Sunday, August 23, 2020

ڪتاب خواب مرندا ناهن نور راهوجو ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو


ڪتاب خواب مرندا ناهن نور راهوجو
ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

ترقي پسند سوچ رکندڙ، سماجي ڪارڪن، تعليم دوست انسان، اورچ سياسي ورڪر، اڳوڻ ۽ ليکڪ سائين نور نبي راهوجي صاحب جي ڪهاڻين جو مجموعو ”خواب مرندا ناهن“ اميد ۽ اتساه سان ڀريل 19 ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي شروعات ۾ ئي ليکڪ جيئن ته پنهنجي ڪهاڻين کي سياسي پس منطر هجڻ ۽ سياسي ڪارڪن لاءِ لکڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ائين ئي سموريون ڪهاڻيون رهنمائن جي ڌوڪن ۽ ڪارڪنن جي اٿاه قربانين جو ثبوت آهن، ته وري ڌرتي ڌڻين جي ڏک، پيڙا ۽ مسئلن جي انبار سميت ثقافتي، سماجي روين، ريتن رسمن، محبتن ۽ هڪٻئي لاءِ ايثار ۽ مدد جو اعليٰ نمونو به آهن. مجموعي طور ائين چئجي ته هي ڪهاڻيون سموري سياسي پس منظر ۾ وڏيرپ، سڳورپ، رهزنن ۽ رهبرن جي ڦرڻ ۽ لٽڻ جي تلخ حقيقتن سان ڀرپور آهن، اتي نئين اميد جو ڏيئو به روشن ڪرين ٿيون ۽ علم جي روشن راه تي هلي سمورن مسئلن جو حل ٻڌائين ٿيون. ائين چئجي ته ليکڪ پنهنجي ذاتي تجربي جي آڌار تي سچن ڪردارن کي سامهون رکي پنهنجي تخليقي قوت کي استعمال ڪندي سمورا سياسي، سماجي مسئلا وڏي دانائي سان ڪهاڻين جي صورت ۾ اسان آڏو رکيا آهن ته غلط نه ٿيندو. ڪنهن به سياسي ڪارڪن طرفان پنهنجي عملي تجربي کي ڪهاڻين جي صورت ۾ آڻڻ جو شايد هي پهريون تجربو هجي. نور راهوجو صاحب جون ڪهاڻيون هڪ مقصد تحت لکيل لڳن ٿيون ته ڪهڙي به ڏکين حالتن ۾ حوصلو نه هارجي، رهبرن جي ڌوڪن کي بهانو بڻائي پنهنجي ذميواري کان پري نه ٿجي، مايوس نه ٿجي ۽ علم جي راه کي اپنائجي. جيئن هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي واه چيف واه سنڌ جي سياست ۾ مورثي سياست کي موضوع بڻائي ٿي، جنهن ۾ سچن ڪارڪنن کي غدار ثابت ڪري رستي مان هٽايو وڃي ٿو پر سچو ڪارڪن مايوس ٿي وڃڻ بدران نيئن سر اهڙن دوستن کي گڏ ڪري نيئن سنگت ٺاهڻ چاهي ٿو، جيئن ڪهاڻي واه چيف واه ۾ هڪ ڪردار منٺار ٿڌو ساه ڀري چئي ٿو ته ” ڪڻي ڪڻي کي ڪٺو ڪريو، گڏيل قيادت ۽ گڏيل سوچ ويچار سان اڳتي وڌو. اختلافن هوندي  گڏ رهڻ ۽ هلڻ سکو. دشمن ۽ دوست ۾ فرق ڪريو، ڪارڪنن کي يتيم ۽ لاوارث بڻائي عوام دشمن قوتن اڳيان اڪيلو نه اڇلايو، ماڻهن تي مهل تي هڏڏوکي ۽ ڀرجلا ٿيو. ساڻن گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جو سوچيو، ارتقا ۽ انقلاب ۾ واضع ۽ چٽو فرق ڪريو. علم ڀرايو، سمجهه وڌايو.“  هنن ڪهاڻين ۾ انهن اديبن کي سندن ئي لکيل ڪردارن کي سامهون آڻي آئينو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ فرق رکن ٿا. جيئن ڪهاڻي سنڌو جو سوال ۾ هڪ ڪردار ليکڪ کان سوال ڪري ٿو ته ” آءُ جيڪا امر ۽ لازوال هيس، مومل، سسئي، سهڻي، ماروي ۽ ٻين اهڙين سورمين  جي سٿ جي راڻي هيس، سا اڄ تنهنجي ڪانئرپڻي ۽ ديش دروهي ڪردار جي ڪري ڪنڌ جهڪايو بيٺي آهيان ۽ پنهنجي ئي نگاهن سان نظرون ملائڻ جو تاب نٿي ڀانيان. ڪو تخليقڪار ڊپ ۽ لالچ جي ڌٻڻ ۾ ايترو به ڪري سگھي ٿو. اهو آءُ سوچي به نه ٿي سگھيس!. اهڙي طرح ڪهاڻي سياسي مجاور ۾ ليکڪ منصف مزاجي سان نقاد بڻجي ڪنهن به رک رکاءَ ڪرڻ بجاءِ سياسي مرشدن توڙي ادبي مجاورن جي اصليت کي سامهون آندوآهي. ڪهاڻي ديش دروهي يونيورسٽين مان گھر پهتل لاش جو درد محسوس ڪرائي ٿي ته ڪهاڻي ”اهڙو ڏينهن به ايندو“ ٽارچر سيلن ۾ موجود بيگناهن جي دردن جي ڪٿا آهي. هن ڪتاب جي نالي واري ڪهاڻي خواب مرندا ناهن! مجموعي طرح هڪ اتساهڪ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ لائبريري کي علم جي لاٽ بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ خوابن جي اردگرد ڪهاڻي ڦري ٿي. عام طور رواجي انسان ائين سمجهندا آهيو ته خواب مرندا آهن، ٽٽندا، ڀرندا، رسندا آهن پر هن ڪهاڻي ۾ سمجهايل آهي ته خواب مرندا نه آهن پر خواب منتقل ٿيندا آهن. ليکڪ هي جملو لکي تاريخ جي سمورن گم ٿي ويل سمورن هيروز جو مان مٿانهون ڪيو آهي جن پنهنجي زندگي انسانيت جي ڀلي لاءِ ڪتب آڻي ڇڏي ۽ ظاهري طرح ڪامياب نه ٿيا پر هي جملو انهن جي آدرشن کي ايندڙ نسل جي سامهو صاف ۽ چٽو ڪري ڇڏي ٿو، ۽ هر ايندڙ نسل کي سندن آدرش منتقل ڪري ٿو. هي جملو سچ ته هن سڄي مجموعي توڙي ليکڪ جي سموري تخليق جي جان آهي. ڪهاڻي هو سڪنيس هڪ ايماندار ۽ وطن دوست آفيسر جي آهي، ڪهاڻي پرهجوم اڪيلائي ۾ ليکڪ پنهنجي اڪيلائي کي به طاقت بڻائي ٿو۽ زماني جي بي وفائن ۽ ڌيڪن کي پاسيرو رکي پنهنجي پڙهيل ڪتابن ۽ ڏٺل آرٽ موويز مان اتساه وٺي کين پنهنجو دوست سمجهي ٿو ۽ اڪيلائي کي ڪارائتو ڪرڻ لاءِ يادگيرين کي ڊائري ۾ لکڻ ويهي ٿو.ڪهاڻي جوائننگ ڪرپٽ تعليم کاتي کي وائکو ڪري ٿي، جيئن ڪهاڻي ۾ لکيل آهي ته  قابليت بجاءِ رشوت ڏيڻ تي نوڪري ملي ٿي، پر ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي، جوائننگ ۾ به ڪافي رڪاوٽون هجن ٿيون جيڪي به ڪم نه ڪرڻ ۽ پگھار مان حصو پتي ڏيڻ جي واعدي سان ئي ملي ٿي. جئين ڪلرڪ نيئن ڀرتي ٿي آيل استاد کي چئي ٿو ته ”استاد سائين ڳالهه چٽي پيئ آ. جيڪڏهن توهان ماهوار جوائننگ ڪندا ته توهان کي هر مهيني اچڻو پوندو، پگھار کڻڻ لاءِ، ان جو معاوضو هوندو ٻه هزار روپيه ، ٽه ماهي جوائننگ جو مطلب ته هر ٽئي مهيني ديدار ڪرائڻ لاءِ حاضر ٿيڻو پوندو. ساڳيءَ طرح ڇهه ماهي ۽ سالياني حاضري لڳندي!  رهيو سوال پگھار جو، سا ڏه سيڪڙو ڪٽوٽيءَ سان توهان کي گھر ويٺي ملي ويندي!“ پر ان ڳالهين باوجود به جڏهن نوجوان استاد چاهي ٿو ته هو ريگيلور اچي پڙهائڻ چاهي ٿو ته کيس ڊيڃاريو وڃي ٿو ته معطل توڙي نوڪري مان فارغ ڪيل ۽ پگھار لاءِ ترسندڙ استاد توهان جهڙا ريگيولر ئي هوندا آهن، جيڪي حڪمرانن ۽ ڪرپٽ بيروڪريٽس جي مروج ڪيل نظام جي اڳيان ڍال ٿي بيهندا آهن. اهڙي طرح ڪتاب ۾ موجود ٻيون ڪهاڻيون نيٺ بهار ايندو، زندگي ڏانهن موٽ، فيصلو به جهان خان جو، ، اتفاق، پڇتاءُ ۽ عيد مبارڪ به ڪافي دلچسپ ۽ حقيقتنگاري سان ڀرپور آهن. ڪتاب جي ڪجهه ڪهاڻيون جن ۾  رک ڏاڙهيءَ تي هٿ ، ڪوئي آهي ۽ ، فاضل جو رستو ڪهاڻيون ڪنهن خاص حالت يا واقعي جي ڪري نه پري طع ٿيل سوچ سان لکيو ويون آهن جن ۾ ڪهاڻي جو پلاٽ ڪافي ڪمزور نظر اچي ٿو، جيئن ڪهاڻي فاضل جو رستو سياسي تبصرو يا بحث لڳي ٿو پر ان ڪهاڻي ۾ جنهن بهادري ۽ همت سان سواءِ ڪنهن لحاظ جي سچ چيو ويو سو به بي مثال آهي، ڪهاڻي رک ڏاڙهيءَ تي هٿ اچانڪ ڳوٺاڻي سان ملاقات ۽ کيس انقلاب دوست ڪم ڪرڻ تي آماده ڪرڻ غير يقيني لڳي ٿو، اهڙيءَ طرح ڪهاڻي ڪوئي آهي ۾ اسلام آباد مزدوري ڪرڻ لاءِ ويل سياسي ڪارڪن کي دامن ڪوه جي مقام تي اچانڪ پراڻي سياسي ڪارڪن جي پٽ سان ملاقات ۽ پوءِ سموري سنڌ جي صورتحال ۽ رهنمائن جي ڪيل غدارين جو ذڪر به ڪهاڻي جي لاءِ ماحول ته نٿو جڙي پر ڳالهيون سڀ معنيٰ خيز ضرور آهن. ائين چئجي ته اڪثر ڪهاڻِين جو مقصد ساڳو آهي ته غلط نه ٿيندو انڪري ڪجهه ورجاءُ هجڻ ۽ سياسي ڊائلاگن جو ڊگھو ۽ گھڻي هجڻ جو تاثر ملي ٿو. پر مجموعي طور واقعن کي بيان ڪرڻ، منظر ڪشي ڪرڻ،  لفظن جي وهڪري ۽ پهاڪن ، لوڪ ڏاهپ جي چوڻين ۽ اتساه سان پرپور جملن هن ڪهاڻين جي مجموعي ۾ محسوس ڪرڻ ، سمجهڻ لاءِ گھڻو ڪجهه آهي، انڪري لڳي ٿو ته نئين طرز انداز سان لکيل هي ڪهاڻيون ادبي دنيا ۾ پاڻ مڃائينديون ۽ گڏوگڏ ڪيترن ئي گھر ويٺل ترقي پسند فڪر جي تجربيڪار ڪارڪنن کي لکڻ لاءِ مجبور ڪنديون ۽ نوجوان نسل کي گھمراه ٿيڻ کان بچڻ ۽ نئون دڳ ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذميواري قبول ڪرڻ تي اتساهينديون. 
آءٌ هڪ بيمثال، همٿ ڀرئي ، مثبت سوچ جي مالڪ، ڪڏهن نه ٿڪجندڙ ۽ نوجوانن جي لاءِ ڏيئي جي لاٽ جهڙي انسان سائين نور راهوجو صاحب کي سندس هن شاندار تخليقي ڪتاب تي مبارڪ باد ڏيا ٿو . هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن طرفان ڇپبرايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيه آهي ۽ ڪتاب 206 صفحن تي مشتمل آهي.


 

اخلاق انصاري جي ڪهاڻين الڳ دنيا ۾ پهچائي ڇڏيو ڪليم ٻٽ



اخلاق انصاري جي ڪهاڻين الڳ دنيا ۾ پهچائي ڇڏيو
ڪليم ٻٽ

سٺو فڪشن پڙھندڙ تي ٻه اثر ڇڏيندو آھي: 
هڪ ته اهو پڙھندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪندو آھي,
ٻيو سٺو فڪشن پڙھندڙ کي تصور ۽ تخيل جي هڪ الڳ دنيا ڏانهن وٺي ويندو آھي. سچ پڇو ته ڪلهه کان جيئن هي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيم ته هن ۾ موجود ڪهاڻين ۽ ڪردارن زندگي جي مختلف رخن تي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ ڪلهه کان پاڻ کي هڪ الڳ دنيا ۾ هوندي محسوس ڪري رهيو آھيان, اڃا به هنن ڪهاڻين جي سحر مان نه نڪري سگهيو آھيان.

 مون هڪ پوسٽ ۾ ادب جي حوالي سان لکيو ته:
"Literature is to express your darkest feelings in sophisticated manner."

اخلاق انصاري جي ڪهاڻين جي ڪتاب مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آھيان پڙھڻ کان پوء پنهنجو اهو جملو سچ ثابت ٿيندي محسوس ٿيو. ڪنول پبليڪشن پاران ڇپايل هن ڪتاب ۾ سورنهن ڪهاڻيون آھن, جن ۾ نه ته ڪا پرچار ڪئي وئي آھي نڪو ئي وري ڪا پروپيگينڊا, پر ان کان مٿي انسان جي انهن darkest feelings جو اظهار ڪمال نفاست سان ڪيل آھي. فني اعتبار سان هڪ ڪامياب ڪهاڻي اها آھي جنهن ۾ واقعا, جذبا, احساس هڪ تسلسل ۾ ھجن ۽ اهو تسلسل ڪٿي به نه ٽٽي. پڙھندڙ کي ڪٿي اهو احساس نه ٿئي ته فلاڻي ڳالهه, واقعو يا جملو ڪهاڻي ۾ اجايو ٽنبيو ويو آھي.

اخلاق صاحب ڪمال مهارت سان هي ڪهاڻيون لکيون آھن.
هنن ڪهاڻين جي هڪ عجيب دنيا آھي ڪردارن جي مختلف ورتائن جي ڪري الڳ نفسيات جڙي ٿي وڃي. ڪنهن ڪهاڻي ۾ هڪ پوڙھو همراهه ماڻھن سان ڳالهائڻ لاء سڪي ٿو ۽ پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري ٿو ته ڪنهن ڪهاڻي ۾ پنهنجي وقت جو مشھور ڌاڙيل جيل ۾ نڪرڻ کانپوء بيوسي جي عالم ۾ ھليو ٿو وڃي. ڪنهن ڪهاڻي جو ڪردار سندس ئي خوف جي سوڙھي ڪنڊ جي دائري ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. کيس ڊپ آھي ته جيڪڏھن کيس ايڊز پازيٽو آيو ته سندس پاڙي وارا ۽ مٽ مائٽ ھن لاء ڇا سوچيندا ۽ انهي خوف ۾ هن کان زندگي جون رنگينيون کسجڻ لڳن ٿيون. ورهاڱي کانپوء ظفر اقبال هتي پناهگير ٿي اچي ٿو پر اڃا به کس پناهه جي ڳولا آھي.
هنن ڪهاڻين ۾ ھڪ نواڻ اها به ڏسڻ ۾ آئي ته ڊائلاگن ۾ انورٽڊ ڪاما استعمال نه ڪيا ويا آھن, ان ترز تي ادب ۾ نوبل انعام ماڻيندڙ پورتگالي ناول نگار ساراماگو جا ناول لکيل آھن. 
ڪهاڻين جا ڇرڪائندڙ جملا ۽ پڄاڻي ليکڪ جي آرٽسٽڪ ايڪسپريشن جي شاهدي ڏين ٿا.
هنن ڪهاڻين جو تت شوڪت شورو صاحب جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيل هنن سٽن مان ڪڍي سگهجي ٿو:
"اخلاق انصاري نئين حساسيت (Modern sensibility ) جو ڪهاڻيڪار آھي. هن زندگي جي ننڍڙن ۽ پيچيده پاسن کي آرٽسٽڪ نموني جديد ڪهاڻي جي فريم ۾ آندو آھي. اخلاق انصاري انساني رشتن ۾ پيدا ٿيل مفادن ۽ منافقتن کي چٽو ڪيو آھي."
ويجهڙ ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان هي ٻيو اهم ڪتاب منهنجي نظرن مان گذريو آھي. ان کان اڳ مشتاق شورو صاحب جو ڪتاب هستي جو گم ٿيل ٽڪرو پڙھڻ جو موقعو مليو. هي ٻئي ڪتاب جديد سنڌي ڪهاڻي جا سنگميل آھن. هنن ٻنهي ڪتابن کي يونيرسٽي ليول تي سنڌي ادب جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. جيئن نئون لکندڙن کي جديد ڪهاڻي جي فن جي خبر پئجي سگهي.

 

پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو رکيل مورائي




پاڻَ ۾ پاڻُ ڳولهڻ جي جستجو
رکيل مورائي

جيئڻ ڪهڙين به حالتن ۾ جيئڻ آهي جيڪڏهن حالتون موت کان ڪنهن به طرح نراليون آهن ته! ڪجهه به نئون لکڻ نئون جيئڻ ئي ته آهي، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي نئون/جديد ادب ڏيندڙ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ننڍي دائري ۾ ڪوتاڪار اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکڻ ائين آهي.
اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻين تي لکندي هڪ ڳالهه ته کٽڪي ٿي ته نئين/جديد ادب جي تشريح يا تعارف اسان وٽ مڪمل طرح نه ٿي سگهيو آهي. سبب اهو آهي جو ان طرف اسان جو ويچار يا رخ ٺيڪ طرح سان ويو ئي نه آهي. اڄ تائين جيڪو به ڪجهه ان سلسلي ۾ لکيو ويو آهي اهو بنهه گهٽ آهي ۽ ان ڪري ان ۾ نئين/جديد ادب جي چٽائي نه ڪئي وئي آهي، جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي اهي سڀ ڪوششون ئي آهن. ڪامياب/ناڪامياب.
اتي منهنجو خيال اهو آهي ته اهڙو جذبو به ڪن ٿورن نقادن/لکندڙن کي ٿي سگهي ٿو. ان هوندي به هڪ نقاد لاءِ، جڏهن هو اڄ جي ادب تي لکڻ جي جوابداري کڻي ٿو ته، يا ادب تي لکڻ وقت اُن مان ” اڄ جي ادب“ جون وصفون ڳولي ٿو، يا انهن کان وصف جي تقاضا ڪري ٿو، تڏهن مختصر ئي سهي، کيس اهو ٻڌائڻ لازمي بڻجي پوي ٿو ته هُو هٿ ۾ کنيل تخليق تي تنقيد ڪندي، نه صرف جدت طرف پنهنجو رخ ٻڌائيندو هلي پر اهو به ضرور ٻڌائي ته جدت پاڻ ڇا آهي ۽ هن ليکڪ لاءِ ڇا آهي. جنهن تي لکيو پيو وڃي، ڇو ته ڏٺو اهو ويو آهي ته ڪنهن به ليکڪ (هتي اخلاق انصاري صاحب جي جدت جي پس منظر ۾) جي داخليت تائين پهچ خارجيت معرفت ئي ٿيندي آهي، ڪي ليکڪ ٻيءَ طرح به سوچيندا هوندا يا سوچيندا آهن.
منهنجو چوڻ اِهو آهي ته ڪنهن به سچ تائين پهچ ادب جي شروعات کان ٻن پهلن کان رهي آهي، هڪ تخليقڪار جي ۽ ٻي ويچارڪ جي، خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته هڪ ئي وقت اخلاق انصاري صاحب ۾ مٿيان ٻئي شخص موجود رهيا آهن.
سندس تازو ڪهاڻي ڪتاب ”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ ان ڳالهه جو جيئرو ثبوت آهي. جنهن ۾ تخليقڪار به موجود آهي ته ويچارڪ/سوچيندڙ به! ۽ ادب انهن ٻن جي موجودگيءَ ۾ ئي اوسر ڪندو آهي، جيڪا سنڌي ادب جو نصيب بڻيل آهي. صنف ڪهڙي به هجي ان تي لکڻ الڳ آهي، جيئن هن وقت منهنجو لکڻ ڪهاڻيءَ تي آهي، سو به اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻيءَ تي، ڪهاڻيءَ جي حسب نسب تي لکڻ هن وقت اجايو.
ڪيئن به سنڌي اصلوڪي ڪهاڻيءَ پنهنجي جنم کان اڄ تائين، جنم ڏينهن ٻڌائڻ کان سواءِ جيڪو سفر ڪيو آهي، اهو ساراهڻ جهڙو ته آهي ئي پر ڪٿي ڪٿي اهو سنڌي ادب کي فخر ڏياريندڙ پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب جو ناول بنهه غريب آهي.
اخلاق انصاري صاحب هڪ عدد ناول به لکيو آهي پر سندس ڪهاڻيءَ مجموعي سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختلف چهرن کان پنهنجو چهرو الڳ ظاهر ڪيو آهي، جيڪو ڏسڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو، خاص طور سندس نئون آيل ڪتاب ” مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ پنهنجي نالي مان ئي ظاهر ڪري رهيو آهي ته هن ڪتاب جون ڪهاڻيون ”من ڇيد“ واريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ليکڪ جي سڃاڻپ به آهن سندس سموري ادب ۾!
اخلاق انصاري صاحب سنڌيءَ جو اهو ليکڪ آهي جنهن جون ڪهاڻيون شخص جي آس پاس هجڻ باوجود شخص جي آر پار جو چهرو وڌيڪ ڏيکارينديون آهن، هت مان مغربي ادبي ڌارائن توڻي تنقيدي ڌارائن جو بار هنن ڪهاڻين تي وجهي انهن جي اصلوڪي بيهڪ توڙي سونهن سميت احساس توڻي اظهار کي ڇيهو نٿو رسائڻ چاهيان ٻيءَ طرح دنيا جي مڙني ٻولين جو ادب، دنيا جي ٻين مڙني ٻولين تي پنهنجو اثر ڇڏيندو آيو آهي، جنهن جي اپٽار ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي!
اخلاق انصاري صاحب جون هن ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون نئين صديءَ ۾ پنهنجي اهڙي تازگي کڻي آيون آهن جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ماڻي به سگهجي ٿو ته ڀوڳي به سگهجي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته محسوس ڪيل کي ماڻي يا ڀوڳي ته سگهبو آهي پر ان سڀ کي اظهارڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي، شايد مون سان به ائين ٿي رهيو آهي، تنهن هوندي به هيءُ چوڻ مون لاءِ وڌيڪ ٺيڪ آهي جو چوان/لکان ته هيءُ ڪهاڻيون باوجود پنهنجي دائري ۾ زمان ۽ مڪان جون لڪيرون رکندي، پنهنجي احساس ۽ اظهار ۾ ايتريون ويڪريون/ سگهاريون آهن جو اهي ڪنهن به وقت پڙهجن، پنهنجو احساس تازو رکنديون، اهو سڀ ڪهاڻيڪار جو ڪمال هوندو آهي ۽ ائين هر ڪهاڻيڪار وٽ اهو ڪمال نجو هوندو آهي، جيڪو سندس ادبي ميراث هوندو آهي، جيڪا کانئس ڪو به کسي نه سگهندو آهي.
”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ جو سفر ٻاهر کان اندر ڏانهن آهي. جيڪو ٿورن ليکڪن وٽ هوندو آهي، انهن ٿورن (جيڪي سنڌيءَ ۾ لکن ٿا) مان هڪ نالو اخلاق انصاري آهي، کانئس پوءِ واري نسل ۾ شايد هڪ کان وڌيڪ نالا اڀري اچن!
ڪيئن به سندس ڪهاڻين کي جيئن مون محسوس ڪيو آهي، مون کي اهو ئي لکڻو آهي، سڀني سَهمتين ۽ اَسهمتين سميت.
هن ڪتاب اچڻ کان اڳ گهڻي ساراهه ماڻڻ جو اعزاز رکندڙ ڪهاڻي ”ظفر اقبال وري پناهه ڳولي ٿو“ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي آهي. ياد رهي ته هيءَ ڪهاڻي ٻاهر جي پناهه جو احساس به کڻي آئي آهي ته اندر ۾ پناهه ڳولڻ جو احساس به کڻي آئي آهي. ڪتاب جي پهرئين ڪهاڻي اهو ٻڌائڻ لاءِ گهڻي آهي ته شخص جيڪو اندر اندر اڪيلو هوندو آهي، اهو ٻاهر ٻاهر وڌيڪ اڪيلائيءَ کان پناهه گهرندو آهي، هيءَ ڪهاڻي اهڙي شخص جو بيمثال اظهار آهي.
اسين سڀ جيڪي ماضيءَ ۾ جيئون ٿا، حال جي حقيقت سامهون اچڻ کان لنوايون ٿا، ڇو ته ان کان ڊڄون ٿا، ان ڪري اسان پنهنجي اڄ جي ادب سان به مُنهان مُنهن نه آهيون، پاڻ سان به نه آهيون، ان جي ڪن ڇانَو وارن پاسن ۾ پناهه ڳولهيون ٿا، زندگيءَ جو نجي سَچُ اظهارڻ جي قوت نٿا رکون، جنهن سبب شخص جو احساس به شخص لاءِ هڪ اذيت بڻجي پوي ٿو، جڏهن هُو سچ پچ اهو محسوس ڪري ته هو پنهنجو سمورو ڪارج ”نالي کان سواءِ“ ائين وڃائي ويٺو آهي جيئن اليڪسي (L) ايل جيڪو فقط پنهنجو نالو ٻڌي پنهنجو رد عمل ڏيکاري ٿو، ٻيءَ طرح هو ڪجهه به نه آهي. يا هن جهان جو نه آهي. هن احساس واري ڪهاڻي سنڌي سماج (جيڪو سماج جديديت جي دٻاءَ هيٺ ته آهي، پاڻ ۾ جديد نه آهي) کي ڏيئي، اخلاق انصاري صاحب مجموعي طور سنڌي ڪهاڻيءَ جو نڪ مٿي ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جي وڏي حصي جو نڪ پيٽ تائين ڏسي ٿو، ان کان اڳتي شخص جي اڪيلائي آهي. جيڪا هڪ انبوهه ۾ وڃائجي وئي آهي. جنهن کي بهرحال ڪهاڻيءَ معرفت ڳولڻو آهي. هيءَ دنيا جي ادب کي ڏيکارڻ جهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن جو عنوان آهي ”اوپرو“.
”زندگي ڪجهه به نه...!“ جي نالي واري ڪهاڻي ماضيءَ کان حال ڇڏي/وساري، مستقبل ۾ ٽپو نه ڏيئي سگهڻ جي درد پالڻ واري اهڙي شخص جي آس پاس آهي جيڪو ماضيءَ جون اهڙيون يادون سانڍي ٿو جيڪي کيس سهارو نٿيون ڏيئي سگهن جنهن وقت هو دل جي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل آهي ۽ اڪيلو آهي ۽ ان سمنڊ ۾ ٻڏل آهي، جنهن لاءِ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پيرا ڏني وئي آهي.
”سمنڊ آڻجانءِ!
ڪيئَن آڻيندس!
پوءِ پڇين ڇو ٿو؟ هاڻ هُن جي اکين ۾ سمنڊ هو، هوءَ سمنڊ کڻي منهنجي ڪمير ۾ آئي هئي“ الميو اهو آهي ته هو انهن اکين جي سمنڊ ۾ به ٻڏي نه سگهيو هئو، جيترو اڪيلائيءَ ۾ ٻڏو هُئوشايد!
سوچڻو ان تي آهي ته زندگي ڇا آهي؟ زندگي ته هئي ۽ رهڻي آهي فقط زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڪجهه به نه آهي، جنهن کي عُمر چئجي ٿو.
سمجهي سگهجي ٿو ته ” پڇاڙ ڪن قدمن جو ٿڪ“ وڌيڪ شدت سان محسوس ٿيندو آهي. اڄ جي شخص کي زندگيءَ الڳ الڳ حوالن ۾ ڪيترو ٿڪايو آهي، هيءَ ڪهاڻي ان شخص جي ڪٿا آهي، جيڪا سندس بدلجندڙ ويچارن کي سهيڙڻ نٿي ڏئي ۽ هن جو ننڍڙو سفر کيس مختلف حوالن ۾ ڪيترو پيڙي رهيو آهي، شخص جيڪو پنهنجي اندر ۾ پيڙت آهي، ڇاڪاڻ ته هو شگر جو مريض به آهي ته دل جو مريض به. هيءَ سندس نجي پيڙا آهي جنهن کان ڪو به ٻيو واقف نه آهي ۽ کيس عام اڳيان اظهارڻ به غير مناسب ٿو لڳي! پنهنجو درد!
ڪهاڻيءَ جي فريم ۾ اهو اظهار آرٽ جو هڪ ننڍڙو فنپارو ٿي ظاهر ٿيو آهي. شخصي پيڙا ٻاهران گهمندڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو درد آهي، اهو هُو ئي ڄاڻي سگهي ٿو، هيءُ درد ڪو انبوهه جو يا جلوس جو درد نه آهي، جو تماشي جو گمان ٿئي.
ائين اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻي ”سوڙهي ڪُنڊ جو دائرو“ ۾ هڪ اهڙو اڻ ڄاتو خوف آهي، جيڪو خود اذيت ڏيندڙ آهي شخصي طور! اهو خوف وارو عمل ٻين جي زندگين کي تباهه ڪرڻ سبب، خوشي ڏيندڙ آهي، هڪ شخص لاءِ! جڏهن ته مجموعي طور خوفائتو آهي. روئڻ ۽ پريشان ٿيڻ جو ناٽڪ نگيٽيو هجي توڻي پازيٽيو جيڪو هڪ شخص لاءِ آهي. اهڙو ڪو به ناٽڪ خود غرضي آهي! ۽ هيءَ ڪهاڻي ان خود غرضيءَ تي آهي هڪ ماٺيڻي چوٽ!
”سَڃ“ ڪهاڻيءَ جي زليخان جي ” ديد ته نه هئي تير هُئو جنهن اندر زخمي ڪري ڇڏيس“ ٽيهارو سال آڳاٽو سنڌ جو سماج ۽ ان جا ڪردار کڻي آيل هيءَ ڪهاڻي پنهنجي فني بيهڪ ۾ نه رڳو نئين آهي پر ليکڪ جي مزاج موجب آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار جو ٻاهر کان اندر ڏانهن اچڻ آهي. جنهن جهڙن ڪردار لاءِ ائين سوچڻ ئي مشڪل هوندو آهي. ڳوٺاڻي ڪاٽڪو زندگيءَ جو احساس ۽ مزاج رکندڙ ڪردار جڏهن پنهنجي ڪنهن عمل تي پڇتائي ٿو ته ان کان اڳ پڇتاءَ سبب. هڪ اهڙي سزا ڀوڳي ٿو جيڪا اصل ۾ سزا ئي هوندي آهي. هڪ اندر جي ۽ ٻي ٻاهر جي ۽ جڏهن ٻئي سزائون ڪاٽي ختم ڪري ٿو ته اها دنيا جي مٽجي وڃي ٿي جنهن ۾ ڪردار رمضان رهندڙ هُئو. اهو نئين ٿيل ترقيءَ جو راز هُئو.
بُونساءِ ڪهاڻي/پلاٽ ليس، اڪيلائيءَ ۾ ويچارن جي ڊوڙ، ذهن تي گهڻ پاسائون دٻاءُ! بي يقيني، رشتن تان ويساهه کڄڻ، اندر جي ڀڃ ڊاهه، جديد دنيا جي کوکلائپ سبب شخص جو پاڻ کان فرار، اهي اڄ جي نامراد دور جي، شخص جي آس پاس کان آرپار تائين جون پيڙائون آهن، جيڪي ٻاهرئين سڀُ ڪجهه هجڻ باوجود، اندر ئي اندر ڪجهه به نه هجڻ سبب ڀوڳي ٿو، پوءِ به جيئي ٿو. دراصل هيءُ اڄ جي دور جو انسان آهي، جيڪو جيئڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي ڪنهن به نالي ۽ سڃاڻپ کان سواءِ!
هن ڪتاب جي هڪ ڪهاڻي ”معافي“ نالي واري آهي. ننڍن لفظن/ جملن/سٽن ۾ وڏي ڪهاڻي، ضرور پڙهڻ گهرجي! ڏند ڪٿا/لوڪ ڪهاڻيءَ جهڙو موضوع کڻي ايندڙ هن جديد ڪهاڻيءَ پنهنجي اندر گهڻي گهڻي وڏي ٽرئجڊي سانڍي رکي آهي ۽ اخلاق انصاري صاحب جنهن فنڪاريءَ سان هن موضوع کي ڪهاڻيءَ ۾ اُڻيو آهي اها اڄ جي ماڊرن ڪلاسڪ آهي.
بنا ڪنهن آواز جي، بنا ڪنهن واڪي جي، گوڙ شور جي پنهنجي ماٺ ۾ هڪ بارودي باهه جو تاءُ رکڻ واري هي ڪهاڻي، جيتري شانت سڀاءَ، سيتل/نرم لهجي ۾ اظهاري وئي آهي، ان لاءِ ڪنهن به ليکڪ جو ٻاٻُرن ٽانڊن تان گذرڻ بنهه ضروري آهي ۽ جيڪو ليکڪ اهڙو تجربو نٿو رکي ان لاءِ هن ڪهاڻيءَ جهڙي ڪهاڻي لکڻ ناممڪن ڀل نه هُجي، اوکي اوس آهي. منهنجي اندر جي شخص کان هيءَ ڪهاڻي وسرڻ جهڙي نه آهي، شايد سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ کان به هيءَ ڪهاڻي نه وسري سگهي، ان سڀ تعريفي لکڻ لاءِ معافي، سائين معافي!
”هارايل عُمر جا آخري پل“ ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ائين ٿئي ٿو ته، جديد سماج اڏڻ جي نالي، ڪٽنبن، رشتن ٽٽڻ کان پوءِ جڏهن تڪڙو ئي تڪڙو ”ڪالهه“، ”سڀاڻي“ ۾ بدلجي وڃي ٿو ته ”اڄ“ پنهنجي سموري معنيٰ وڃائي ويهي ٿو يا ڪيتريون ئي معنائون جوڙي وڃي ٿو؟ ماڻهو/شخص وقت کان تڪڙو اڳتي ڊوڙي نڪرڻ جي گوءِ ۾ آهي، هو اُهو نٿو سمجهڻ چاهي ته وقت کان ڪنهن به طرح کٽي نه سگهندو ۽ شڪست کائيندو، جيئن ڪهاڻيءَ ۾ ”بابا“ ڪردار کاڌي آهي پر اها فطري ڪيتري آهي، ويچارڻو اهو آهي.
”نه سمجهڻ جو ڏک“ ڪهاڻيءَ کي جيئن مون سمجهيو آهي، اهو هيئَن آهي ته، هن ڪهاڻيءَ ۾ قدرن جي بدلجڻ/مٽجڻ جو الميو آهي. ماڻهو جڏهن ڪجهه به سمجهائي سگهڻ جي قوت گهٽائي ٿو ته اڪيلو ٿي وڃي ٿو، ڇو ته سمجهائڻُ ۽ سمجهڻُ ٻن شخصن يا ان کان وڌيڪ شخصن جي وچ ۾ هوندو آهي. ٻن نسلن جو نه سمجهائي سگهڻ ۽ نه سمجهي سگهڻ حالتن/قدرن جو بدلجن آهي، جنهن بدلجڻ ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو آهي. ڀل اهي پٽ ۽ پيءُ جي وچ جا ناتا رشتا ئي ڇو نه هجن. اخلاق انصاريءَ جي هيءَ ڪهاڻي، پيڙهي وڇوٽيءَ جي احساس کي ڪهاڻي جي سطح تي وڌيڪ اڀاري سگهي آهي.
”مان پاڻ کي ڳولڻ نڪتو آهيان“ ڪهاڻي ڪتاب جي نالي واري ڪهاڻي آهي، ان کي مان نالي سان ذڪر هيٺ آڻي گهڻو تفصيل سان لکڻ چاهيندي به مضمون وڌڻ جي خوف سبب مختصر ڪري پاڻ کي هلڪو ڪريان ٿو سک ماڻيان ٿو، هن ڪهاڻيءَ تي لکڻ اڪيلائيءَ جي سمنڊ ۾ پاڻ کي ڳولڻ آهي ماڻهو جيئن سوچيندو آهي، اهو فقط سوچڻ ئي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته سچ جي اسپيڊ گهڻي گهڻي تيز هوندي آهي، جيتري اندر جي ڪائنات وڏي آهي ايتري سوچ جي اسپيڊ وڏي آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهڙي ئي سوچ جو سفر آهي، جيڪو ڪٿان کان ڪٿي ٿو پهچي، اهو سڀ شخص جي ڊوڙ کان ٻاهر آهي. ان لاءِ ليکڪ جو اهو جملو ڪافي آهي ” الائي ڪيتريون دانهون لڪل هونديون آهن، هزارين دانهون، هزارين ماڻهن جي اندر ۾ دفن هونديون آهن.“
۽ سچ پچ اهي دفن ئي ٺيڪ آهن، ڇو ته هر دانهن کي پنهنجا سبب هوندا آهن سببن تي جيترو ويچاربو، ويچار اوترو ڊگهو ٿيندو ويندو ۽ سوچيل جڏهن اظهار پائيندو ته کلڻ حاب ڪندو! ڇاڪاڻ ته اهو ڪنهن جو نه هوندو آهي يا ڪنهن جو هوندو آهي، ڇو ته نه هاٿيءَ جي ڪنن مان ڪيلي جا پن ٺهندا ۽ نه ڪيلي جي پنن مان هاٿيءَ جا ڪن ٺهي سگهندا. ها! اهو سچ آهي ته، ڪن سهي جڳهين تي غلط ماڻهو ويٺل هوندا آهن ۽ ڪن غلط جڳهين تي سهي ماڻهو ويٺل ٿي سگهن ٿا. اندر جي سچ طور مڇيءَ جي ٻچڙن سان همدردي هوندي به انهن جي پڪڙيندڙن جي شڪايت نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي کين روڪي سگهجي ٿو ۽ انت يا چرين جي اسپتال جو هڪ بيڊ يا آرٿوپيڊڪ وارڊ جي داخلا ۽ مسلسل اڪيلائي.
هيءَ سڀ ويچارڪ شخص جي ڀوڳنا آهن، جيڪا اخلاق انصاري صاحب جي ڪهاڻيءَ ۾ آهي، جنهن کي ليکڪ ادب جي هڪ ڌارا سيريلزم جي ڌارا ڪوٺي ٿو. پر جيڪڏهن سچ پچ صرف ويچاريل، سائنس جي سهوليت سان لکت ۾ اچي وڃي ته پوءِ پڪ اهو ٻاهر جو سچ به هوندو اُهو ڪنهن ڌارا جو محتاج ڪٿي هوندو؟
ائين هي ڪنهن به ڌارا جي دائري کان ويڪري ڪهاڻي آهي، ان جي پڄاڻي به احساساتي سطح تي ايتري ويڪري آهي. ”مان اڄ مري ويو آهيان، دعا لاءِ هٿ کڻڻ جي ضرورت نه آهي“ شخص جو الميو ۽ سندس اندر اڪيلائي ڪيتري وڏي آهي رڳو سوچي ئي سگهجي ٿو. باقي ٻين پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي راءِ لاءِ ڇڏيان ٿو. ڇاڪاڻ ته اها خود ليکڪ اخلاق انصاري ۽ شخص اخلاق انصاريءَ جي سڃاڻپ جو حوالو به آهي.
ائين ”پن ڇڻ ۾ ٽڙيل گل“ ڪهاڻي، دنيا جي هاڻوڪي وبا جي مايوس ۽ اُداس ڏينهن تي لکيل هڪ پرُاميد ڪهاڻي آهي. جيڪا هڪ پالتو ڪتي جي سفر ڪٿا کي کڻي لکي وئي آهي. هنن ڏينهن ۾ دنيا اندر لکيو ويندڙ ادب جي هيءَ وڏي ڪهاڻي آهي جيڪا ننڍي ٻوليءَ ۾ لکي وئي آهي. هيءُ ڪهاڻي جڏهن به پاڻ جهڙي وڏي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي ته وڏو اعزاز/مرتبو ماڻيندي موضوع جي حوالي سان ۽ اسلوب جي حوالي سان به! هن ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار جيڪ جي نالي سان آهي، مجموعي طور اخلاق انصاري صاحب جي اڪثر ڪهاڻين ۾ پوئين عمر جي اڪيلائيءَ جو خوف گهڻو آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.
”مڙهيل عذاب ۾ گذاريل گهڙيون“ هڪ اهڙي شخص جي وارتا آهي جيڪو سامهون فليٽ ۾ رهندڙن پاڙيسرين جي مڙهيل اذيت کان بچڻ چاهيندي به بچي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ هي پل ئي آهن جن جو عذاب ڪهاڻي ۾ آندل آهي پر انهن جي اذيت کي ڪهاڻيڪارُ/فنڪارُ ڪيئن ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو ۽ اظهاري ٿو اهو پڙهڻ وٽان آهي ۽ ان کان پوءِ ڀوڳڻ وٽان آهي.
”پوءِ“ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه به تڪڙو ڪرڻ/چوڻ جو رد عمل، جيڪو شخص کي پيڙت ڪري ٿو، هيءَ ڪهاڻي ان شخص جي پيڙا جي آهي. تڪڙو ڪجهه مناسب/غير مناسب چوڻ جي پڇتاءَ جو احساس کڻي هڪ شخص جنهن پيڙا مان گذري ٿو ان احساس جو لاجواب اظهار آهي هن ڪهاڻيءَ ۾. هو هڪ شخص ٻن عورتن مان، جن ۾ هڪ عورت سندس زال پڻ آهي، ڪنهن سان به پنهنجو سچ نٿو اظهاري سگهي، نتيجي ۾ هڪ پيڙا آهي جيڪا ڪن ڏينهن لاءِ ڀوڳڻي پويس ٿي. جيئڻو جو اٿس.
”مئل من-اوندهه انڌوڪارُ“ هيءَ ڪهاڻي سريلنڪا ۾ آيل ٻن گهمندڙن (عورت ۽ مرد) جي ملاقات ۾ ڪيل اڪيلائيءَ جون، سياسي، ادبي، انقلابي، فلاسافي تي ٻڌل ڳالهيون آهن جيڪي مقانيت کان اڀري عالميت تي رسڻيون آهن پر هر شخص وٽ پنهنجن هيروز لاءِ ڪي خاص عقيدا آهن، مڃتائون آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو ڪامپرومائز ڪرڻ لاءِ هو تيار نه آهن. پر سندن خيال ۽ جاچنائون ڪجهه ٻڌل ۽ ڪجهه پڙهيل محسوس ڪري سگهجن ٿيون، هيءَ ڪهاڻي به ڪنهن مڪان تي ضرور آهي پر هوءَ. زمان کان مٿانهين آهي دنيا جي وڏين ڪهاڻين سان برميچڻ جهڙي آهي پر آهي ته سنڌيءَ ۾. فخر ته ٿيندو ئي هڪ سنڌي پڙهندڙ ۽ لکندڙ جي ناتي!
۽ پوءِ ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي” ويران رستا، سوڙهيون گهٽيون“ آهي، هيءَ هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ پنهنجا خواب آهن، اميدون آهن، آسائون آهن ۽ اهي سڀ تڏهن پورا ٿيڻا آهن جڏهن هو پنهنجي ننڍڙي نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيندو ۽ کيس جي پي فنڊ جا پيسا ملندا ۽ جڏهن اهي کيس ملن ٿا ته هو پاڻ کي اهڙي هرڻيءَ جي روپ ۾ ٿو ڏسي جنهن کي چيرڻ ڦاڙڻ وارن جو هڪ چڱو خاصو انگ سندس چوڌاري موجود آهي ۽ هو بيوسيءَ جي حالت ۾ آهي. هيءَ تمثيلي ڪهاڻي آهي، جنهن جي پڄاڻي هرڻيءَ جي موت تي ٿئي ٿي جنهن کي ماريندڙ ته شينهن ئي آهي، پر جنهن جو ماس چئني طرفن کان ڳجهون پٽي رهيون آهن، پٽ تي سندس هڏائي رهيل آهن جيڪي ان شخص جي علامت آهن جنهن پنهنجا سمورا سک پنهنجي پڇاڙيءَ ۾ ملندڙ پونجيءَ سان واڳي ڇڏيا هئا، پر هن کي خبر نه هئي ته ان پونجي کي ڪي ڳجهون هن کان اڳ ئي ورهائي کائڻ چاهين ٿيون انت ڪنهن رستي تي پيل ڪي هڏا جن جي ڪا به حاصلات نه. اهڙين ئي حالتن ۾ ماڻهو پاڻ کي تحفظ ڏيڻ چاهيندو آهي، جيڪو به هڪ لمحي جو احساس ئي هوندو آهي، هيءَ ڪهاڻي اهڙي آهي جنهن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ”مان پاڻ کي ڳولهڻ نڪتو آهيان“ خواهش به آهي، اميد به آهي ته اسين سڀ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهون. مون کي ايترو ئي چوڻو آهي ۽ بس!

17 جولاءِ 2020ع جو صبح
ڪراچي

 

منظور ڪوهيار، جو صوفي ناول ´طريقت جو سج` ۽ صوفي جو وعدو" (صوفي ذلف علي)



"منظور ڪوهيار، جو صوفي ناول ´طريقت جو سج` ۽ صوفي جو وعدو"

(صوفي ذلف علي)

منظور ڪوهيار جو لکيل´طريقت جو سج` هڪ صوفي ناول آهي ، جيڪو فڪري طور تمام گهڻو مضبوط ۽ نظرياتي طور تي پڻ سڀاويڪ آهي. اهو انساني نفسياتي ۽ سماجي مسئلن جو هڪ عملي حل پيش ڪري ٿو.

جڏهن اسان ´طريقت جو سج` جو هڪ تخليقي تجزيو ڪندا سين ته اسان اهو محسوس ڪندا سين ته ان ۾ ڪيتريون ئي ادبي ۽ فني قابليتون آهن جيڪي ان کي ٻين ناولن کان ڌار ڪري ڇڏين ٿيون.

’طريقت جو سج‘ جي پهرين فضيلت ان جي پڙھڻي آھي. مون ٻين ڪيترن ناولن وانگر ٻيا ناول به پڙهيا آھن ، پر پنج يا پنجاه صفحن کان اڳتي نه ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته اهي ناول سستي يا بور ڪندڙ هئا. ان جي مقابلي ۾ ´طريقت جو سج` مون، شروع کان جيئن ئي هٿ ۾ کنيو ۽ آئون ان کي آخر تائين پڙهندو رهيس. اهو پنهنجي لاءِ پڙهندڙ کي 544 صفحن لاءِ پابند رکڻ جو ناول نگار طرفان هڪ شاهڪار پورهيو آهي.

’طريقت جو سج‘ جي هڪ ٻي ڪيفيت هن جي ڪهاڻي جو اسلوب آهي ، جنهن کي اسان آرٽ آف اسٽوري ٽيلنگ سڏيندا آهيون. منظور ڪوهيار ناولن جي ڪردارن ۽ انهن جي لاڳاپن کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ناول جي شروعات ۾ اسان، ناول جي هيرو صوفي با ڪمال قلندر شھباز سان پهرين مارچ 1261ع، ۾ دشت قلات جي گوارگو ندي وٽ ملون ٿا. هو تڏي جي مٿان سرخ جامو پهريل، جمال ۽ جلال جو پيڪر، ڪنڌ جهڪايون پنهنجي طالبن سيد علي سرمست، شيخ علي بغدادي، سيد مردان شاه سڪندر، ملهي قتال، لعل بڪر ۽ ڪرخت جي سردارن کي ڏهن ڏينهن تائين طريقت جي درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيو ويٺو آھي۔

اتي هڪ فقير ريحان سومرو قلندر شھباز کي گوڪل ديو جي گڦائن واري آسٿان تي تڙيل خارجين جي ٽولي جي قبضي بابت ڄاڻ ڏيئي ٿو۔ قلندر شھباز، انهن گڦائن کي لاحوت لامڪان جو درجو ڏيئي ٿو ۽ هر ڌرم ۽ مسلڪ جي ماڻھن لاء ايڪانت حاصل ڪري، اندر اجاري ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي پرامن جاء قرار ڏيئي ٿو۔
طالبن ۽ مريدن جي خواهش تي روحاني ڪرامت جو انڪار ڪندي، فرمائي ٿو ته ´اسان حجاز کان وٺي عراق، فارس ۽ خراسان تائين لکين ماڻھن کي معجزن ۽ ڪرامتن جي آسري ۾ ھٿ تي هٿ رکي ويٺل ڏٺا آھن، جڏهن ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪرامت انسان جي پنهنجي جدوجهد آهي۔ جيستائين جدوجهد نه ٿو ڪري، تيسيتائين سڀ ڪرامتون، شعبده بازيون آھن`

مير دوستين خان کي شرپسندن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو حڪم ڪري، پاڻ اڙد سلطنت ڏانهن وڃڻ جو قصد فرمايو ۽ منگولن جي قهري ڪارواين ۽ مذھبي تقسيم کي قلندري طريقت جي پرچار سان صلح ڪل طرف مائل ڪرڻ جو ارادو ٻڌايائون۔

اتي ئي، سيوهڻ نگر جي سنڌي طالب سيد مردان شاه جڏهن پنهنجي نگري جي چرٻٽ راڄ متعلق، قلندر شھباز کي ٻڌايو ته ان کي طريقت جو دڳ ٻڌايائون ۽ ظلم خلاف عوامي جاڳرتا جو قلندري دڳ ٻڌايائون ۽ ان سان واعدو ڪيائون ته سندن آخري منزل سيوهڻ ھوندي ۽ پوء ھميشه اتي ئي رهندا۔ ناول ۾، ان صوفي ايفائي عهد جي ڳنڍ کي قلندري طريقت سان ادا ڪرڻ جي عظيم ڪهاڻي لکي وئي آهي.

‘طريقت جو سج’ جي ٽين خوبي ان جي سماجي حقيقت آھي. منظور ڪوهيار انساني مسئلن ۽ تضادن تي نرالو تبصرو ڪيو آھي. منهنجي نظر ۾ افساني ۽ ناول جا به قسم آهن. رضيا بٽ جا اردو ناول ۽ انگريزي ۾ هاريلين رومانس پهرين قسم جا افسانا آهن، جن جو مقصد تفريح ۽ تفريح هو. اهڙا افسانا صرف پڙهندڙ کي تفريح ڏيندا آهن. افساني جو ٻيو قسم اهو آهي جيڪو سنجيده ادب جو حصو هجي. هن قسم ۾ سعادت حسن منٽو ، راجندر سنگه بيدي ۽ عصمت چغتائي ۽ قرت العين حيدر ، جوگندر پال ۽ عبدالله حسين جا ناول شامل آهن. اهي سماجي حقيقت پسندي ۽ روشن خيالي جي سنجيده ادب جو حصو آهن. اهڙيون تخليقون پڙهندڙ کي تفريح فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ هن کي نفسياتي ۽ سماجي جاڳرتا جو تحفو پڻ ڏين ٿيون۔ ان کان علاوه ٽيون قسم جو فڪري ناول به ٿئي ٿو جنهن ۾ سماجي تبديلي آڻڻ لاء انساني برابري جي بنيادي اصولن جو ذڪر ڪيل هجي ٿو۔ جن سان انسان، ذاتي مفادن کان مٿي سوچي، صلح ڪل ۽ انساني برابري جا طريقا هنڊائي، هڪ سماجي نظام قائم ڪرڻ جي جدوجهد ڪري ٿو۔ طريقت جو سج ناول جو ٽيون قسم آهي۔

‘طريقت جو سج’ جي چوٿين خوبي اها آھي ته منظور ڪوهيار نه صرف ناياب مماثلت ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن ، پر قلندر شھباز جي ڪردار کي ظاهر ڪندي هڪ نئون استعارو به تخليق ڪيو آهي ، جيڪو مون اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڪهاڻي ۾ نه پڙهيو آهي. منظور ڪوهيار، انهن ڏندڪٿائي استعارن کي پڌرو ڪيو آھي، جيڪي اڪثر ملنگ سيوهڻ جي پانڌيئڙن کي ٻڌائيندا رهندا آھن۔ انهن استعارن کي انساني جدوجهد ۽ زميني حقيقتن سان ڳنڍي، هن ناول ۾ طريقت جي عملي تشريح ٻڌائي وئي آھي۔ اها طريقت، هٿ تي هٿ رکي ويهڻ نه پر پاڻ سڃاڻڻ کان وٺي، خلق خدمت وسيلي انساني جاڳرتا پئدا ڪري، سماجي تبديلي لاء ھر قسم جي قرباني ڏيڻ لاء تيار رھڻ ۾ آھي۔ اهي طريقت جا استعارا ٻنهي سطحي ۽ معنيٰ سان ڀريل آهن. قلندر شھباز جي سفري مشاهدن ۽ مسافرن جي مختلف ڳالهين سان ناول کي وڏي خوبصورتي ملي وئي آهي.

’طريقت جو سج‘ جي هر باب ۾ بهترين منظر نگاري ۽ سفر جي مشڪلاتن جا اشارا موجود آهن، جيڪي پڙهندڙ جي منهن تي تجسس آڻين ٿا ۽ هن کي سوچڻ لڳائين ٿا ته تيرهين صدي عيسوي ۾ لڳل خون آشام جنگين سواء بربادي جي ڪجھ به نه ڏنو ۽ خودغرض ماڻھن جي هٻڇ جو علاج صوفين جي تعليم ۾ آھي۔

صفحي 34. ´قلات، قنڌار، ڪابلستان ۽ زابلستان ۾ جهڙوڪر باه ٻري پيئي آھي۔ منگولن ۽ بلوچن، پشتونن ۾ معرڪه آرائي ٿي رهي هئي`

صفحي 41 ‘نورالعين ٺيڪ ٿي ويندي، جيڪڏهن توهان هن زنجيرن ۾ نه جڪڙيندا، سندس مرضي کان بغير شادي نه ڪندا ۽ کيس شاعري ڪرڻ کان نه روڪيندا’

صفحي 66‘جيجل جي لولي کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻيو ڪو به سماع اعلي و ارفع ڪونهي’

ص 69 ´ سيف الدين باخرزي وراڻيو؛ اوهانجا همسفر طالب ڏسڻ ۾ ئي عاشقان باوفا لڳن ٿا’

´طريقت جو سج` جي پنجين خوبي اها آهي ته اهو انسان جي روحاني نفسيات ۽ سماجي حالتن تي وڏي جرئت سان بحث ڪري ٿو ۽ ان مان اهو لڳي ٿو ته منظور ڪوهيار صلح ڪل، اتحاد انساني، امن عالم ۽ محبت مخلوق جي ڪيترن ئي رازن کان واقف آهي؛

صفحي 78 ؛ ´ڪاش! دنيا جا مرد، عورتن جي دردمندي مان سبق پرائين ۽ همدردي جي ان عظيم جذبن کي سمجهن، جيڪو مذھبي، نسلي ۽ علائقائي تنگ نظري کان ڪوهين ڏور آھي`

صفحي 83 ”هروڀرو تقدير کان شڪايت ڪرڻ اجائي آھي، جو ڪافي ڏک تقدير جا ڏنل نه پر انسان جي پنهنجن عملن جو نتيجو هوندا آھن“.

صفحو 89 ‘‘سڄي دنيا جا انسان تنهنجي اولاد مثل آھن۔ ٻيو پنهنجو ڪنڌ جهڪائي رکندو ته زماني جون لڳندڙ ھوائون توهان جو ڪجه به بگاڙي نه سگهنديون۔ `

’طريقت جو سج‘ جي ڇهين خوبي سندس حڪمت آهي. هن ناول ۾ ڪيترائي هنڌ آهن جتي منظور ڪوهيار وڏو ڏاهو نظر اچي ٿو جيڪو زندگي جي گهرائي کي ڄاڻي ٿو.

صفحو 89 ‘’تيز طوفان سينو ساهيندڙ شاهي وڻن کي پاڙون پٽي سگهن ٿا پر نويل گاه کي ڪجھ به نه ڪري سگهندا آھن،`

صفحو 106؛ ”ابو جناب پاڻ ھڪ هٿ ۾ نيزو ۽ ڳچي ۾ پٿرن جو ٿيلهو کنيون گهٽي جي منڍ۾ شينهن جيان گجي رهيو هيو .“

صفحو. 108"ڪنهن کي انتظار ڪرائڻ کان بهتر آھي ته ڪو مناسب جواب ڏيئي ڇڏجي."

صفحو؛117 ‘ڪاش دنيا، سچائي جي حيثيت ۽ اهميت کي سمجهي سگھي.`

´طريقت جو سج` ۾ جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي ادبي ۽ تخليقي خوبيون آهن ، پر ان ۾ ڪجھ خاميون به آهن.

’طريقت جو سج‘ جي پهرين اوڻائي اها آهي ته ان جا بنيادي ڪردار جنهن ۾ ان جو مرڪزي ڪردار قلندر شهباز جو آھي، ان جي علمي حاصلات جي قد ڪاٺ بابت ذڪر نه ڪيو ويو آھي۔ سندس لکيل ڪتابن ميزان الصرف وغيره، جيڪو ان وقت جي تعليمي نصاب ۾ شامل هيو جو ذڪر به نه آھي۔ ٻيو ته جيئن هي صوفي ناول آھي ته ان ۾ صوفي ازم جي تشريح بيان ٿيل هجڻ ضروري هئي۔

طريقت هڪ روحاني/نفساني جهاد آھي، جيڪو پنهنجي خواهشن کي دٻائڻ سان شروع ٿئي ٿو ۽ اجتمائي انسانيت جي مفادن لاء جان ۽ مال قربان ڪرڻ جو ڏس ڏيئي ٿو۔ اهو ڏس باطني تعليم جي هڪ اکر، اسم، word يا شبد سان شروع ڪري سگهجي ٿو، جيڪو مرشد پنهنجي طالب کي گوش گذار ڪندو آھي ۽ طالب کي اکيون، چپ ۽ ڪن بند ڪري، اهو الف وارو اکر پڙھڻ جو طريقو ٻڌائي، مخلوق جي خدمت واري رياضت تي مامور ڪري ڇڏيندو آھي۔ دمن سان تون تون جي تنوار، تبديلي جو منڍ آھي، جنهن جو ذڪر ناول ۾ نه ڏنو ويو آھي، ´قلندري واعدو` ذڪر ڪرڻ کان اڳ ضروري هيو ته طريقت جي الف جي ابتدا جو ٿورو ذڪر ٿئي ها ته پڙھندڙن کي باطني تعليم جو پتو پوي ها ۽ اندر اجارڻ سان جاڳرتا جو دڳ کلي ها۔
پر جيئن ته هي ناول قلندر شھباز جي زندگي جي آخري ڏهن سال ۽ ساڍن ڇهن مهينن جي سفر ۽ جهد تي محيط آھي ته ان ۾ باطني طريقت سان ڳڏ معرفت ۽ حقيقت جو ذڪر چار چنڊ لڳائي ڇڏي ها۔

صوفيت، زندگيءَ جي مسئلن سان سلهاڙيل عملي مشغلو آهي. صوفين جي قرباني سان فلسفي جو جنم ٿيو، جنهن جو اطلاق سچن صوفين پنهجي عمل ۽ ڪردار سان ڪيو آھي۔ قلندر شھباز جي سفر جو مقصد، ايل خاني سلطنت جي هلاڪو خان جي بغداد کي تاراج ڪري، ڪعبت الله ڊاهڻ جي اعلان جي مزاحمت لاء جاڳرتا پيدا ڪرڻ هيو ۽ دوران جنگ قلندر شھباز جي سيف الدين باخرزئي معرفت هلاڪو خان جي سوٽ برقائي خان سان ملاقات، قلندر شھباز جي مشن جي ڪاميابي ھئي۔ پر شريعت جي صاحبن لاء، ناول ۾ طريقت جي سج جو تاء به لازم هيو، ڇو جو بعد وارا خدمت خلق جو سبق وساري ٿا ڇڏين۔

منظور ڪوهيار، اهو يقين رکي ٿو ته جيڪڏهن ماڻهو خود غرضي کي ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪري اجتمائي جدوجهد جو دڳ اپنائيندا ته انهن جا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ انهن جي اندر جي اکين کليل هوندي ته اهي نون روحاني تجربن سان روشن ٿي سگهن ٿا. پر سيوهڻ ۾ بودلي جي نون سالن جي عملي جدوجهد، قرباني ۽ استقامت بابت ناول ۾ ماٺ، ان روحاني جدوجهد کي گپت ڪري رکيو آھي۔ ان ئي جدوجهد جي اخلاص سان بودلائي تحريڪ جنم ورتو ۽ قلندر شھباز جي اڳواڻي ميسر ٿيڻ سان چرٻٽ راڄ جو خاتمو ممڪن ٿيو۔ هڪ باب بودلائي تحرڪ جو طريقت جي عملدرامد تي روشني وجهڻ لاء ضروري هيو۔

ص 392. ´ منهنجو مرشد پنهنجي واعدي مطابق هڪ نه هڪ ڏينهن سيوهڻ ضرور تشريف کڻي ايندو۔`

´طريقت جي سج`جي ھڪ ٻي خامي اھا آھي ته ناول ۾، قلندر شهباز جي ٽن يارن بابافريد شڪر گنج، بهاوالدين ذڪريا ملتاني ۽ جلال الدين سرخ بخاري جي طريقت جو فرق ته بيان ڪيل آھي پر حقيقي انساني ڀلائي لاء هڪ حڪمت عملي به هجڻ گهرجي، جيڪا بيان ٿيل نه آھي۔ شھزاده محمد ملتاني ته طريقت جي رنگن سان تشبيه تي مطمئن ٿي سگهي ٿو پر عام جو ذھن ته عمل جي تحرير جي جريده جو قاري آھي۔

ص.346 ´ اظھار جا اهي چارئي طريقا معني خيز آھن۔ جيترو غور ڪجي ٿو اوتروئي ماڻھو گهرائي ۽ گيرائي ۾ لهندو ٿو وڃي،’

منهنجي خيال ۾ ، ناول جي خامين جي مٿان ان جون خوبيون حاوي آھن۔ انسان جي سماجي ۽ نفسياتي مسئلن جو مذهبي مهندارن طرفان پيش ڪيل حل رڳو عقيدت ۽ عبادت ۾ ٻڌايو ويندو آھي، جنهن کي شريعت جو نالو ڏنل آھي ۽ روحانيت کي وري ذڪر اذڪار تائين محدود ڪيو ويندو آھي۔ پر هن ناول ۾ طريقت هڪ عملي جدوجهد ۽ انساني سماجي مسئلن جو ادراڪ ڪري، انهن جو حل پيش ڪرڻ ۾ ٻڌايل آهي، جيڪا صوفيت کي تبديلي جي ارتقائي عمل سان سلهاڙي ٿي۔

پنهنجي ڪجهه ڪمزورين جي باوجود، ´طريقت جو سج` هڪ اهم صوفي، ادبي ۽ تخليقي ناول آهي جيڪو سنڌي ادب ۾ ڊگهي وقت تائين زنده رهندو.



 

Thursday, August 20, 2020

سنڌيت جو پرچاري تخليق ڪار علي بابا هوش محمد ڀٽي

 


سنڌيت جو پرچاري تخليق ڪار علي بابا

 هوش محمد ڀٽي

مونکي علي بابا سان ملڻ جو  ڪڏهن موقعو نه مليو آهي بس هڪ دفعو مون کيس سن جي اسٽيج تي ڏٺو هو. ان کان اڳ مون علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول ”موهن جو دڙو“  ۽ ٻارن لاءِ لکيل ناول ”سنڌ باد جو سفر“ پڙهي چڪو هئس. باقي  سندس ڊرامن تائين اڄ سڌو رسائي نه ٿي سگهي آهي، نه ئي ڪو موقعو مليو اٿم ته ڪٿي ڏسي وٺان. جڏهن مون علي بابا کي پهريون دفعو ڏٺو هو ته هن ۾ مون کي ان جا سڀ ڪردار جهلڪندا نظر آيا هئا. هو سنڌي ڏند ڪٿا جو ڪو شاندار ڪردار ۽ پرسرار شخص لڳي رهيو هو. علي بابا ۾ سندس ڪردارن جا روپ ڏسي مان حيران هيس/آهيان. رند قبيلي سان تعلق رکندڙ علي بابا مون کي شاهه سائين واري رندن جهڙو لڳندو آهي جئين شاهه سائين چيو آهي ته ”رند پرڙوين راز…“ ها علي بابا ۾ سنڌ جي ڏکن سورن ۽ تاريخي ويساگهاتين جا ڪيترائي الميا لڪل آهن انهن ڳجهن کي پروڙري هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي  علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي.“

 علي بابا ڪيترن ئي جاين تي لکي چڪو آهي ته هن لکڻ جي شروعات ننڍڙي عمر ۾ ڪئي. ڪجهه نه ڪجهه لکي وري ڦاڙي اچلائي ڇڏيندڙ سنڌي ادب جو هي عظيم ڪردار سنڌي ادب ۾ بڙ جي وڻ جيڏي جاءِ ٺاهي ويندو اهو ته سندس سوچ ۾ به نه هوندو.  ڪچي عمر ۾ لکڻ جي مشق علي بابا کان مضبوط ڪردارن واري تخليقن کي جنم ڏياريندي. ڪنهن ڇوڪري کي مئٽرڪ جي امتحان جي هال  ۾ بجو ڏيڻ  تان ٻاهر ڪڍيل علي بابا مئٽرڪ فيل هجڻ ڪري ڪا سڻڀي نوڪري حاصل نه ڪري سگهيو. علي بابا زندگيءَ ۾ ٻه نوڪريون ڪيون.هڪڙي ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪي ۽ ٻئي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ مئينجري، جيڪي به گهڻو وقت نه هليون. سال ڪلارڪي ۽ چار سال مئينجري ۾ گذارڻ کان پوءِ علي بابا جي پيٽ گذر جو واحد ذريعو لکڻ ئي وڃي رهيو.
 سنڌ ڌرتيءَ جو هي رولاڪ البيلو اديب ادبي ميڙاڪن ۾ غائب رهندو آهي، مشڪل سان ئي ڪٿي ديدار نصيب ٿيندو آهي. علي بابا جي باقاعده لکڻ جو سال 1965ع آهي جڏهن سندس شروعاتي ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. علي بابا جي تخليقن ۾ توهان کي صرف سنڌ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ڪردار به سنڌي نظر ايندا. سندس تخليقن ۾ خيالي دنيا کان حقيقت وڌيڪ آهي، ماحول ۽ منظر به سنڌ جا چٽيا اٿس.

 سنڌ ادب جي هن يگاني مزدور علي بابا  پنهنجي قلمي پورهئي مان ٽي سؤ ڪهاڻيون ۽ هڪ سؤ ڊراما ڏئي چڪو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ ڪيترائي ٽيلي ناٽڪ، فلم اسٽوريون به لکيا اٿس. علي بابا جي بهترين ڊرامه نويس جي قابليت تڏهن سامهون آئي جڏهن سندس ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کي جرمني جي شهر ميونخ ۾ ڊرامن جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر قرار ڏي انعام ڏنو ويو.  انهيءَ ميلي ۾ 97 ملڪن حصو ورتو. ”دنگي منجهه درياهه“ ڊرامو سنڌو درياهه جي مهاڻن جي زندگيءَ تي لکيل آهي جنهن جيجي زرينه ڪردار ادا ڪيو هو. ڊرامي ۾ مهاڻن جو درياهي ٺيڪيدار سان جهيڙو ٿئي ٿو ۽ مهاڻن سان جيڪي مسئلا درپيش اچن ٿا انهن کي اٿاريو ويو آهي. ”دنگي منجهه درياهه“ ناٽڪ جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اهو ناٽڪ ڏسڻ کان پوءِ درياهن تي ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪرايو.  علي بابا جو ٻيو اهم ناٽڪ ”رقص حيات“ آهي، جيڪو موهن جي دڙي جي  ناچڻي جي زندگيءَ تي آهي. ان کان علاوه سندس  ٻالي شاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي به مقبول ناٽڪ اٿس.

 علي بابا جو پهريتو ڪهاڻي ڪتاب 1983ع ۾،  ٻيو ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ۽ ٽيون ڪتاب علي بابا جون ڪهاڻيون“ آهن.  تازو روشني پبليڪيشن پاران سندس ٽنهي ڪتابن کي گڏي ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ جي نالي سان آندو ويو آهي. جنهن ۾ سندس رڳو اڌ ڪهاڻيون آهن ۽ ان جو ٻيو حصو نه آيو آهي.
 سنڌي ماڻهو ازل کان حساس طبعيت رهيا آهن ان جو مثال توهان کي تاريخ ۾ به ملندو ته سنڌين تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن تي هلان ڪا نه ڪئي آهي نه ئي ڪنهن قوم جو بي گناهه رت وهايو آهي. سنڌين  هر دؤر ۾ امن جو هوڪو ڏنو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان جنم وٺندڙ علي بابا به پنهنجي حساس مزاج مان ”ڌرتي ڌڪاڻا“ ، ”ڪجلا تجلا ماڻهو“ ۽ ٻين شاهڪار ڪهاڻين کي خليقيو آهي. جن کي پڙهي مان جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويس ۽ منهنجي اکين جا بند ٽٽي پيا ۽ مان سڏڪن ۾ پئجي ويوهئس. هر حساس دل انسان/سنڌي تي به انجو اهڙو ئي اثر ٿيندو. علي بابا سراپا سنڌيت آهي. علي بابا کي سنڌ ۽ سنڌيت جو جيڪو جنون آهي ان ڪري سندس تخليقون  سنڌي سماج، سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو عڪس آهن جن ۾ سنڌ نظر اچي ٿي اسين پاڻ کي ڏسون ٿا. علي بابا انهن ۾ اسان جي ڳالهه ڪئي آهي اسان سنڌين جي ڏکن ۽ پيڙائن کي چٽيو آهي.

  موهن جو دڙو جنهنجي نالي سان  اسان پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڃاتا وڃون ٿا ۽ مختلف قومن جا ماڻهو اسان جي تهذيب کي احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. ان عظيم تهذيب تي علي بابا جو ناول ”موهن جو دڙو“ جو پهريون حصو 1985ع ۾ ڇپيو. جيڪو اڳ۾ ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگيءَ“ ۾ قسطوار ڇپيو هو.  علي بابا کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪمال جو  هنر آهي، سندس ڪردار، پلاٽ ۽ منظرن ۾ جيڪا جان آهي. اها کيس سگهارو قلمڪار ثابت ڪريس ٿي. هن ناول ۾ هن سنڌو سڀيتا کي اسان جي اڳيان آئيني جيان ڏيکاريو آهي. پر وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته ان ناول جو پهريون حصو پڙهي گذريل ڏهن سالن کان ٻئي حصي جي پڇا ڪندو رهان ٿو. مان سمجهندو هئم ته ان جو ٻيو حصو ڇپيل آهي شايد ڇپجي نه سگهيو آهي پر نه علي بابا خود پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ ان جو اقرار ڪري ٿو ته مون کان هاڻي اهي ڪردار وڌيڪ تخليق نٿا ٿي سگهن. مون سميت سنڌ جي کوڙ سارن پاٺڪن کي هن ڪلاسيڪل ناول جي ٻئي حصي جو انتظار آهي پر 32 سال گذرڻ باوجود علي بابا خبر ناهي ڇو ان جي ٻئي حصي لکڻ ۾ سنجيده نه هو. هاڻي علي بابا ڪڏهن لکي ب ن سگهندو. پر پوءِ به اسان کي انتظار آهي ۽ رهندو پوءِ ڇو نه ڪو ٻيو قلم ڌڻي ان تي قلم کڻي پورو ڪري. آء ب پنهنجي طرف کان ڪوشش ڪندس.
 علي بابا جو ٻيو ناول ”سنڌ باد جو سفر“ جيڪو ٻارن لاءِ لکيو اٿس. اهو ناول 1993ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ باد جي سفر ۽ ان ۾ موجود ڪردارن کي علي بابا سنڌي روپ ڏنو آهي جهڙوڪ اهو سنڌي قصو ٿي ويو آهي. اهو سندس فن ڪاريگري جو اعليٰ مثال آهي.
 علي بابا سنڌ جو مسڪين ۽  سادي طبيعت رکندڙ پنهنجي جوهر ۾ هڪ حقيقي ۽ مڪمل سرجڻهار آهي. جنهن وٽ اڻ کٽ ڏات آهي جنهن سان هو پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ ۽ عظيم ڪردارن کي دنيا جو آڏو پيش ڪري ٿو. 

Thanks Daily Ekta Karachi and Tasveer Sandilo sain.

Wednesday, August 19, 2020

ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“ امر لغاري


ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“
امر لغاري

سنڌ ۾ ماحولياتي حوالي سان تمام ٿورڙا نالا اهڙا آھن، جن ماحوليات جھڙي وڏي تناظر واري موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ انتھائي شاندار لکيو آھي. انهن نالن منجهان ناصر علي پنھور پڻ هڪ آهي. هو ماحولياتي حوالي سان نه فقط هڪ ماهر پروفيشنل آهي، پر گڏو گڏ ماحولياتي مينيجمينٽ توڙي صحافت جهڙن شعبن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪندو پيو اچي. انهي سڃاڻپ هيٺ هن گهڻو ڪجهه پڻ لکيو آهي. ناصر جو سڀ کان اهم ڪم قلم ذريعي ماحولياتي سجاڳي پکيڙڻ، پائدار ترقيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ، عالمي ماحولياتي تبديلين بابت خبردار ڪرڻ، آب هوا جي تبديلي، سنڌو درياهه ۽ ان جي وهڪرن، ڊئمن، بئراجن، پاڻيءَ جي ڍنڍن، درياهه جي ڇوڙ واري علائقي ڊيلٽا توڙي انهن تي انحصار ڪندڙ جهنگلي جيوت، زراعت ۽ عام آدم بابت ماڻهن کي معلومات ڏيڻ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ هن جو جيڪو نئون ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، تنهن ۾ پڻ انهن ئي مسئلن کي سائنسي، سماجي ۽ تاريخي ڄاڻ جي حوالن سان اجاگر ڪيو ويو آهي.

سنڌو درياهه ۽ ان جي ماحولياتي مسئلن بابت مضمونن جي هن ڪتاب ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي ماحول جو گھڻ رخو مشاھدو بيان ڪندي ناصر انھن سڀني پاسن تي قلم کنيو آھي، جيڪي اسان جي ھن خطي جي ماحولياتي ثقافت جوڙين ٿا. ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ کي معلومات توڙي موضوعن جي حوالي سان ڇهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي جو عنوان آهي ”سنڌو درياهه، ڊيلٽا ۽ ڊئم“. هن حصي ۾ ڪل يارنهن مضمون ڏنل آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي صحت، ان سان لاڳاپيل سياسي، معاشي ۽ ماحولياتي مسئلن، وهڪرن، ڊيلٽا جي مستقبل، ماحول دشمن رٿائن، سامونڊي چاڙهه وغيره بابت آهن. جيڪڏهن هنن مضمونن جو تت ڪڍجي ته ليکڪ جي ان ڳالهه سان سهمت ٿيڻو ٿو پوي ته ”نديون ئي ڌرتيءَ جي گولي کي جيئرو رکن ٿيون“. ليکڪ مطابق جيئن ته انساني تهذيبن جي تاريخ درياهن سان ڳنڍيل آهي، ۽ دنيا جي قديم تهذيبن درياهن جي ڪنارن تي جنم ورتو، ان ڪري تهذيبن جو درياهن سان جذباتي رشتو آهي. درياهه انسان لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي سان گڏ روزگار جي وسيلن، آمدرفت ۽ زراعت لاءِ نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. جيئرا درياهه ڌرتيءَ جي جياپي، زمينن لاءِ لٽ، تعميراتي سامان، تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏ ثقافتي ۽ روحاني طور ماڻهن کي سگهه بخشين ٿا. درياهه جا زنده وهڪرا ٻوڏن ۽ ڏڪارن جي اثرن کي گهٽائن ٿا، ٻيلن جي واڌ، ماهيگيري ۽ ماحولياتي نظامن کي برقرار رکن ٿا. ليکڪ اسان کي اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته هن وقت جتي دنيا ڀر جا درياهه پاڻي کڻڻ، ماحولياتي گدلاڻ ۽ وهڪرن جي رخ موڙڻ جهڙن دٻائن جو شڪار آهن، اتي سنڌو درياهه پڻ جياپي جي جنگ وڙهندي آخري پساهن ۾ آهي، جنهن جا مکيه سبب انساني آبادي جو وڌڻ، زرعي زمينن جو وڌيڪ آباد ٿيڻ سان گڏ ڊئمن جو اڏجڻ ۽ موسمي تبديليون آهن. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو پڻ اسان جي ملڪ جي فائدي ۾ ناهي رهيو، نتيجي ۾ پاڻيءَ جي ملڪي ضرورتن جو سڄو وزن سنڌو نديءَ مٿان اچي ڪڙڪيو آهي. جيئن ته پاڻيءَ کي سمنڊ تائين پهچڻ نٿو ڏنو وڃي، ان ڪري ڊيلٽا ۽ ان جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي، ۽ سمنڊ جون ارهه زورايون وڌي تباهيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويون آهن.
ڪتاب جو ٻيو حصو ”موسمي تبديليون، ماحول ۽ فطري وسيلا“ جي عنوان سان آهي، جنهن سان لاڳاپيل ارڙهن ليک شامل ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن جو تناظر جيتوڻيڪ موسمي تبديلين جا ماحول ۽ معيشت تي اثر ئي آهي، پر ان جو دائرو ساري دنيا کان ٿيندو اسان جي ملڪ ۽ سنڌ تائين پهچي ٿو. موسمون ڇو ته ڌرتيءَ جي گولي سان تعلق رکن ٿيون انڪري انهن ۾ فطري توڙي هٿراڌو تبديليون دنيا سان گڏ اسان تي پڻ اثر انداز ٿين ٿيون. جنهنڪري، سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان جي معيشت يعني روزگار جي وسيلن ۽ اسان جي فطري وسيلن (يعني مستقبل جي وسيلن) کي پهچي ٿو. موسمي تبديلين ۾ جتي ليکڪ گرميءَ جي پد ۾ اضافي جو ذڪر ڪري ٿو اتي برساتن ۾ ڪمي، ڏڪار، موسم جي شدد ۽ سامونڊي طوفانن جي پڻ ڳالهه ڪري ٿو. بقول ليکڪ جي ته موسمي تبديلين جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪار سنڌ صوبو ٿئي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي پنجاب ٿئي ٿو. موسمي تبديلين جو سڌو سئون شڪار ماڻهو ٿين ٿا. کين خوراڪ جي ڪمي، لڏ پلاڻ، بيمارين، ڊگهي عرصي تائين زندگيءَ جي سهولتن کان محروم ٿي وڃڻ، مال جي مري وڃڻ ۽ ٻين انيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري هو سنڌ جي پاليسي ساز ادارن ۽ حڪومت کي صلاح ڏئي ٿو ته سرڪار کي سنجيده ٿي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ موسمي تبديلين کي ترجيحي بنياد تي پنهنجي ايجنڊا تي رکڻ گهرجي.
ڪتاب جو ٽيون حصو ”پاڻي“ جي عنوان سان آهي. هن حصي هيٺ ڪل نوَ ليک شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڻيءَ کي زندگيءَ جي بنيادي نعمت طور ڏٺو ويو آهي. گڏو گڏ پاڻيءَ جي کاپي، پاڻيءَ جي وسيلن ۽ ذريعن بابت بحث ڪيو ويو آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته تازو ”پاڪستان ڪائونسل آف رسرچ ان واٽر رسورسز“ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي 84 سيڪڙو آباديءَ کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ادارن جي ناقص منصوبه بندي ۽ بدانتظامي آهي. جيتوڻيڪ ماحولياتي گدلاڻ، گٽرن جو دريائن ۾ ڇوڙ، زير زمين پاڻيءَ جو ڪڙو هجڻ ۽ ان ۾ سنکيي جي موجودگي پڻ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي مسئلن ۾ شامل آهي، پر سڀ کان اهم مسئلو پاڻي هوندي ان کي صاف ڪري ماڻهوءَ تائين پهچائڻ واري رٿابندي آهي، جيڪا وقت جي حاڪمن جي ترجيحات ۾ شامل ناهي. سنڌ پڇڙيءَ ۾ هئڻ ڪري ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي. سڄي ملڪ جي گٽرن ۽ ٻئي ڪني فضلي جو نيڳال پڻ سنڌو درياهه ذريعي سنڌ ۾ ٿئي ٿو. پر جيئن ته هڪ پاسي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست وارو نظام پراڻو ۽ ناڪارا آهي، ۽ ٻئي پاسي انساني آبادي توڙي شهرن جي تڪڙي واڌ ۽ وڏين عمارتن جي تعميرات ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جنهنڪري پاڻيءَ کي صاف ڪري هر جاءِ تي پهچائڻ واري منصوبه بندي نه هئڻ ڪري انساني آبادي مختلف بيمارين جو شڪار آهي، جن ۾ ڪالرا، پيٽ جون بيماريون ۽ سائي وغيره شامل آهن. ليکڪ پاڻيءَ جي ذخيرن کي صاف رکڻ، انهن تائين تازو پاڻي پهچائڻ، ادارن مان ڪرپشن، اقراپروري، سياسي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ پاڻيءَ جي ورهاست واري نظام کي نئون ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو.
ڪتاب جي چوٿين حصي کي ”ڍنڍون، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلا“ جو عنوان ڏنو ويو آهي. هن حصي ۾ ڪل چوڏهن ليک شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي ڍنڍن، انهن جي ماحول، اهميت، فطري سونهن، آبي جهنگلي جيوت ۽ انهن جي بقا بابت آهن. ليکڪ هنن مضمونن ۾ سنڌ جي آبي خطن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”ڍنڍون قدرتي آفتن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جهڙوڪ: ٻوڏون، ڏڪار ۽ سامونڊي طوفان. ڍنڍون فطري طور شديد برساتن ۽ ٻوڏن جي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.“ ليکڪ جو چوڻ آهي ته ڍنڍون فطرت جون سپر مارڪيٽون آهن. ”ڌرتيءَ جي فطري توازن کي برقرار رکڻ ۽ انساني ترقيءَ لاءِ ڍنڍن جي فطري حسن کي برقرار رکڻ لازمي آهي. ڍنڍون نه رڳو پاڻيءَ کي صاف شفاف رکن ٿيون، پر جر جي سطح کي به برقرار رکن ٿيون.“ ص ـــ173. ليکڪ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته ڍنڍون هڪ پاسي انسان کي خوراڪ مهيا ڪن ٿيون، ته ٻئي پاسي ساحلي علائقن کي سامونڊي چاڙهه کان محفوظ رکن ٿيون ۽ موسمي تبديلين جي اثرن کي پڻ گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڍنڍن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته درياهن جي وهڪرن جو بچاءُ ڪيو وڃي، صنعتن جي گدلي ۽ زهريلي پاڻيءَ کي ڍنڍن ۾ پوڻ کان روڪيو وڃي ۽ انهن کي سُڪائي زرعي زمينن طر استعمال ڪرڻ کان قانوني طور بچايو وڃي.
ڪتاب جو پنجون حصو ”ٻوڏون، ڏڪار ۽ زلزلا“ جي عنوان سان آهي. هن حصي ۾ سورهن ليک شامل ڪيا ويا آهن. جيئن عنوان مان ئي ظاهر آهي ته هن حصي ۾ ليکڪ قدرتي آفتن، انهن کان بڇاءُ لاءِ رٿابندي ۽ انهن جي اثرن بابت بحث ڪيو آهي. جن قدرتي آفتن جو ليکڪ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي تن ۾ زلزلا، برساتون، ٻوڏون، ڏڪار، طوفان ۽ سونامي شامل آهن. هنن مضمونن ۾ گذريل ٽيهن سالن دوران آيل زلزلن، برساتي ٻوڏن، سامونڊي طوفانن ۽ ڏڪارن جو نه فقط تفصيل بيان ڪيو ويو آهي پر انهن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جا به انگ اکر ڏنا ويا آهن. ٻڌايو ويو آهن ته ڪيئن انهن سنڌ جي سرزمين تي تباهي مچائي، ۽ ڪيئن اڳواٽ رٿابندي نه هئڻ ڪري ماڻهن کي وڌيڪ نقصان کڻڻو پيو. ناصر پنهور هنن مضمونن ۾ ٿر، ڪاڇي، ساحلي پٽي، درياهه، بلوچستان، نيپال کان ويندي بنگال ۽ جاپان تائين آيل آفتن جا پيرا کنيا آهن، ۽ انهن جي سنڌ تي پوندڙ اثرن تي سائنسي انداز سان تجزيو ڪيو آهي.
ڪتاب جي ڇهين ۽ آخري حصي جو عنوان ”پائدار ترقي“ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪل ٻارنهن مضمون ڏنل آهن. هيءُ حصو مجموعي طور انهن سمورن وسيلن جي سائنسي طريقي سان توڙي ڏاهپ ڀريي استعمال بابت آهي، جن جو اسان هن جائزي ۾ اڳ ذڪر ڪري آيا آهيون، يا جن جي غلط ۽ بي جا استعمال جي ڪري ملڪ قدرتي آفتن کان ويندي هٿراڌو آفتن جو شڪار ٿين ٿا. پائدار ترقي لاءِ ليکڪ جو چوڻ آهي ته جمهوري نظام جون پاڙون عام ماڻهوءَ تائين هجڻ ضروري آهن. اهو تڏهن ٿي سگهندو ”جڏهن حڪومتون سول سوسائٽي کي ڪم ڪرڻ لاءِ مناسب ماحول مهيا ڪنديون ۽ سماج جي پٺتي پيل طبقن جي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ ادارتي پليٽفارم مهيا ڪنديون.اها خود مختياري تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن غربت کي گهٽائڻ لاءِ اهڙي معاشي ترقي ٿئي جنهن ۾ سڀئي ماڻهو شامل هجن ۽ روزگار پيدا ٿئي.“ هن جو چوڻ آهي ته معاشي ترقي جا فائدا پهچائڻ ۾ جتي هڪڙي رڪاوٽ هتان جو هاڻوڪو نظام ( جيڪو نا اهل ۽ ڪرپٽ) آهي، جنهن ۾ اهي فائدا مخصوص ماڻهن تائين محدود آهن، ۽ ٻي رڪاوٽ موسمي تبديليون بنجن ٿيون، جن جا اثر غريبن تي وڌيڪ نمايان آهن. انڪري پائدار ترقيءَ لاءِ حقيقي عوامي جمهوري نظام ضروري آهي، گڏو گڏ موسمن جي تبديلين جي اثرن آڏو صف بندي پڻ ضروري آهي، جيڪا قدرتي وسيلن جي صحيح استعمال (يعني مناسب استعمال)، صحيح رٿابندي ۽ صحيح منصوبه بنديءَ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.
هن ڪتاب جي هڪ خاص ڳالهه ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو لکيل مهاڳ پڻ آهي. ميڊم انتهائي شاندار نموني تحقيقي انداز سان هن ڪتاب جي ماحولياتي ۽ تاريخي اهميت بيان ڪئي آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”هيءُ ڪتاب ڇو اهم آهي؟“ ۽ ”ان کي ڇو پڙهڻ کپي؟“ جنهن جو جواب به پاڻ ئي ڏئي ٿي: ”درياهه جا سوڙها ٿيندڙ وهڪرا، گرمين ۾ ريگستان جو ڏيک ڏيندڙ سڪل درياهه. آبپاشيءَ جي مقصدن لاءِ ٺاهيل ڊئم ڄڻ ته درياهه جي وهڪرن سان هٿ چراند آهي. ماحولياتي نظام جي تباهي ڪهڙن سببن ڪري ٿي آهي؟ ۽ ان ۾ اسان جو پنهنجو ڪيترو هٿ آهي؟ ٻيلن جي واڍي ڪنهن ڪئي ۽ ان کي روڪيو ڇو نه ويو.“
مجموعي طور هي ڪتاب اسان جي ملڪ، خاص ڪري سنڌ جي ماحولياتي اثاثن کي محفوظ ڪرڻ، انهن جي مناسب استعمال، ۽ کين درپيش خطرن ۽ مسئلن کان آگاهه ڪري ٿو. ان سان گڏو گڏ هيءُ هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي، جو انگن اکرن ساڻ پنهنجي فطري وسيلن جي معاشي ۽ ماحولياتي دولت ۽ فطري حسن جي بچاءُ جو ڪيس پڻ پيش ڪري ٿو.

 

ڳالھيون ڳُجھ اندر جون! (ڪتاب ”مانوارن سان ملو,نصير مرزا“ جو جائزو) عاشق چانڊيو

 ڳالھيون ڳُجھ اندر جون!

(ڪتاب ”مانوارن سان ملو,نصير مرزا“ جو جائزو)
عاشق چانڊيو

پاڻ ڪجھ ڏينھن کان انٽرويو پڙھڻ شروع ڪيا آهن جو ان ۾ ڪيئي مزيدار ۽ ڳجھين ڳالھين جي پروڙ پئجي وڃي ٿي. اسان جو سنڌي ادب به شاھڪار آهي جو ان ۾ پڙھندڙ جي چونڊ ملي وڃي ٿي، کڻي جو ان جو مقدار ٿورو ئي ھجي پر پڙھندڙ پنھنجي خواھش کان محروم نه ٿو رھي. ڪھاڻيون، ناول، مضمونگاري، انٽرويو، فلسفو سڀ ڪجھ موجود آهي، بس ڳالھ آھي ته مقدار جي، ڪا شيءِ ججھي آھي ته ڪا ٿورڙي. سو پاڻ کي به انٽرويو پڙھڻ جي خواھش جاڳي ته پاڻ سنڌي ۾ انٽرويوئن جا ڪتاب جاچڻ لڳاسي.، ان ۾ پاڻ کي مايوسي پلئه ڪونه پئي. پھريون ته ھمسفر گاڏھي جو ڪتاب "سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو" ھٿ لڳو. پڙھيوسين، گھڻيون ڳالھيون سکيونسين. امر اقبال جو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" به ان ئي ڪڙي جو اسان کي ملي ويو. اوريان فلاشي جو ھڪڙو مشھور انٽرويوز جو ڪتاب "interviews with history" جو اردو ترجمو "تاریخ کا دریچہ" به پڙھي ورتوسين ۽ ان ئي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پاڻ کي جڏھن سنڌي انعام پاران ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ عيوض ڪتابن ملڻ جي آڇ ٿي ته پاڻ ھي ڪتاب "مانوارن سان ملو" به چونڊيو آهي جيڪو پڻ انٽرويوز جو ڪتاب آهي جنهن جو انٽرويو ڪندڙ آهي نصير مرزا!

ھڪ قدم اڳتي پاڻ ھڪڙو ٻيو انٽرويوئن جو ڪتاب به ھٿ ڪري ورتو آهي جنھن جو انٽرويو ڪندڙ آھي مرتضي سيال.
خير, پاڻ ڪتاب بابت ڳالھايون يا جن شخصيتن ھتي پنھنجو اندر اوريو آهي، اھي ڳالھيون ٻيھر ورجايون، پڙھون، پڙھايون!
ڪتاب ۾ 35 انٽرويو سھيڙيل آھن جنھن ۾ خود ليکڪ جي ڳالھ ٻولھ پڻ شامل آهي، پاڻ 35 ئي ڄڻن جي ڳالھيون ته بيان ڪري ڪونه سگھنداسين، پوءِ به ڪجھ ڳالهيون بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نصير مرزا جي ھن ڪتاب جي ھڪڙي خاصيت اھا آھي ته انٽرويوز سان گڏ ھي خاڪن جو ڪتاب به آھي، جيڪي نصير مرزا انٽرويو ڏيندڙن جي شخصيتن تي لکيا آهن. نصير مرزا جي جيڪا لکڻي آهي ان ۾ عجب ۽ تعجب جون نشانيون کوڙ ملنديون آهن ۽ اھي عجب تعجب جون نشانيون پڙھندڙ کي ان ئي ريت روانگي سان پڙھڻ تي آماده ڪن ٿيون جيئن نصير مرزا ريڊيو ڪمپيئرنگ دوران شخصيتن جو تعارف روانگي سان ڪندو ويندو آهي، اھو پڙھڻ ۾ مزو ڏئي ٿو. جيئن مسز شيرين فيروز نانا جو تعرف لکيو اٿس؛
"اَسي سالہ مسز شيرين فيروز نانا عرف" ادي بَيبي"، منھنجي فرسٽ ڪزن ۽ مٺي ڀيڻ آھي. ۽ اھا خبر به.... گھڻو گھڻو.... گھڻو دير سان پئي ھئي مون کي، اڻويھ سو نوي ۾. ۽ لاتعداد چاچن ۽ ڳڻپ کان ٻاھر ڪزنس ۾" ادي بَيبي" جي نالي سان به خاندان ۾ ڄائي خوبصورت، باوقار ۽ وضعدار ھستي موجود آهي ۽ ان جي خبر به ڀلا مون کي پوي ھا ته ڪيئن؟ "
مٿين پئراگراف ۾ اھڙي ڪا ڳالهه ته موجود ڪونھي سواءِ فيروز نانا جي تعرف جي پر مون ليکڪ جي بيان اسلوب جو ھڪڙو نمونو رکيو آهي ۽ ھو انٽرويو ۾ به ايئن ”پڇيم، وراڻيائين، ھن چيو پئي“ واري اسلوب ۾ انٽرويو جا سوال ۽ جواب لکيا آهن. جيتوڻيڪ سڀ انٽرويو ان انداز ۾ نه ڪيا ويا آهن پوءِ ٻيا انٽرويو ڪھڙي انداز ۾ ڪيا ويا آهن؟ پھريان ھڪڙي ڳالھ ٿا ڪيون! امر اقبال پنھنجي انٽرويو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته؛
" مون کي ياد آهي ٻانڀڻ صاحب جي آفيس ۾ چانھ پيئندي، آغا سليم صاحب کيس چيو ھو: ”مَن! ڇَڏ انٽرويوءَ کي، مان ھتي تو وٽ صرف چانھ پيئڻ آيو ھئس.... ۽ ٻيو ته تنھنجو ھي ڪمپيئر ڀلا مون کان انٽرويو وٺندو به ڇا؟ پڇندو.... پسند جو رنگ ڪھڙو اٿئي؟... پسند جي موسم... پسند جي خوشبوءِ....“
سو ٻيا انٽرويو مٿين انداز ۾ ورتا ويا آهن، پر اھو انداز موھن ڀڳت جي انٽرويو ۾ ته ٺيڪ آھي پر ماھتاب محبوب جي انٽرويو جو اھو انداز ته نه ھجي ھا ني! ماھتاب محبوب کان نصير مرزا ڪجھ اھڙا سوال پڇيا آھن جيئن؛
"وڻندڙ گل؟
پسند جو ڊراما ليکڪ؟
پسنديده اخبار؟
پسند جي فلم؟"
ھاڻي انھن سوالن جا جواب پڙھڻ ۾ ڀلا ڪھڙي دلچسپي ھوندي! ان انٽرويو جا سڀ سوال به مختصر ته جواب به مختصر پر ھڪڙو سوال ۽ جواب سٺو آهي اھو ھتي پيش ڪيون ٿا.
"سوال آهي، ادب دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو؟
"ادب فرد واحد کي تبديل ڪري سگهي ٿو، معاشري جون حدون اورانگهي ملڪي حدن تائين به وڏا انقلاب ۽ تبديليون آڻي سگھي ٿو پر دنيا کي تبديل ڪرڻ واري دعوي تمام وڏي آھي."جواب آهي، ۽ جواب ۾ ڏاڍي سٺي ڳالھ ڪئي وئي آهي.
شيخ اياز جو جيڪو انٽرويو آهي، اھو سوال ۽ جواب طور لکيل ناھي پر ان وچ جي وقفن ۾ جيڪي ڪجھ وھيو واپريو آهي اھو به ليکڪ پني تي اتاري ڇڏيو آهي ۽ سندس چيل ڳالھيون به بيان ڪيون اٿس. شيخ اياز سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ کيس اھا دعوي ھوندي ھئي ته "دنيا جو ادب منھنجي مُٺ ۾ آھي" ۽ ان دعوي متعلق ليکڪ جيڪو اياز جو اسٽڊي روم ڏسي ٿو، ان ۾ موجود ڪتابن جو تعداد ان دعوي جي شاھدي آهي.
"ڪٻٽ ۾ اندر، مٿان پاسن کان ڪتاب _ سوڙھا سٿيل، ھڪ ٻئي سان سلھاڙي، ھڪ ٻئي سان ڦٻيل (لڳو ھنن ڪتابن کي ڪنھن ھٿ جو ڇھاءُ ڏٺي ورھيه لنگھي ويا آهن) ڪٻٽن جي مٿان رسالا، اخبارون، ميگزنس جا بنڊل، انھن جي اوچائي ڇت تائين. (ابوءَ! اھو سڀ ڪجھ، اياز صاحب اڪيلي سر پڙھيو آھي. اھو سوچي منھنجا ھوش خطا ٿا ٿيو وڃن.) "
شيخ اياز جي انٽرويو مان سندس به ته ڪا ڳالھ شيئر ڪجي ني!
"شاعر اھو وڻ ھوندو آھي،
جنھن جا گل،
ھن جي موت کان پوءِ
اڳي کان به، وڌيڪ ٽڙندا آھن!
ھمعصر ڪڏهن به ھڪ ٻئي کي، صحيح نموني ايپريشئٽ نه ڪندا آهن. اھو عزل جو ڪوئي قانون آھي. پوءِ ايندل نسل ئي انھن کي صحيح معني ۾ ايڪناليج ڪري سگھندو آهي."
اياز جي مٿئين نقطئي نظر کي ڏسجي ته ڇا واقعي ايئن آهي ۽ جيڪڏھن آهي ته ڇو؟ ڇا ھمعصر ذاتي زندگي کي نظر ۾ رکي لکڻي جو اڀياس ڪندا آهن؟ ۽ ڇا ليکڪ جي ذاتي زندگي کي نظرانداز ڪري پوءِ ئي ھن جي لکڻي جو اڀياس ڪبو آهي؟ ڇا ليکڪ جي ذاتي ۽ عملي زندگي جو سماج تي اثر نه ٿيندو آهي؟ انھن سڀني سوالن جا جواب آءٌ پڙھندڙن تي ڇڏيان ٿو!
پاڻ اڳتي وڌون ٿا. آغا سليم جو انٽرويو اچي ٿو، ڏاڍا مزيدار ۽ تفصيلي جواب آھن ڇو ته آغا صاحب روايتي سوالن کان چِڙ کائيندو هو جنھن جو مثال مٿي پيش ڪري آيا آهيون. آغا صاحب کان پڇيل ھڪڙي سوال ته "ڪھاڻي، ناول يا شاعري پويان اوھان جا ڪھڙا ارادا ۽ آدرش ھوندا آھن. انھن ۾ اوھان ڏيڻ ڇا چاھيندا آھيو؟" جو ڏنل جواب مون کي ڏاڍو وڻيو آهي ۽ اھو جواب مان توهان کي به پڙھائڻ چاھيان ٿو.
"مان پنھنجي لکيل ادب ۽ فڪشن ۾ پنھنجن خوشين غمن ۽ پيڙائن کي ٻين سان ڀاڱي ڀاڱيوار ڪرڻ کي به پنھنجو آدرش سمجھان ٿو. مثال طور، رات جو ھلندي ھلندي چنڊ جو اھڙو روپ ٿو نظر اچي، جنھن کي ڏسڻ سان منهنجي دل چوندي ته مان توکي ٻڌايان ته: نصير! ڏس ڏس چنڊ ڪھڙو نه سھڻو پيو لڳي. يعني مان share ڪرڻ ٿو چاهيان خوشيءَ کي. انھيءَ حُسن کي، جيڪو مون ماڻيو. مان سمجهان ٿو ته، تخليقي عمل به اھو ئي آهي ته، ليکڪ ٻين کي حصيدار بڻائي، share ڪري جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي "
اسان کي مٿين خوبصورت ڳالهه ته پڙھڻ لئه ملي وئي پر اسان جنھن ڳُجھ جون ڳالھيون جاچڻ لاءِ انٽرويو پڙھيا اھي ڳالھيون اسان کي معلوم ٿي نه سگھيون ڇاڪاڻ ته آغا صاحب جي جيڪا انٽرويو جي جيڪا رڪارڊ ٿيل ڪئسيٽ ھئي، اھا نصير مرزا جي ٽيبل جي خاني مان چوري ٿي وئي ۽ تيستائين اڌ انٽرويو ئي پني تي اتري سگھيو ھو. ۽ اھا ڳجھ جي ڳالھ ھيءَ ھئي؛
"اھا عذرا ڪير آهي؟ ان تان ته اڄ پردو کڻو ئي کڻو!
کلندي وراڻيائين؛ اُھا بھرحال وامق واري 'عذرا' ڪانھي نصير.
ڀلا عذرا رياض؟
نه منَ.
شايد فھميده رياض..... اِھو نالو نورالھدي شاھ مُرڪندي کيس ياد ڏياريو. آغا صاحب اِن تي الائي ڪهڙو جواب ڏنو هو. مون کي ھاڻي گھڻو سوچڻ جي باوجود ياد ئي ڪونه ٿو پوي. "
ڪاش اِھا ڪئسيٽ نه چورائجي ھا ته اسين مٿيون ڳُجھ ته معلوم ڪيون ھا پر اڳتي شايد ڪي ٻيا راز يا علمي ڳالھيون ھجن ھا!
پاڻ ھاڻي ھڪڙي آخري ڳُجھي ڳالھ پڙھون ٿا جيڪا ھري موٽواڻي جي اندر اوري آھي.
" سٺ واري ڏهاڪي ۾ شيخ اياز صاحب رشيد ڀٽي سان گڏجي انڊيا آيو ھو. اياز ڇاڪاڻ ته اڳي ئي اسان لاءِ وڏو نالو ھو، تنھن ڪري ڪجھ دوستن، سڳن آھوجا، موھن ڪلپنا ۽ ٻين شيخ اياز جي ڀارت ۾ تمام وڏي آجيان ڪئي. راجن چاولا انھن ڏينھن ۾ ٻين ۾ ڪجھ اڀريل ھو. ھن وٽ پنھنجي موٽر ڪار ھئي. جڏھن ته اسين غريبڙا ھئاسين، گاڏي ڪنھن وٽ ڪانه هئي. اياز کي ماني ته کارائي سگھياسين پئي، پر گھمائي ڦيرائي نه پئي سگھياسين. راجن وٽ ڪار سان گڏ نئون فليٽ به ھو. ھنن ٻنھي زال مڙسن شيخ اياز کي سڄي ھندستان جو سير ڪرايو. راجن چاولا چوي ٿو ته سير سفر دوران گفتگو ۽ فرينڪنيس جو شيخ اياز غلط مطلب ڪڍيو ۽ ڇا جو ڇا ويھي ڳالھيون لکيون، جن اسان جي زندگي ۾ وڏو ٽاڪوڙو وڌو.... بعد ۾ گيتا به اياز جي لکيل ڳالھين تي پنھنجو ردعمل ڏيندي چيو ته اھڙي ماڻھوءَ سان ڪوبه ماڻھو رشتو نه رکي جو اسان ته هن کي وڏو ڀاءُ سمجھي ريسپيڪٽ ڏني ۽ ھن وري اسان کي پنھنجي لکڻين ۾ ڪنھن ٻي طرح سان ٽريٽ ڪيو. راجن چاولا ان سلسلي ۾ اياز سان جڏهن ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو ته اياز وري چيو، اھا ڄاٻي 'گيتا' آهي جنھن جو ذڪر مون ڪيو آهي. "
سو يارو اھڙا ڳُجھ ڄاڻڻ لاءِ انٽرويو پڙھندا ڪريو! ڪتاب ۾ وڌيڪ فتاح ھاليپوٽو، مظھر السلام، مراد علي مرزا ۽ امداد حسيني جا انٽرويو تفصيلي ۽ مزيدار آھن. ڪتاب نئون نياپو پاران شايع ڪيل آهي. آخر ۾ ھڪڙي نشاندگي به ڪندا ھلون ته ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي علي بابا جي تصوير به ڏنل آهي جڏھن ته ڪتاب ۾ سندس انٽرويو ڏنل ناھي!

مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو ڪامران رند

 

مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو تنقيدي جائزو

ڪامران رند


ڪنهن بہ سماج جي ترقيءَ ۾ جيترو ڪردار تعليم جو ھجي ٿو اوترو ئي رھنما ڪردار ھڪَ ليکڪ پڻ ادا ڪري ٿو. ليکڪ پنهنجي دؤر جي سماجي، معاشي، ۽ سياسي حالتن جو اظھار ڪرڻ سان گڏ ان وقت موجود سمورن اصولن، ضابطن، قائدن ۽ سماجي قدرن کي بہ وائکو ڪري ٿو. ھڪ تحرير نہ فقط ڪنھن ليکڪ جي خيالن جي آئينادار ٿئي ٿي پر ان دؤر جو سمورو تاڃي پيٽو بہ پڌرو ڪري ٿي.

ڪتابن جي اھميت کان ڪو بہ سوچيندڙ ذھن انڪار نہ پيو ڪري سگهي، ڇو تہ تاريخ جي دريءَ ۾ ڪتابن جي اک سان ئي جهاتي پائي پئي سگهجي. تيئن ئي اگر سنڌ جي اوائلي تاريخ ۽ ادب تي نظر ڦيرائبي تہ ان دؤر ۾ سرجيل ادب ڏانهن ئي نھاربو. سنڌ جي ادبي تاريخ تي جڏھن ڪرڙي اک رکي مطالعو ڪجي ٿو تہ جو نالو نکٽن جيئان نڪري نروار ٿي ٿو بيهي سو آھي مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ ھڪَ اهڙي چمڪندڙ ستاري جيئن اھميت ٿو رکي جنهن پنهنجي علمي روشنيءَ ذريعي ھزارين اونداھن ذهنن کي روشن ڪيو ۽ ڏيئي ڏيئي لاٽ مثل ھڪَ وسيع ادبي عمارت جو بنياد وڌو.


مرزا قليچ بيگ ھونئن تہ ادب جي ھر صنف ۾ طبع ازمائي ڪئي ۽ بي بھا ڪتاب لکيا. پر ڪجھ صنفن ۾ سندس ڪم تمام شاندار ۽ سگهارو رھيو آھي. ٻي صنفن جيان ناول نگاريءَ ۾ بہ مرزا قليچ بيگ تمام بهترين ۽ عمدو ڪم ڪيو آھي. ھن وٽ ناول لکڻ جون مڙئي فني خوبيون موجود ھيون. مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول ”زينت“ سنڌي ٻوليءَ جي شروعاتي ناولن مان ھڪ آھي. مون اڻ مشھور ناول جو تنقيدي جائزو وٺڻ جي ڪوشش آھي جيڪا معزز پڙھندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو.

مرزا قليچ بيگ نومبر 1890ع ۾ زينت ناول لکي پورو ڪيو. ھن ناول جي ڪهاڻي نهايت ئي سشيل، سندر ۽ سلجھيل عورت جي چؤگرد ڦري ٿي، جيڪا نہ صرف سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرس آھي بلڪ سيرت ۾ پڻ سرھائي بخشيندڙ آھي. جنهن زماني ۾ زينت ناول سنڌي ادب جي ادبي باغ ۾ ھڪَ نئين گل جو واڌارو ڪيو سو زمانو ٽوڻن ڦيڻن، دعا درمل، خير خيرات، قصاگوئي، جادوئي آکاڻين جو زمانو ھئو. جنهن زماني ۾ حقيقت کان ڪوھين ڏور تصوراتي قصا گھڙيا بہ ويندا ھيا تہ اڪثر ڪري انھن جي انڌي تقليد پڻ ڪئي ويندي ھئي. شهزادي ممتاز دمساز جو قصو، ڪوھ ڪاف جي حسينہ، حاطم طائي ۽ دجال جا قصا وغيره ڏاڍي چاھ ۽ شوق سان پرھيا ويندا ھئا. پر جيئن تہ اھي قصا ڪهاڻيون حقيقت کان ڪوھين ڏور محض تصوراتي ھئا تنهنڪري انھن مان ذھنن جي آبياري جي اميد رکڻ اجائي ۽ فضول ھئي. جڏھن درگاھن تي باسون باسڻ ۽ وڻن ۾ وارن جي چوٽيءَ ٻڌڻ روزاني معمول واريون رسمون ھيون تنهن وقت ۾ حقيقت جي ڦرھي کڻي پرچار ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھ ڪين ھئي. مرزا قليچ بيگ نہ فقط ان فرسودگي ۽ دقيانوسيت کان ڪناراڪشي ڪئي پر پنهنجي ناول ۾ ٿيڻ جوڳي ڳالهين تي ڪردارن جي سڃاڻپ ٺاھي. ھن ناول ۾ پڻ اهڙا ڪردار ڏيکاريا اٿس جن جو واسطو حقيقي دنيا سان وڌيڪَ ميل کائي ٿو. جيتوڻيڪ مرزا قليچ بيگ ناول ۾ پاڻ لکي چڪو آھي تہ زينت ناول سندس تخيل جي پيداوار آھي ۽ ھي ھڪ خيالي قصو آھي. زينت ناول پڙھڻ دؤران پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ جو حصو محسوس ڪري ٿو ۽ ڪردارن سان گڏ ھلندو ھلي ٿو.

مرزا قليچ بيگ ناول جي ٻولي تمام سادي ۽ سليس رکي آھي جا پڙهندڙ کي ڏاڍو لڀائي ٿي. اجائي ۽ غير ضروري لفاظي کان پاسو ڪيو اٿس ۽ تمام عام فھم ۽ سادن مثالن سان ڳالھ سمجھائي اٿس. ناول ۾ ڪردارن کان جيڪي ڪم وٺڻ چاھيا اٿس تنهن ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب بہ ويو آھي. پر جيئن تہ ناول جي صنف ھن لاءِ پڻ نئين ھئي تنهن لاءِ گھڻن ئي جاين تي ناول ۾ جھول پڻ نظر اچن ٿا. مثلن ڪردارن جي گفتگو ڪجھ اهڙي انداز ۾ ڪرائي وئي آھي جو ناول ڪنھن ڊرامي جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. مختلف ڪردار پان ۾ ھمڪلام تہ ٿين ٿا پر ٻولي ۽ لهجو تقريبن سڀ جو ساڳو بيهاريو اٿس. جو پڻ ھڪ جھول ئي تصور ڪرڻ کپي. ھڪ سٺي ناول ۾ ڪردار جي مرحلي وار ارتقا مختلف قصن آڌار ڪرائي ويندي آھي تہ جيئن پڙهندڙ ڪردارن بابت پنهنجي ھڪ رائي جوڙي سگهي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪردارن کي شروعات ۾ ئي مڪمل تعارف سان متعارف ڪرايو آھي جن جي سڃاڻپ بلڪل بہ ارتقائي نہ آھي. تنهن لاءِ چئي ٿو سگهجي تہ ناول مان ارتقائي پهلو بلڪل ئي غائب آھي. جيئن ناول جي مرڪزي ڪردار زينت جي تعارف وقت شروع ۾ ئي سڀ ڪجھ بيان ٿو ڪري ڇڏي. زينت جو تعارف ڪمري ۾ قرآن پڙھڻ دؤران ٿو ڪرائي ۽ سندس سموريون خصلتون ھڪ ئي ويرم ۾ بيان ٿو ڪري ڇڏي. مثلن زينت ھڪَ نيڪ سيرت ۽ صورت واري نهايت ئي سهڻي ڇوڪري آھي. سليقي ۽ سگھڙپائيءَ ۾ سندس ڪو ثاني نہ آھي. ھو صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکي ٿي. اٿ ويھ ۽ لٽي ڪپڙي ۾ ڏاڍي محتاط آھي. چھري تي مسڪراھٽ سدا سجائي رکي ٿي. ڪنهن لاءِ بہ حسد ۽ ساڙ نہ اٿس. پنج وقت جي نمازي ۽ پردي جو خاص خيال رکڻ واري آھي. فارغ وقت ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ تي ڌيان ڏئي ٿي. زينت جو اھڙو تعارف کيس ڪا الهامي ۽ آسمان کان لٿل عورت ٿو بڻائي جيڪا ھر عيب کان پاڪ ۽ صاف ڇوڪري آھي. جا حقيقت ۾ ڪنهن بہ ڪردار لاءِ اڻ ٿيڻي ڳالھ آھي.

مرزا قليچ بيگ ناول ۾ جنهن ڳالھ تي زور ڏيندي محسوس ٿئي ٿو سا آھي سندس نصيحت ڀريو انداز. ناول پڙھڻ دؤران ڪنهن ڪنهن ويرم محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ڪا نصيحت آموز ڪهاڻي پئي پڙھجي. ھن عورت جي تعليم کي خاص اھميت ڏني آهي جا ھڪَ بهتر ڳالھ آھي پر ناول جي ھر حصي ۾ اھڙي ڳالھ کي آڻي بيهارڻ پڻ ھڪَ فني خرابي آھي. تنهن کان علاوه مرزا قليچ بيگ پردي جي اهميت کي پڻ گهڻو ظاھر ڪيو آھي پر حقيقت اھا آھي تہ پردو جسم جي ڍڪ کان وڌ اکين جي پرداداري تي زور ٿو ڀري. ھن وٽ عورت جو باپردا ھجڻ کان وڌ، دل جو پاڪ ھجن وڌيڪ اھم آھي. جنهن جو اظھار پڻ پڙهندڙ بار بار محسوس ڪري سگهي ٿو. تنهن کي پڻ فني نقص جي ڳاڻيٽي ۾ آڻجي ٿو. زينت جي مڙس علي رضا جو تعارف پڻ ڪجھ ان ئي انداز ۾ ڪرائي ٿو. جيڪو باھمت بہ آھي تہ بهادر پڻ، باضمير بہ آھي تہ غيرتمند بہ، زال سان پيار ڪندڙ بہ آھي تہ فرض شناس بہ، قدردان بہ آھي تہ سلجھيل ۽ سشيل پڻ. ڪردار جي ايتري چڱائي ۽ پاڪيزگي ناول کي حقيقت جي پهلو کان ڪوھين ڏور آڻي ٿي بيهاري. پر تنهن باوجود فتح خان سرائي جو قصو ۽ مڊل ڪلاس علي نواز مغل جي مسلم خاندان جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي اٿس سا ڪمال آھي. ميرن جي صاحبي جي ختم ٿيڻ جو وڌ ۾ وڌ اثر بہ وچولي طبقي جي مسلمانن تي نمايان پيو. جنهن جو بهتر اظهار پڻ ھن ناول ۾ ڪيل آهي، جو ناول جي خوبصورتي کي وڌائي پيو. جنهن انداز ۾ مرزا قليچ بيگ ھنن خاندانن جي عڪاسي ڪئي آھي تنهن مان ايئن ٿو ڀائنجي تہ ھوند پنهنجي ئي خاندان جو ذڪر ڪندو ھجي. جنهن لاءِ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي درست لکيو آھي تہ، ”انھي ڪتاب ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي آڪھ جو ٿورو احوال ڏاڍي اٽڪل سان آندو اٿس.“ تنهن کان علاوہ حامد جي کرجي پوڻ بعد شيربانو پاران سٺل تڪليفن جي بہ بهترين عڪس بندي ڪئي اٿس.

ناول تي جيڪڏھن تفصيلي نظر وجهبي تہ ناول جا ڪردار، پلاٽ، قصا، ماحول ۽ ٻولي بهترين ۽ جاندار محسوس ٿئي ٿي. البتہ ڪافي ھنڌن تي جھول پڻ اٿس. تنهن بعد بہ مرزا قليچ بيگ طرفان شروع واري دؤر ۾ سنڌيءَ ۾ طبعزاد ناول لکڻ جي اها ڪوشش تمام بهترين ۽ وقتائتي آھي. سندس ناول کوڙ سارن جھولن ۽ فني خامين ھوندي بہ سنڌي ادب ۾ تمام اھم جاءِ والاري ٿو. اھو چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ ”زينت“ ناول اوائلي قصہ گوئـي ۽ جديد سنڌي ادب جو سنگم آھي، جنهن ذريعي سنڌي ڏاھپ قدامت پسنديءَ مان جدت طرف پير پاتو.

Tuesday, August 18, 2020

غزل توڻ جو وقت ٿيو، ٻارڻ ٻاريو مون دانگي چاڙهيندي،توکي ساريو مون ساحر هاليپوٽو

 



غزل

توڻ جو وقت ٿيو، ٻارڻ ٻاريو مون
دانگي چاڙهيندي،توکي ساريو مون

تنهنجي سار ٿڪل،مون وٽ پهتي جيئن
دل ۾ ويهاري ئي،در کي واريو مون

تولاء ڳهڻو ڪو،ڀانيان ٺاهي وٺان
چنڊ جو سون ڪچو، آهي ڳاريو مون

ڪڪرن مان ميڙي،بوندن چوڻون ڏيان 
 ٻاٻيهو ٿر جو،آ هڪ ڌاريو  مون

هيل ته سوچان ٿي، ماريندا پڪ سان 
سڪ جو رات به هڪ، آ سپ ماريو مون

راڻو ٿي نه سگهيس، او منهنجي مومل
توڻي عرصو ڪو،چانگو چاريو مون

ساحر هاليپوٽو

اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون، مٽي ٿي واءُ ۾ وکري ويا اسان آهيون. انجم قاضي


سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

 اوهان کان جيئن ئي وسري ويا اسان آهيون،

مٽي ٿي واءُ ۾ وکري ويا اسان آهيون.

اُها ٻي ڳالهه ته ساڀيان نه پاڻ ماڻي ڪا،
تڏهن به خواب کڻي جي ويا اسان آهيون.

جتي به واسُ اوهانجو مليو اسان کي آ،
اُتي بي ساخته رُڪجي ويا اسان آهيون.

حيات آهي سفر ۾ سڄي گذاري هيءَ،
اَڄاڻ پيچرا گذري ويا اسان آهيون.

نه آسمانُ نه ڌرتي پَتُو ڏئي انجم!
لڳي ٿو راهه ئي ڀُلجي ويا اسان آهيون.

انجم قاضي

آئي نه ڪا پڪار ڪٿي آ،
پهتي وڃي نهار ڪٿي آ.

روڪيان اُداس رات جو مان پر،
“هُن چنڊ کي مهار ڪٿي آ”

هن ڇوڪريءَ سواءِ ئي هاڻي،
مَنَ کي رهي ٻي سارَ ڪٿي آ.

ڪيڏو پکي بلند به اُڏري،
اک جيتري اُڏار ڪٿي آ.

موجود روحَ ۾ آ صدين کان،
هوءَ ڌار ٿي به ڌار ڪٿي آ.

سڀ ڏوههَ سڀُ قصور ها پنهنجا،
ڪنهن تي رکي ميارَ ڪٿي آ.
**
انجم قاضي

نڪور خوابَ اسان جي اڳيان اچي بيٺا،
وري سرابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

جتان جتان به گُذر ٿيو ته درد سَوَ سامهون،
کڻي گلابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

جڏهن به ديسَ جي تاريخ کي پڙهيو کولي
ڏکن جا بابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

اوهان سواءِ ڏٺوسين نه اک کڻي توڙي،
سوين نوابَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

اڳيان پڙهي نه سگھياسين مٿان وري ڪيئي،
نوان نِصاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

ڪئي سي پاڻَ کلڻ جي جڏهن به ڪوشش ڪا،
اکين جا آبَ اسانجي اڳيان اچي بيٺا.

سڄي حيات ئي “انجم” کڻي کڻي پيرو،
سدا عذاب اسانجي اڳيان اچي بيٺا.
**
انجم قاضي 
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

غزل محبتن جي مڳي لڳي ٿي، اها تہ دل جي لڳي لڳي ٿي. اقبال رند

 غزل


محبتن جي مڳي لڳي ٿي، 
اها تہ دل جي لڳي لڳي ٿي. 

ٺلهي لڳي ٿي، خُمار جي کِل، 
ملار جي رُت، ٺڳي لڳي ٿي.

بدن بدن ٿي وڃي وڪوڙي،
ٻري اُجهي ٿي، ڌڳي لڳي ٿي.

جڏهن بہ ٻيلي، کنڀي وڃن ٿا
تہ ٻانهن دل جي ڀڳي لڳي ٿي.

وِراڳ ۾ ٿي وري بہ وندري، 
تياڳ سان دل، تڳي لڳي ٿي.

اقبال رند

Monday, August 17, 2020

امر ثناء جي ناول ڀٽڪيل ماڻھو جو تنقيدي جائزو ممتاز مصطفي دوست

 

امر ثناء جي ناول ڀٽڪيل ماڻھو جو تنقيدي جائزو
ممتاز مصطفي دوست
هي افسانوي ناول تمام سادي ٻولي ۾ لکيل آھي,جنهن جوموضوع پيار۾ دوکوکائڻ کان پوء جي المين جي سفري ڪهاڻي تي مشتمل آهي. يقينن اهو موضوع ايئن آهي جنهن لاء  سنڌي محاورو اڄ به نمائندگي ڪري ٿو ته اهو وڻ ئي ڪونهي جنهن کي واء نه لوڏيو هجي.ان پيار جا ٻه پاسا ايئن آهن جيئن وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر يا وسي ته ڪاڇو نه ته پياسو ئي پياسو. ساگي نموني هي موضوع جواني جي گهوڙي تي سوار ان پهرين پيار جي آتم ڪٿا جي دل جي ڪيفيتي عمل جو پرتاء آهي جيڪو پيار ۾ صرف ها کي قبول ڪري ٿو ۽ نه هن جي لاء  ڀٽڪيل ماڻهو ناول جي روپ ۾ اچي وڃڻ جو ڪارڻ آهي..اهو اڄ جي نوجوانن جو رستن تي رلڻ ،مئخانن تي مستم رهڻ يا اسين رول ماڻهو رليا سين ته ڇا ٿيو جو ڊڪشن ٿي سگهي ٿو.تاحم هي موضوع سدائين جيان هن وقت به وقتائتو ۽ هلندڙ حالات جي پس منظر ۾ لکيل آھي .ناول جو مک ڪردار ليکڪ پاڻ آھي ۽ هو راوي جو انداز بيان ڪندي پنهنجي ڀٽڪيل طويل ڪهاڻي کي پيش ڪرڻ جو ڏان ء رکندي اهڙي نوجوان جي ڪٿا بيان ڪري ٿو جيڪو علم جي اڃ لاهڻ لاء ورسٽي ويندي ورسٽي جي ناري يا سپنن ۾ ايندڙ نينهن جي ناري سان نينهن ڳنڍيندي چوٽ کائي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ دل وندرائڻ لاء ٻھراڙي جي ماحول ۾ اچي ٿو,جتي ٻيا ڪردار جن ۾ ماسات حفيظ ، ماسي زينت ۽ ماسي جي ڌي صائما سان گهر جي ڀاتين وانگي رل مل ٿي وڃي ٿو,سندس ماء ۽ حجائتي ڀيڻ صنم هن جو ڏس پنڌ تلاش ڪرڻ کان پوء آخر ماسي جي گهر پهچي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا,,,ان وچ ۾ رکي رکي صرف نينهن لائيندڙ شازيه يا ٻي سندس ساهيڙي سنڌو جي فون وڄندي رهي ٿي يا ڪڏھن چوي ٿي ساگر فون بند نه ڪجان,,آخر فون اٽينڊ ٿئي ٿي ۽ صفائي,شازيه پيش ڪري ٿي,ساهيڙين جي چالاڪن تان پردو کڻي ٿي,آخر ڀٽڪيل ماڻھو وري زندگي جي راه تي اچي ٿيلهو ڪتابن وارو کڻي پڙھڻ وڃي ٿو.

جيئن چيو ويندو آھي ته نوجواني جي لکڻ جو انداز رس خوبصورتي جو مزو پنهنجو هوندو آھي ھو اندر جو اظھار کي سچي نيت سان بنان رک کاء جي بيان ڪندو آھي. اهو رس ،ڪشش،تجسس يا پيار عشق مان اٿندڙ آلاپ ڪلراٺي زمين مان ڦٽندڙ ڊڀوڙي جي  تکي چهنب جيڪا ڪلراٺي چاپڙ کي ڏاري ڦٽي پوندي آهي ۽ ان مٿان رکندڙ پير ڦٽجي پوندا آهن ، ٻئي پاسي وري ميچوئر اديب پنهنجي مطالعي مشاهدي مقصديت اسلوب ۽ فن ۾ پختگي سان لکندو آھي پر ان ۾ ۾ ادب لاء حقييقي ادب گهٽ هوندو آھي,
مکيي ڪردار ساگر علم جو شوق رکي ٿو,پاڻ کي انقلابي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو,ٻھراڙي جي لاجواب منظر ڪشي سان گڏ فطرتي حسن ,جماليات کان لطف اندوز ٿئي ٿو,اتان جا واقعن توڙي محاورن,رواجي لهجن ۽ روين کي نه رڳو جهٽي ٿو پر سهڻي انداز سان عام ٻولي واري لهجي هيٺ بحث ۾  آڻي ٿو,لفظن کي جهٽي نشاندهي ڪري ٿو جيڪا وڻندڙ ڳالهه لڳي ٿي. ۽ پڙهندڙ پڙهڻ ۾ دلچسپي پيدا ڪري ٿو
جيئن “مڇ ڪوڙ_کدڙو” کان ٻھراڙي جو عام ماڻھو الرجڪ يا سٺو نه سمجهڻ ۽ ٻئي پاسي شهپر وڏا رکرائرندڙ کي وري پڙهيل ماڻهو برو سمجهي تنظ ڪرڻ سان گڏو گڏ ويهڻ ۾ برو يا محتاط رهندو آهي . اهو موضوع مختصر ئي سهي پر مشاهدي ۾ شيون اهڙي نموني پيش ڪري ٿو ڄڻ اهي واقعا پاڻ عمل ڪري رهيا آهن يا جيئرا جاڳندا منظر نگاري ۾ نظر اچي رهيا آهن.اهو به هڪ ناول نگار جو فن آهي.پر طنز سان گڏ ٿورو ئي سهي پر دليلن سان ، اخلاقياتي اندازسان (دودي جي مرڻ بعد،هوشو جي مرڻ بعد شهپر ڦرڪندڙ مڙسي جون علامتون آهن،مڇ ڪوڙ علامه آء آء قاضي مسجدن جا خطبا ڏيندو هو ان کي شهپر ڪونه ها صا ايئن سمجهائي ها جيڪو شهپر وڏا رکي اهو شهپرن کي سنواري تاڪه شيون پاڻ سان کنيون ته نه وتن وغيره ) چوڻ سمجهائڻ سمجهائڻ ۾ قاثر رهيو آھي .
 
 ٻھراڙي جي فطرتي حسن ،عام ماڻهن جي سادي زندي جي حسن،شآم جو پکين ۽ ساهدارن جو پنهنجي آستانن تي ورڻ جو منظر،چڙن جي لار جي آتما پٺيان ٿڪائيندڙ احساس ۽ رات جو مچ ڪچهري،سگهڙائپ فن جي قدرداني واکاڻ کي سهڻي نموني پيش ڪيو آهي.اتي تعليم جي نه هجڻ سبب عام ماڻهن جي جي حضوري ،وڏيري جي اچڻ وقت صفائي جا انتظامن تي حيرانگي ۽ سوال،ٻهراڙي جي زندگي ۽ پسماندگي تي حيراني،طبقاتي مت ڀيد کي سٺي نموني ڪردار ساگر ناول ۾ اتساه جو ڪارڻ يا دلچسپي سان گڏ جيئڻ جو ثمر پيش ڪرڻ ۾ رول ماڊل ٿي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اتي  وڏيري جي منفي ڪردارسبب اسڪول بند ڪرائڻ, يا سندس ڌي صاديا سان عشق ڪندڙ کي مارائڻ جو واقعو بيان ڪرڻ , وڏي ڳوٺ جي پير جي حرڪتن عياشين “جن ” بهاني انساني تذليل يا عزيت ڀوڳنا واکي ڪئي آھي.انهن واقعن جي منظر نگاري ڪردارن ذريعي ڪري ڏيکارڻ گهرجي جنهن ۾ جن ڪڊيا وڄن ٿا ته  بهتر لڳن ها
ناول ۾ ڪردار انورٽيڊ کان آزاد رکڻ ,شاعري جي پرمار کان بچائڻ ,ڊگهن خطن مراسلن يا اي ميل جي استعمال کان بچائي جتي اڄ جي نوجوان ناول کي هڪ الڳ انفراديت ڏني آھي اتي هر ڪردار جي لهجي ٻولي انداز بيان ۾ يڪسانيت ڏيکاري ناول کي ٻين ليکڪن جيان جان وجهڻ م ناڪام ويو آھي.تشبيهن ۾ناسن مان ڪارو دونهو ڪڊڻ سميت کوڙ ساريون تشبيهون ۾ نواڻ ته ڪونهي البت لکڻي ۾ رس چس جو سماء شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي اتي روپلي ڪولهي جي تشبيهه واقعي سان ڪٿي به ٺهڪي نه ٿي جيڪا شامل ڪئي آهي جيئن ڇوڪري جو فون سان چهٽڻ وغيره.ناول ۾ ٻولي کي سگهاري بنائڻ لاء ڪٿي به ٻهراڙي جا ٺيٺ لفظ استعمال نه ڪيا آهن اتي ڪافي لفظ انگريزي استمال ڪري ٻولي جو بچاء ڪرڻ ۾ قاصر رهيو آهي. 
ناول جي پلاٽ ۽ مقصديت ۾ ٻين نوجوانن جي رومانس ۾ لکيل ناولن وانگي  مکيي ڪردار ساگر پڻ ساڳي تقطيع جي زير اثر آهي.اڄ جي نوجوان جي ذھني پرک ۾ وڏي کوٽ رکي ٿو,هڪڙي پاسي علم جون ,اقابري جون ,انقلاب توڙي تبديلي جون ڳالهيون ڪندي ڇوڪرين جي رومانس ۾ ڦاسي پوڻ ,ڀٽڪڻ جي ٽريڪ تي چڙھي هر شي کي داء تي لڳائي ٿو ,جيڏا بحث پيرن وڏيرن تي ڪري ٿو اوڏو بحث ڇوڪرين ڇوڪرن جي رومانس پيچيدگيون ,ڪامياب ناڪام ٿيڻ کي بحث آڻي حض ڪڍڻ کان ڇو قاصر آھي.؟
هي موضوع جيڏو رقم تراظ آهي اوڏو وقت جي پڪار ۽ سماج جي سڌاري لاء اهم باب پڻ. پر ناول نگار مصنف پنهنجي پيش لفظ ۾ اقرار ڪري ٿو
“ آء چاهيندي به هن جي پريت چاهت تي لکي ناهيان سگهندو.” .
...۽ پوء پاڻ کان سوال ڪندي لکي ٿو
“ آخر ڇو هن جي پريت تي لکي ناهيان سگهندو؟” 
ساڳي نموني ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي شازيه  لکي ٿي
“...پر جڏهن پنهنجن تي لکڻو هجي تڏهن هڪ لکندڙ لاء سڀ کان ڏکيو وقت اهو ئي هوندو آهي ڇا لکجي؟ ڪيئن لکجي؟...وغيره وغيره. 
 تيئن ناول ڀٽڪيل ماڻهو جو پلاٽ ڪافي ڪچاين سان ڪمزور، ۽ سوڙهي ڳلي جيان بند ٿي وڃي ٿو,ناول جو پلاٽ ڪمزور ۽ مقصديت دنڌلي ۽ مبهم رکڻ سبب الاهي ڪمزور لڳي ٿو,سندس ثانوي زندگي ۾ ٻئي اهم مک ڪردار شازيه کي نه صفائي جو موقعو ڏئي ٿو نه ٻڌڻ جي اهميت ڏئي ٿو,ڄڻ ته هي ڪردار آھي ئي ڪونه جنهن لئي ڀٽڪي ٿو ,شروع کان ئي پاڻ کي ڀٽڪيل ماڻهو ڄاڻائي هڪ اڌ صفحي تي اندر جا اٻار ڪڊي ٿو....رکي رکي فون جي وڄڻ ۽ نه کڻڻ  جو احساس ڏئي...آخري ۾ شازيه جي فون جي گهنٽي کڻي ڳاله ٻوله بعد تائين ايئن لڳي ٿو ته صرف ناول پوروڪرڻو آھي.

ليکڪ جيڪو ناول جو مکيه ڪردار ساگر آھي,,اهو لکڻي ۾ ڪٿي به ڀٽڪڻ جو راز بيان نٿو ڪري,ان  کان بهتر هوندو آھي ته ضمير متڪلم م پيش ڪندڙ ڪردار پاڻ  يا ته وڏو جگر رکن . جي ايم سيد وانگي ديار دل  داستان محبت جيڏي دل رکن يا ته پنهنجي ڳالهه فرضي ڪردار ذريعي کليل دل سان ڳالهائن جو حق ادا ڪرڻ ۾ عملي طرح ڪري ڏيکارڻ جو حق ڪردارن کان نه کسڻ گهرجي.

ناول نگار ۾ مکيي ڪردار با صلاحيت جتي متحرڪ آهي اتي باهمت نظر اچي ٿو .وقت ۽ حالات سان تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو . ڀٽڪندڙ ماڻهو وري علم جي اساٽ لاء ورسٽي لئي ٿيلهو کڻي هڪ اتساه ڏئي ٿو .اهو اتساه ليکڪ لکڻي ۾ هينئن پيش ڪري ها
نينهن سان پيچ پائيندڙ ناري شازيه فون بجاء ان ڪريمداد وڏيري جي ڳوٺ ۾ ساگر کي ڳولڻ لئي اچي ها, ساگر ان بند اسڪول کي کولي ٻارن کي پڙھائڻ ۾ مهو هجي ها, ڇوڪري کي قتل ڪندڙ وڏيري جي ڌي ء  صاديا  پنهنجي محبوب جي ماء پوڙھي  سان گڏ اسيس وٺڻ لئي ان اسڪول ۾ ڇيڻي کي ڏيئو بنائي اسڪول داخل ٿئن ها,وڏيري جي ڌي روشن خيال لاڏلي پڻ پڙھڻ ۾ حصو وٺندي ٻه اکر پڙهائڻ ۾ پاڻ پيش ڪري ها,آخر شازيه داخل ٿي ساگر سان صفائي پيش ڪرڻ کان پوء علم جي لاٽ کي نئي جوت سان ٻاري لافاني ناول جي جاء والارڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها۽ نئي نسل جو نمائده ناول ٿي افڪ تي بيهي ها.ليکڪ ايندڙ وقت جو نهترين ناول نگار ٿيڻ جي مبارڪ باد ڏجي ٿي,

Sunday, August 16, 2020

ڇا ڪاڇي ۾ مصوري ٿيندي آهي ممتاز مصطفي دوست ( اقتباس : ' وڻ وڻ منجهان واس" گڏيل شاعري )

 

ڇا ڪاڇي ۾ مصوري ٿيندي آهي
ممتاز مصطفي دوست
( اقتباس : ' وڻ وڻ منجهان واس" گڏيل شاعري )
کيرڪر(کير ٿر) جي ڪڇ ڪاڇي وچ ۾ ، جوهي مون کي درياه جي ڪنڌي ڀر "ڪراڙ " وانگي لڳندي آھي. فطرتي خلقڻھار، جو مصور به آ، مون ان مصور جي ڪاڇي متعلق مصوري جي جهلڪ ، ڪاڇيلڻ جي جهوپڙي ۾ ڏٺي،جهوپڙي اندر ڪاڇيلڻ جي ڪتاب پڙهندي وقت ڏٺي ،جهريل جهوپڙي مٿان سنهڙي برسات پئي رهي هئي ۽ ھو بي خوف ڪتاب جا پنا پڙھي ورائي رهي هئي ۽ جهوپڙي مان ست رنگي انڊلٺ،  آسمان طرف وڃي رهي هئي,مون کي ان وقت پڪ ٿي ته قدرت سادگين تي ساه ڇو ڏيندو آھي؟ 
ڪاڇي جي برپٽ سحره ۾ هڪ اڌ وڻ تي پکين جي آکيرن ڏي واپسي واري وراڻ ،جانورن جي اڌ ڊئو ۽ اڌ بک دوران ورندڙ ٽلين جي ٽار سا ن وٿاڻڻ ڏي وراڻ ۽  ورندڙ ڪاڇيلي جي  مٿي تي هڪ ويلي جي هڙ سان گڏ سندس ساٿ ۾ هلندڙ پاڇو شام لهڻي ڌاري قدرت جي رنگن ڪارسازين وانگي ايئن پر اميد نظر ايندو آهي .سندس اکيون ڀٽائي جو آسا پڙهنديون وينديون آهن ۽ اکين جي ڌارا ۾ وڳند جو سرمو گرمي وگهي ٽمي ڳڙندو رهندو آهي پر هو نه ٿڪو آهي نه زندگي مان مايوس.برپٽ ۾ لڳندڙ لکون،تيز هوائون واري جي ڀٽن ۾ پاڻ مرادو جڙندڙ مرد عورت جي ڄانڄن سميت اٺن جي ڪرهيون ڪاهيلڻيون ٿي  20 کان 25 فوٽن جيڏيون اوچيون ڊرنگ بند جو ويس پهرينديون آهن .انهن بندن تي ڪا شاعراڻي دل ڪاڇي جي سج جي آخري لالاڻ جي نظارن کي نظري اک جي ڪماليت سان اکين جي مصوري ۾ لفظن  جا بند هن طرح ٻڏي ٿو جتي ان قدرت جي مصوري تي پرسڪون نظر ايندو آھي 
کير ٿر تي سج لهڻ کان اڳي
ڊرنگ تان چو ڦير منظر شاهڪار ( مير محرم )
هي پٽ آباد ڪرڻ يا هنن برپٽ بيابانن , جابلو ڪنڌين جي سوڳ وسوڳ جي قدامتن ۾ نپجندڙ زندگين ۽ حياتين جي پرگهور لهڻ خلقڻھار مصور جي ذمري ۾ ايئن اچن ٿا جيئن صفا مروا جي وچ ۾ ڊوڙندڙ بيبي حاجره جي معصوم ٻار حضرت اسماعيل جي پرگهور ,,,,يا ڪعبي جي امر ازم ۾ اڳ ئي پيدا ڪيل خدا جي گهر جي پرگهور لهڻ لئي نقشن جون ليڪون تڪبنديون .
جي ايئن نه هجي ها ته عظيم مصور پنهنجي مصوري ۾ جوڙيندڙ ڪڪرن کي مستقل گهر ڏئي ڇڏي ها  ۽ خدا وشواس ڏيڻ لئي ڪڪرن جا قسم ئي نه کڻي ها,
يقينن ڪڪر بي گهر آھن,ڪڪرن ۾ بي وفائي به  ناهي,هو هوائن جي آڌار هلي ان هنڌ وسندا آھن جنهن وٽ پاڻي لپ جيئڻ ڪاڻ به مشڪل ملندي آھي,جتان جي زمين جي لڪل نباتات سليقو رکندي به پاڻي ڦڙي لئي انتظار ڪندي آھي,ها انهن ئي پٽن تي ئي ته نبي پيدا ٿيندا آھن ,حسناڪن انهن پٽن تي جنم ورتو آھي,سونهن سر بازار وڪامڻ نه چاهيندي به چاهت اڳيان بي وس ٿي پوندي آھي ,ماڻھن جي خريدار منڊي اتي جنم ٿي وٺي ۽ ھجرت به انهن پٽن مان ٿيندي آھي,لڏپلاڻ دوران دردن جا ديرا ڪنهن جي ماپڻ ۾ نه ايندا آھن,اهي سڀ حسناڪين جا منظر فنون لطيفه دل رکندڙ جهٽڻ ۾ ڪيڏي ميناڪاري رکندا آھن,پنهنجي حواسن کي تيز ڌارائن سان ايئن تکو ڪندا آھن جيئن موريا ڪٽ کي سراڻ تي لاهڻ لاء,
قدرت جي ڪارسازي ۾ ڪاڇو کيرڪر(کيرٿر) ،پهاڙ،آبشار،نئي،نباتات،سحره جوپٽ،رات جو چنڊ چانڊوڪي تي هرڻ جو ڀڄڻ،مست ٿيڻ،پاڻي جو کڏن ۾ پاڻ مرادو گڏجڻ جا نظارا پاڻ مرادو جڙييل آهن.ڪاڇي جي نازڪ مزاج رکندڙ،نفيسا فن رکندڙ جو يقينن ڪال ڪونه هوندو پر منهنجي مجبوري ۾ شاعرن جي گڏيل گيلري نما ڪتاب ۾ ڪجهه جهلڪن جون سٽون موجود آهن جيڪي لفظن جي مصوري جو فن رکن ٿا
فنون لطيفه ۾ هڪ شاعر وٽ حواسن کان سواء توڙي جو ڪجهه ڪونهي پر هو حواسن کان اجتمائي زندگي جي عڪسن ۾ نه رڳو پاڻ پر انهن پٽن جي زبان ,انهن پٽن جي درد فراق جون آھون,لڏ پلاڻ دوران بک بدحالي ۽ خالي پٽ گهر ڇڏڻ تي روئڻ ,حڪومت جي بي وسي يا حڪومت تي فرض بنائڻ لاء رڳو پوڙھي عورت جيان ڀتين تي ڇيڻا ٺاهي بجو هڻڻ سان بس نه ڪندا آھن پر آئينده جي خبرواري لئي پنهنجن ڇهن ئي حواسن وسيلي سوچ يعني ٽين اک جو فيصلو به ٻڌائيندا آھن ,اهي عڪس ملاحظا ۽ توجه طلب آھن

ماڪ جي صورت ۾ ڳلڙن تان,
لڙڪ ڳڙي پيا پره ڦٽي جو (زين کوسو )
**
قبي تي نه بيهي سگهي پئي هودڙي,
جهليندي ٿڪم عشق کان دل اياڻي ( مير محرم)
**
تنهنجو سفر پاڻي کانپوء واڻ وٽڻ تائين,
او ڪاڇائڻ تنهنجا مڳلي دهڪا مارن ٿا (مير محرم )
**
مينهن کي چئو هاڻ اچ به کڻي,
هوريان هوريان لڏي پيو پاڙو  ( مير محرم)
**
ماء کي ٻار کان ڇنو رسمن,
ٻار گهڻو ئي چنبڙيو چولي ۾, ( اداس لنڊ)
**
ڪٺي ڪانو ٿيا ها,وڏو گوڙ ٿيو هو,
نه خصلت ۾ بنجي سگهيا ڪنگ ماڻھو,,(خادم جسڪاڻي )
**
سک پهاڙ تي سمهي پيو آ,
ڏيهه ۾ جنجال جي ٽڪ ٽڪ (گهايل لغاري)
مٿين شعرن ۾ صنعت بلاغت جي موجودگي نظر اچي ٿي,ته ڪٿي ڇهين حس جي حساسيت موجود آھي,ته ڪٿي بصري عڪس جهٽيل آھن,ڪٿي ٻن حواسن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو مرڪب اڻ کٽ مدي تائين گونجن ٿا,ته ڪٿي فنون لطيفه دل شاعراڻي مصور ٿي ان اڳڙين جي آڌار تي جڙيل هودڙي جا قبي تي بي وسي سبب سهاري لئي هٿ جهليندي ٿڪجن نٿا,ته ڪٿي واڻ وٽيندڙ ڪاڇيلڻ جي مڳلي تي دهڪن دوران جاڙي دنيا جي مصوري روپ سان گڏ لڏڻ ۽ موسيقي جا رائم ردم مسلسل ڪنن ۾ گونجڻ جا مصوري عڪس ايئن ٻرن ٿا جيئن ٻن ڪڪرن جي ٽڪرڻ وقت موسيقي آلاپ يا جبل مٿي ٻه ٽاڪرو ٻڪرين جي ٽڪرڻ وقت اٿندڙ تپش,

اهو ڪيڏو نه سچ آھي وسي ته ڪاڇو نه ته پياسو ئي پياسو,واقعي وسڻ سان پٽن جي سينن ۾ دفن ٿيل نباتات جي سليقيدار ٻجن مان حيرت انگيز سلا ڦٽي ڌرتي کي سرسبز چادر اوڍيندا آھن,پاڻي تي زندگي گهاريندڙ ماڻھن جي زندگي جا غم پاڻ مرادو پاسي ٿي خوشي جا ويس نغما ,ملڻ جا گيت ۽ ڪاڇي جي حسن وجمال کي جرڪائي وجهندا آھن,کير ڪر جي ڪنڌي هوا سان ڦولارن کي جهومائي وجهندي آھي,جهوپڙي جي ڇانوري ۾ پلجندڙ جواني هجي ، ٿلهي تي بيهي پاڻ سنواري يا ڦولارن وچ ۾ ڄانڀي جا گل پٽي گلن واري ڇوڪري بنجي آئينده جا آرس يينگهي ۾ ڇڏي,ان جا اولڙا عڪس هڪ شاعر جي قلم ۾ لفظن جا رومانس ڀري ٿو,شاعر ڏسڻي بصري عڪس سان پرزوق قرار جا رنگ ڀري هڪ فطرتي عڪس نگاري جي ڪيترو ته قريب وڃي ٿو جو ڪاڇو ڪاڇيلڻ جي وادي گاج ,نئي سوا سان گڏ شاعري آبشار ٿي پوي ٿي,مصوري ڪاڇي جي گيلري, 
ساوڪ سڄو, پٽوڙو,سرهي هوا ۽ تون مان,
ڄانڀي ڦولار ۾ آ ڪيڏو مٺو سرور ( مير محرم )
يا
تون جو ڦولار پويان ڦٽين ٿي پره,
روپ ڪيڏو نه پيارو وٺين ٿي پره (مير محرم)
**
تڏھن ڪشمير ٿي پوندو آ ڪاڇو وهي برسات ۾ نئي سوا جي هتي (اداس لنڊ )
**
سانوڻي ۾ برش ٻوڙي سونهن سان, پينگهه جوڙي ٿو مصور شاهڪار(مير محرم )