري، خادم حسين جسڪاڻي، سڪندر اُداس لنڊ، زين کوسو ۽ گهايل لغاري جي شاعري تي مشتمل آهي. هي پنج شاعر هن ڪتاب کي پنجن گُلن جيان سينگاريو ۽ سنواريو ويٺا آهن.

ڪتاب جي مرتب ڪندڙ ٻنهي مانوران تخليقڪارن پنهنجي حصي جي شرڪت کي ڪتاب ۾ آخر تي رکيو آهي. هنن ٻنهي موتي مالها گڏ ڪندڙ خوبصورت انسانن جي اِها بهترين وصف ڏسڻ لاءِ ملي ٿي ته هنن ٻين شاعرن کي ڪتاب ۾ پهريان جڳھ ڏني آهي ۽ پاڻ ٻئي ڄڻا پنهنجي تخليق سان گڏ ڪتاب جي آخري صفحن تي نظر اچن ٿا. هن عمل مان سندن بردباري ۽ فراخ دلي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

شاعر هر اصول ۽ ضابطي کي پري رکي ڪري هن ڪائنات کي پنهنجي اک جي ڪئميرا سان جداگانه طريقي سان ڏسندو آهي. هر شاعر جي اِها ڪوشش هوندي آهي ته سندس تخليق ٻين جي درد جي دوا ٿي پوي، ڪنهن لاءِ ڪو سڻائو ۽ سستو علاج ٿي پوي. ڪنهن مظلوم لاءِ ڀرجلو ثابت ٿي. هن ڪتاب منجھ سڪندر اداس لنڊ جا هي لفظ اِن ڪيفيت جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪن ٿا:

شاعري    اناج   ٿي   پوي
هي سکيو سماج ٿي پوي

شاعر پرواز ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن. هو سماج جا طبيب ۽ مستقبل جا معمار هوندا آهن. هنن جي خيالي اڏام کي ڪو پکي يا مصنوعي سائنسي ايجاد به مات نه ٿو ڏئي سگهي. ساڳي جاءِ تي وري ڪي شاعر پنهنجي دردن، پنهنجي ماروئن جي لاچاري ۽ بي وسي کي خدا جي در اڳيان ڪجھ هِن ريت پيش ڪندا آهن جهڙي ريت مير محرم لغاري پنهنجي شعر جي هڪ بند ۾ لکيو آهي:

تنهنجا مظلوم پِيڙجي ويندا
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين

اِهڙي ئي نموني وري ڪجھ شاعر پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري واري حالتن سان پاڻ جهڙيندا آهن. ڪنهن کي به ڪا ميار، ڪو ڏوراپو ڪونه ڏيندا آهن. ڀلي سندن اندر رتوڇاڻ لڳو پيو هجي. اکيون رت جا ڳوڙها ڳاڙهن پر ان جي باوجود هُو سڀني کي پنهنجي سورن کان آجو سمجهندا آهن. هو سمجهندا آهن ته درد به اسان جا ته انهن سان منهن منها به اسان کي اڪيلي سر ئي ڪرڻو آهي. زين کوسو جون هي سٽون اِن ڳالھ جو پڪو ثبوت آهن.

دل جو هلَڪو بار، ڪرڻ لئہ،
زين،   ٻه  ڳوڙها   هاري  ڇڏ

هَن بي حس سماج جو هر هڪ فرد مفادن جي نه کٽڻ واري ڄار ۾ جڪڙيو پيو آهي. جنهن جي ڪري انفراديت واري خول مان نڪري اجتماعيت واري خول ۾ اچڻ کان قاصر آهي. حساس مزاج رکندڙ ماڻهو به اڪثر اڪيلا ٿي ويندا آهن ۽ انهي اڪيلائي منجھ پوءِ وري ڪنهن اڻ ڏٺئي قوت کي ٿوري ٿڪي ميار به ڏئي وٺندا آهن. جئين خادم حسين جسڪاڻي پنهنجي شعر جي هن بند ۾ انهن ڪٺور انسانن کي ميار ڏي ٿو:

زماني جي هر هڪ ڪهاڻي ڏٺئي،
اسان جي نه اکين جو پاڻي ڏٺئي!

انسان سان گڏ ئي درد جو جنم ٿيو هو. درد نه هجي ها ته زندگي بي معنيٰ ۽ ٻُسي لڳي ها. انهي درد ئي زندگي کي اهميت بخشي آهي کيس جلا بخشي آهي. درد جو ناتو انسان سان ازلي آهي. هاڻ اِهو اسان تي دارو مدار رکي ٿو ته اسان دردن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ٿا. ان کي ڪهڙي شڪل ۽ صورت ۾ قبول ڪريون ٿا. کيس پنهنجي دل جي آڳر تي ڀليڪار چئون ٿا يا کيس پنهنجو دشمن سمجهي پنهنجي در تان ڌڪاريون ٿا.

حساس دل رکندڙ ماڻهون دردن کي خوش دلي سان قبول ڪنديون آهن ۽ انهي مان لطف اندوز ٿيندي انهي مان تجربو حاصل ڪن ٿا. ڪجھ شاعر، ليکڪ ۽ دانشور درد واري ڪيفيت ۾ به اميد جو نئو ڪرڻو تلاش ڪندا آهن جئين غلام حيدر گهايل لغاري پنهنجي شعر جي هن بند ۾ درد ۾ اُتساھ جو هڪ پهلو اجاگر ڪري ٿو:

درياھ  درد  جو هي  سيلاب  آڻيندو،
هِن ساھ کي ٻڏڻ جا امڪان ڪيترا!

هن ڪتاب منجھ هر هڪ شاعر پنهنجي شاعري کي سماج سان ڳنڍي اهو ثبوت ڏنو آهي ته واقعيٰ شاعر سماج جا سوشل سائنٽيسٽ هوندا آهن. سماج کان الڳ ٿي ڪري نه ئي تخليق جي ڪا اهميت رهندي آهي ۽ نه ئي وري تخليقڪار جي ڪا اهميت رهندي آهي. تاريخ انهن ئي فردن کي ياد ڪندي آهي جن جا سڀ سک ۽ آرائشون پنهنجي ئي وطن، ماڻهن ۽ انهي سان لاڳاپيل هر هڪ پهلو سان وابسطه هونديون آهن.

گڏيل شاعري جو هي مجموعو سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇاپيو ويو آهي ۽ قيمت ٻه سئو چاليھ روپيا رکي وئي آهي. هي ڪتاب ڪاڇي جي ادبي ذوق رکندڙ سڀني فردن سميت پوري سنڌ جي شاعرن کي اِھڙي ته واس ڏيندو جو هن جي پڙهڻ کان پوءِ نئي ٽهي مان ڪافي شاعر پيدا ٿيندا ۽ پنهنجي تخليق سان مرجهايل وجودن کي تازگي بخشيندا.

يوسف جميل لغاري

https://laghariyousif.blogspot.com/2019/05/blog-post_10.html?m=1

وڻ وڻ منجهان واس اظهر امر













وڻ  وڻ منجهان واس پنجن شاعرن جو گڏيل ڪتاب !!
اظهر امر
مختلف وقتن تي سنڌ اندر گڏيل شاعري جا ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي رهيا آهن. انهي سلسلي ۾ سنڌ اندر تمام گهڻي تيزي پڻ آئي آهي. هن وقت تائين گڏيل شاعري جا ڪتاب ڪافي ڇپجي چُڪا آهن جن کي تمام گھڻي پذيرائي پڻ ملي چڪي آهي. هڪ ڪڙي مون پڻ تيار ڪئي هئي جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءِ جا سُٺا ۽ نوجوان سرجڻهار شامل هئا. اُهو ڪتاب ڪمپوز ٿيڻ لاء پڻ ويو هو پر ڪن سببن جي ڪري شايع نه ٿي سگھيو. هن وقت مان جنهن ڪتاب تي پنهنجو رايو لکي رهيو آهيان اُهو ڪتاب آهي ´وڻ وڻ منجهان واس` جيڪو تعلقي جوهي، ضلعي دادو جي ٻن سرجڻهارن مرتب ڪيو آهي. انهي ٻنهي جا نانء سُٺن شاعرن ۾ لکيا وڃن ٿا. هڪ گھايل لغاري۽ ٻيو زين کوسو جن هي پيارو گلدستو تيار ڪري اسان جي هٿن تائين پهچايو آهي جنهن منجهان اسان وقت بوقت واس وٺندا رهون ٿا. هي ڪتاب پنجن شاعرن جي خوبصورت شاعري تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ موجود شاعرن  جو تعلق جوهي تعلقي سان آهي. جن پنهنجي تخليقن سان هن ڪتاب کي هڪ گلدستي جيان سينگاريو آهي. هن ڪتاب ۾ جيڪا خوشبو آهي سا هاڻي صدين تائين پنھنجو واس واسيندي رهندي.
جن شاعرن هن ڪتاب کي پنهنجي من ۾ متل مانڌاڻ کي ٺارڻ لاء تخليقن سان سهڻي نموني سينگاريو آهي انهن ۾ مير محرم لغاري، خادم جسڪاڻي، سڪندر اُداس لنڊ، زين کوسو ۽ گھايل لغاري شامل آهن.
مير محرم لغاري جنهن جو اصل نالو محرم لغاري آهي، سندس جنم 9 آڪٽوبر 1974 ۾ ڳوٺ ميان بخش لغاري تعلقه جوهي ۾ ٿيو. سندس ادبي لڏي ۾ اچڻ وارو سفر به چڱو خاصو پيو لڳي. پاڻ لکي ٿو منهنجو ادبي سفر 1989ع ۾ ٿيو. سندس مواد 1990 ۾ اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجڻ لڳو.
سندس شاعري مان چونڊ 

مينهن کي چئجو؛ هاڻ اچ به کڻي،
هوريان هوريان لڏي پيو پاڙو.

مير محرم لغاري جون اُهي سٽون ڪيڏيون نه جاندار آهن. مان سمجهان ٿو ته هن اُهي سٽون ڪاڇي واري علائقن ۾ نه پوندڙ برساتن سبب سرجيون هونديون. سندس اُهي سٽون منهنجو لبن تي بار بار اچن پيون مان سمجهي رهيو آهيان. اڪثر ڪري ڪاڇي ۽ ٿر جا ماڻهو برساتن جي انتظار ۾ هوندا آهن. جڏهن پاڻي ناهي هوندو، هو پنهنجو پوکيل پوک به مال کي کارائي ڇڏيندا آهن. مير جي هر شعر ۾ ڏڪاريل ڏيھ جو دائهون ڪثرت سان سمايل آهن.
هڪ ٻئي غزل ۾ چئي ٿو

تنهنجي پاڙي جي نانءُ تان صدقي،
“مير” ۽ “مير” جو سڄو پاڙو.
ٻي سٽ ۾ به ڪمال ڪيو اٿس! پرين جو پاڙو ڪنهن کي پيارو ناهي هوندو!  عاشق ته اڪثر ڪري پرين جي پاڙي جا هروڀرو به پيا چڪر لڳائيندا آهن ته شال ڪنهن ويلي پرين جو دردار نصيب ٿئي. پرين ته ڇا پر پرين جي پار کان ايندڙ هر ماڻهون تان پيا قربان ٿيندا آهن. مير ته چئي ٿو ته مان ته تنهنجي پاڙي تان صدقي پر منهنجو سڄو پاڙو تنهنجي نانءَ تان صدقي.
خادم  جسڪاڻي جو اصل نالو خادم حسين جسڪاڻي آهي سندس جنم 20 جولاءِ 1975ع تي جوهي شهر ۾ ٿيو. هن سنڌي ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس مواد سنڌ جي مختلف اخبارن رسالن جي زينت بڻيو.
 سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ:
مزدورن جو ڏينهن ملهايئي؟
جن کي مُيسر ڍئو ئي ڪونهي.
خادم! واھ واھ! ڪمال جو سٽون سرجيون اٿئي! جن تي توکي لفظن ۾ داد ڪيئن ڏيان؟ واقعي به انهي ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اڄ ڪلھ اسان جا ادارا پهرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهائن ٿا مگر انهن مزدورن کان ڪڏهن اها پڇا به ڪونه ڪن ته آيا اوهان جو گذر سفر ڪيئن پيو هلي. باقي خالي مزدورن جو ڏينهن ملهائڻ سان ڇا هڙ حاصل؟. انهي مزدورن ويچارن کي هڪ وقت جو ڍئو به ميسر ناهي هن مهانگائي جي دور ۾! پر ڇا ڪجي.

سور ڪهڙا ڀلا سلي “خادم”،
ڄڻ ته جيئري قبر ۾ رهندو آهي.

خادم کي سور گنج آهن جيڪي سور هو پنهنجي قلم ذريعي ڊائري تي اُتاريندو رهي ٿو. هو لکي ٿو ته مونکي سورن ساڻو ڪري ڇڏيو آهي، مان ڄڻ جيئري قبر ۾ آهيان.

اداس لنڊ  اداس جو اصل نالو سڪندر علي لنڊ آهي. سندس جنم پهرين جنوري 1973ع ڌاري ڳوٺ خان جي ڪُور ۾ ٿيو. اداس لکڻ جي شروعات 1995ع ۾ ڪئي. سندس مواد سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيو.
سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ:

تنهنجي پيار ۾ چرين جيان،
آڱريون  “اداس” ٿو ڳڻي.

اداس جيان هر عاشق چريو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سوچ ۾ ٻُڏي چرين جيان آڱريون ڳڻڻ شروع ڪندا آهن ته هاڻ ڇا ڪجي پرين ڪڏهن ٿو ديدار ڪرائي! اداس به ڪنهن جي پيار ۾ ڏينهن اڱرين تي ڳڻڻ جو اعتراف ڪري ٿو. سندس شاعري دل کي ڇهندڙ محسوس ٿي رهي آهي.
بس گھرڻ سان نه ملندي آزادي،
سر سان  ٻڌڻو  پيو  ڪفن آهي.
سندس غزل جون سٽون ڪيڏيون نه جذبات مان لکيل آهن. سندس خون ۾ جنون آهي. ديس جي آزادي لاء! هر وقت سر سان ڪفن ٻڌي هلڻ جو وچن پڻ ڪري رهيو آهي. سندس هنن سٽن مان شاعر جو جوش جذيو عيان آهي. آئون ساڻس سهمت آهيان. مان بار بار سندس اُهي سٽون لبن تي پُڪاريندو رهان ٿو.

زين کوسو جو اصل نالو زين العابدين کوسو آهي. سندس جنم 5 سيپٽمبر 1971ع ۾ ڳوٺ چينجاڻي ۾ ٿيو. زين لکڻ جي شروعات 87/1986ع کان ڪئي. هن وقت به سوشل ميڊيا تي مسلس. سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ ڪجي ٿي،
يادن کي ساري “زين” رنو آ،
موُثر تحريرون ۽ تنهائي.
زين به راقم الحروف جيان يادن جي ور چڙهي ويو آهي. تڏهن ته پنهنجي قلم سان پاڻ ئي پيار ۾ اعترافي سٽن ۾ پنهنجي ماضي جي يادن جو ذڪر ڪري سڄڻ کي ساريندي اکين مان لڙڪن جون قطارون لاڙي رهيو آهي. پنهنجي پريت کي ياد ڪري ڪري ڪيتريون ئي تحريرون لکي چُڪو. بس هاڻ هن وٽ تحريرون ۽ تنهائي باقي بچيا آهن.
منجھ حويلي سوچي سپنا،
ٻاهر   پهرا   خالي   خالي.
ڇا ته ڪمال جي بند سرجيو اٿس جيڪو بار بار پڙهڻ تي دل چوي ٿي. زين لکي ٿو حويلي اندر پهرن ۾ پوريل قيد گوري جي سوچن ۽ سپنن تي ڪنهنجو به وس نٿو هلي ۽ هوء پنهنجي پرين کي سپنن ۽ سوچن ۾ ساريندي رهي ٿي.
زين کوسو به نوجوان ٽھي جي سمورن شاعرن سان ڪلوڪلهي ۾ ملائي پنھنجي ادبي سفر کي روان دوان رکيو اچي. کيس ڪڏھن ڪڏھن منھنجو سوشل ميڊيا ذريعي رابطو ٿيندو رهندو آھي. زين تمام پيارو ماڻھو آھي. ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس جو مرتب پڻ آهي.
گهايل لغاري: گهايل لغاري جو اصل نالو غلام حيدر لغاري آھي. سندس جنم 15 نومبر 1976ع تي ڳوٺ بچل لغاري، تعلقه جوهي، ضلعي دادو ۾ ٿيو. گهايل لغاري جو ادبي سفر به پراڻو آھي. گهايل پاڻ لکي ٿو تي هن لکڻ جي شروعات 1990 ۾ ڪئي. انهي وقت کان هن وقت تائين جوڙ ڪبو ته ڪل 29 سال ٿيندا. مطلب ته گهايل کي سنڌي ادب جي خدمت ڪندي 29 سال گذري چڪا آھن. هن وقت گهايل سان منھنجي سوشل ميڊيا جي معرفت واسطو ٿيو آھي. سندس شاعري توڙي سندس مرتب ڪيل گڏيل شاعري جي مجموعي کي پڙھي خوشي محسوس ڪري رهيو آھيان.
سندس شاعر مان ڪجھ چونڊ:
 يادن جو پڙلاءُ ڏئي ويو،
گهرو گهرو گهاءُ ڏئي ويو.
گهايل کي ايترا گهاءُ مليا آهن جو هن پنھنجو تخلص ئي گهايل رکي ڇڏيو. کيس يادن جو پڙلاءُ به گهرو گهاءُ ڏنو آھي. سندس شاعري ۾ درديلا احساس اوتيل آھن. سندس شاعري مان ائين محسوس ٿي رهيو آھي ته گهايل سدائين دردن جي گهيراءُ ۾ رهيو آھي.
 مان سدائين مست مست ٿو رهان،
  تنھنجي اک جي شراب خاني ۾.

گهايل پاڻ پنھنجي شاعري ۾ پنھنجي قلم سان جيڪو اعتراف ڪيو آھي اُھو ڪنھن کان لڪل ناهي. مان ساڻس جڏھن به مخاطب ٿيو آھيان ته هو مونکي مست الست ماڻھو ٿو لڳي. هو پنھنجي هنن سٽن ۾ پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي ڪھڙي نه ادا سان چوي ٿو ته آئون سدائين لاء تنھنجي خاطر مست رهان ٿو. سو به تنھنجي اک جي شراب خاني ۾! واھ واھ ڇا ته سندس تخليق ٿيل سٽون آھن!!
اڄ جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ کوڙ اھڙا ليکڪ جن گڏيل شاعري جا مجموعا آندا آھن انهن مجموعن کان پوء جيڪو احساس ميرل سهتي طرفان فيس بڪ تي تعارفي سلسلو هليو اُھو به انهي ساڳي سلسلي جي ڪڙي آھي. منھنجي مشاهد توڙي مطالعي موجب اُھو هن وقت جو رڪاڊ جوڙيندڙ ڪتاب آھي جنھن ۾ 300 شاعرن جي شاعري ۽ تعارف شامل آھي. خير سنڌي ادب ۾ هن وقت تائين گڏيل شاعري جي مجموعن جو به وڏو انگ شامل ٿي ويو آھي. انهي ساڳي سلسلي جي هي به هڪ ڪڙي ليکبي. هن ڪتاب جي خاص ڳالھ اُھا آھي ته هن ڪتاب جا مرتب ڪندڙ به ٻه شاعر آھن. هن ڪتاب جي ارپنا ڪاڇي جي سونهون ۽ سڃاڻپ طالب لغاري ۽ جاني اسحاق ملاح جي نانء ڪئي آھي ڪتاب "وڻ وڻ منجهان واس" جو مهاڳ سنڌ جي ناميواري شاعر علي دوست عاجز لکيو آھي اداري پاران ساجد سنڌي ڪتاب جو بيڪ پيج تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل لکيو آھي. هي گڏيل شاعري جو ڪتاب سمبارا پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.

مان دل سان ٿورائتو آھيان Lajpatmazloom Lajpat
 هلال پاڪستان جي اڄوڪي اخبار ۾ شايع ٿيو آھي.

وڻ وڻ منجهان واس جو مختصر اڀياس بيوس سجاد گاڏهي



ڪتاب؛ “وڻ وڻ منجهان واس“ جو مختصر اڀياس.
تحرير/ بيوس سجاد گاڏهي.

وڻ وڻ منجهان واس پنج شاعرن تي مشتمل گڏيل شاعري جو ڪتاب آهي جيڪو سنڌ (ڪاڇي) جي خوبصورت شاعرن طالب لغاري ۽ جاني اسحاق ملاح کي ارپنا ڪيو ويو آهي. 
ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر علي دوست عاجز لکيو آهي  اداري پاران ساجد سنڌي جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جا تاثرات پڻ ڪتاب کي ڀرپور حسناڪي بخشي آهي، 
سمبارا پبليڪيشن مان شايع ٿيندڙ هي شاعري جو ڪتاب  گهايل لغاري ۽ زين کوسو مرتب ڪيو آهي جيڪو 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 240 روپيہ رکي وئي آهي. 
ڪتاب ۾ شامل سڀئي ادبي دوست سينيئر ۽ برجستا تخليقڪار آهن سندن ادبي ابتدا تقريبن منهنجي (عمر) سن آهي، 
وڻ وڻ منجهان واس تمام پياري ۽ خوشبوءِ هاڻي نانءُ جي چونڊ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ واقعي ئي  مختلف وڻن (شاعرن) جو واس (شعري حسناڪي) جابجا پڙهندڙ جي من ۾ هڪ الڳ جهان جوڙي ٿو.
ڪتاب جو مهاڳ پڙهندي اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته علي دوست عاجز سهڻي تخليقڪار هجڻ سان گڏوگڏ ڪمال جو نثرنگار پڻ آهي.
 مهاڳ  (جوهي جا جر ڦُل) پڙهندي جن جملن منهنجي روح جي تارن کي ڇيڙيو اهي جملا اوهان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيان ٿو جيئن اوهان به انهن مان چس ۽ واس وٺو.

“سرنهن جي مند ۾ تلُورن جي تاڙ ۾ ويٺل عرب شهزادن جا خيما ائين کوڙجي ويندا آهن جهڙا مِنا ۾ مسافر حاجين جا تنبُو هجن“
“ماڻهو ۽ مال آهن پاڻيءَ سان، پکي ۽ پريت آهي وري ماڻهوءَ سان“
“جي ساھ سنگتياڻيءَ سان ٿو سونهين ته درياھ به پاڻيءَ سان ٿا ٺهن“ 
“ادب ۽ آرٽ جي اُڃ به عشق جي اُساٽ وانگر آهي جنهن مان پيتي نه ٿو ڍاپجي“ 
“ڪلا وارن جا وارث ڪلا وارا ئي هوندا آهن“ 
“ڪافي خوبصورت شاعر، شاعريءَ مان ايئن هٿ ڪڍي ٿا وڃن جيئن گهٽ ريج ۽ لاڳيتي برسات نه پوڻ جي ڪري ماڻهو پوکيل فصل مان هٿ ڪڍي ان کي مال کان ڀيلائي ڇڏيندا آهن“ 
“استاد چوندو هو پيار ۽ پيڙ هڪٻئي جا پاڙيسري آهن“ 
“ماڻهوءَ جو واس ڳالهين مان ايندو آهي“ 
“گڏيل مجموعن جو رواج هلندو ٿو اچي پڙهندڙ کي ورائٽي مليو وڃي، اهڙو مجموعو انگورن جي ڇُڳي وانگر هوندو آهي“ 
هاڻي پڙهندڙ ان مان خود اندازو لڳائن ته اهي جملا آهن يا ڍنڍ ۾ تڙڳندڙ نيرڳ...؟؟ 

هن ڪتاب جو پهريون شاعر آهي مير محرم لغاري 
مير محرم لغاري جو فڪر آسماني وسعتن کي ڇُهي ٿو سندس شاعري مان رابيلن جو هڳاءُ اچي ٿو سندس شاعري منهنجي نظرن اڳيان پهريون ڀيرو گذري آهي جنهن کي پڙهي مون کي ايئن لڳو ته “پاڻ ڄڻ شاعريءَ سان مسخري پيا ڪيون“  سندس  شاعري جا فني فڪري پاسا نهايت مضبوط آهن سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر هتي ڏيان ٿو خاص طور تي جن مون کي بيحد متاثر ڪيو.

ڪنڌ جيڪي سُتا نه ٻانهُن تي 
بار بُت جي مٿان اجايا آهن. ( ص 20)

تنهنجا مظلوم پيڙهجي ويندا 
ديڳ تنهنجي خدا تپڻ تائين  (ص 23) 

وار پيشاني تان واريو ڪجھ نه ڪجھ 
کاڄ تان ماکي اُٿاريو ڪجھ نه ڪجھ (ص 24) 

ڇاتيون ملڻ لئه آتيون جنهن دم ملي وڃن ٿيون 
چُڀندڙ اُڀار ۾ آ ڪيڏو مٺو سُرور (ص 25) 

هُوءَ سينگارجي گهران نڪتي 
تير نڪتو ڪمان کان ٻاهر ( ص 28) 

روز آ ڌرتي، ٻولي، توڙي پاڻيءَ تي يلغار 
سنڌڙي تنهنجي آئيندي جا الڪا مارن ٿا (ص 30) 

تنهنجي حسين هاٺي جهڙو غزل لکان مان 
تخيل جي حد ختم، جت خيالن جي حد ختم (ص 31) 

ڏيھ جوڙيندڙ وڏو باذوق هو 
لاڙ، ڪاڇو وِچ، اُتر ٿر شاهڪار (ص 35) 

ڪاش! ڪنهن.کي سڃاڻون مرڻ کان اڳي 
لڙڪ معنيٰ ٿا رکن ڪِرڻ کان اڳي (ص 40)  

هن ڪتاب جو ٻيو شاعر آهي خادم جسڪاڻي
خادم جسڪاڻي. جي شاعري به سڀني وصفين سهڻي آهي
جنهن ۾ سُر سارنگ جا آلاپ به آهن ته نمن جي ڇانءُ جهڙو سُرور به آهي سندس شاعريءَ ۾ ڪاڇي جا منظر ائين اکين اڳيان ڦُٽي پون ٿا جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ ڪاڇي يا ٿر ۾ کُنڀُيون ڦُٽي پونديون آهن، سندس شاعري مان ڪجھ منهنجا پسنديده شعر

وار کليل هن رئو ئي ڪونهي 
ڇورِيءَ کي ڪو ڀئو ئي ڪونهي (ص 42) 

مزدورن جو ڏينهن ملهايُئي 
جن کي مُيسر ڍئو ئي ڪونهي (ص ساڳيو) 

بابو چئي ٿو شعر لکين ٿو ڪجھ احساس اٿئي؟ 
گهر جي ڇِت جون ڇيتون ڇيتون گارو ٿي ويو آ (ص 43) 

پنهنجي شوق خاطر ٻِي شادي ڪيُئي 
سمائي جا گهر ۾ نه نياڻي ڏٺئي (ص 44) 

پاڻ ڪاڇي جي ڄانڀي جيان هُون پرين 
ٿوري لفظن ۾ ان لئه هي ڪوڙاڻ آ (ص 45) 

ڳوٺ ۾ خوشبوءِ ويئي ڦهلجي 
هُن وڌو چولو سُڪڻ لئه تار تي (ص 46) 

ظاهر ۾ هُن ڀاڪر پاتو 
ڇا اندر جي مير ڇڏيندو؟ (ص 53) 

مون کي جنت ۾ ڪٿ مزو ايندو 
منهنجي ڪاڇي ۾ جي ڏُڪر هوندو (ص 57) 

هن ڪتاب جو ٽيون شاعر آهي اداس لنڊ 
سڪندر علي لنڊ جي لکڻ جو ڏانءُ به سادو سلوڻو ۽ من موهيندڙ آهي سندس لکڻيون عمر جي لاهن چاڙهن، تجربن ۽ مشاهدن سان ٽمٽار آهن سندس لکڻين ۾ مقناطيسي ڇِڪ آهي جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ قابو ڪري ٿي اداس لنڊ جي شاعري ۾ اداسي جا عڪس جهجهي تعداد ۾ ملن ٿا، سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر. 

مون رات ڏٺو خواب اهو آ ته سنائي! 
هُو سنڌ مان غيرن ۽ غدارن کي تڙي تو (ص 67)  

جو اثر آ قلم اسان جي ۾ 
سو اثر ناھ تنهنجي گوليءَ ۾ (ص 68) 

سال سارو ٻنيءَ ۾ لوڙيو ٿم 
ٻن مهينن جو آيو انَ آهي (ص 71) 

خوف دهشت جاڳي پيو ٿو من منجهان 
بُوءِ رت جي ٿي اچي روڊن منجهان (ص 72) 

پيار دولت جو محتاج ناهي اداس 
ڪنهن ته مُرلي کنئي بادشاهي ٿُڏي (ص73) 

جو وڻي سو ملي ائين ناهي 
سهڻو ماڻهو ته سڀ کي آ وڻندو (ص 76) 

گاج آئي وهي ڀريو منڇر 
ڪالھ خوش ڪيترو مهاڻو هو (ص 78) 

گلن کي چئو ٽڙڻ ڇڏين 
اگر ٽڙندا ته پيا پٽبا (ص 81) 

بُت ڏڪيو آ ڏسي اهو منظر 
هن جي ڇاتِي جڏهن ڇُلي آهي (ص 82) 

هُوءَ چِتائي ڀلا ڏسي ڇو ٿي 
ٿو لڳي ڇوڪري ڀُلي آهي (ص ساڳيو) 

هن ڪتاب جو چوٿون شاعر آهي زين کوسو (مرتب) 
زين کوسي کان سنڌ جو هر باشعور فرد چڱي ريت واقف آهي سندس شاعري سان گڏوگڏ  هن جو نثر به داد لائق آهي هي شاعر دوست محبتون ونڊيندڙ ۽ اعليٰ اوصاف رکندڙ سنڌ جي محبوب شخصيت آهي پاڻ فيسبڪ تي تقريبن گڏيل هوندا آهيون 
سندس شاعري مان ڪجھ شعرن جي چونڊ

وقت ڊُڪي ٿو، هر ڪو آ مشغول 
ڪنهن کي ناهي ڪنهن جو احساس (ص 90) 

منجھ حويلي سوچي سپنا 
ٻاهر پهرا خالي خالي (ص 92) 

روز مارُو ٿا مرن تو ڇا ڪيو 
بند ڪر پنهنجي لٻاڙي ڊاڙ کي ( ص 93) 

ڳاڙهن ڳلڙن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن 
جاڙن جبلن مان جرڪي پيو ٿو جوڀن (ص 94) 

دل کي ايڏا درد نه ڏي تون 
دل آهي ڪو روھ ته ناهي (ص 99) 

ڪيسين سهندي سُور وڇوڙو 
جان اسان جي لوھ ته ناهي (ص ساڳيو) 

بک ۽ بدحالي منجھ مُئا 
پائي ڳچيءَ ۾ ٽوڙها ماڻهو (ص 101) 

ناري ڪائي پڪڙي ويئي پيار ڪندي 
ماڻهن جي سنگسار ڪرڻ کي ڇا چئجي؟ (ص 103) 

شيشي جهڙو صاف شفاف 
تنهنجو منهنجو پاڪ پيار (ص 104) 

هن ڪتاب جو آخري شاعر گهايل لغاري آهي (مرتب) 
غلام حيدر لغاري سنڌ جو سچيت قلمڪار آهي جنهن جي ادبي سرگرمين متحرڪ پڻي ۽ ادبي خدمتن کان ڪهڙو اڻاسي اڻ واقف هوندو؟
گهايل لغاري جي لکڻين جو پنهنجو منفرد لهجو/اسلوب آهي سندس فن ۽ فڪر تحسين جوڳو آهي پاڻ سهڻو نثر نويس پڻ آهي منهنجون ته ساڻس جيءُ جون جڙون آهن حاضر آهي سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ شعر.

عشق مشتاق سونهن جو آهي 
عاشقن جون ڪٿائون اٿلايو (ص 108) 

احمقن پيار کان ڪري نفرت 
زندگين۾ نٿُور آندو آ (ص 111) 

پنهنجي خوابن جو موت ٿي پيو آ 
اڄ تڏهن سوڳوار ٿي پياسين (ص 113) 

جڏهن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين 
ڏنگيندي رهي هيڪلائي زمانا (ص 114) 

آسون ساڙي رک ڪيائون 
يارن جا ها لهجا ٽانڊا (ص 116) 

وڇوڙي ساھ ساڙيو آ 
جِئين سيءَ گاھ ساڙيو آ (ص 118) 

ملندين ته دوست پاڻ ئي محسوس تون ڪندين 
گهايل جي دل ۾ آهن ارمان ڪيترا (ص 119) 

مان پُڳس آسري صدارت جي 
ها مگر ميزبان مٽجي ويو (ص 125) 

حياتي سوڀاري ڪندو هل پرين 
وفا جي اوساري ڪندو هل پرين (ص 127) 

وڻ وڻ منجهان واس جو اڀياس ڪندي الاهي منظرن جو ڄڻ منهان ميل درشن نصيب ٿيو ڪٿي ڪاڇي جي ڏڪار جو ڏک منهنجي اندر ۾ وڍ وڌا ته ڪٿي وري ڪاڇيلڻ! جي حسن و ادا چنچل پڻي منهنجي جيءَ ۾ ڄڻ ته عجيب لياڪا پئي پاتا بحرحال هن تجزياتي تحرير ۾ مون صرف پڙهندڙ جي حيثيت سان (شاعري جو چس وٺڻ خاطر) هن ڪتاب کي ڪنهن ماء واري نگاھ سان ڏٺو ۽ پرکيو آهي هر انهي ٻاجهاري ماءُ وانگي جنهن کي پنهنجا ٻچا اپاهج هوندي به سون کان وڌيڪ ڀاسندا آهن البته هن ڪتاب ۾ الاهي جاين تي فني ڪوتاهيون درپيش آيون جن کي مون نظر انداز ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن تحرير ۾ تنقيدي پهلُو به شامل ڪجي ها ته هي تحرير طوالت جي تئو ۾ کامي وڃي ها ۽ پڙهندڙ ان مان بوريت جي بُوءِ سُنگهي ڦٽو ڪري ڇڏن ها، پر مون کي اها اميد آهي ته ان تي وقت جو ڪو ڏاهو نقاد ضرو قلم کڻي پنهنجو فرض پورو ڪندو.

وڻ وڻ منجهان واس تي هڪ نظر ثناء لهٻر



گڏيل شاعري جي مجموعو (وڻ وڻ منجهان واس )تي هڪ  نظر ....

   ثناء لهٻر 

                 ...تاريخ جو ورجاءُ ...

سائنس بقول ته هر انسان ڏسي ۽ سمجهي ٿو پر هر  انسان جي ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو طريقو مختلف آھي هڪ عام طور تي ڏسڻ ۽ سمجهڻ ھوندو آھي ته وري ٻيو ڏيک ڏيندڙ ڪردار  ۾ پاڻ کي فيل ڪري ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارو طريقو هوندو آھي جنهن هن دنيا ۾ الائجي ته ڪيترا آرٽسٽ ,شاعر, ليکڪ پيدا ڪيا آھن ! ڇاڪاڻ جو اهي انسان جيڪي هر مظلوم ڪردار توڙي اعلي ڪردار ۾  پاڻ کي  محسوس ڪندا آهن سوئي قلم کڻڻ تي مجبور بڻجندا آهن  ڇو جو اهڙن انسانن کان ,ڪنهن خوشحال ديس جي ابهم نينگر جو پنڻ وارو ڪردار, ڪنهن عورت جو  معصوم ٻچڙن خاطر جسم وڪڻڻ وارو ڌنڌو ,ڪنهن قوم پرست شخص جي  چچريل لاش کي پسڻ وارو الميو هضم ٿي نه سگهندو آهي ,اهڙي طرح اهڙا شخص قلم کڻڻ تي مجبور بڻجندا آهن ۽ پنهنجي من جي دٻيل آوازن کي لکڻي ذريعي دنيا سامهون پيش ڪندا رهندا آهن ,ڪڏھن مجنو جي ڪردار ۾ ليلي جا عاشق ٿي ڀٽڪندا آهن ته ڪڏھن گداگر عورت جو روپ ڌاري در در رلندا آهن ته ڪڏھن شاھ جي بيتن جا پوئلڳ بڻجي مرليون وڄائيندا آھن مطلب ته هر اها شيء جنهن کي باهمي محسوس ڪندا آهن ان کي سفيد ڪاغذن مٿان چٽيندا رهندا آهن !پر سائنس جي برعڪس اهڙن شخصن لاء  مذھبي تصور اهو ٿو ڏنو وڃي ته هنن وٽ خدائي ڏات آ تڏھن ته  لکن ٿا جي اگر انهن وٽ الحامي (ڏات)شيء نه هجي  ها ته لکي نه سگهن ها پر ان ڳالھ کي آءُ بنھ به تسليم نٿو ڪريان !اهو نظريو انساني خيالاتن جي محنت کي ڏات جي مهر لڳائي رائگان ٿو بڻائي ۽ انهن جي تخيلي ڪاوشن کي جهٽ ۾ ٿو ٺڪرائي ڇڏي ! ڇو جو مان هڪ ننڍڙو قلمڪار هئڻ ناتي انهن جي ذھني تڙپ کي سمجهي سگهان ٿو ته ڪيئن راتين جو راتيون جاڳي  لکن ٿا ۽ انهن لکڻين جي ڪردارن ۾ در در ڀٽڪي اذيتون ڪيئن سهن ٿا ! تخليقون ايجاد ڪندڙ انسان ساگر جي ڪپ تي هوندي به آب چڪي لاء تڙپندا آھن ,۽ پل پل وطن توڙي سانگيئڙن جي دردن ۾ لڇندا آھن جنن جي صف ۾ جوهي جا به دوست  پڻ شامل آھن جيڪي وشال ننڊون ڦٽائي ديس جي دردن کان ويندي هر محڪوميت واري ڪردار ۾ تڙپيا آھن ۽ پنهنجي ذھني محنت جي نچوڙ منجهان اسان ۽ اوهان اڳيان هڪ معني خيز گڏيل شاعري جو نئون مجموعو وڻ وڻ منجهان واس وجود ۾ آندو اٿن ..
جنهن ۾ محبوبيت کان ويندي وطن تائين جو درد ڪنهن ناچڻي جيان رقص ڪندي نظر اچي ٿو! وڻ وڻ منجهان واس گڏيل شاعري جي  مجموعي جا مرتب محترم گهايل لغاري ۽ زين کوسو صاحب آھن جنن جوهي واري ادبي گلشن جي وکريل گلابن جي خوشبوئن کي سميٽي ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس ۾ محفوظ بڻايو آ جنهن تي زين کوسو صاحب ۽ محترم گهايل لغاري صاحب جس پڻ لهڻا ڇاڪاڻ جو اڄ جي دور ۾ ادبي گلشن جي وکريل گلابن واري خوشبو کي سميٽڻ ناممڪن آ جنهن کي زين کوسو ۽ گهايل لغاري صاحب ممڪن بڻائي ادبي گلشن کي سنوارڻ جو فرض ادا ڪيو آ ! وڻ وڻ منجهان واس مجموعي جو  پهريون نمبر شاعر مير محرم لغاري آھي جيڪو  تمام بهترين خيالاتن جو مالڪ پڻ  آ جنهن جي شاعري ۾ ڪماليت کان ويندي جديدت جو هنر سمايل نظري اچي ٿو ۽ لفظن کي جملن ۾ سهڻي طريقي سان پيش ڪرڻ جو ڏانء به ڄاڻي ٿو  پنهنجي هڪ غزل ۾ لکي ٿو ته 
                                                                                       
                 غم جي خمار ۾ آ ڪيڏو مٺو سرور    
                دکندڙ   آزار ۾ آ  ڪيڏو  مٺو  سرور  

دکندڙ آزار ۾ مٺو سرور محسوس ڪرڻ منهنجي نظر ۾  هر  انسان جي وس ۾ ناهي !ڪو ڪو محرم جھڙو انسان هوندو جيڪو دکندڙ درد ۾ سرور محسوس ڪندو هوندو باقي هر  انسان آزار کي آزار جي نگاهن سان ئي ڏسندو آ ۽ ٻي غزل جي هڪڙي بند ۾ محرم سائنسي اصول جي پوئلڳي ڪندي وراڻي ٿو ته 

         شاعري شوق ناهي پوري  ڪجي 
         ذھن  جي آ ولوڙ     ھي   ڪوتا

بلڪل انساني ذهن جي ولوڙ جو ئي نتيجو هوندو آ جنهن مجهان ڪوتا جنم وٺندي آ باقي ڏات نالي الحامي شيء آھي ڪون جنهن کي ڪوتا جو نالو ڏئي انسان جي خيالي ولوڙ کي رائگان ڪجي ! محرم  مٿي ٻن سٽن ۾ تمام سادي مفهوم سان سائنسي اصولن جي ادائگي ڪئي آ جنهن مان اهو ثابت ٿئي پيو ته مرحم نه رڳو هڪ سٺو شاعر آ بلڪي هو اڄ جي دور سان ٺھڪندڙ سائنسي اصولن جو پوئلڳ به پڻ آ..

          اسان ڪيئن مڃون سو مهذب پڻو 
         جڏھن تنهنجي هٿ ۾ خنجر ئي ته آ 

هن بند ۾ شاعر  ظالم شخص سان مخاطب ٿيندي چوي پيو ته اسين توکي عيبن کان پاڪ,خوش اخلاق وارو ڪيئن مڃيون جڏھن ته تنهنجي هٿ ۾ ظالم پڻي جي نشاندهي ڪندڙ خنجر پسڻ وٽان ملي ٿو بلڪل انسان جي سڃاڻپ ان جي روين منجهان ئي ٿيندي آ ۽ ان جي چال چلتن ۽ عادتن مان هن جو ڪردار پسي سگهجي ٿو اهڙي طرح محرم مٿيون سٽون لکڻ تي مجبور بڻيو ...۽ هن ڪتاب جو ٻيو نمبر شاعر خادم حسين جسڪاڻي آھي جنهن جي شاعري پڙھڻ بعد دلي داد ڏيڻ کان پاڻ روڪي نه سگهيم ۽ سوچڻ تي مجبور بڻيم ته آخر ڇاڪاڻ! سنڌ جا اهڙا بهترين شاعر دنيائي کاڻ ۾ دٻيا پيا آھن  جنن جي شاعري ۾ فنونيت ,بهترين ڪارگري ۽ سٺ پڻي جو هنر سمايل آ ,ڇو جو اهڙيون سڀئي خوبيون خادم حسين جي شاعري منجھ مونکي نظر آيون ۽ خادم جي شاعري پڙھڻ بعد منهنجي بي چين روح کي عجيب سڳنڌ محسوس ٿي ! گهڙي کن لاء اهو وساري ويٺم ته مان ڪو هن دنيا ۾ آھيان اها شاعر جي شاعري جي مقبوليت واري آخري حد چئبي جو پڙھندڙ ان جي شاعري ۾ اهڙي طرح غرق ٿي ٿا وڃن جو هنن کي دنيا جي ئي خبر نٿي رهي !جنهن جو اندازو خادم جي هن بند منجهان لڳائي سگهجي ٿو ! 

            مان ته گمنام   ڪائي قبر هان پرين
            مون تي گلڙا ڪو هاري ضروري نه آ  

ڪنهن گمنام قبر تي گلڙا نڇاور ڪرڻ ضروري نه هوندو آ ڇاڪاڻ جو گمنام قبر ان لاوارث شخص مثل هوندي آ جنهن جو هن دنيا ۾ ڪوئي ڌڻي نه هوندو آ ۽ اهو لاوارث شخص ماڻھن جي ميڙاڪن منجھ هوند به اڪيلو اڪيلو جيون بسر ڪندو رهندو آ ! ان جي هيڪلائي کي اچي ڪو شخص ڪنهن فٽ بال جيان ڪڪ لڳائي دور ڪري اهو ان لاء  ضروري نه آ ڇاڪاڻ جو اهو شخص احساس ڪمتري جهڙي وبا جي ورچڙهي ويندو آ جنهن جي ڪيفيت خادم حسين بهترين نموني بيان ڪئي آ !

        ظاهري تنهنجو پرين مونسان ملڻ 
        زلزلا   ذھنن    اندر   برپا    ڪندو 

هي هڪ سالم دماغ عشقيا جي منزل آ جتي عاشق پهچي اهو سڀ ڄاڻندو آ ته پرين جي ملڻ سان آسپاس جي ماحول ۾ ڪهڙا ڇنڊا پون ٿا ۽ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو ! جنهن تي خادم حسين  پهچندي ماڻھن جي ذھنن ۾ برپا ٿيندڙ زلزلا ڄاڻي ٿو ۽ انهن زلزلن کان پرين کي باخبر رکڻ لاء ڪجھ اهڙو لکڻ تي مجبور بڻجي ٿو ! 

  
      تنقيد    کوکلي  ۽   واڪا   وڏا   ڪرين 
      ڪهڙو مزو اچئي ٿو ڪنهن جي ٺٺول ۾ 

خادم حسين جسڪاڻي اڄ جي موجوده هلڪڙن نقادن کي هن بند ۾ چماٽ وهائي ڪڍي آ جي اگر اکر وارا هوندا ته خادم حسين جي هن ٻين بند مان سمجهي ويندا ۽ ڪنهن تي کوکلي ٺٺول ڪرڻ کان پاسو ڪندا ..! هن ڪتاب جو ٽيون نمبر شاعر سڪندر علي لنڊ آھي جنهن جي شاعري ۾ سنڌ جي دردن جا اولڙا پسڻ وٽان ملن ٿا , ۽ تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته جيڪي شخص پنهنجي ديس جي دردن جي نشاندهي ڪندا آهن اهوئي شخص امرتا ماڻيندا آھن بلڪل اهڙي ئي امرتا سڪندر لنڊ جي به لکڻين ۾  براجمان نظر اچي ٿي ,جيڪا سڪندر علي لنڊ کي هڪ الڳ مقام ۽ سڃاڻپ پڻ ڏياريندي ڇاڪاڻ جو سڪندر پنهنجي ڏانءُ جي آڌار تي ڌرتي جي دردن جي وڪالت ڪئي آ جنهن جو اندازو اوهين خود هن شعر منجهان لڳائي سگهو ٿا

           سنڌ خاطر جنگ جي ڪئي سون شروع
           گونجندا    نعرا  اسانجا    سن   منجهان

 سنڌ جي آزادي واري هٻڪار جو آغاز  سن جي سيد گهراڻي منجهان  ٿيو جنهن کي نروار ڪندي سڪندر لنڊ شايد هي شعر جوڙڻ تي اتاولو بڻيو ! انهيءُ غزل جو هڪ ٻي بند ۾ سنڌ جو الڪو ڪندي شاعر چوي ٿو ته 

             شال  مهڪي  سنڌ جو هر  هڪ چمن
            گل ڇڻي مرجهي نه ڪو گلشن منجهان

بيشڪ سچو ديس دوار اهو ڪڏھن به نه چاهيندو ته منهنجي وطن جي گلشن منجهان ڪو گل مرجهائجي ڇڻي وڃي ! ڇاڪاڻ جو هو مالهي جيان پنهنجي وطني گلشن جي حفاظت ڪرڻ چاهيندو آ اوهين پاڻ ئي ٻڌايو ته ڪو مالهي ڪڏھن اهو چاهيندو ته منهنجي گلشن منجهان گلڙا مرجهائجي سڳنڌيون وڃائي ويهن ,ڪڏھن به نه!  اهو انڪري ته  هو پنهنجي جان کان وڌ گلشن جي گلڙن کي چاهيندو آ ! سڪندر نه رڳو سنڌ جي وڪالت ڪئي آ پر  دوشيزائن جي به خوبصورت منظرن کي پنهنجي شاعري جو محور پڻ بڻايو اٿس جنهن جو ثبوت طور هيٺيون هڪ بند پيش ڪريان ٿو ..
   
              بت  ڏڪيو  آ ڏسي اهو  منظر 
              هن جي ڇاتي جڏھن ڇلي آھي 

شاعر سڪندر  هتي ڪماليات سان ٽمٽار جوڀن ڀري منظر جي عڪاسي ڪئي آ جنهن جو تصور ذھن ۾ آڻيندي الائي ته ڪهڙي دنيا ۾ ٿو پهچي وڃان ۽ اهو سوچڻ تي ٿو مجبور ٿيان ته ڪاش ڇلڪندڙ ڇاتي کي ڇهڻ جي تمنا پوري ٿي سگهي .هن ڪتاب جو ڇوٿون نمبر شاعر زين کوسو صاحب آھي جيڪو شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين نثرنويس به پڻ آ منهنجي نظر ۾ اهڙا ماڻھون آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا جيڪي شاعري کان ويندي نثر جو فن به ڄاڻڻ ٿا پر رڳو ڄاڻڻ نه پر انهي فن کي سٺي نموني سان نڀائڻ جو به هنر رکن ٿا ڇو جو مون زين کوسو جون ڪافي نثري تحريرون پڙھيون آھن جنهن ۾ بهترين منظر ڪشي, سٺي ڊائلاگ بازي, ۽ عالميت جهڙو ڏاءُ نظر ايندو آ  زين نه رڳو نثري صنف کي سٺي طرح نڀائڻ ڄاڻي ٿو پر شاعري کي به هڪ بهترين شاعر جيان ڪاغذن تي چٽڻ جو هنر رکي ٿو ! جنهن جو اندازو هن بند منجهان لڳائي سگهجي ٿو ..

                ڪيڏا طبقا ٿي ويا ماڻھن ۾ 
                ڪو  آ عام  ته ڪو  آ خاص 

هتي زين کوسو دنيائي چال چلتن جو پردو فاش ڪندي چوي ٿو ته ماڻھون ته سڀئي هڪ ئي مٽي منجهان جنميندڙ آھن پر تنهن هوند به ڪو عام آ ته ڪو خاص ,جنهن جو اشارو سرمائيداري نظام طرف وڃي ٿو ڇاڪاڻ جو عام ۽ خاص ريتن جو بنياد اوائلي دور ۾ سرمائيداري نظام وڌو جيڪو اڳتي هلي دنيا ۾ وبا جيان پکڙجي ويو ۽ اڄڪلھ عروج تي آهي انهيء غزل جي ٻئي بند ۾ چوي ٿو ته 

           وقت ڊڪي  ٿو هر ڪو آ  مشغول 
          ڪنهن کي ناهي ڪنهن جو احساس

زين جون هي سٽون اڄوڪي دور سان ٺھڪندڙ حقيقتن جي عڪاسي آھن ڇوجو اڄ ڪلھ وقت جي ڊوڙ ۾ انسان هڪٻئي کان گوء کٽڻ جي لالچ ۾  اڳڀرو آ ۽ اهو احساس به وڃائي چڪو آ ته هن معاشري ۾ اسانجي پٺيان ڪو جڏو شخص به آھي جنهن کي منزل جي تڪميل تائين پهچائڻ جو اسانتي اولين فرض آ ! هي هڪ سٺي شاعر جي خوبي چئبي جو هو معاشري جي هر هڪ ڪوتاهي کي پنهنجي شاعري جي جيل خاني ۾ ڏوهاري طور قيد ڪندو رهندو آ جيڪا خوبي زين کوسو ۾ به موجود آ ڇاڪاڻ جو زين کوسو جي شاعري جو محور ئي معاشري سان لاڳاپيل خيالات آھن 

           اسانجو  خير  آھي  جي مئاسين 
          هجين سهڻا سدائين تون سلامت

زين کوسو کي نه رڳو پنهنجي ديس جو الڪو آ پر  سهڻن جي سلامتي جو به الڪو سرس اٿس جنهن جي خمار ۾ پنهنجو به خير نه ٿو گهري ۽ پاڻ کي جهٽ ۾ مرڻ واري منزل تائين پهچائڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري ! وڻ وڻ منجهان واس مجموعي جي آخري سڳنڌ گهايل غلام حيدر لغاري آھي جيڪو نالي جو نه رڳو سندن زندگي جو به گهايل پڻ آ ڇاڪاڻ جو گهايل منهنجو پيارو ۽ ويجهو ساٿي آھي جنهن جي زندگي ۾ دردن جي ڪرڻڻ کي تمام ويجهي کان محسوس ڪيو اٿم ايترو ئي نه گهايل هڪ بهادر ۽ همياليا جيڏو پختو جگر رکندڙ شخص آھي جنهن دردن کي مڙس ماڻھون جيان بيهي منهن پئي ڏنو آ ۽ ڏيندو پيو اچي اهو انڪري پيو چوان ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻين ڌرن ۾ تقسيم ٿيڻ بعد مخالف ڌر جيڪا خامخواھ تنقيد سائين گهايل جي شخصيت تي ڪئي ايتري شايد منافقن ۽ سنڌ دشمنن جنن ساس کي ٽوڙڻ ۾ دير ئي نه ڪئي انهن تي به نه ٿي هجي ! پر خير اها هڪ بيسود ريت آ جيڪا اڳتي هلي ازخود شرمسار ٿيندي ,۽ پنهنجي غلطين جو ضميري عدالت ۾ ازالو پڻ ڪندي ! گهايل ۾  سٺي شاعر  جي خوبي سان گڏ نقادي ڏانءُ به ساراھ جوڳو آ جنهن ڪافي اناري شاعرن کي ادبي گس طرف روان ڪيو آ ,محترم دوست گهايل لغاري پنهنجي هڪ غزل ۾ لکي ٿو ته .

             سونهن ڪيڏو سرور آندو آ 
            عشق  مون  ۾ شعور آندو آ 

هي جدت سان ٽمٽار ۽ نئون رخ ڏيکاريندڙ خيال آھن 
ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ هر شاعر سونهن ۽ عشق کي پنهنجي شاعري ۾  تباهي جو ڪارڻ پئي پيش ڪندا آيا آھن پر گهايل انهن جي بر عڪس سونهن کي سرور ۽ عشق کي شعور سان ڀيٽا ڏني اٿس جنهن منجهان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گهايل ٻين شاعرن کان مڙوئي مختلف سوچ رکندڙ شاعر آھي

          تاب تنهنجو نه ڪٿ وجهي ساڙي 
          ائين نه جلون جو سيڪ ڏي پيارا

اگر ڪو سونهن پرست حسن کي انهي نگاهن سان پسي ته گهايل جيان هي سڀ چوڻ تي مجبور بڻجي پوندو ,ڇاڪاڻ جو جلون جو تاب حسن پرست شخص کي ڪنهن شڪاري جي نڪتل ڪماڻ منجهان تير جيان لڳندا آھن 

          جڏھن سچ چوڻ دوستن کي لڳاسين 
          ڏنگيندي   رهي   هيڪلائي    زمانا 

هي هڪ مڃيل حيقت آ جنهن کي گهايل تمام سادڙن لفظ ۾ پيش ڪئي آ اڄ جي جدالي دور ۾ سچ چوڻ ڪنهن مهاپاپ کان ڪتمر ڪين آهي ۽  بقول گهايل جي ته جيڪو شخص دوستن کي سريعام سچ چئي ٿو اهو ئي هن زماني ۾ انبوھ هوند به هيڪلائي ڀريو جيون گهارڻ تي مجبور بڻجي ٿو ! سنڌي ادب ۾ وقت به وقت ڪافي سارا ڪتاب پبليشر ٿيندا رهيا آھن ۽ ٿيندا رهن ٿا پر جوهي جي دوستن جو هي وڻ وڻ منجهان واس ڪتابي روپ وارو سنڌي ادب کي ارپيل تحفو معياري ۽ معني خيز آ جيڪو اڳتي هلي تاريخ ۾ هڪ نمايا صنف اختيار ڪندو !ڇو جو تاريخ ورجاءُ ڪندي آ ۽ ان ورجاءُ ۾ ڪنهن جي به محنت  رائگان ناهي ٿيندي .!وڻ وڻ منجهان واس ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي بهترين نقاد علي دوست عاجز لکيو آ جنهن جي مطالعي ڪرڻ سان اهو معلوم ٿيم ته واقعي عاجز بهترين نقاد جي خوبي رکي ٿو ۽ بيڪ ٽائٽل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي سونهري اکرن سان چٽيل آ ڪتاب پبليشر ڪندڙ ادارو سمنبارا پبليشر نالي سان مشھور آ جنهن جو پنهنجي طرفان هڪ سٺي نموني سان نوٽ به لڳل آھي جنهن جي پڙھڻ بعد ائين محسوس ٿيم ڄڻ خيالن جي گلشن ۾ نوان تخيلن جا گونچ نسرڻ لڳا هجيم ....